شاهه جي شاعريءَ ۾ سسئيءَ جو ڪردار
سسئيءَ جو داستان هڪ عورت جي اٿاه عشق جو دل
ڀڄائيندڙ ۽ درد ڀريو داستان آهي جيڪا پنهنجي پنهل
جي ڳولا ۾ سر جو سانگو لاهي، نٽهڻ اس ۾ سڙندي،
لُڪن ۾ لوساٽجندي ڏونگر ڏوريندي پيرين پيادي اڪيلي
ڪاهيندي ٿي وئي، سندس سورن جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي...
سسئيءَ جا سور ڪنهن هڪ سُر ۾ سمائڻ ڏکيو سمجهي
شاهه صاحب پورا پنج سُر سندس حوالي ڪيا آهن.
This sur, perhaps the most important sur in the
Risalo, along with four other sister sursMazuri,
Desi, Kohiyari and Hussaini, deals with the
woeful story of Sasui, the most famous of Sindhi
heroines. (1)
شاهه جي رسالي ۾ سسئيءَ جو سُر چئن ٻين سُرن
معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسيني سوڌو، سسئيءَ جي
دردناڪ ڪهاڻيءَ متعلق آهي. جيڪا شاهه جي سورمين
مان سڀني کان وڌيڪ مشهور سورمي آهي.
شاهه جي سورمين مان اها واحد سورمي آهي جيڪا سنڌ
جي هوندي به، سنڌ جي جاگرافيائي حدن کان ٻاهر تمام
گهڻين ٻولين ۾ ڳائي وئي آهي ۽ ڪيترن ئي ان کي
پنهنجي پنهنجي خطي جو سمجهي ڳايو آهي، ڇاڪاڻ جو
زباني روايتن ۽ شاعريءَ ذريعي گهڻي ورجاءَ ۽
ڦهلاءَ ۾ هر خطي جا مڪاني اثر شامل ٿيڻ ڪري اڪثر
ماڳن مڪانن جا نالا ڦري ويندا آهن. ٻيو ته ڪنهن
زماني ۾ سنڌ جي سرزمين ڪافي وسيع هئي ۽ هڪ پاسي
ڪشمير ته ٻئي پاسي ڪيچ مڪران سان وڃي ٿي ملي...
هِن ڪفن کان هُن ڪن تائين پهچڻ ۽ وقت گذرڻ سان
سندس خاڪو بدلجي ويو. (2) ٻين ڪهاڻين جي ڀيٽ ۾
سسئيءَ جي ڪهاڻيءَ جي وڌيڪ مشهوريءَ جو سبب سندس
ڪردار جي اها سونهن آهي جنهن کي هر ڪو پنهنجو ڪرڻ
ٿو چاهي، سندس عشق جي اها خاصيت آهي جيڪا سچن
عاشقن جو مرڪ آهي. مختلف ٻولين ۾ سسئي جو داستان
ملي ٿو. دنيا جي شاعريءَ ۾ سسئيءَ جهڙا ڪردار تمام
ٿورا آهن. البته خود سسئيءَ جو ڪردار سنڌيءَ
کانسواءِ سرائيڪي، پنجابي، بلوچي، راجستاني، ڪڇي،
اردو، هندي ۽ فارسي شاعرن ڳايو آهي.
سرائيڪيءَ ۾ خواجه فريد سسئي کي ڳايو:
پنل آوم، آ گل لاوم، پوم قبول دعائين،
يار ٻروچل ڦير نه آيا، اجڙيان جهوڪا جهائين (3)
پنجابيءَ ۾ بار جي ڍولن، (ساندل ۽ گوندل بار دي
ڍولي ۾ سسئيءَ جو ڪردار ملي ٿو:
سسئي ٿل دي وچ شهيد نه هوندي
ڪدي ايال
ايمان کڙيندا اي نه (4)
شاهه جي هم عصر شاعر برخوردار (جنم 1620ع) سسئي
پنهونءَ بابت پنجابي ڪلام چيو آهي. ان جو هڪ بيت
سسئيءَ جي پنهونءَ سان وصل لاءِ خواهش بابت آهي:
ڪري دعائين سسوي ڪوين ربا ڏينهن نه چاڙهين جهب
مين رج لگ سووان گل يار دي تان ڏينهن چاڙهين رب
(5)
هڪ ٻيو پنجابي شاعر هاشم شاهه جنهن جي سسي هاشم
گهڻي مشهور آهي ان ۾ سسئيءَ جي تصوير هن ريت آهي:
نازڪ پير ملوڪ سسئي دي مهندي نال سنگاري
بالو ريت تپي وچ ٿل دي جِيُون جون ڀُنن ڀٽياري.
(6)
پنجاب جا اڪثر شاعر سسئيءَ کي پنجاب جو ڪردار ٿا
سمجهن، مٿئين بيت ۾ ٿل جي ريگستان جو ذڪر آهي
جيڪو اتي مروج قصي ۾ سسئيءَ پار ڪيو. پنجاب ۾
سسئيءَ جي ڪهاڻيءَ وارو ڀنڀور به ڪي شاعر پنجاب
۾ ٿا سمجهن. ساندل بار جي ڍولن ۾ سسئي جي پيءُ کي
پنجاب جو راجا ڪوٺيو ويو آهي:
تنهنجي شهر جو نالو ڀنڀور آهي
هيٺ پاڻيءَ سان ڀريل درياهه آهي.
.... ۽ اعظم بادشاهه آهي پنجاب پرانت جو. (ترجمو)
(7)
ڪن وري سسئيءَ کي پنجاب جي ڪنهن مشهور شهر ڀنڀور
جي نامور راجا سسپال جي ڌيءَ ڪري لکيو آهي. (8)
هاڻوڪي دور ۾ پنجاب جا محقق اها ڳالهه مڃين ٿا ته
ان قصي جو تعلق اصل ۾ سنڌ سان ئي آهي.
