سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :2

 شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ يا image مجموعي طرح سان سنڌي سماج ۾ سندس حيثيت کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ ان لاءِ ضروري آهي ته لطيف جي دور ۽ ان جي ڪلام ۾ موجود ڪردارن جي رويي کي سمجهون ۽ سندس سورمين جي حوالي سان اهي خوبيون اجاگر ڪريون، جيڪي هُن بيان ڪيون آهن، جن ۾ عورت جي وفاداري، سڪ، ڳولا، مستقل مزاجي، برداشت جي قوت، خود اعتمادي ۽ جدوجهد جا جذبا سمايل آهن. انسان جي حيثيت ۾ جيڪڏهن منجهس ڪي گڻ آهن ته ضرور ڪي اوگڻ به آهن، شاهه لطيف جهڙي عظيم شاعر انساني نفسيات جي ڄاڻ جو مظاهرو اهڙي ته اعليٰ نموني ڪيو آهي جو عورت جون فطري ڪمزوريون پڻ ظاهر ڪيون اٿس ۽ اهڙيءَ ريت اسان کي عورت جي ڪردار جي مڪمل عڪاسي ملي ٿي جنهن جي مدد سان اسين سندس پيدا ڪيل ۽ تخليق ڪيل image يا روپ کي بهتر نموني ظاهر ڪري سگهنداسين ۽ اهڙيءَ ريت سنڌي سماج ۾ موجود روين کي سمجهي، انهن ۾ ڪا تبديلي يا بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي جيڪا هن ترقي يافته دور جي تقاضا آهي.

باب پهريون

عورت

1-     انساني ارتقا بابت نظرين مان عورت بابت بنيادي نظريا

2-    قديم انساني سماجن ۾ عورت مرد جا تعلقات

3-    دنيا جي ڪجهه قديم سڌريل سماج ۾ عورت

4-    عرب سماج ۾ عورت (اسلام کان اڳ ۽ پوءِ)

5-     هند ۽ سنڌ ۾ عورت

نوٽ:

مقالي ۾ آيل شاهه صاحب جا بيت ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي مان کنيا ويا آهن. باقي جيڪي سُر ان رسالي ۾ نه آهن، سي غلام محمد شاهواڻيءَ جي رسالي مان کنيا ويا آهن.

----

انگريزي حوالن جو لفظي ترجمي بدران آزاد ترجمو ڪيو ويو آهي ته جيئن مفهوم واضح ٿي سگهي.

------

ڪجهه هندي بيت انهن جي اصلوڪي صورتخطيءَ ۾ ڏنا ويا آهن (اصل ٿيسز ۾) ته جيئن انهن جي سُونهن قائم رهي، انهن جي پڙهڻي سنڌي صورتخطيءَ ۾ پڻ اٿلائي ڏني وئي آهي. جتي معنيٰ جي ضرورت محسوس ٿي اتي انهن جي معنيٰ پڻ ڏني وئي آهي.

