مجموعي طرح مٿئين سموري قصي ۾ شاعرن (چارڻن) جي
بيتن ۽ روايتن مان سنڌ جي عورت جو جيڪو روپ سامهون
اچي ٿو سو هي آهي ته هيٺين يا وچولي طبقي جي عورت
پردو نٿي ڪيو. چنيسر ماڙيءَ ۾ بيٺل عورت تي موهت
ٿي ساڻس شادي ڪئي. ٻن شادين جو رواج هو، ڏاڏي پوٽي
زال توڻي سندس اولاد کي وڌيڪ مانائتو سمجهيو ٿي
ويو. ماءُ جي عزت هئي ۽ ڪنهن مسئلي ۾ ان کان پڇڻ
جي روايت ثابت ٿئي ٿي. پر ان جي راڄ ڀاڳ جي معاملن
۾ راءِ وٺڻ بزدلي ۽ مردانگيءَ خلاف ٿي سمجهيو ويو.
پيءَ جي ورثي ۾ ڌيءَ جي حق کي اصولي طرح تسليم به
ڪيو ٿي ويو پر عملي طرح تي مامرو بگڙي ٿو وڃي ته
ٻئي طرف ڀيڻ جنهن ڀاءُ جي حق ۾ دستبردار ٿئي ٿي ان
کي پڳ نٿي ڏني وڃي. يعني ته ٻنهي صورتن ۾ عورت جي
راءِ يا فيصلو عمل ۾ نٿا آندا وڃن.
مٿين روايتن ۾ ٻاگهيءَ جو ڪردار به ڪافي
اڀري ٿو بيهي. هوءَ هڪ عقلمند ڀيڻ آهي ۽ پنهنجي
وڏي ڀاءُ جي حق ۾ فيصلو ڏي ٿي. حق ناحق جي شناس ۽
قومي غيرت اٿس جو ظالم ۽ ڌارئي بادشاهه سان ناتو
ڳنڍڻ کان پنهنجي زندگي ختم ڪرڻ بهتر ٿي ڄاڻي.
سونيءَ جي ڪردار ۾ عورت جي معصوم جذبن جي عڪاسي
ملي ٿي. مطلب ته سنڌ جي روايتي شاعريءَ ۾ سومرن جي
دور ۾ دودي چنيسر جي قصي سان لاڳاپيل ڳاهن، بيتن ۽
روايتن ۾ عورت جو جيڪو روپ اڀري اچي ٿو سو سنڌي
سماج ۾ عورت جي مجموعي ڪردار کي چڱي طرح ظاهر ڪري
ٿو.
هن دور ۾ ٻيا سڀ داستان ۽ قصا مثلاً سسئي
پنهون، عمر مارئي، مومل راڻو وغيره سومرن جي دور
جا هئڻ جي باوجود هن دور جي شاعرن جي واتان نه
پهتا آهن. بلڪه پوءِ جي دور جي شاعرن انهن بابت
ڳايو آهي.
سمن جو دور:
سما سنڌ ۾ سن 1350ع کان سن 1560ع تائين
حاڪم رهيا، ان دور جا ڀٽ ۽ ڀان سمن حاڪمن مان خوش
هئا ڇاڪاڻ جو هو کين گهڻو ورسائيندا هئا. سمن جي
سخا بابت بيت هن دور ۾ چيا ويا. هن دور جي ڀٽن
ڀانن سومرن جي دور جي عشقيه داستانن کي به ڳايو ته
سمن سربراهن جي محبت جي داستانن کي به بيتن ۾ بند
ڪيو، جن ۾ ڄام لاکي ۽ مهر راڻي، ڄام لاءِ ۽ اوڏڻ،
ڄام اڍي ۽ هوٿل پري، ڄام جراڙ ۽ بوبنا، ڄام تماچي
۽ نوري وغيره جا قصا آهن. جيتوڻيڪ ڄام لاکو ۽ ڄام
اڍو سمن جي دور کان اڳ ٿي گذريا آهن ۽ سندن محبت
جا داستان به آڳاٽا آهن پر انهن کي توڻي ٻين
داستانن کي ڳاهن ۽ بيتن ۾ هن ئي دور ۾ ڳايو ويو.