سنڌ دي پريم ڪهاني سسي پنون ني وي پنجابي قصه
ڪاري نون بي حد متاثر ڪيتا اي. (9) اردو ٻولي ۾
نواب محبت خان محبت جي مشهور مثنوي آهي مثنوي
اسرار محبت، ان ۾ سسئي کي هير (هير رانجهي واري)
جي گهر ڀاتياڻي ٻڌايو ويو آهي جيڪا جهنگ سيال
(پنجاب) جي هئي.
خصوصاً تها وهان خانه عشق
سب اس کي گهر کي هون ديوانه عشق
سسي پنون اور هير رانجها کي قصون مين اتنا تعلق
هي که سسي هير کي بهتيجي تهي اور حسن و جمال مين
اپنا نظير نهين رکهتي ٿي. (10)
ڊاڪٽر سورلي سسئي پنهونءَ جي داستان کي ڪڇ جي
علائقي سان ڳنڍيو آهي.
It appears to be originally a tale of Katch and
the place is Bhambhor, the site of which is
variously indentified. (11)
مسز پوسٽنس هن کي ڪڇ جي هڪ نهايت وڻندڙ پريم
ڪهاڻي ڪوٺيو آهي.... هيءَ ڪهاڻي ڪڇ کان نڪري سنڌ
جي هيٺئين حصي مان گهمندي ڦرندي وڃي ڪيچ مڪران
پهتي، اتي ڪنهن نموني ۾ بلوچ ڪوِتا ۾ شامل ٿي ويئي
۽ بلوچستان جا نالا ۽ هنڌ ڌارن ڪيائين. (12) هندي
زبان ۾ ان کي شري دسم گڙنٿ آندو. سم گرنٿ جي
چرترن ۾ هن جي متهاسڪ ۽ پراڻي بناوٽ جو هئڻ ۽ نج
ڳوڙها هندو رنگ آهن. (13)
فارسي ٻوليءَ ۾ منشي اندر جيت نامئه عشق نالي ۽
لالا جوت پرڪاش دستور عشق نالي مثنوين ۾ سسي
پنهونءَ جو قصو بيان ڪيو (14)
پنهونءَ جي ڪردار بابت سڀني ٻولين ۾ مروج قصن ۾
گهڻو ڪري اها ساڳي ڳالهه آهي ته هو ڪيچ مڪران جو
شهزادو هو ۽ سندس پيءُ جو نالو آري يا عالي
هوت هو، بلوچيءَ ۾ سندس نالي جو تلفظ فنو
راجستانيءَ ۾ پنو ۽ پنجابيءَ ۾ پنون يا پنل چيو
ويو آهي ۽ لفظ پنهونءَ جي معنيٰ مڪمل يا سهڻو
ماڻهو، پورن ۽ پُنو (جيئن مراد پنيءَ ۾) آهي.
سنڌ جي تاريخ ۾ سسئي پنهونءَ جي داستان جو ذڪر
تاريخ طاهريءَ ۾ ملي ٿو. مير معصوم بکريءَ سسئي
پنهونءَ جو داستان حُسن و ناز جي نالي سان لکيو
(15) ... مير معصوم شايد پهريون شاعر آهي جنهن
سسئي پنهونءَ جو داستان نظم ۾ لکيو جنهن تي مثنوي
حُسن و ناز نالو رکيائين. جناب حسام الدين راشدي
تاريخي ثبوت موجب هن نتيجي تي پهتو آهي ته مثنوي
حسن و ناز سال 1002هه (1621ع) ۾ تاليف ٿيل آهي.
ٻيو شاعر جنهن مير معصوم جي نقش قدم تي سسئي
پنهونءَ جو داستان فارسي نظم ۾ آندو آهي سو حاجي
محمد رضا رضائي ٺٽوي هو جنهن سال 1053هه ۾ مثنوي
زيبا نگار لکي هئي. (16)
مرزا قليچ بيگ سنڌ جي هڪ شهر ڀنڀور جي حوالي سان
ان جو ذڪر ڪيو آهي جنهن جو راجا ڀنڀوراءِ اٺين صدي
عيسويءَ ۾ ٿي گذريو آهي ۽ سندس راءِ موجب سسئي ان
دور ۾ ڄائي هئي.
It was in the reign of this Bhambhorai that
Sasui was born, who is the heroine of many
Sindhi poems and whose love for Punhun is still
sung every where in sindh. (17)
تحفة الڪرام ۾ توڙي ان جي آڌار تي لکيل ڊاڪٽر
گربخشاڻي جي ڪهاڻيءَ ۾ آهي ته راجا دلوراءِ جي
زماني ۾ ڀانڀر واه جي ڀر ۾ ناتيا (18) يا نائون
(19) نالي ٻانڀڻ جي گهر ۾ سسئيءَ جنم ورتو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به ان قصي بابت کوجنا ڪئي آهي.
سومرن جي دور ۾ مشهور ٿيل قصن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو
انهن مان اوائلي داستان غالباً سسئي پنهونءَ جو
آهي. جنهن جو بنياد سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ ۾ قافلن
ذريعي واپار واري ماحول تي ٻڌل آهي. (20)
سنڌي شاعريءَ ۾ ڏسبو ته تقريبا سڀني سنڌي ڪلاسيڪي
شاعرن سسئيءَ جي ڪردار کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو
آهي. جن مان سڀ کان وڌيڪ شاهه لطيف کيس ڳايو آهي.
