اهي وڏا ماڻهو اڳي به ائين ڪندا رهيا آهن، ڌڪ کائڻ
کان پوءِ سهي پر ليلا سمجهي ورتو هو ته اهو چنيسر
اڳ به ڪنهن هڪ جو ٿي ڪونه رهيو آهي. سهاڳڻين تي
ڏمر جي سگهو ئي کين ڏهاڳ ڏيڻ جا بهانا ڳوليو وٺي:
چنيسر سين چاڳ، متان ڪا منڌ ڪري،
جان مون پروڙيو پوءِ، ته هي نه ماڻي ماڳ،
ڏمريو ڏهاڳ، سگهو ئي سهاڳڻين.
ٻيو سبب اهو هو ته احساس برتريءَ جو شڪار ٿيل اهي
مرد ڪنهن عورت جي ڏاهپ يا رڳو سندس هئڻ (وجود جو)
لکائڻ به برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ شاهه صاحب
ليلان کي صلاح ٿو ڏي ته ”پاڻ کي لکاءِ نه“ پنهنجو
وجود وساري ڇڏ، انهن راجائن جا اهڙا حال هئا جو:
چئي چنيسر ڄام سين، ليلا! لکاءِ مَ تون،
اي ڪانڌ ڪنهين جو نه ٿئي، نه ڪا مون نه تون،
رئنديون ڏٺيون مون، ان در مٿي دادليون.
ليلا کي پنهنجو پاڻ، پنهنجي ڏاهپ، لکائڻي ڪانه
هئي، جو ائين چڙيل چنيسر وڌيڪ چڙي پوي ها ۽ اهو
مشاهدو شاهه صاحب جو ڪيل ٿو ڏسجي. انهن راجائن
ڪيترين دادلين کي ٿوري وقت لاءِ دل تي چاڙهي وري
لاٿو هوندو. هن قسم جي بيتن مان ٿي سگهي ٿو ته هڪ
طبقو روحاني معني ڪڍي چنيسر ڄام جي انهيءَ وڏائيءَ
۽ خوديءَ کي ڪنهن اعليَ هستيءَ سان لاڳاپي، ليلان
جي ليلائڻ کي بندي جي بندگيءَ جو اشارو چوي پر
اسان کي ڇاڪاڻ جو شاهه صاحب جي بيتن کي زندگيءَ
جي حوالي سان پرکڻو آهي. تنهن صورت ۾ راجا جي در
تي دادلين جو روئڻ ۽ ڪانڌ جو ڪهين جو نه ٿيڻ واري
معنيٰ وٺڻي پوندي. جڏهن چويس ٿو:
سڀيئي سهاڳڻيون، سڀني ڳچي هار،
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، سهسين ڪن سينگار،
ڍول تنين جي ڍار، هيٺانهيون هلن جي.
يا وري
سڀئي سهاڳڻيون، سڀني ڳچيءَ هس،
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي وڏا ڪيائون وس،
ڍول تنهين جي گس، هيٺانهيون هلن جي.
هتي جيڪڏهن ليلا کان غلطي نه ٿي هجي ها ته چئي
سگهياسين پئي ته شاهه صاحب ليلان، هڪ عورت سان هن
سر ۾ ڏاڍي زيادتي ڪئي آهي پر ڇاڪاڻ جو ليلان جي
ڪردار ۾ ڪوتاهي آهي ۽ هوءَ ان جي سزا ڀوڳي رهي
آهي. ان ڪري هن سان اهڙو رويو قبول ڪري سگهجي ٿو.
اهو ئي سبب آهي جو شاهه صاحب بجاءِ پڇاڙيءَ واري
الميه واقعي جي هڪ اميد ڀريو تصور ڏنو آهي ۽
پڇتاءُ ڏيکارڻ کان پوءِ معافيون گهرڻ کان پوءِ
مدايون ميٽڻ جي آس پيدا ڪئي اٿس.
اوڳڻ ڪري اپار، تو در آيس داسڙا،
جئن تو رسڻ سنديون روح ۾، تئين مو ڀيڻي ناهه.
سائينءَ لڳ ستار! ميٽ مدايون منهنجيون.
۽ جڏهن ليلان جي پڇتاءُ ۾ لڇڻ ۾ اها سچائي ڏسي ٿو
جيڪا سڀ گناهه معاف ڪرڻ جو سبب بنجندا آهي تڏهن
تسلي ٿو ڏيس، دلداري ٿو ڏيس:
ليلا! لڇ مَ ايترو، اٿي سور ٻهار،
ڍولو اڱڻ پار، ڪانڌ ڪميڻيءَ آيو.