انساني ارتقا وارن نظرين مان عورت بابت بنيادي نظريا

        انساني ارتقاءَ بابت قائم ٿيل مختلف نظريا ”ڊارون“ ۽ ”ڊيسمنڊ مورس“ کان وٺي ”ايلن مورگن“ ۽ ”گرڊالرنر“ تائين هڪ ڳالهه تي متفق نظر اچن ٿا ته موجوده انسان چئن پيرن واري جانور واري اسٽيج کان ٻه پيري باندر نما جانور ۽ پوءِ انسان جي حيثيت اختيار ڪئي آهي. سائنسي بنياد تي ارتقائي نظريو ڏيندڙ پهرئين ماڻهوءَ ڊارون کي سڀ کان پهرين اهڙو خيال ڪيئن آيو ان لاءِ پاڻ پنهنجي ڪتاب “The Expression of Emotions in Man and Animals”. ۾ ڄاڻايو اٿس ته هن انسان کي ٻين جانورن سان ڀيٽڻ کانپوءِ منجهن ڪيتريون نسلي هڪ جهڙايون ڏٺيون. مثال طور، انسان، لنگور (Apes) ۽ باندرن جا ڪجهه ٻيا قسم تڪليف جي وقت روئين ٿا، ڪاوڙ ۾ ڳارها ٿين ٿا، ٿڪ ۾ اوٻاسي ڏين ٿا، مقابلي (Defy) ڪرڻ مهل گهورين ٿا، ڪتڪائي ڪرڻ سان کلن ٿا، ڊپ ۾ ڏڪن ٿا، پيار مان ڀاڪر پائين ٿا، دشمنيءَ ۾ ڏند ظاهر ڪن ٿا ۽ انهن کي ڪرٽين ٿا، حيرت ۾ ڀرون مٿي کڻن ٿا ۽ بي عزتيءَ تي ڪنڌ ورائي ٿا ڇڏين“ (1) سڀ کان وڌيڪ ته اهڙي نسل جو ساهوارو گهري ڌڪار (deep rejecition) لاءِ شوڪجڻ (frown) وقت نرڙ تي گهنج ٿو وجهي يا اوندهه مان روشنيءَ ۾ اچڻ مهل، مرڪڻ، روئڻ ۽ کلڻ مهل اکيون پوري ٿو ڇڏي. اهڙي قسم جي هڪجهڙاين سائنسدانن کي کوجنائون ڪرڻ تي آماده ڪيو ۽ انسان جي ارتقا جي ڪهاڻي وجود ۾ آئي. ان کي مختلف مرحلن ۾ ورهايو ويو آهي. جنهن جا مختلف دورن ۾ هي نالا آهن:

قديم ترين انسان واري منزل

 1.Ramapithecus or Sivapithecus Stage

اوائلي انسان واري منزل                 2.Australopighecus Stage

اڀي انسان واري منزل                       3. Homo-erectus Stage

 بنيادي انسان واري منزل                     4. Verleszzlos Stage

هاڻوڪي انسان واري منزل                5. Homo-Sapiens Stage

        انهن مختلف ارتقائي دورن مان گذرندي انسان ۾ سندس جنس ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ نر ۽ ماده ۾ جنسي فرق ڪهڙي طرح واضح ٿيو آهي. ان جي باري ۾ هي نتيجا ڪڍيا ويا آهن:

        ابتدا ۾ ٻين جانورن وانگي باندر نما جانورن يا ساهوارن (ارتقائي انسان) ۾ به جنسي عمل جي ڪا خاص مند يا گهڙي مقرر هوندي هئي، جنهن ۾ ”ماديءَ“ منجهان هڪ قسم جو اهڃاڻ (Stimulus) ڪنهن قدرتي ڪشش واري خوشبو يا ڪنهن ٻئي ذريعي سان ”نر“ کي ملندو هو. ماديءَ ۾ پيدا ٿيندڙ ان ڪشش واري دور کي (Estrus) چيو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ نر جي موٽ (response) ڏيندو هو. (2) اهو سمورو قدرتي عمل باهمي رضا سان ٿيندو هو ۽ ان ۾ ڪنهن هڪ جنس جو ٻيءَ سان زبردستي ڪرڻ جو ڪو سوال ئي ڪونه هو. اهو هڪ قسم جو مندائتو ڦيرو هو جيڪو پنهنجي وقت تي عمل ۾ ايندو هو.

        وقت گذرڻ ۽ حالتن ڦرڻ سان هو مندائتو ڦيرو ختم ٿيڻ لڳو. خطرناڪ جهنگن ۽ خشڪ رڻ پٽن ۾ پنهنجي وجود کي خونخوار جانورن کان بچائڻ لاءِ اهي ارتقائي انسانن جو ابو امان پاڻيءَ ۾ (سمنڊ ۽ درياهن ۾) وقت گذارڻ لڳا ۽ انهيءَ ريت هڪ ٻئي جي جسماني ڪشش لاءِ قدرتي طور پيدا ٿيندڙ خوشبو ۽ جنسي طور ڇڪيندڙ Estrus وارو سهارو ختم ٿي ويو. انسان جي لاءِ (Aquatic theory of human evolution) انساني ارتقا جي پاڻيءَ واري نئين نظريي جو باني مشهور مرين بايولاجسٽ پروفيسر سر ايلسٽر هارڊي (Prof. Sir Alister Hardy) هو. پاڻيءَ ۾ گهڙڻ کانپوءِ انساني ارتقاءَ جي عمل ۾ تبديلي آئي ۽ پاڻيءَ ۾ ٻن پيرن تي بيهندڙ ارتقائي انسان جي جسماني بيهڪ جانورن کان مختلف ٿيڻ لڳي ۽ سندس جسماني عضوا پنهنجي جاءِ ارتقائي ضروري واري اصول تحت بدلائڻ لڳا.“ (3)