سسئيءَ جو ڪردار:
سسئي پنهونءَ جو قصو مختلف ٻولين ۾ ڪجهه اختلافي
نڪتن کانسواءِ تقريباً ساڳيو آهي. سندس هندو
(برهمڻ) اصل نسل، نجومي جي اڳ ڪٿي، درياهه ۾
لوڙهجڻ، هڪ ڌوٻيءَ کي ملڻ ۽ پنهونءَ جو بلوچن جي
قافلي ۾ اچڻ، سسئيءَ سان ملاقات کانپوءِ عشق جو
تير ٻنهي طرف لڳڻ... پنهونءَ جو ڌوٻي بنجي ڪپڙا
ڌوئڻ ۽ پاڻ کي ساڳي ذات جو ثابت ڪرڻ کانپوءِ
سسئيءَ سان شادي ڪرڻ... سسئيءَ جو غافل ٿيڻ،
پنهونءَ جو ڀائرن ۽ دوستن هٿان اٺن تي زوريءَ واپس
کڄي وڃڻ ۽ سسئيءَ جو سندس ڳولا ۾ نڪرڻ سڀني قبول
ڪيو آهي.
ڪنهن سمورو قصو بيان ڪيو آهي ته ڪنهن ڪي ٽڪرا کنيا
آهن پر شاهه صاحب پنهنجي مخصوص انداز ۾ پنهنجي
سورمي سسئي جي سڪ ۽ سورن جو ذڪر ۽ پنهونءَ جي
ڳولا ۾ جهر جهنگ جهاڳڻ جو احوال ڏنو آهي ۽ اهو
اهڙي ته سوز ۽ ساز سان ڪيو اٿس جو سندس اها سڪ
وندي سورمي ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جي دلين ۾ همدردي ۽
پيار جا جذبا پيدا ڪري ٿي وٺي. سندس بيان ۾ ايڏو
ته ميٺاج ۽ سڪ ڀريل آهي جو پڙهندڙ سسئيءَ جو
شيدائي ٿيو پوي. سسئيءَ جا پنج ئي سُر سندس سُورن
جو داستان آهن.
سُر سسئيءَ آبري:
جيئن آبري لفظ جي معنيٰ مان ظاهر آهي ته
سسئي هڪ اڀري، نٻل ۽ ضعيف عورت، ڪيئن ٿي عشق جي
راهه ۾ اڳتي وڌي ۽ ڪيئن ٿي راهه جي رڪاوٽن کي منهن
ڏي، هڪ ڀيرو جانب جو جمال پسڻ کانپوءِ، سندس جلوو
ڏسڻ کانپوءِ، سندس سونهن مان سرڪ ڀرڻ کانپوءِ، ڪٿي
ٿو صبر ٿي سگهي.
پسي جهاجهه جمال جي جنين پيتي پڪ
اپر اڳانجهو ٿيو، سور انين کي سِڪ
هڏ نه ڀڳين هڪ، سدا سائر سير ۾
اها محبوب سان ملڻ جي سڪ، پرين پسڻ جي پياس ۽
تن جي تئونس اصل سُک سمهڻ نٿي ڏيس، اها اندر جي اڃ
به پنهون پاڻ ئي لاهي سگهي ٿو:
محبت جن جي من ۾ تن تشنگي تار
پي پيالو اڃ جو، اڃ سين اڃ اٿيار
پنهون پاڻ پيار، اڃ سين اڃ اجهايان.
اها عشق جي آگ پرين پسڻ کانپوءِ گهٽجڻ بدران
پاڻ وڌيڪ پئي ٿي ۽ بره جي باهه مشاهدي ماڻڻ
کانپوءِ ويتر وڌيو وڃي... ۽ جڏهن انهيءَ اڃ جو ڪو
انت ٿيندو نظر نٿو اچي ته پوءِ شاهه صاحب صلاح
ڏيندو ۽ سمجهائيندو ٿو نظر اچيس:
هتاءِ کڻي هُت جن رکيو سي رسيون
ساجن، سونهن، سرت، وکائي ويجهو گهڻو.
سسئي لطيف جون اهي صلاحون ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ
همٿائڻ جا جملا ڄڻ ته هنئين سان ٿي هنڊائي.
جيتوڻيڪ اهو زمانو اهڙو هو جو ماڻهو کي سندن مائٽ،
دوست، يار، روحاني رهبر ۽ اڳواڻ دانشور شاعر اهڙي
موقعي تي صبر ۽ شڪر ڪرڻ جو سبق ڏيندا هئا ۽ لکيو
منجهه نراڙ چئي چپڙي ڪري وهڻ جو سبق سيکاريندا
هئا... خود شاهه به ڪيترن موقعن تي انهيءَ تقدير،
لکئي ۽ قسمت ۾ يقين ڪندو نظر اچي ٿو جيڪو عام طور
بي همت ۽ بي پهچ هئڻ جي شديد احساس جي نتيجي ۾
پيدا ٿيندڙ بي يقيني ۽ فرسٽريشن کي ختم ڪرڻ لاءِ
ضروري سمجهيو ويندو هو... پر سسئي جي ڪردار ۾ شاهه
صاحب کي بي همت يا بي پهچ هئڻ جو ڪوبه اهڃاڻ نه
مليو ان ڪري هو سندس واتان اهو چورائي ٿو:
صبر ۽ شڪر کي، ڪاڏي آئون ڪندي؟
آئون جنهن سندي سو ته گهرجي ساڻ مون.
هڪ ته پنهنجي اندر ۾ اڳئي عشق هجي مٿان وري
سچي جذبي جهڙو ڪو سچو سونهون ملي پوي ته ڪهڙو به
ڪمزور ۽ نٻل انسان هوندو، همت اچي ويندس، پوءِ نه
راهه جون رڪاوٽون روڪيندس نه پنڌ ۽ پيچرا
ڊيڄاريندس، نه اُسون لڪون جهليندس ۽ نه ئي ڪو ثمر
ساٿ کڻڻ جي سمجهه ايندس. بس اهوئي سسئي سان ٿيو.
هوءَ ڄڻ ته پنهنجي هوت سان هيڪاندي ٿيڻ لاءِ سڀ
سور سِر تي کڻڻ لاءِ تيار ٿي وئي:
واقف نه وڻڪار جي، پاڻي کنيم نه پاءُ
جبل جلدايون ڪري، تک ڏيکاري تاءُ
لڳي لڪ لطيف چئي، معذورن مٿاءُ
اتي اوڏو آءُ، جت هوت! هيڪلي آهيان.