شاه کي آکاڻيءَ ۾ اهو پڇتاءُ جو درجو ڏيکارڻو
هو، جنهن ڪري ليلان جي ملڪ موٽي وڃڻ وارو واقعو
صفا ڪڍي ڇڏيو اٿس. جيڪڏهن چنيسر هڪ اڻ واقف
ڇوڪريءَ جي ناچ تي مستانو ٿي هرک هاريو ته اهو
چنيسر جي سيرت ۾ هڪ وڏو عيب ليکبو. شاهه اهو به
پنهنجي رٿا مان ڪڍي ڇڏيو آهي. شاهه جي ليلان جو
درجو عام آکاڻيءَ وارو ليلان کان صد بار مٿي آهي.
شاهه جي ليلان جي دل ۾ سچائي آهي. چنيسر بنا هنجو
جيئڻ جنجال هو ۽ جيڪڏهن چنيسر کي ريجهائڻو هوس ته
اهو ڪم چنيسر جي در تي رهڻ سان ممڪن هو ۽ نه وطن
موٽي وڃڻ سان... شاهه جي ليلان ۾ عقلي عنصر آهي،
شاهه سمجهيو ته ههڙي خطا کان پوءِ للا جو وري
چنيسر اڳيان ناز ڪرڻ بي عقلي ٿيندي، هتي هو پڇتاءُ
جو احتياج.“
حوالا
1.
بيگلار، ادراڪي، مثنوي چنيسر نامه، بتصحيح و مقدمه
سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد،
ص، 7
2.
قانع مير علي شير، تحت الڪرام، مترجم مخدوم امير
احمد، مرتب داڪٽر نبي بخش بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ،
حيدرآباد، ص، 109، 110.
3.
بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، مشهور سنڌي قصا، عشقيه
داستان، 3، ليلان چنيسر، سنڌي ادبي بورڊ،
حيدرآباد، 1971ع، ص 1
4.
ايضاً، ص – 2
5.
ايضاً، ص -10
6.
ايضاً، ص -3
7.
ايضاً، ص -9، 10
8.
ايضاً، ص – 2
9.
ايضاً، ص – 21
10.
ايضاً، ص – 21
11.
ايضاً، ص – 15، 16
12.
گربخشاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند، روح رهاڻ،
ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني، ڪراچي، 1932، ص 1
13.
ايضاً، ص -3
14.
ايضاً، ص -8
15.
ايضاً، ص – 6
16.
ايضاً، ص – 1
17.
ايضاً،
ص – 7
18.
Hotchand Tirathdas, the song of necklace pardeep
publication Hydarabad abad sindh 1962
19.
ڪاشف محمد حسين، ليلا ڇڏي ليهور، سر ليلا چنيسر،
مرتب حميد سنڌي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ثقافتي
مرڪز، حيدرآباد، 1986، ص، 6
20.
ادراڪ بيگلار، چنيسر نامه، 19
21.
ڀمڀاڻي پروفيسر، نارائڻداس، شاهه جون سورميون،
مڪتبه اسحاقيه ڪراچي، ص 64، 65
سُر سورٺ ۾ سورٺ جو ڪردار
شاهه صاحب جا جيڪي سُر سورمين جي نالن پٺيان آهن،
تن مان سُر سورٺ واحد سر آهي، جنهن ۾ سورٺ جو
ڪردار، هڪ عورت جو ڪردار، ڪهاڻي جي مرد ڪردار جي
ڀيٽ ۾ گهٽ ڳايو اٿس، ۽ مکيه يا مرڪزي پارٽ راءِ
ڏياچ هڪ مرد ڪردار کي ڏنو اٿس. بلڪه ٻيجل جو ڪردار
به سورٺ کان وڌيڪ ٿو محسوس ٿئي. جيتوڻيڪ سورٺ جو
ڏک سسئي، سهڻي، يا مومل کان گهٽ ڪونه هو. بلڪه
سندس ڀوڳنا پاڻ ٻين سورمين کان وڌيڪ هئي جو انهن
جي پيڙا پنهنجن محبوبن سان جدائيءَ جي باوجود ملڻ
جي آس سان ڳنڍيل هئي. جڏهن ته سورٺ جي اکين اڳيان
هن جي سهاڳ سر ڏنو. هميشه جو وڇوڙو پلئه پيس ۽ پاڻ
بيوس ڏسندي رهي ۽ ڪجهه به ڪري ڪانه سگهي. ڇا ته