        اها تبديلي پاڻيءَ واري دور ۾ واپس خشڪيءَ تي موٽڻ واري دور ۾ قائم رهي. ان حالت ۾ نر ۽ ماديءَ جو گڏجڻ جو طريقو بدلجڻ لڳو. نين حالتن ۾ ڇاڪاڻ جو ماديءَ جو ليٽائڻ يا زير ڪرڻ ضروري هو ۽ اهو طريقو ڪن حالتن ۾ ماديءَ لاءِ ڏکيو ۽ اڻ وڻندڙ هو، ان ڪري اهو نر طرفان ڪڏهن ڪڏهن زبردستي به ٿيڻ لڳو جنهن ڪري مادي باندر نما جانور (ارتقائي عورت) نر باندر نما جانور (ارتقائي مرد) کان ڊڄڻ لڳي ۽ اهو گڏجڻ جو عمل جيڪو اڳي باهمي رضامنديءَ کانسواءِ ڪونه ٿيندو هو، ان ۾ ڏاڍ مڙسي، زبردستي، خوف ۽ هراس شامل ٿي ويا. ۽ اهو عمل بجاءِ ڪنهن خاص مند جي هر وقت موقعو ملڻ جي حالت ۾ ٿيڻ لڳو ۽ ٻين جانورن جي ابتڙ هنن ۾ اهو ڪل وقتي بنجي ويو ۽ اڄ اهو چئي سگهجي ٿو ته اها ابتدا هئي جنسي جنگ جي، طوائفيت (prostitution) جي، لڄ (prudery) جي، انساني وڪري (white slavery) جي، عورتن جي مظلوميت جي، پلي بواءِ ميگزينن جي، جنسياتي لٽريچر جي ۽ اهوئي هو انسان جو ڪرڻ “Fall” ! حياتياتي ارتقاءَ ۾ جنسي ڦيرو (Estrus) ختم ٿيڻ منجهس هڪ اهڙي ”پيدائشي (Genetic Strain) قسم جي فطري چونڊ“ هجي جيڪا انهي ڦيري کي هميشه لاءِ بدلائي ڇڏي ۽ اهڙيءَ ريت ماهواريءَ جو عمل باقاعدي ۽ منظم صورت ۾ ٿيڻ لڳو، جنهن عورت جي زندگي ۽ ارتقاءَ کي تمام گهڻو متاثر ڪيو.“ (4) عورت جي مرد جي مقابلي ۾ ڪجهه قدر سست ارتقاءَ جو سبب هر مهيني خارج ٿيندڙ انهن آنن جو سلسلو آهي جيڪي نر جزي سان نه ملڻ ڪري بيڪار بنجي وڃن ٿا. ماهواريءَ جو اهو عمل عورت کي ڪجهه وقت لاءِ جسماني ۽ ذهني طرح سان لاچار ڪري ٿو وجهي ۽ ائين سندس صحت ڪجهه قدر ڪمزور ۽ خطرن ۾ وڪوڙيل هوندي آهي. سندس اهڙي ڪمزوريءَ کي عورت جي فطري ڪمزوري جو نالو ڏنو ويو ٿو ڏسجي.

        سائنسدانن جو مشاهدو ۽ تجربو آهي ته ”انسان پنهنجي برداريءَ جي جانورن جي ڀيٽ ۾ جنس کي وڌيڪ اهميت ٿو ڏي. ٻيا جانور ان کي محض پنهنجو نسل قائم رکڻ لاءِ استعمال ٿا ڪن سو به ڪن خاص موسمن ۽ مندن دوران، پر انسان لاءِ ڪا موسم ڪا مند مقرر ڪانهي.“ (5) ان جا گهڻائي سبب ڄاڻايا ويا آهن.