روايت آهي ته ”ڄام اڍي جي ڀاڄائي مٿس موهت
هئي پر ڄام اڍي پنهنجو سيل رکيو. جڏهن ڄام اڍي ملڪ
ٿي ڇڏيو تڏهن ويا ڪل ڀاڄائي ورلاپ ڪيا ته:
اُتر سيگهون ڪڍيون، ڏونگر ڏمريا
هينئڙو ڦٿڪي مڇيءَ جيئن، ساجن سنبريا.
(32)
مٿين روايت جي صحت تي يا انداز بيان تي
اعتراض ڪري سگهجي ٿو. شاعر ساجن ڪهڙي معنيٰ ۾
استعمال ڪيو آهي سو چئي نٿو سگهجي ڇاڪاڻ جو سنڌي
سماج ۾ ڀاڄائيءَ جو ڏير تي موهت ٿيڻ سمجهه ۾ نٿو
اچي. پر جيڪڏهن اها روايت صحيح آهي ته پوءِ چئي
سگهجي ٿو ته هتي عورت جو ڪردار جذباتي ڪمزوريءَ جو
شڪار ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ مرد پنهنجو ”سيل“ رکي مضبوط
ڪردار جو مالڪ ظاهر ٿئي ٿو.
ڄام اُڍي ۽ هوٿل پريءَ بابت ڳاهون به هن
ئي دور جي پيداوار آهن جن ۾ ڄام اُڍي سان محبت جو
اظهار ڪرڻ ۾ عورت يعني هوٿل پريءَ کي اڳڀرو
ڏيکاريو ويو آهي. روايت آهي ته:
اُڍا توسين آر، ڪر وسرين نه سڀ ڄمار
شل ٿر – ٻاٻيهڙي ٿي مران. (33)
وري چيائين:
وساريان نه وسرن، وسرن نه سيڻ
جي نه ٽمن نيڻ، ٿر – ٻاٻيهڙي ٿي مران.
(34)
ڄام اُڍي جي هوٿل پريءَ سان شادي ٿي ان
کان پوءِ جدائي مهل هوٿل اُڍي جي يادگيريءَ ۾ چيو:
ڇپر توتي ڇٽ، وُٺي مينهن نه اجرن
ور جوين جا مٽ، نيڻ چتاريا نه چلن. (35)
جڏهن ڄام اڍو هوٿل کان وڇڙي ٿو ته چوي ٿو:
پاڻيءَ مٿي پن، جيئن ٿو ٻڏي اپڙي
تيئن هوٿل منهنجو من، لوڙهي وڌو لهرئين.
(36)
مٿيئن سڀني بيتن ۾ سنڌي شاعريءَ جي اها
روايت آڳاٽي ثابت ٿئي ٿي ته محبت جو اظهار، سڪ جو
سڏ، وڇوڙي جو ورلاپ ۽ هر قسم جي احساسن جي اٿل جو
اظهار عورت جي واتان ڪرايو ويو آهي.
هن دور ۾ اسحاق آهنگر نالي هڪ شاعر جو
هڪڙو ئي بيت مليو آهي جيڪو عشقيه شاعريءَ جي سلسلي
۾ ڳڻائي سگهجي ٿو. هن ۾ يار سان ملڻ يا سندس ديدار
ڪرڻ بابت عاشق دلگير جي ڪيفيت اڳيان اچي ٿي.
ٿيان مان جهرڪ، وهان پرينءَ جي ڇڄ تي
مان ڪرن ڊرڪ، ٻولي ٻاجهاري مون سين.