اندر ۾ وڍ پيا هوندس. ڪهڙو نه من ۾ مانڌاڻ متو
هوندس. ڪيئن نه اکين آب هاريو هوندو! پر شاهه
صاحب سندس پيڙا ۽ ڀوڳنا بابت تمام ٿورو ذڪر ڪو آهي
هن گهڻو ذڪر ڪيو آهي ته راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي وچ ۾
تند، ڪٽاري ۽ ڪنڌ جي تعلق جو. ڇا ان جو اهو مطلب
وٺجي ته سورٺ جو ڏک ڪونه محسوس ڪيائين يا ان کي
اهميت ڪانه ڏني اٿس؟ وٽس ڏياچ جي سنگيت تي سر ڏيڻ
جي وڌيڪ اهميت ٿي ڏسجي، ان ڪري سورٺ جهڙوڪر پسمنظر
تي هلي وئي آهي”سورٺ سان شاهه انصاف ڪونه ڪيو ائين
آهي ته جيتوڻيڪ آکاڻيءَ جا مکيه اداڪار ٻيجل، ۽
راءِ ڏياچ آهن ته به سر کيس سڏيائين سورٺ جي نالي
سان. تنهن هوندي به سورٺ ان اهڙي محبت نه ڪئي اٿس
جا ڪرڻ گهربي هئس. راءِ ڏياچ جو ڪمال چئبو جو راڳ
جي رس تي سر وڍي ڏنائين پر شاباس سورٺ کي به آهي
جنهن اکين سان اهو خوفناڪ واقعو ڏٺو. ويچاريءَ بي
وسي جي حالت ۾ سينو چيريندڙ ورلاپ ڪيا هوندا.“(1)
شاهه صاحب کي پاڻ سنگيت ۽ سماع سان جيڪا محبت ۾
لڳاءُ هو. شايد ان جو پرتوو ڏياچ جي ساز لاءِ سر
ڏيڻ ۾ ڏٺائين. انهيءَ سماع جي ڪري خود پاڻ به وقت
جي ملن ۽ قاضين جي تنقيد جو نشانو بنيو هو. پر اهي
ان مهل تائين نه ڇڏيائين جيستائين ساهه ۾ ساهه
هئس. پڇاڙيءَ ۾ پساهه به سماع جي محفل هلندي پورا
ٿيا هئس. تنهن ڪري چئي سگهي ٿو ته پاڻ جڏهن سير
سفر ڪندي گرنار، جونا ڳڙهه پاسي ويو هوندو، تڏهن
اهو داستان ٻڌو هوندائين ۽ ان ۾ موسيقيءَ جي محبت
جي حوالي سان ڏياچ جي ڪردار کان گهڻو متاثر ٿيو
هوندو. انڪري مکيه ڪردار جي حيثيت ۾ راءِ ڏياچ کي
ڳائي سورمو بنايائين.
The chief interest of this story lies in the
magnanimity of king Rai Dyach in giving up his
head at the instance of Bijal. The fiddler and
in the sorrowful lamentation of Rai Dyachs wife
after his death.
(2)
مطلب ته راءِ ڏياج جو ٻيجل جي چوڻ تي سر ڏيئي
سرخرو ٿيڻ ۽ سندس مرڻ کان پوءِ سورٺ جو روئڻ، پٽڻ،
هن داستان جو دلچسپ پهلو آهي ٻيجل جو ڪردار به
شاهه صاحب وٽ گهٽ ڪونهي. راڳيندڙ يا سنگيت ڪار جو
وٽس جيڪو مان هو سو ٻيجل کي سندس ڪردار جي ڪچائيءَ
جي باوجود ڏنو اٿس.
”اهو فنڪار جنهن کي سماج گهٽ نظر سان ڏسي ٿو، گهٽ
ذات سمجهي ٿو ۽ مگڻو چوي ٿو، انهيءَ ۽ ڏاتار جي وچ
۾ وسيلو ڪونه آهي. چارڻ جو چت ۽ تندن جي تار ٻئي
هڪ آهن. ٻنهي جو رابطو سڌو سنئون آهي. اهو فنڪار
جڏهن ساز ٿو سوري، جڏهن مگڻو مال بدران سر جي ٿو
صدا هڻي ته جونا ڳڙهه جهري ٿو پيون ۽ شاهي جهروڪن
۾ جهانءِ پئجيو وڃي. اهو منگتو، مڱڻهار پينو،
پينار، مال، دولت، سون، رپي ۽ هاٿين کي ٺڪرائي ٿو،
هو نه ڪو ضررتمند آهي نه ڪو لالچي آهي.“
محلين آيو مڱڻو، ساز کڻي سرندو، سِر جي صدا اُسر ۾
گهور هڻي گهرندو،
مٿي ريءءُ ملوڪ جي چارڻ نه چرندو، جهوناڳڙهه
جهرندو، پوندي جهان.