        اوائلي انسان جيئن ته شڪار تي گذارو ڪندو هو ته ڪڏهن ضرورت تحت عورتون هڪ هنڌ ويهي ٻار ڄڻڻ يا نپائڻ جي عمل ۾ مصروف هونديون هيون، ان ڪري شڪار پٺيان ڊوڙڻ يا ان کي جهلڻ ۾ ڪو وڏو ڪردار ادا ڪري ڪونه سگهنديون هيون. ان ڪري ضروري ٿي پيو ته ڪا اهڙي مقرر جاءِ (Home base) هجي جتي هوءَ پاڻ ۽ سندس اولاد رهي ۽ نر واپس اچي سگهي ۽ کاڌو کائي سگهي. اهڙي طرح اهو شڪاري انسان آهستي آهستي ”گهر“ جي ضرورت محسوس ڪرڻ لڳو ۽ گهرو سهولتون مثال طور، باه، کاڌو، محفوظ ڪرڻ جو طريقو، ڇت يا ڪو مَنهَه يا غار سندس گهرج بنجي ويون ۽ اهوئي وقت کيس پنهنجي جنسي گهرج پوري ڪرڻ جو ٿي مليو. مٿئين مفروضي مان اهو نتيجو ڪڍڻ غلط ٿيندو ته عورتون ڪو گهر ۾ ماٺ ڪري ويٺيون هونديون. اصل ۾ جڏهن مرد شڪار لاءِ ٻاهر ويندا هوندا ته ضروري ناهي ته هر ڀيري شڪار ملي وڃي، ڪڏهن ته کين خالي هٿين به موٽڻو پوندو هوندو، ڪڏهن تمام گهڻا ڏينهن لڳي ويندا هوندا ۽ ڪڏهن واپس نه وري سگهندا هوندا. ان صورت ۾ جيڪر عورتون ۽ ٻار بک مري وڃن ها ”اڄڪلهه جي شڪاري قبيلن جي اڀياس مان هڪ ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته عورتون ۽ ٻار ننڍا ننڍا لڪڻ هٿ ۾ کڻي کاڌو ڳولڻ نڪرندا هئا ۽ وڻن جون پاڙون کوٽڻ ۽ مختلف وڻن مان ٻير (Berries) لوڙهه (Nuts) ۽ ڦريون وغيره پٽڻ ۾ مصروف هوندا هئا. جانورن مان سها ۽ ڪڇون (Tortoise) ۽ انهن جا آنا جهليندا هئا. اڄ جو انسان پنهنجي کاڌي جو سٺ کان اسي سيڪڙو وڻن مان حاصل ڪري ٿو، ان ڪري اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته مرد گوشت حاصل ڪيو ۽ عورت زراعت جو بنياد وڌو.“(6)

        جيڪڏهن مڃجي ته مرد پٿر جا اوزار ۽ هٿيار ايجاد ڪري ٽيڪنالاجيءَ جي ابتدا ڪئي ته عورت ڀاڄيون، ٻج، ميوا ۽ ٻي زميني پيداوار حاصل ڪرڻ، پوکڻ ۽ قابل استعمال بنائڻ لاءِ پٿرن کي لسو ڪري ڪم آندو. ائين عورت هر جي بنيادي شڪل ۽ جنڊ ايجاد ڪيا ۽ کاڌو تيار ڪرڻ لاءِ ٿانو گهڙڻ جو رواج وڌو. ”مرد کي شڪار لاءِ همت حوصلي ۽ ”طاقت“ جي ضرورت محسوس ٿي هوندي ۽ عورت کي ٻج پوکي، ڦل حاصل ڪرڻ لاءِ ”صبر“ جي سکيا ملي هوندي.“ (7)

        In the primitive division of labour, the gathering and cultivation of vegitable food are the special occupation of the women and hunting is that of the men. (8)

        جيئن ته انسان جو ٻچو ٻين سڀني جانورن جي ٻچن جي ڀيٽ ۾ پاڻ ڀرو ٿيڻ، پاڻيهي هلڻ گهمڻ ۽ کائڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ وقت ٿو وٺي ان ڪري اهو ضروري ٿي پيو ته مائٽاڻو رويو (parental behaviour) ٺهي ۽ سندس ضرورتون مائٽ (ماءُ پيءُ) پوريون ڪن. ائين سندن ”جوڙ“ (Pair bond) وڌيڪ مضبوط ٿيو هوندو. ”ماديءَ سان پنهنجي جوڙ کي وڌيڪ مستحڪم، مضبوط ۽ پائدار ڪرڻ ۽ کيس پنهنجو وفادار بنائڻ لاءِ نر وٽ سواءِ ان جي ٻيو چارو ئي ڪونه هو ته مندائتي جنسي عمل کي ڦيرائي جڏهن به ملڻ ممڪن هجي يا مرضيءَ مطابق ڪري ڇڏي.“ (9)

        انهي هر وقت ملڻ يا مرضيءَ مطابق ملڻ يا سڄي سال واري اهڙي زندگيءَ مرد ۽ عورت کي بحيثيت مجموعي معاشري ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو.