هن ۾ عورت جو ان ڇنڊڻ لاءِ ڇڄ کڻڻ جو پتو
پوي ٿو. سمن جي دور ۾ ماموين جا بيت به روايتي ادب
۾ شامل آهن پر انهن ۾ عورت جو ڪردار سامهون ڪونه
ٿو اچي. هن قسم جي شاعري زباني روايتن ذريعي محفوظ
رهي سگهي
هوندي، ان ڪري انهن ۾ ضرور ڪي تبديليون به وقت سان
آيون هونديون. پر تنهن هوندي به انهن بيتن ۽ ڳاهن
جو مفهوم ساڳيو رهيو هوندو جنهن ڪري ڪردار بابت
اشارا ساڳيا ئي رهيا هوندا. هن کان پوءِ ئي تحرير
جي ابتدا ٿيل آهي.
مجموعي طرح جڏهن اسان انهن ٻنهي دورن تي
نظر ٿا وجهون تڏهن ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته اسان جو ادب
باقاعدگيءَ سان انهن ئي دورن ۾ ملي ٿو. ”اهو دور
اهڙو هو جنهن ۾ سنڌي قوم پنهنجي قومي ارتقا جي
تاريخي عمل هيٺ وجود جي پنهنجي الڳ قومي حيثيت وٺي
رهي هئي.“ (37)
حوالا
(1)
بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر
تاريخ، (جلد پهريون“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد.
1980، ص – 130
(2)
ميمڻ، خانبهادر محمد صديق، سنڌ جي ادبي تاريخ،
حيدرآباد، 1953، ص 25.
(3)
بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر
تاريخ، ص -130.
(4)
ايضاً، ص 132
(5)
ايضاً، ص -132
(6)
ميمڻ، خانبهادر محمد صديق، سنڌ جي ادبي تاريخ، ص36
(7)
دودو چنيسر، لوڪ ورثي جو قومي ادارو، اسلام آباد،
سنڌ پريس حيدرآباد. 1973، ص -5
(8)
بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، مشهور سنڌي قصا، دودو چنيسر،
جلد پهريون، سنڌي ادبي بورڊ، 1976، ص – 12
(9)
جتوئي اقبال، دودو چنيسر، لوڪ ورثي جو قومي ادارو،
ص -6
(10)
ميمڻ، خانبهادر محمد صديق، سنڌ جي ادبي تاريخ، ص –
27.
(11)
ايضاً، ص -27
(12)
بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، مشهور سنڌي قصا، دودو
چنيسر، ص -14.
(13)
ميمڻ خانبهادر محمد صديق، سنڌي ادبي تاريخ، ص 27
(14)
جتوئي اقبال، دودو چنيسر، لوڪ ورثي جو قومي
ادارو، ص -38
(15)
ميمڻ، خانبهادر محمد صديق، سنڌ جي ادبي تاريخ، ص28
(16)
پاٽولي عبدالغني، حڪمران سنڌي عورتون، روزانه هلال
پاڪستان ڪراچي، ڇنڇر 4 فبيروري 1989.
(17)
جتوئي اقبال، دودو چنيسر، لوڪ ورثي جو قومي
ادارو، ص – 42
(18)
ايضاً، ص – 43
(19)
ايضاً، ص – 44
(20)
ايضاً، ص – 47
(21)
ايضاً، ص – 47
(22)
ايضاً، ص – 47
(23)
ميمڻ، خان بهادر محمد صديق، سنڌ جي ادبي تاريخ، ص
– 29.
(24)
ايضاً،
(25)
جتوئي، اقبال، دودو چنيسر، لوڪ ورثي جو قومي
ادارو، ص -77.
(26)
ايضاً، ص – 79
(27)
ايضاً، ص – 84
(28)
ايضاً، ص – 85
(29)
ايضاً، ص – 85
(30)
ايضاً، ص – 85
(31)
بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، سنڌي ٻولي ۽ ادبي جي مختصر
تاريخ، ص – 136
(32)
ايضاً، ص – 172
(33)
ايضاً، ص – 172
(34)
ايضاً، ص – 172
(35)
ايضاً، ص – 173
(36)
ايضاً، ص – 173
(37)
خاڪي جويو، شاهه جي شاعري سنڌي قوم جي تاريخي
شعور جي اعليٰ ثقافتي شڪل آهي، ترقي پسند ادب، 1،
سنڌو، ڪراچي، ادب اڪيڊمي ڪراچي، ص 98.