Readers of this Sur find in it shah’s personal
predilection for music.
هن قصي جون مختلف روايتون ملن ٿيون جن ۾ ٽي اهم
آهن. ڪاٺياواڙي روايت، راڻڪ ديويءَ جي روايت ۽
سنڌي روايت. ان کان سواءِ ڪجهه روايتون سنڌجي
مختلف شاعرن ۽ سگهڙن جي ڪلام مان اڀاري بيان ڪيل
ملن ٿيون. پر ڏٺو وڃي ته انهن سڀني سنڌي روايت کي
ٿوري گهڻي ڦير ڦار سان قبول ڪيو آهي ۽ شاهه صاحب
پڻ ائين ئي ڪيو آهي. سنڌ جي آڳاٽن شاعرن جي ڪلام ۾
آيل ٽاڻن ۽ اهڃاڻن مطابق ان قصي جي سٽا مختصر
نموني هن ريت آهي ته” راءَ کنگهار جونا ڳڙهه جو
بادشاهه هو. سندس ماءُ خاتون راڻي وڏي نظر واري
دانا عورت هئي. راءَ کنگهار جي گهر ۾ سورٺ نالي هڪ
سهڻي وني هئي جنهن جو راءِ کنگهار سان بيحد پيار
هو. راءِ کنگهار وڏو سخي ۽ دان ڏيندڙ هو. انهيءَ
ڪري عام طرح سان هو راءِ ڏياچ جي نالي سان مشهور
ٿي ويو. ٻيجل نالي چارڻ هڪ وڏو ڳائيندڙ گن گويو
هو. وٽس هڪ ساز هو جنهن کي مختلف روايتن موجب چنگ،
سرندو ۽ ڪينرو سڏيو ويو آهي. انهي جو ميٺاج اهڙو
هو جو ٻڌندڙ موهجي ويندا هئا. انيراءِ نالي ڪو ٻيو
راجا هو. جنهن ٻيجل کي ريجهائي موڪليو ته ڪنهن طرح
وڃي راءِ کنگهار کي راڳ تي راضي ڪري کانئس سر جي
گهر ڪري ۽ سندس سر وڍي کڻي اچي. راءِ کنگهار منگتي
جي ساز جون پر سوز صدائون ٻڌيون سو خوش ٿي حڪم
ڏنائين ته منگتي کي دل گهريا دان ڏيو ته راضي ٿئي
تڏهن چيائين ته ”مال جو منگتو ناهيان، آءُ تنهنجي
سر جو گهورو آهيان. ۽ سر ڌاران موٽڻ مون لاءِ مهڻو
آهي. منهنجو سوال پورو نه ڪيئي ته اڄ کان پوءِ سخا
جو نالو ئي نه رهندو.“ ڏياچ چيس ته ”منگتا جو
گهريندين سو اوس ملندي.“ اها ڳالهه هلي ويئي ته
چارڻ راءِ کنگهار کان سر گهريو آهي ۽ هن کيس ڏيڻو
ڪيو آهي بس جونا ڳڙهه ۾ روڄ راڙو مچي ويو.
سورٺ پنهنجي ور کي بچائڻ لاءِ ٻيجل کي منٿون آزيون
ڪيون پر هن پنهنجي ڳالهه نه ڇڏي. راءِ کنگهار جي
ماءُ خاتون راڻي کي سڌ پئي سا سرهي ٿي ۽ پٽ کي
چيائين ته پٽ متان منگتي کي سکڻو موٽايو اٿئي.“
کنگهار ٻيجل کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ چيائينس ته ”چارڻ
چنگ وڄاءِ، تند هڻ ته هيءُ سر سينگاري توکي ڏيان.“
چارڻ ساز وڃايو، ڏياچ مست ٿي ڪنڌ ڪپي ڏنو. ڏياچ سر
ڏنو ڄڻ گرنار جو گل ڇنو. سورٺ جهڙين سوين سهڻين
ڏياچ لاءِ رنو.“ ان کان پوءِ سورٺ ڏياج جي چتا سان
ستي ٿيڻ لاءِ باهه جي مچ ۾ گهڙي ته ان مهل ٻيجل به
پهتو ۽ باهه ۾ ٽپ ڏنائين. جو ضمير سک وهڻ نه ٿي
ڏنس.