جيتوڻيڪ رستو ڏاڍو اڙانگو هو، موسم ڏاڍي سخت
هئي جهنگ جا مرون ۽ نانگ بلائون وات پٽيو ويٺا هئا
ته به محض پنهنجي عشق جي آسري اڪيلي ۽ بي آسري
سسئي هڪ ڌڻيءَ جي آسري اٿي هلي هئي.
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سڄن نيلا
اتي عبداللطيف چئي، ڪيا هيڪلين حيلا
جت ڪڙم قبيلا، ات رسج رهبر راهه ۾
سفر جا سور سختيون به سٺائين:
پيرين پيم پُرڪڻا، رهه ۾ گهڻو رنوم
پاراتو پرينءَ کي تپي تان نه ڏنوم
چُڪي تي چيوم، سُواهرو سڄڻين.
ته به پرينءَ کي پاراتو ڪانه ٿي ڏي، ها البت
پنهنجو پاڻ کي ضرور ٿي ڏوهه ڏئي ته مون کان غلطي
ٿي جو مون سڱ سڃاڻي ڪونه ڪيو.
ڀينر آئون ڀوري، مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو
ڏيندا مون ڏير ويا، جهڄڻ ۽ جهوري
لڳي جن لوري، ڏونگر سي ڏورينديون.
جي خبر هجيم ها ته اها ٿوري دير جي ملاقات،
ورهين جو وڇوڙو ڏئي ويندي ۽ اهڙي ته جيءَ کي جهوري
ڏئي ويندي جو انهن جتن جي ڪاڻ سُهڻي پوندم ته جيڪر
پنهونءَ سان اها رتيءَ جي رهاڻ نه ڪريان ها!
اديون! آئون اڄاڻ، مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو
هوند نه سٺيم هيتري، ڪوهياري جي ڪاڻ
رتيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايم جت سين.
پر هاڻ ته ڪجهه نٿو ٿي سگهي، هاڻ ته عشق جو
ڪان ڪپار ۾ لڳي چڪو، ڪيچ ڌڻيءَ جي ڪاڪلن سسئيءَ کي
ڪهي ڇڏيو ۽ سندس سهڻي روپ سُک ڦٽائي وڌس، هاڻي
ڪيئن آرام اچيس؟
جدائيءَ جو جام، ڏنائون ڏکيءَ کي
منگل منهنجي من ۾، ٻاريو هوت حمام
آرک ٿيو آرام، ڪاڪل پسي ڪانڌ جو.
ان کانپوءِ پرينءَ پٺيان ويندي جيڪڏهن پشم
جهڙا ڪنئرا پير ڦٽجي سيرون سيرون ٿي وڃن ته به
پرواهه ناهي، من ائين محب ملي پوي.
پير پٽائين ڪنئرا، ڏونگر مٿي ڏي
ڦئا ڦڻ فقير جا، سِيرون ٿئڙا سي
جهڙي تهڙي حال سين، پُري پنهونءَ ڏي
وڃي مان وَري، ٻانهيءَ ٻنڌڻ جنهن سين.
هن سموري سُر ۾ سسئيءَ جي هڪ ڪمزور ۽ اڀري
عورت هئڻ جي احساس ڏيارڻ جي باوجود، نازڪ ۽ ڪنئرن
هٿن پيرن ۽ نٻل بدن جي باوجود، پنهنجي منزل ماڻڻ
لاءِهٿ پير هڻڻ سان گڏ هنئين سان هلڻ جو جيڪو ذڪر
ڪيو ويو آهي اهو سسئي کي ته هڪ تمام مضبوط ارادي ۽
سگهاري ڪردار واري عورت ثابت ٿو ڪري پر ان جي
معرفت شاهه صاحب عام ماڻهوءَ کي به هڪ قسم جو
پيغام ٿو ڏي ته جيڪڏهن عزم ارادو ۽ جذبو موجود هجي
ته پوءِ ڪوبه مقصد ماڻڻ ڏکيو ڪونهي، ڪوشش شرط آهي
ڪنهن به مقصد تائين پهچڻ لاءِ. ڪاميابي ڪوشش ڪرڻ
وارن جو نصيب آهي:
وڏو طالع تو، جيئن لڳينءَ پير پنهونءَ جي
سسئيءَ! ان ستون کي، رويو رويو رو
ويٺي هت مَ هو، هلين ته هوت لهين
وهڻ سان ڪجهه ناهي ملڻو، هوت کي حاصل ڪرڻ لاءِ
هلڻو پوندو آهي:
ويٺي ور نه پون، ستي ملن نه سپرين
جي مٿي رندن رون، ساڄن ملي تن کي.
جڏهن ويچاري هڪ ضعيف زائفان، اڌر، نڌر، اڀري،
اسونهين پنهنجي ور لاءِ هيج ۽ حب مان ڪئين ڪشالا
ڪڍڻ لاءِ تيار آهي ته پوءِ ڪئين نه ٿا ٻيا ائين
ڪري سگهن؟ ڇو نه ٿا عام ماڻهو اهڙي سگهه سارين،
اهڙوجذبو ڌارين:
اڌر نڌر اڀري اسونهين آهيان
لڙڪ لعل لطيف چئي، ور لئه وهايان
هيجا هنجون حب ۾، هوتن لئه هاريان
جانب ضعيفيءَ سين پنهون پهايان
پيهان پچايان، جي مان نيهو پاڻ سين.