        ”ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ هڪ ٻئي لاءِ هر وقت سڄو سال پرڪشش رهڻ ڪري قدرتي طرح هڪ ٻئي سان گڏجي رهڻ تي آماده ٿيا هوندا. هڪ ٻئي کي چاهه محبت مهيا ڪندي انساني سماج کي مضبوط ڪيو ۽ وڌايو هوندو.“ (10) پر مرد کي عورت تي برتري ڪيئن ملي ان بابت ڪجهه ٻين حقيقتن تي به سائنسدانن روشني وڌي آهي.

        جيڪڏهن ان ڳالهه کي مڃجي به کڻي ته ارتقائي طور تي عورت مرد کان ڪجهه پٺتي رهي آهي ۽ سندس جسماني بناوٽ ۾ ڪي بنيادي تفاوت آهن، مثال طور:

1- عورت جو دماغ مرد جي دماغ کان ڏهه سيڪڙو ننڍو ٿئي ٿو.

2- عورت جي کوپڙي مرد کان ڊگهي ٿئي ٿي.

3- عورت جو قد بت ۽ هڏ ڪاٺ مرد کان گهٽ ٿئي ٿو.

4- عورتون جون ٽنگون مرد جي ڀيٽ ۾ ڌڙ کان ننڍيون ٿين ٿيون ۽ سندس پولهه ويڪرو ۽ نمايان ٿئي ٿو.

5- عورت جو ڊگها وار رکڻ شروع کان ثابت ٿئي ٿو ۽ هوءَ مردن وانگر گنجي ٿيڻ جي خطري کان پري آهي.

6- عورت کان مرد جا آڱوٺا ڊگها ٿين ٿا.

7- ڊارون جي خيال موجب عورتون مردن کان وڌيڪ نازڪ ۽ خوبصورت ٿين ٿيون. (11)

انهن سڀني ڳالهين کي ڌار ڌار ڏٺو وڃي ته هي نتيجا ٿا نڪرن:

        دماغ جو وڏو هئڻ يا جسماني سگهه ۾ وڌيڪ هئڻ ڪنهن به طرح اهو ثابت نٿو ڪري ته ذهني صلاحيتن ۾ به مرد عورت کان وڌيڪ هجي ڇاڪاڻ ته ڪيترن جانورن جو دماغ انساني دماغ کان وڏو ٿئي ٿو ۽ ڪيترا جانور تمام سگهارا ٿين ٿا ۽ مرد جي جسم کان سندن جسم وڏا هوندا آهن ان جو مطلب اهو ته ڪونه وٺبو ته ڪو وڏي دماغ، قد بت ۽ سگهه وارا جانور، مرد (انسان) کان برتر آهن. ائين به ممڪن آهي ته ڇاڪاڻ جو مرد شڪار پٺيان ڊوڙڻ ۽ جسماني ورزش ٿيڻ ڪري مضبوط ۽ ڳري جسمات حاصل ڪئي ۽ عورت ٻار جي پر گهور سبب ان کان محروم رهجي وئي هجي.