شاهه لطيف کان اڳ جي اساسي شاعريءَ ۾ عورت
شاهه لطيف جي ڪلام جي روح کي سمجهڻ لاءِ
ضروري آهي ته پهرين ان سلسلي جي ٻين اڳوڻن شاعرن
جي ڪلام کي سمجهجي جنهن سلسلي جي پاڻ هڪ ڪڙي آهي.
هنن شاعرن جي ڪلام جو سڌو يا اڻ سڌو اثر مٿس هئڻ
هڪ لازمي امر آهي. بلڪه ائين کڻي چئجي ته هيٺ
ڄاڻايل شاعرن جي ڳالهين جو بنياد وڌو، شاهه لطيف
انهن مٿان اوساري کنئي ۽ هڪ مضبوط ۽ مڪمل عمارت
اڏي جيڪا اڄ سوڌو ڪر کنيو بيٺي آهي. لطيف کان اڳ
جي ڪلاسيڪي شاعرن مان اهم نالا آهن: قاضي قادن،
شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري، ميون شاهه عنايت
۽ ميون عيسو وغيره، انهن شاعرن جو دور سمن جي دور
جي پڇاڙيءَ کان شروع ٿئي ٿو. ان کان ڪجهه وقت اڳ
جي دور ۾ پير صدرالدين جا گنان به موجود آهن ته
ڪجهه ٻين شاعرن جا بيت به، پر انهن جو سڌو سنئون
لاڳاپو شاهه صاحب واري سلسلي سان ڪونهي ان ڪري
انهن جو ذڪر هتي ڪونه ڪيو ويو آهي. ڪن ۾ وري عورت
جو ڪردار اهميت سان بيان ٿيل ڪونهي. يا وري ڪن
شاعرن جو ڪلام محض ڪجهه بيتن تي مشتمل هئڻ سبب ان
بابت ڪا راءِ قائم ڪرڻ مناسب نه سمجهندي ان کي
ڇڏيو ويو آهي. ان مان اهو نتيجو ڪڍڻ غلط ٿيندو ته
ڪو ٻيا شاعر يا اُنهن جو ڪلام هوندو ئي ڪونه، بلڪه
ائين چوڻ صحيح ٿيندو ته اهو پوءِ جي ادبي تاريخ
لکندڙن تائين پهتو ڪونه، وقت جي دز ۾ لٽجي ويو يا
ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري غائب ٿي ويو. بهرحال شاهه
لطيف جي شاعريءَ تي اثر انداز ٿيڻ ۽ هڪ سلسلي جي
موجودگيءَ جا اهڃاڻ جن شاعرن ۾ ملن ٿا انهن جو ذڪر
ڪرڻ ضروري آهي.
“The poets before Shah paved the way for him and
their verses have some times been incorporated
into Shah’s verses and at their best, are not
very much distinghuishable from his verses.(1)
انهن مان اڪثر جي ڪلام جي شاهه جي ڪلام
سان هڪ جهڙائي نمايان آهي. انهن شاعرن کي سنڌي
شاعريءَ ۾ بنيادي حيثيت حاصل آهي ۽ انهن جو ڪلام
پڙهڻ سان جيڪو سلسلو اسان جي سامهون اچي ٿو سو کين
سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي مرحليوار ارتقا ۾ اهم
جاءِ ڏي ٿو. جڏهن اسين لفظ ڪلاسيڪي استعمال ٿا
ڪريون ته بهتر ائين ٿيندو ته پهرين ان جي وضاحت
ڪجي ”ڪلاسڪ“
(classic)
لفظ جي معنيٰ انگريزيءَ جي آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ ۾ هن
ريت ڄاڻايل آهي.