۽ انهيءَ حاصلات لاءِ، ڪاميابي لاءِ، سختيون
سهڻ ۽ آزمائشن مان گذرڻ لاءِ تن من کي تيار ڪرڻو
پوندو آهي ۽ پنهنجي جزبي کي پاڻ سان ٻيل کڻڻو
پوندو آهي. حق لاءِ هيڪلوئي هلڻو پوندو آهي، جي
ساڻ هوندا به ته ڏک ۽ سور جن کي سمجهڻ جي سگهه به
اهو جذبو ۽ ان جي سچائي ڏيندي آهي، ان لاءِ سسئيءَ
وانگر چوڻو پوندو آهي:
هيڪليائي هيل، پوريندس پنهونءَ ڏي
آڏا ڏونگر لڪيون، سوريون سڄن سيل
ته ڪر ٻيلي آهن ٻيل، جي سور پريان جا ساڻ مون
سُر معذوري:
سُر معذوريءَ ۾ سسئي جو ڪردار اڃا ڪجهه مختلف
ٿو نظر اچي. هوءَ هڪ معذور، ضعيف ۽ ڏکن ڏڌي عورت
ڪهڙيءَ ريت ٿي پنهنجي راهه تي رمندي وڃي. هر قسم
جي لالچ ۽ لوڀ ڇڏي سکن ۽ آرام کي ڦٽو ڪري، دنيا جي
ڏيکاءَ لاءِ پاتل ويس وڳا لاهي، سڀني کي سوڀ پائڻ
لاءِ سڏ ڪري ٿي:
سڀ ننگيون ٿي نڪرو لالچ ڇڏي لوڀ
سپيريان سين سوڀ، ننڊون ڪندي نه ٿئي
هتي سڀ مان ڇا مراد آهي؟ اهي جيڪي زندگيءَ
جو ڪو مقصد رکندا هجن، جيون جي ڪا جنگ جوٽيندا
هجن، انهن
سڀني کي سسئي سڏ ٿي ڪري چوي ته جي سوڀارو ٿيڻو اٿو
ته دنيا جا لڳ لاڳاپا، لوڀ لالچون وسارڻا پوندا.
جيڪڏهن هوند جي چڪر ۾ پيا، گهڻو حاصل ڪرڻ جي هوس
ڪيو ته ڪجهه به ڪونه ملندو. جي ڪجهه به نه هوندي،
اڻهوند ۾ صرف ۽ صرف پنهنجي جذبي جي سچائيءَ سان
ساجن کي سنڀاليندؤ ته اهو حاصل ٿيندو.
هوندئا هوت پري ٿيو، اوڏو اڻهوند
ساجن تن سري، لا سين لڏين جي
۽ انهيءَ راهه ۾ ايندڙ مشڪلاتون به خوشيءَ
سان برداشت ڪري سگهبيون.
ڪنڊا مون پيرن ۾ توڙي لک لڳن
آڱر آڱوٺي نه مڙي، ڇپون پير ڇنن
ويندي ڏانهن پرين، جتي جات نه پائيان.
انهيءَ راهه ۾ موت کي ته ليکڻو ئي ناهي ۽ جي
مقصد لاءِ موت به ملي پوي ته اهو زندگيءَ کان وڌيڪ
سمجهجي، جو اهو موت عشق کي ته ماري مات ڪونه ڪري
سگهندو بلڪ انهيءَ موت سان عشق کي زندگي ملي
پوندي، محبت کي مان ملي پوندو:
مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿين نه مات
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.
يا وري
هيڪانديءَ هوئي، اٿي رات روان ٿيا
ساهه سڳي ۾ سور جي پنون وئو پوي
رهه قضا! دم ڪوئي، ته هيڪر هيڪاندي ٿيان.
مرڻ کان ڪو دم اڳ هوت سان هيڪاندي ٿيڻ جي تمنا
اٿس. هي اهڙو ئي جزبو آهي جهڙو ميران ٻائي وٽ ملي
ٿو. موت اچي ته ڀلي اچي پرموت کان اڳ پرين پسڻ جي
آس نه وڃي.
ڪاگا سب تن کائيو، چُن چُن کائيو ماس
دو نينا مت کائيو، پيه ديکن ڪي آس
ڪاگا نين نڪار ڪي، لي جا پي ڪي دوار
پهلي درس دکائي ڪي، پيڇي ليجو کائي (21)
ڀٽائي صاحب سسئيءَ جي همت حوصلو وڌائڻ لاءِ،
سندس دل وٺڻ لاءِ ڪيڏي نه پيار ۽ پاٻوهه مان ٿو
سمجهائي ته:
هٿين پيرن مونڙين، ڪهج ڀر ڪَپار
متان ڇوري! ڇڏئين، پريتڻي پچار
توکي سند سسئي! سندي لنءَ لغار
جي هون هوت هزار، ته پاڙج ڪو م پنهون سين.
متان ڇوري ڇڏئين ۾ شاهه صاحب سسئيءَ کي ايڏو
ته پنهنجو محسوس ڪرايو آهي جو چئي سگهجي ٿو ته
سندس دل هن ڪردار لاءِ ضرور رني هوندي. هو سندس هڏ
ڏوکي دوست بنجي پل پل پيو سمجهائيس ته پنهنجي پنڌ
۾ ڪنهن به بهاني کي آڏو اچڻ نه ڏجانءِ، ڪا به
ڪمزوري قبول نه ڪجانءِ، سسئي ويچاري کي واٽ ويندي
ڪو واٽهڙو به ڪونه ٿو ملي جنهن کي نياپو ڏي تڏهن
لهندڙ سج کي ٿي سنيهو ڏي:
آئون نه گڏي پرينءَ کي، تون ٿو لهين سج
آئون جي ڏيئين سنيها، نيئي پريان کي ڏج
وڃي ڪيچ چئج، ته ويچاري واٽ مئي!