        عورت جو قد بت ننڍو ۽ ٻنهي جا جسماني عضوا ڊيگهه ويڪر ۾ مختلف هئڻ جا به گهڻائي سبب ٿي سگهن ٿا. عورت کي وڏي مٿي ۽ وڏي دماغ وارا ٻار ڄڻڻا پون ٿا جنهن ڪري سندس هيٺئين جسم جو گهاڙيٽو ۽ حياتياتي سرگرمي ان ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ مخصوص آهي. کيس ٿڃ پيارڻي ٿي پوي ان ڪري مٿئين حصي ۾ ان جو بندوبست ٿيل آهي. سندس هلڻي اهڙن ئي سببن جي ڪري مختلف آهي ۽ ان کي نسواني چال سڏيو ويو آهي. ”اها نسواني هلڻي مردن کي جنسي طرح ڇڪڻ لاءِ نه پر جسماني طرح مختلف هئڻ ڪري اختيار ڪئي ويئي آهي.“ (12)

        عورت جي ارتقا جي مختلف هئڻ جو وڏو ڪارڻ مٿس پيل اضافي بوجهه آهي جيڪو تخليق جي نالي ۾ مٿس پيل آهي. عورت ڊگها ۽ مضبوط وار رکندي آئي آهي. ان جو سبب اهو آهي جو پاڻي ۾ رهڻ واري عرصي ۾ يا وڻن تان لهڻ چڙهڻ واري دور ۾، هن کي پنهنجي گرفت يا پڪڙ مضبوط رکڻي پوندي هوندي ۽ سندس ٻار کي هنجا وار جهلي پاڻ کي ماءُ سان چهٽائي رکڻو پوندو هوندو، نه ڪي مرد کي زلفن ۾ قيد ڪرڻ لاءِ اهي هوندا.

“The hair on a woman’s head evolved for the benefit of her offspring, rather than for the enticement of her mate”. (13)

        اهي سڀئي ڳالهيون هئڻ جي باوجود اسان جا سائنسدان ان ڳالهه تي متفق آهن ته عورت قدرت کي وڌيڪ عزيز آهي. فطرت کي عورت مرد کان وڌيڪ ويجهي، ڄڻ وڌيڪ پياري ۽ عزيز آهي، ڇاڪاڻ ته انساني نسل کي برقرار رکڻ جي صلاحيت گهڻي قدر عورت جي جسم ۾ ئي موجود آهي. عورت تخليق جو سر چشمو آهي. انساني نسل جي واڌ ۾ مرد جو ڪم تمام مختصر ۽ عارضي آهي. (14)

        بهرحال انساني نسل جي بقا ۽ واڌاري لاءِ ۽ تخليقي سلسلي کي جاري ۽ ساري رکڻ لاءِ ٻنهي جنسن جو هڪ ٻئي سان لڳ لاڳاپو قائم رهڻ به ضروري ٿيو، ان لاءِ منجهن هڪ ٻئي لاءِ ”ڪشش“ ۽ ”محبت“ جو هئڻ به لازمي چئبو.

        ارتقا جي جديد سائنسي نظرين مطابق انسانن ۾ ”محبت“ جي تخليق ان بدليل جنسي رويي جي ڪري پيدا ٿي. هاڻ عورت کي ريجهائڻ جو عمل مرد جي حوالي ٿيو، سو هو مختلف بهاني ۽ دلاسن سان (ان قدرتي ڇڪ کي ٻيهر سجاڳ ڪرڻ لاءِ) عورت کي راضي ڪرڻ لڳو. کيس پرچائڻ ۽ پرڀائڻ لڳو. اهڙيءَ ريت مرد ۽ عورت جو پاڻ ۾ محبت جو ڊرامو وجود ۾ آيو جنهن ۾ هو باندر جي ننڍڙي ٻار وانگي سندس جسم سان کيڏڻ لڳو، کيس تحفظ جو احساس (Sense of security) ڏيڻ لاءِ ڀاڪرن ۾ ڀرڻ لڳو (15) ”قدرتي خوشبو جي عدم موجودگيءَ ۾ اکين، چپن ۽ جسم جي ٻين انگن جي خوبصورتيءَ ڏانهن هن جو ڌيان ويو هوندو، هٿن جا ڇهاءَ حساس چمڙي لاءِ تحرڪ (stimulus) ثابت ٿيا هوندا ۽ کانئس ڇرڪيل مادي آهستي آهستي رام ٿيڻ لڳي ۽ آخر ڪار کيس موٽ ڏيڻ لڳي. هو ان پاڻ ارپڻ يا (Submission) کي سندس ڪمزوري سمجهڻ لڳو.“ (16) ۽ اهڙيءَ ريت عورت ۽ مرد جي وچ ۾ ”پيار“ جي جبلت زور ورتو هوندو.