هن سموري قصي مان مکيه ڪردار راءِ ڏياچ، ٻيجل ۽
سورٺ ٿا اڀرن جن کي شاهه به ڳايو آهي. البت خاتون
راڻيءَ جو ڪردار ٻين شاعرن وٽ آهي پر شاهه صاحب
ڪونه کنيو آهي. جيڪڏهن انهيءَ قصي ۽ ڪردارن جي
تفصيل ۾ وڃي عورتن ۽ مردن جي ڪردارن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿي
ڪجي ته سماجي لحاظ کان ڏاڍيون عجيب ڳالهيون ٿيون
نظر اچن. مثلاً سورٺ ڪن روايتن ۾ راجا انيراءِ ۽
ڪن راجا ڀوڄ جي ڌيءَ هئي. جنهن کي ڏند ڪٿائن واري
انداز ۾ بيان ڪيل ڪهاڻين وانگي نجومين جي اڳڪٿين
جي نتيجي هڪ روايت موجب درياهه ۾ داخل ڪيو ٿو وڃي
ته ٻي روايت موجب کاري ۾ وجهي جهنگ ۾ ڦٽو ڪيو ٿو
وڃي. نياڻين ويچارين جي اها قسمت اڪثر ڪري ڏيکاري
وئي آهي(سسئيءَ لاءِ به اهڙي ڳالهه موجود آهي) ڇو
جو انهن جو پيدا ٿيڻ ئي وڏو منحوس واقعو سمجهيو
ويندو آهي. ۽ سورٺ ويچاري ته پنهنجي پيءُ جي سٺين
۽ ٻي روايت ۾ ايڪهٺين ڌي هئي. اها پوءِ رتني ڪنڀار
کي ملي جنهن پالي نپائي وڏو ڪيس. وڏي ٿي ته سندس
حسن جي هاڪ هنڌين ماڳين هلي وئي ۽ اهو ئي ساڳيو
بادشاهه جنهن جي اها ڌي هئي، سو مٿس چريو ٿي پيو ۽
رتني ڪنڀار کان سندس سڱ جي ڇڪ ڪيائين ۽ نيٺ ان سان
مڱيو. ڪن روايتن ۾ سندس ڪان سان ڦيرا ڏياري شادي
ڪئي وئي. حيرت ان ڳالهه تي ٿي ٿئي ته سٺ ڌيئرن جو
پيءُ ضرور گهڻين زالن جو مڙس هوندو. تڏهن اها
ايڪهٺين ڌي ڄائي هوندس. انهيءَ ڇوڪريءَ جي جوان
ٿيڻ جا گهٽ ۾ گهٽ پندرنهن، سورنهن سال به رکجن ته
به عمر جي اهڙي دور ۾ هوندو جو ويهي الله الله
ڪري، پر ته به ننڍي نيٽي ڌيءَ جيڏي (بلڪه ڌيءَ)
پرڻجڻ جو ٿو سوچي، اها هوس انهي طبقي جي مردن ۾
عام طور ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ اڪثر لوڪ داستانن ۾ اهڙو
زڪر ملي ٿو. پر هن داستان ۾ اها ڇوڪري بادشاهه جي
پنهنجي ڌيءَ هئڻ هڪ قسم جي ستم ظريفي
(Irony)
چئي سگهجي ٿي ۽ اهو طنر به ٿي سگهي ٿو جيڪو داستان
جي راوين ڪيو هجي.
بهرحال راجائن جا اهڙا حال هئا، انهيءَ ۾ سڱ جي
خبر راءِ کنگهار کي پئي ته انهيءَ کي ڳالهه ڪانه
وڻي ته ڪو منهنجي راڄ جو ماڻهو منهنجي هوندي وڃي
ٻئي سان سڱ ڪري، سو انهيءَ زوري زبردستي ڪري سورٺ
جو سڱ رتني ڪنڀار کان ورتو ۽ ائين انيراءِ ۽
کنگهار ۾ دشمني پيدا ٿي ۽ انيراءِحملو ڪيو. جنگ ۾
ناڪام ٿيڻ کان پوءِ ٻيجل جي هٿان سندس سر وڃائڻ
لاءِ سٽ سٽيائين ۽ ائين هن ڪهاڻي جنم ورتو. هن
ڪهاڻيءَ جو بنياد هڪ عورت تان جهيڙو آهي. دنيا جي
اڪثر ٻولين ۾ اهڙا قصا شاعرن ڳايا آهن. والميڪيءَ
جي رامائڻ ۽ سيتا تان رام ۽ رواڻ جو جهيڙو، هومر
جي شاعري ۾ هيلن آف ٽرائي تان لڙائي ۽ هتي هيءَ
سورٺ جنهن تان جنگ لڳي، اها عورت ذات جي بدقسمتي
آهي، جو کيس هڪ استعمال جي شي سمجهي ڌريون سندس
حصول لاءِ پاڻ ۾ وڙهي مرن. سندس مرضي ۽ منشا جي
ڪنهن کي پرواهه ئي ڪانهي. هوءَ پاڻ ڇا ٿي چاهي، ان
سان ڪنهن کي ڪو سروڪار ئي ڪونهي. ان جي باوجود به
اها عورت پنهنجي دل جا فيصلا ئي قبول ڪندي آهي.