1.
of the first class
2.
of allowed excellence
3.
of admitted excellence
۽ جيڪو ڪلاسڪ
(classic)
جو درجو حاصل ڪري وٺي اهو پنهنجين ڪن خصوصيتن سبب
ڪلاسيڪي سڏيو ويندو آهي. لفظ ڪلاسيڪل لاءِ ڏنل
آهي“
(2)
“Standard, first class especially in literature”
لفظ ”ڪلاسيڪي“ پنهنجي معنويت جي لحاظ کان خاص ڪري
آرٽ جي حوالي سان پرکبو ته محسوس ٿيندو ته اهو وقت
(زمان) ۽ هنڌ (مڪان) جي ٻنڌڻن کان آزاد فن لاءِ
استعمال ٿئي ٿو. وقت جهڙي هڪ سگهاري قوت فنڪار جي
جسم کي ته فنا ڪري ڇڏي پر سندس فن ۽ ان حوالي سان
سندس نالي کي بقا بخشي ٿي. اهي فني تخليقون ۽ عظيم
ادبي شاهڪار جيڪي هميشه زنده رهڻ جي سگهه رکندا
هجن ۽ وقت کي ماري مات ڪرڻ جي قوت منجهن هجي انهن
کي ڪلاسڪ جو درجو ملندو آهي.
انگريزي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪي ادب جي تحريڪ
يا ڪلاسيڪيت لاءِ وري هي خيال ملن ٿا جن ۾ عقلي
عنصر ۽ خيال جي توازن کي اهميت ملي ٿي.
“The ideal of classicism in thought and in will,
its characteristic, its methods, all resolve
themselves ingo a general searching after
rationality. The pleasure of being able to
understand the easy sense of simple orderliness,
a smooth balance of ideas as in forms, is the
end pursued” (3)
هي اهڙو ادب آهي جيڪو پنهنجي ڪڏهن نه مرڻ
واري خاصيت، ابديت ۽ عالمگير قدرن يا آفاقيت،
پنهنجي ابدي سونهن ۽ ازلي سچائيءَ سبب هميشه زنده
رهي ٿو ۽ دنيا جا لاها چاڙها، تبديليون ڦيريون،
انقلاب ۽ اٿلون پٿلون هن جي آب ۽ تاب کي ڪڏهن به
جهڪو نٿا ڪن ۽ اهو ڪنهن آبدار موتيءَ وانگي هميشه
چمڪندو رهي ٿو. اهو عظيم ادب اهڙو ته من موهيندڙ
ٿئي ٿو جو هر هنڌ هر جاءِ لاءِ هميشه سچو ثابت ٿيو
آهي ۽ هر قسم جي ماحول ۽ مزاج ۾ ٺهڪي ٿو اچي. زمان
۽ مڪان جون حدون ان لاءِ ڄڻ ته ٿين ئي ڪين.