اهو واٽ مرڻ يا مقصد جي راهه ۾ مرڻ پڻ اهميت
رکي ٿو جيتوڻيڪ هوءَ پرينءَ کي پسڻ کان سواءِ مرڻ
به نٿي چاهي:
آئون نه گڏي پرينءَ کي، پويون ٿيو پساهه
سڪان ٿي سڪرات ۾، رويو پڇان راهه
شال مَ وڃي ساههُ، ڌاران پسڻ پرينءَ جي
سُر معذوري ۾ سسئي جي ڪردار تي نظر وجهجي ته
سندس ثابت قدميءَ تي حيرت ٿي ٿئي. رستي ۾ ايندڙ
ماڻهو، مرون، پکي پکڻ، وڻ، ٽڻ، جبل جهنگ سڀني کان
پنهونءَ جو ڏس پڇندي اڳتي وڌندي ٿي ڏسجي.
It describes the helpless, pitiable condition of
Sasui in quest of Punhoon. (22)
هڪ بي وس عورت جي حالت رحم جوڳي هوندي به
ساراهڻ کانسواءِ نٿو رهي سگهجي.
سرديسي:
هن سُر ۾ پرديسي سيڻ ڪرڻ جو پڇتاءُ آهي،
دوريءَ جي اهڃاڻن اٺن جو ذڪر آهي، ڏيرن ۽ ڏونگرن
جي ڏنل ڏکن جو ذڪر آهي.
Sur Desi, (native) is so called because it
emphasises that connection Should only be with
fellow natives and not aliens.
ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين؟
لڏئو، لاڏوڻا ڪِئو، پنهنجي ديس وڃن
پڄاڻا پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان.
اهي ڌاريان پنهنجا نه ٿيا هئس نه ٿيا،
ڪيتري آجيان ڪيائين:
ڌريائين ڌار مٽ مئيءَ جا نه ٿيا.
آخر جڏهن وس نٿو هليس ته پوءِ ڪاوڙ ۾ اچي
پنهنجي آڏو ايندڙ هر رڪاوٽ کي پنهنجي همت سان
هٽائڻ جو عزم ٿي ڪري.
ورَ ۾ ڪونهي ور، ڏيرن ور وڏو ڪيو
نهارينديس نڪڻي، بوتن ڪارڻ بَرُ
آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿين.
جڏهن سمجهي ٿي ته شايد بلوچ پنهنجي اُچي
ذات سبب مون کي کٽياڻي سمجهي، گهٽ ذات ڄاڻي ڇڏي
ويا آهن، تڏهن انهن کي پنهنجي اصل بابت ٿي ٻڌائي:
پريٽن پالياس، ٻانڀڻ ٻيٽي آهيان
حسن هوت پنهونءَ جي، ماري موت وڌياس
جانڪين تان جيئنداس، پيس ور وصال جي.
اهو ساڳيو پنهون جنهن سسئيءَ کي حاصل ڪرڻ
لاءِ پاڻ بيهي ڪپڙا سٽيا هئا، ان وقت ته اهڙو خيال
ڪونه آيو هئس! اهو خيال شايد آرياڻيءَ جي قاصد ڪنن
۾ وڌو هئس.
گڏيو ڌوٻين ڌوءِ پنهون پارچو هٿ ۾
اتي آريءَ ڄام جو قاصد آيس ڪوءِ
اي ڪامل! ڪم نه سندوءِ، جئن پهس پڇاڙئين پوتيين.
پريت جو پيچ پائي پنهونءَ کي وڃڻ نه گهرجي
ها. سسئيءَ جي ننڊ جو ته بهانو ٿيو. هو اهڙو ويو
جو سسئيءَ ويچاريءَ جون ننڊون حرام ڪري ويو.
سڪي جان ستياس، تان سڪ سمهڻ نه ڏي
جاڳي ستيس جن لئي، سي آيا تان نه اٿياس
ڀينر آئون ڀلياس، نت سِڪ سمهڻ ڇا لڳي.
سُر ڪوهياري:
سُر ڪوهياري ۾ سسئيءَ جو ڪوهن، جبلن،
ڏونگرن لڪن ۽ ٽڪرن سان ٽڪرائڻ جو عزم ٿو نظر اچي.
جيتوڻيڪ نڀاڳي ننڊ ۽ ٿورڙي دير جي غفلت سڀني
مصيبتن جو سبب هئي پر پنهنجي پيار جي طاقت سان
هوءَ انهن مصيبتن کي منهن ڏيڻ جو ارادو رکي هلندي
رهي. پنهنجي ننڊ جو نتيجو ڏسيو ويٺي هئي. سو چوي
ٿي:
الوڙو اکين، آيم ننڊ اڀاڳ کي
هاڻي هن ڀنڀور ۾ گهاريان ڪارڻ ڪن
اديون اوٺيڙن، هيين سين هاڃو ڪيو
شاهه صاحب به سسئيءَ کي انهيءَ سُستي ۽
ننڊ تان ڇينڀ ٿو ڪڍي:
ستينءَ پير ڊگها ڪري، وڏي ڄاڙ ڪياءِ
در ڀر اڀيين دوس جي ته سرٻر هوند سياءِ
اصل آريءَ ڄام جي سڳي تون نه سياءِ
پنهونءَ سين پياءِ، ٿي نڀاڳي ننڊون ڪرين!
ان ريت شاهه صاحب سسئيءَ کان سواءِ هر
ڪنهن ماڻهوءَ کي ڄڻ ته نڀاڳي ننڊ ڇڏي هر وقت سجاڳ
رهڻ ۽ عمل تي آماده ڪرڻ جي نصحيت ٿو ڪري:
ان ڪم ڪميڻن جو جئن سمهن پير ڊگها ڪري
لوچين ڇو نه لطيف چي، هاري لئه هوتن؟
ننڊ نڀاڳن کي اوڀالا اچن
سي پنهون ڪوهه پڇن، جي سنجهي رهن سمهي.
ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ جو سبق ڏئي پوءِ ڏاڍن
ڏونگرن سان جهيڙو ڪرڻ جو ڏس ٿو ڏي، جيڪي پنهونءَ
جي پنڌ جون وڏيون رنڊڪون آهن:
ڏونگر! ڏک سنداءِ پرين گڏجان ته چُئان
ڀني ٿيين ڀوار تون، ٻيا وِنگا ور سنداءِ
چڱي ڪانه ڪياءِ، پير وڃايئه پرينءَ جو
اهي جبل ته جاڙون ڪندا آهن، پهڻ پير پٿون
ڪندا آهن، انهن کي ته منهن ڏيڻو آهي، پر ڪجهه
پرينءَ کي به ته انهن جو احساس ٿئي، ان لاءِ واڪا
ڪرڻ به ضروري آهي:
ڏونگر! ڏوراپو پهرو چُنديس پرينءَ کي
پَهڻ پير پٿون ڪيا، تريون ڇنيون تو
رحم نه پيئي روح ۾، قدر منهنجو ڪو
واڪا ڪنديس وو! مون سين جبل ٿو جاڙون
ڪري.
ڏونگر کي اهي ڏوراپا به ٿي ڏي، ڏک به ٿي
ڪڍي ته وري هيڪلائيءَ جو ساٿي سمجهي اندر جو حال
به ٿي اوري. ويچاري نماڻي نڌر ناريءَ کي گڏجي رهڻ
لاءِ به رڳو اهو ئي ٿو نظر اچي:
ڏونگر! مون سين رو، ڪڍي پار پنهونءَ جا
سڄڻ هوم هيڪڙو، ويو ڦوڙائي سو
ڪنهن کي ڏيان ڏوهه، مون سين ايرادي ائين ڪيو
۽ سچ
ته سسئيءَ جو سُر ته ڏونگر جو به ڏيل ڏکويو وجهي:
ٻيئي ويٺا رون، ڏکي ڏونگر پاڻ ۾
ڪنهن کي ڪين چون، منجهن جو پريتڻو
اها جهوري ۽ اهو جهڄڻ آخر ڪڏهن ڪم ايندو.
پنهونءَ ته پرچندو نظر نٿو اچيس، تڏهن منٿون ٿي
ڪري، ليلائي ٿي، پنهونءَ جي خدمتگار، گولي، ٻانهي
۽ ڪنيز ٿي گذارڻ جو وچن ٿي ڪري، پنهنجو مان گهٽائي
ٿي ڇڏي:
ڪنيزڪ ڪيچين جي، ٻانهوٽي ٻانهي
سي ڪيئن وڃن وسري، جي جيءَ اندر جاني
اڱڻ اماني شال ڪيچين جي ڪامَ ٿئي
سسئيءَ جو اهو حال چڱن چڱن مضبوط دل وارن
جي دل کي لوڏيو، پگهاريو وجهي، سندس سور جو ڪو
ڪاٿو ڪونهي:
حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪريان ذري
لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري
وڃن وڻ ٻري، اوڀڙ اوڀڙي ڪين ڪي.
اها مرن جي ماٺ، ڏونگرن جو ڏرڻ، وڻن جو
ٻرڻ ۽ ويراني ڇا جي علامت آهي؟ اهو آهي بي انتها
ڏک ۽ صدمو جيڪو سسئيءَ لاءِ ڪير محسوس ڪري سگهي
ٿو. جيئن ڪربلا جي ڪٺلن لاءِ صدمو محسوس ڪيو آهي.
اهڙو احساس وري اسان کي ملي ٿو سُر حسيني ۾.
سر حسيني:
Sur Hussaine is a kind of dirge of a wail on the
woes and martyrdom of Sausi, recalling in her
thirst and death agony, the martyrdom of Hussain.
(24)
سڃ، اڃ ۽ رُڃ اهڃاڻ آهن ڪربلا جا. اهي
سسئيءَ کي به سامهون ٿيا ۽ هوءَ ثابت قدم رهي:
سرتيون! سُڄي سُڃ، متان ڪامون سان هلي
پاڻي ناهي پنڌ گهڻو، اڳيان رائو رڳي رُڃ
مڇڻ مري اُڃ، ڪا ڏي پاراتو پرينءَ کي
اهو ممڪن ئي تڏهن ٿيو جو سندس نينهن
پنهونءَ سان پختو هو:
جئن جئن، تپي ڏينهه، تئن تئن تاڻيان پنڌ ۾
ڪو آڳانجهو نينهه ٻانڀڻ ٻروچن سين
انهيءَ ڪري هر قسم جي حالتن ۾ هلندو رهڻو
اٿس. اها ڳالهه وري وري شاهه ياد ڏياريندو ٿو رهي.
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو
۽ اهو ئي سبق اسان سڀني کي به ڏنو اٿس ته
ويسرائپ هميشه پرينءَ جا پيرا گم ڪري ڇڏيندي آهي.
اڄ جو ڪم سڀاڻي تي ڇڏڻ بدران هر حال ۾ هيءَ ئي ويل
هلڻ جي لاءِ سنڀاريو، دل ۾ ڪو اهڙو درد ڌاريو جو
سڄڻ اوهانکي ڏيکاري:
ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرينءَ جو
سهائي سورن، ڪئي هيڪاندي هوت سين.
جيڪڏهن ڏک منزل جو ڏس ڏئي سگهن ٿا، گوندر
گس ڏيکاري سگهن ٿا ته اهي سو سکن کان بهتر ڀانئڻ
گهرجن، اها ڳالهه سسئيءَ کي سمجهه ۾ آئي هئي تڏهن
ته چيائين:
سو سکن ڏيئي، ورهه وهايم هيڪڙو
مون کي تنهن نيئي، پير ڏيکاريو پرينءَ جو
سسئيءَ ويچاري کي ته سُور جهڙو ڪر سَيج ۾
مليا هئا ان ڪري سورن جو ساٿ هر دم اٿس. جيڪڏهن
سور سڪ جو ثمر آهي ته اهي به سسئي کي پيارا آهن ۽
پرينءَ جي ڏنل ڏکن جو هر دم آڌرڀاءُ ٿي ڪري، شاهه
صاحب جو پاڻ به اهڙو ئي فلسفو آهي:
Shah Latif does not discourage sorrows, indeed
he considers them as his friends and requests
them to stay with him.(25)
پر ٻين عاشقن وٽ انهيءَ سور، انهيءَ ڏک
کان ڄڻ ته فرار ملندو. هنديءَ جو مثال ڏسو.