        مٿين سڀني ڳالهين مان اهو نتيجو ڪڍي ٿو سگهجي ته انسان (مرد ۽ عورت) پنهنجي فطري خواهشن سببان ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڳنڍيل رهن ٿا ۽ هڪ ٻئي سان پيار ٿا ڪن ۽ ائين Pair bond يا ”جوڙو“ وجود ۾ آيو هوندو. ائين پڻ چيو ويو آهي ته ”مرد جڏهن شڪار وغيره لاءِ ٻاهر ويندو هو ته پٺيان ٻار جي ڄم يا نيپاج لاءِ ڇڏيل عورت جي وفاداريءَ بابت پڪ ڪرڻ لاءِ هن اهڙا طريقا ڳوليا هوندا، جن سان هو عورت کي ”قابو“ ۾ رکي سگهي ۽ اهڙيءَ طرح عورت مرد جي ملڪيت بڻي هوندي يا سندس حيثيت مرد کان گهٽ سمجهي ويئي هوندي“ (17) عورت ۽ مرد جسماني قوت  ۾ فرق هئڻ سبب تاريخ جي مختلف دورن ۾ اهو هڪ جنس جي برتري ۽ ٻيءَ جي ڪمتريءَ جو معيار بنجي ويو هوندو.

        ڊارون، ڊيمنڊ مورس، ايلن مورگن ۽ ٻين جي انيڪ حياتياتي ارتقا جي نظرين اچڻ کانپوءِ مرد جي برتريءَ وارو مفروضو ختم ٿي وڃڻ کپي ها، پر مذهبي توڻي سائنسي ڪتابن ۾ جتي جتي به لفظ ”انسان“ يا ”ماڻهو“ انسانذات لاءِ استعمال ٿيو اتي ان لفظ جي ”مذڪر“ هئڻ سبب اها غلط فهمي پيدا ٿي (يا ڪئي ويئي) ته اهو رڳو مرد لاءِ استعمال ٿيل آهي. هاڻوڪي دور ۾ سائنسدان ان قسم جي ابهام کان پاسو ڪندي پنهنجي کوجنائن جا نتيجا ڏين ٿا، ان ڪري اهڙيون غلط فهميون دور ٿي وڃڻ کپن.

        بهرحال مٿين سڀني ڳالهين مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته انساني زندگيءَ جي ابتدا ۽ ارتقا جي شروعاتي دورن ۾ مرد ۽ عورت بلڪل ساڳي حيثيت ۽ مرتبو رکندڙ ساهوارا هئا پر پوءِ جي دورن ۾ ڪن حياتياتي ارتقائي ضرورتن تحت عورت کي ڪجهه وقت لاءِ محدود رهڻو ٿي پيو ۽ پوءِ اها روايت پئجي ويئي ته هوءَ پنهنجي پناهه گاهه ۾ ئي رهي جيڪا ڪا ”غار“ يا ڪو ٻيو ”گهر“ هوندو ۽ مرد ٻاهريان ڪم سنڀالي ۽ ائين مضبوط جسماني سگهه حاصل ڪري هو پاڻ کي برتر سمجهڻ لڳو هوندو.

        ان قسم جو نتيجو دنيا جي هر خطي جي انسانن لاءِ يڪسان ڪونه رهيو هوندو. ٿي سگهي ٿو ته دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اها ارتقاءَ ڪجهه مختلف انداز ۾ ٿي هجي ۽ اهو ڪمتري برتريءَ وارو نظريو بنهه ابتڙ هجي، پر ان بابت ڪافي ثابتيون ميسر نه هئڻ ڪري يقين سان ڪجهه چئي نٿو سگهجي. پر اهو ضرور يقين سان چئي سگهجي ٿو ته دنيا جي مختلف خطن ۾ جتي به اسان جي ارتقاءَ اهڙي نموني ٿي هوندي يا ان جي ابتڙ به ٿي هوندي اتي عورت ۽ مرد ٻن ساٿين، زندگيءَ جي ٻن ڀاڱي ڀائيوارن (Partners) جي حيثيت ۾ زندگي جي ذميدارين کي ورهائي کنيو هوندو ۽ شعور جي بلڪل ابتدائي ڏاڪي ۽ اسٽيج تي به هڪ ٻئي جي ضرورت محسوس ڪندي هڪ ٻئي کي ڪم آيا هوندا. 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com