راءِ ڏياچ جهڙو سخي راجا جنهن سنگيت تي سر ڏنو
جنهن پنهنجو واعدو پاڙڻ لاءِ ساهه صدقو ڪيو. اهو
پڪ سان انسان به سٺو هوندو ۽ سورٺ ان سان پيار به
ڪيو هوندو. جيتوڻيڪ بادشاهي خصلت موجب هن به
پنهنجي رعيت جي هڪ خوبصورت ڇوڪريءَ جو سڱ ٻاهر
ٿيندو ڏسي ان کي پنهنجي راڻين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ
زوري زبردستي ڪئي پر جتي سڀئي بادشاهه اهڙا هجن
اتي اهڙين ڳالهين کي عام ڳالهه سمجهي کيس ڇوٽ ڏئي
سگهجي ٿي، ڇو جو منجهس ٻيون خوبيون اتم موجود آهن.
شاهه صاحب کي ان ڳالهه جي خبر آهي ته هن کي سورٺ
کان سواءِ ٻيون به راڻيون هيون:
ڏنو راءِ ڏياچ هي سر صاحب تان صدقو،
ڇڏي هليو هتهين، راڻيون پنهنجا راڄ.
پر تڏهن به هو سورٺ کي ئي اهميت ٿو ڏي ۽ راءِ ڏياچ
جي وري سنگيت سان سر سان سچي محبت کي ڏسندي سندس
ساراهه ٿو ڪري، ٻيجل جي ساز هن کي اهڙو موهي وڌو
هو جو هو هڪ سر نه پر سو سر مٿانس قربان ڪرڻ لاءِ
تيار هو:
سو سرن پائي جي تند برابر توريان،
اٽل اوڏاهم ٿئي، جيڏانهن ٻيجل ٻرائي،
سکڻو هڏ آهي، سر ۾ سڄڻ ناهه ڪيئن.
يا چوي ٿو؛
مٿي تي منهنجي، جي هئا سرن سوَ هزار،
ته تنهنجي تند تنوار، هر هر وڍيم هيڪڙو.
اها ڄڻ ته خود شاهه پهنجي ڪيفيت بيان ڪئي آهي.
شاهه صاحب کان اڳ انهيءَ ساڳئي قصي مان شاهه عنايت
به بيت چيا آهن انهن ۾ سورٺ جي ڪردار بابت ۽ خاتون
راڻي بابت شاهه نسبت ڪجهه وڌيڪ بيت ملن ٿا، سورٺ
هيئن اظهار ٿي ڪري.
سڻ چارڻ، سورٺ چئي، ڀائي! رک ڀرم،
منٿ اٿئي مڱڻا، راجا ڳنهي مَ رم،
تا ڪو دمج دم، ته ڏسان منهن ڏياج جو.
خاتون راڻي، ڏياچ جي ماءُ، پٽ کي همت ٻڌرائيندي
چوي ٿي:
خاتون راڻي چوءِ ٻيٽا! جم موٽائين مڱڻو،
آيو جو آس ڪري، امر پلئه تنهن پوءِ،
سو سر سڳند هوء جو ڏجي نام الله جي.
ٻين روايتن مان سڀني کان اهم روايت آهي ڪيپٽن جارج
اسٽيڪ جي 1849ع ۾ ڇپايل گرامر جي ضميمي واري
ڪهاڻيءَ جي، جيڪا پوءِ منشي اڌارام ٿانور داس به
نقل ڪئي هئي. ان ۾ به سورٺ جون آزيون، منٿون ملن
ٿيون:
سورٺ مـڱڻهار کي جال ڀري جانا،
اسين ٻئي، ٻه ڄڻا، ٻيجل جا ٻانها،
ڇڏ تند جا طعنا، مڙي وڃ تون منگتا.
۽ خاتون راڻي واتان چيل بيت شاهه عنايت جي بيت سان
گهڻو ملي ٿو؛
مَ موٽائج منگتو، خاتوءَ راڻيءَ چئو،
آيو جو آس پئي، مر سرهو وڃي سو،
ڏجي نام ڪرتا جي، سو ٿئي سر سرهو.
ان ڏس ۾ خليفي نبي بخش جو بيت آهي:
سورٺ مهندان مڱڻي، ٻڌي ٻانهون هٿ،
سريم جا سهاڳ
جي، سا نڪان لاهه مَ نٿ،
جنهن سان
سونهي سٿ، سو تان مارم مڱڻا.