يوناني الميه
(tragedy)
هجن، هومر جا اليڊ ۽ اوڊيسي هجن يا هندستان ۾ لکيل
ڪاليداس جا قدرتي نظارن سان ڀرپور ناٽڪ هجن، اهي
سڀ قديم ڪلاسيڪي ادب جا سٺا شاهڪار سمجهيا وڃن ٿا
۽ هزارين سال گذرڻ کانپوءِ به انهن جي سونهن جهڪي
ڪانه ٿي آهي. اسان وٽ هتي سنڌ ۾ به ضرور انهيءَ
دور ۾ اهڙو ادب پيدا ٿيو هوندو پر اهو اڻ لڀ هئڻ
سبب ان بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي، البته جيڪو ادب
لڀجي چڪو آهي ان ۾ ساڳي سگهه ۽ عالمگيريت موجود
آهي. اهڙو ادب ڀلي ڪهڙيءَ به ٻولي ۾ هجي ان ۾
موجود قدر مختلف دورن ۾ مختلف ملڪن ۾ عام مقبوليت
ماڻين ٿا. ڪلاسيڪي فنڪارن لاءِ سچائي پاڻ سونهن
آهي. هو انسان ذات سان لاڳاپيل دائمي ۽ عالمگير
قدرن جا پيش ڪندڙ آهن، هنن وٽ فارم (گهاڙيٽي) جو
مخصوص انداز آهي، موضوعن جي معاملي ۾ به هو
گهرائيءَ جا قائل آهن ۽ اهي بنيادي انساني احساس
کي تمام گهڻو متاثر ڪن ٿا. منجهن ڪنهن به قسم جي
اٻهرائي، ڪوڙي بناوٽ يا اجائي لٻاڙ بدران سادگي ۽
سونهن جا معيار ملندا. ”ايران ۾ فردوسيءَ جو
شاهنامو، روميءَ جي مثنوي، حافظ جا غزل، انگلينڊ ۾
شيڪسپيئر جا ڊراما، ڀارت ۾ ڪاليداس جي شڪنتلا، سنڌ
۾ شاهه جو ”رسالو“ اهڙا شهپارا آهن جن وقت کي مات
ڪري ڇڏيو آهي. صديون گذري ويون آهن پر اهي شهپارا
پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن ۾ اڄ به ايترا مقبول ۽ محبوب
آهن جيترا ان وقت هئا جنهن وقت اهي تخليق ڪيا ويا
هئا.“ (4)
عظيم شاعريءَ ۾، جيئن ٻي هر تحرير ۾،
موجوده حقيقتون ۽ حڪمت جا ڪي نڪتا ۽ نشان وقت جي
تبديلي سان جهڪا ۽ غير ضروري به بنجي سگهن ٿا، پر
ان جو حُسن دائمي آهي ۽ ان ۾ اهو هر زماني ۽ هر
دور ۾ من کي وڻڻ ۽ گرفت ۾ آڻڻ لاءِ موجود هوندو
آهي. (5)
ڪلاسيڪي شاعر پنهنجي لافاني ۽ لاثاني ڪلام
۾ اهڙا ته موضوع ۽ خيال، جذبا ۽ احساس پيش ڪن ٿا
جو اهي سندن شخصي تجربن تي ٻڌل هئڻ جي باوجود زمان
۽ مڪان جون حدون اورانگهي، سموري انسان ذات جا
مجموعي تجربا محسوس ٿيندا آهن ۽ انهن ۾ موجود
گوناگون مضمون ۽ موضوع، خيال ۽ فڪر جي گهرائي،
اڌمن ۽ احساس جي اونهائي، سوچ ۽ اسلوب جي سونهن ۽
سچائي هر دور جي هر خطي لاءِ ساڳي حيثيت ۽ حظ رکي
ٿي. اهڙين تخليقن ۾ شاعرن جي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جون
قديم روايتون، سندن سڀيتا ۽ ڪلچر، تاريخ ۽ تمدن جي
عظمت جا عڪس هوندا آهن، پر جيڪڏهن غور ڪبو ته اهي
سموري انساني تهذب جي تاريخ جا عڪس پيا محسوس
ٿيندا. اهڙن فنڪارن جا ڪردار به آفاقي ڪردار محسوس
ٿيندا. انهن جون سوچون، عمل، جوش جذبو، اڌما احساس
سڀني انسانن سان هڪجهڙا لاڳو ٿيندا.
”مارئيءَ وانگر سسئي، سهڻي، مومل، ليلان،
راءِ ڏياچ وغيره اهڙا ڪردار آهن جو ظاهر ۾ ته اهي
سنڌ جي داستانن جا ڪردار آهن پر حقيقت ۾ اهي ساري
دنيا جا مثالي ڪردار آهن جي دنيا وارن کي بلند
ڪرداري، عزم، جدوجهد ۽ اخلاق جا ڪيترائي سبق ڏين
ٿا.“ (6)
سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ اهڙن شاعرن جو
چڱو تعداد ملي ٿو جنهن جو سلسلو اسان جي موجوده
ڄاڻ ۽ تاريخي ثابتين موجب قاضي قادن کان شروع ڪري
سگهجي ٿو.