جو مين ايسا جانتي پريم ڪئي دک هوئي
نگر ڍونڍورا پيٽتي، پريم نه ڪيجي ڪوئي.
(26)
پر سسئي انهن سورن کي پنهونءَ جي پيار جو
انعام ٿي ڀانئين.
سُور مَ وڃيجاهه، سڄڻ جئن سانگ ويا
پرينءَ پڄاڻاءُ، آئون اوهان سين اوريان
اهي سور ڪنهن سان سلڻ جا به ته ناهن، ڪير
آهي جنهن کي اهو منجهه ڏجي:
سورن لڌو سجهه، پاڻهي پيهي آيا
ڪنهن کي ڏيان منجهه؟ مَرُ تان چڻڪن چت ۾.
جيڪڏهن ممڪن هجي ها ته اها سڪ ۽ اهي سور
ورهائي ٻين کي ڏجن ها پر ائين ٿيڻ ممڪن ڪونهي، ٻيا
انهن مان ڇا ڄاڻندا؟ جنهن کي لوري لڳندي اهوئي
انهن جي سمجهه رکندو. سسئيءَ کي اها لوري لڳل هئي
ان ڪري هن وٽ ته سورن جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي:
مٺ مٺ سورن سڀڪهين، مون وٽ وٿاڻان
ڀريون ڪئو ڀاڻان، وئا وهاڻوُ نڪري
اها سورن جي سُتي ويچاري سسئي ڄمڻ مهل کان
پيتي هئي. ڄائي ته درياهه ۾ لوڙهي ويئي، وڏي ٿي ته
وَر وڇورو ڏئي ويس ۽ ڏکن ڏيل ڏکويس، پنهونءَ پٺيان
ڏونگر ڏورڻا پيس تڏهن ته چوي ٿي:
سُورن سانڍياس، پورن پالي آهيان
سکن جي سيد چي، پکي نه پيياس
جيڪس آئون هياس، گري گندر وَل جي
۽ پڇاڙيءَ ۾ مرڻ پڄاڻا نيٺ وڃي پنهونءَ پيراندي
نصيب ٿيس:
سسئيءَ جي سري سان، ڪيچ ڌڻي ڪانڌي
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، منڌ هئي ماندي
لڪن تان لطيف چئي، آرياڻي آندي
پنهونءَ پيراندي، نماڻيءَ نصيب ٿي.
سسئيءَ جي پنجن ئي سُرن ۾ سسئيءَ جي ڪردار
تي نظر وجهڻ کانپوءِ چئي سگهجي ٿو شاهه صاحب ان کي
اهڙي طرح اڀاريو آهي جو هوءَ هڪ مام وفادار، پيار
واري، بهادر ۽ اڏول عورت نظر اچي ٿي، جيڪا قسمت تي
ڀاڙي وهڻ بدران منزل ماڻڻ لاءِ ڪشالا ڪڍي ٿي، رڻ ۾
رلي ٿي ۽ هر قسم جي حالتن ۽ ويرين جو مقابلو ڪري
ٿي. پنهنجي جسماني تڪليفن ۽ سُرن کي اصل نٿي
ليکي.... سندس سڪ ۾ سچائي آهي ۽ اها سچائي سندس
سگهه بنجي کيس اڳتي وڌندو رهڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ڏکن
کي سکن جي سونهن سمجهي هوءَ انهن کي سونهون بڻائي
هلندي رهي ٿي. ايڏا ڏک سُور هوءَ صرف هڪ انسان
لاءِ سهي ٿي، هڪڙي پنهونءَ جي ذات لاءِ برداشت ڪري
ٿي تڏهن به ان لاءِ دل ۾ ڪو برو خيال يا بيزاري ۽
ڪاوڙ نٿي اچيس. سندس خلوص ۽ سڪ جي انتها اها آهي
جو سخت حالت ۾ وڌ ۾ وڌ پريشان ٿي پنهونءَ کي جيڪو
پاراتو ٿي ڏي، سو به اهو ته:
پنهل پاراتو، ڏيانءِ ٻئي هٿ کڻي
جڙيو هوندين جڳ ۾، عمر ٿيندءِ گهڻي
ڏيندءِ رزق ڌڻي، اچي ويهه اسان جي راڄ ۾
پنهون ته ڇا، سندس ڀائر جن ساڻس اها ويڌن
ڪئي ۽ ڄاڻي واڻي پنهونءَ کي پاڻ سان وٺي ويا ۽ هڪ
طرح سان سسئيءَ سان دشمني ڪيائون:
ڏونگر ڏولائو ڏيندا مون ڏير ويا.
تن جو به برو نٿي چاهي ۽ سندن لاءِ خير جي
دعا ٿي گهري... اهي ته پنهنجي سڄڻ جا سڳا هئس پر
جن اٺن تي چاڙهي پنهونءَ کي ڪيچ ڪاهي ويا تن اٺن
تان به گهوري ٿي وڃي.
جنين جت نيو تن گهوري آهيان
جڏهن ته ڪجهه ٻين ٻولين ۾ ساڳيا اٺ سسئي
پٽي ٿي، پنجابي شاعر چوي ٿو:
اهو اٺ جنهن پنهون کي ڀڄايو
شل مري، دوزخ داخل ٿئي
شل ان کي عشق جي آڳ لڳي
۽ سسئيءَ وانگر جلي.
(ترجمو)
(سسئي هاشم) (27)
|