پر شاهه لطيف انهن ٻنهي ڪردارن واتان اهڙو ڪو
اظهار ڪونه ڪرايو آهي، سورٺ ويچاري ٻن مردن جي وچ
۾ ٿيل وعدي ۽ سر جي سودي ۾ بي سبب ڀوڳي ٿي. پر
شاهه صاحب سندس واتان ڪو اهڙو اظهار نه ٿو ڪرائي.
ڇا هن ٻيجل کي ٻانهون ڪونه ٻڌيون هونديون.؟ منٿون
ايلاز، ڪونه ڪيا هوندا؟ پر شاهه صاحب انهن کي
نظرانداز ڪري صرف سندس پوءِ جي ڏک تي ڪجهه سٽون
چيون آهن. جڏهن ته راءِ ڏياچ سر ڪپي ٿو ڏي، ڏياج
وٽ انهيءَ تند جو ايترو ته مان آهي جو هو مال
متاع، زر جواهر، گهوڙا، هاٿي ته هڪ طرف پنهنجو گهر
سورٺ ۽ پنهنجو سر به ان تان قربان ڪرڻ لاءِ تيار
ٿي وڃي ٿو:
چارڻ! ٻولج ڪين ٻيو جو گهريئي سو گهوريان،
گهرُ، سورٺ نه پڙي، جان تندن برابر توريان،
ڳجهي آهم ڳالڙي، آءُ اوري تان اوريان،
ڪِ ڪلنئون ڪوريان؟ ڪِ جا جڪ جسي سين ڏينءِ.
۽ سندس اهو جذبو جذبو ئي شاهه صاحب ٻين سڀني
ڳالهين کان مٿانهون ڪري بيهاريو آهي، ان ڪري سورٺ
جهڙوڪر بيڪ گرائونڊ ۾ هلي ويئي آهي ۽ جڏهن ٻيجل
اهو گرنار جو گل ڇني ورتو ته ڄڻ ڪهرام مچي ويو.
گل ڇنو گرنار جو، پٽڻ ٿيون پٽين،
سهسين سورٺ جهڙيون، اڀيون اوسارين،
چوٽا چارڻ هٿ ۾، سر سينگاريو ڏين،
ناريون ناڏ ڪرين، راجا رات رمگيو.
اهو منظر ڪيڏو نه ڏکوئيندڙ آهي ۽ ان منظر جو مرڪز
سورٺ آهي، جيڪا اڀي بيٺي اوساري، جيڪڏهن ٻين شاعرن
۽ سگهڙن جي ڪلام سان شاهه صاحب جي ڪلام جي ڀيٽ ٿي
ڪجي ته هن وٽ سورٺ جو ذڪر گهٽ ملي ٿو. پهرين نظر
۾ اها ڳالهه ڏاڍي عجيب ٿي لڳي ته سورمين جي شاعر
شاهه لطيف هن سر ۾ سورٺ بدران ڏياچ کي اهميت ڏئي
هن کي ئي سچو سورمو بنايو آهي. پر جيڪڏهن غور ٿو
ڪجي ته بيشڪ سورٺ پس منظر ۾ ٿي محسوس ٿئي پر تڏهن
به شاهه صاحب راءِ ڏياچ جي سڃاڻپ بنائي ڇڏيو اٿس ۽
نه صرف سُر جو نالو سندس پٺيان رکيو اٿس. پر راءِ
ڏياچ کي سڏي ئي”سورٺ ور“ ٿو، راءِ ڏياچ کي مخاطب
ٿيڻ مهل ”سورٺ ور“ چئي سندن ويجهائپ ۽ پيار ڏانهن
اشارو ٿو ڏي ۽ ائين ڏياچ جي سر ڏيڻ سببان سورٺ جي
لاءِ ايندڙ پيڙا جي اڳ ڪٿي ٿو ڪري:
ٻئا ڏيئي ٻن کي، آيس تنهنجي در،
سنهارا سورٺ ورَ! ڪا منهنجي ڪر،
ڀلا! ڀيري ڀر، پالهو پاند پينار جو.
ٻيجل جو ڪردار به ان حق کي تسليم ڪندي چويس ٿو:
پرديسا پنڌ ڪري، آيس آڳاهينءَ ماءِ،
جي وهاڻي ويرم ٿئي، ته مون هير ئي هلاءِ،
سنهارا سورٺ ور! ڳال هيين سين لاءِ،
سو مڱڻهار ملهاءِ، جو وچان ويريين آئيو.
۽ پڇاڙيءَ ۾ ڄڻ ته سورٺ ور کي ياد ٿو ڏياري ته تون
متان سمجهين ته آءُ سر وٺڻ کان سواءِ هليو ويندو
سانءَ.
مڱ نه جهليان مر رهم، نه مون پنڌ پري،
ڳڻي آيس ڳالڙي، ڳجهي تو ڳري،
سا سمجهج سورٺ وَر ويندس ڪين وري،
پرئا پير ڀري، تولئه آيو آهيان.
پوءِ جڏهن اهو سورٺ ور سر ڏيئي سرخرو ٿيو ته سورٺ
به محض رسمي طرح ستي ٿيڻ بدران ڏک کان پاڻ ميساري
ڇڏڻ جي جذبي تحت سڙي مئي، ائين سورن کان مڪتي
مليس:
سورٺ وئي، سک ٿيو، خيما کنيا کنگهار،
نه ڪو راڳ نه روپ ڪو، نه ڪا تند تنوار،
تهان پوءِ مڱڻهار، ڏنو سر ڏياچ کي.
آخر ۾ مڱڻهار کي به ضمير يا وويڪ جي آواز ۽ پڇتاءُ
کان سورٺ سان گڏ سڙي مرڻ جو سبب ٿيو.
هن سموري سر جي حقيقت اها آهي ته راڳ تي ريجهي
راجا جو سر ڏيڻ وارو واقعو شاهه لطيف کي دل سان
لڳو ڇو جو پاڻ به راڳ کي روح جي غذا سمجهندو هو.
ان ڪري جڏهن راءِ ڏياچ کي ڳايائين ته ٻين ڪردارن
جي حيثيت ثانوي ٿي پئي نه ته سورٺ جو ڪردار به
تمام اهميت جو حال آهي. جي ان کي ڳائي ها ته راءِ
ڏياچ جو ڪردار دٻجي وڃي ها.
”شاهه کي هن آکاڻيءَ ۾ هڪ اهو مرد اداڪار هٿ آيو
جو هر طرح سورمو سڏجڻ جي لائق هو ۽ راءِ ڏياچ جي
قربانيءَ جو زڪر ڪندي شاهه صاحب سورٺ تي توجهه نه
ڪيو. شايد انهيءَ خيال کان سورٺ جي سورن جو بيان
راءِ ڏياچ جي اهميت کي جهڪوڪندو.... ساڳئي وقت سيل
ستيا جي مورت سورٺ جي قرباني ملهائڻ لاءِ پنهنجي
نظم جو نالو رکائين”سر سورٺ“
حوالا
(1)
ڀمڀاڻي، پروفيسر نارائڻ داس، شاهه جون سورميون،
مڪتبه اسحاقيه ڪراچي، ص 106.
(2)
Lalwani Lilaram Watenmal- the life Religion and
poetry of Shah Abdul Latif, Sindhi kitab ghar,
Indus Publications Karachi, 1985. pp.75
(3)
تنوير عباسي، شاهه لطيف جي شاعري، (جلد ٻيو) نيو
فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1985ع، ص 75.
(4)
Ajwani L. H .History of Sindhi literature.
Allied Book company,
University of Karachi, Karachi, pp.100
(5)
بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، مشهور سنڌي قصا، سنڌ جا
عشقيه داستان، 6، سورٺ راءِ ڏياچ ۽ هير رانجهو،
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1972، ص، 23، 25.
(6)
گربخشاڻي، ڊاڪٽر هوتچند، مولچند، روح رهاڻ،
ايجوڪيشنل، پبلشنگ ڪمپني، ڪراچي، 1932، ص، 162.
(7)
بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، سورٺ راءِ ڏياچ ۽ هير
رانجهو، ص 4.
(8)
مرليڌر، جيٽلي،اوائلي شايع ٿيل لوڪ ڪهاڻيون، راءِ
ڏياچ جي لوڪ ڪهاڻي، اصل ڇپيل ڪيپٽن جارج اسٽيڪ جي
گرامر ۾، اکل ڀارتيه سنڌي ساهتيه پرشيد پڻي،
انڊيا، ص 55
(9)
بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، سورٺ راءِ ڏياچ ۽ هير
رانجهو، ص، 29.
(10)
ايضاً
(11)
مرليڌر، جيٽلي، اوائلي شايع ٿيل لوڪ ڪهاڻيون، ص
60
(12)
ايضاً، ص 62
(13)
بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش ، سورٺ راءَ ڏياچ ۽ هير
رانجهو، ص، 33.
ڀمڀاڻي، پروفيسر نارائڻداس، شاهه جون سورميون، ص،
110 |