قاضي قادن، ميون شاهه ڪريم، لطف الله
قادري، ميون شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف اهڙن تخليقارن
۾ شمار ڪجن ٿا جن جو سر موڙ شاهه لطيف کي چئجي ته
بجا ٿيندو. بظاهر انهن بنيادي يا اساسي شاعرن جي
شاعري جو موضوع تصوف طريقت، معرفت، وحدت الوجود،
وحدت الشهود، ۽ ٻيا سلوڪ ۽ عرفان جا سلسلا رهيو
آهي. اها انهن جي دور جي تقاضا به هئي ته سندن ملڪ
جي ماڻهن جي ذهني پهچ مطابق ان دور جي ضرورت به،
”پر انهن جي ڪلام ۾ جيڪو فلسفو ۽ پيغام سمايل آهي
سو ملڪي ۽ اسلامي تصوف جي منزلن کان مٿي ٿي
عالمگير ۽ آفاقي تصور جي منزل تي پهچي وڃي ٿو.“
(7) ان ڪري انهن کي ڪلاسڪ جو درجو ڏجي ٿو. هنن
بنيادي طرح جن ڳالهين تي زور ڏنو تن ۾ پنهنجو پاڻ
سڃاڻن کي سڀني کان وڌيڪ اهميت ڏنائون. انهن جي
ڪردارن ۾ عورت کي هڪ ڏاڍو مانائتو ۽ مهان رتبو ملي
ٿو.
”قومون، ملڪ ۽ سماج پنهنجي شاعرن وسيلي
سڃاتا ويندا آهن... اهي پاڻ سان ڪو خواب، ڪو آدرشي
فڪر، ڪا فطري ڏاهپ کڻي ايندا آهن.“ (8)
سنڌ جي تاريخ جي مختلف دورن تي نظر وجهڻ
سان جيڪا مجموعي صورتحال سامهون اچي ٿي سا اها ته
سومرن ۽ سمن جي دور ۾، نسبتاً ٻين دورن جي، عوامي
سطح تي مڙئي ڪجهه امن امان هو. ان دور ۾ حب
الوطني، مڪاني ٻولي ڳالهائيندڙ حاڪمن سان
وفاداريءَ جو جذبو، ڪجهه قدر سياسي پختگي ۽ آسودگي
نظر اچن ٿا. هن دور جون سياسي، سماجي، توڙي معاشي
حالتون ضرور شاعرن جي سوچ تي اثر انداز ٿيون
هونديون ۽ هنن جي ڪلام تي اثر انداز ٿيون هونديون
۽ هنن جو ڪلام يقيناً انهن جي عڪاسي هوندو. البت
ارغـونن ۽ ترخانن توڙي مغلن وارا دور سياسي ۽
سماجي بي چينيءَ جا دور هئا. اهي ٽئي دور ڌارين
حڪمرانن جي ظلم ڏاڍاين ۽ عقوبتن جا دور هئا. هنن
سنڌ ۾ سنڌين سان ڪو چڱو ورتاءُ ڪونه ڪيو. هزارين
سنڌي ڪونڌر ڪٺا ويا. عام ماڻهو بک ۽ بيماريءَ جو
شڪار هئا ڪيترن علائقن ۾ ڏڪار جون حالتون پيدا ٿيل
هيون. حاڪمن جي اهڙي ڌاريائپ واري روش ۽ دشمنيءَ
واري ورتاءُ سبب هر طرف ظلم، قتل ۽ خونريزيءَ جي
بازار گرم هئي. ارغونن هڪ سال جي حڪومت ۾ سنڌين جي
هر ذات ۽ قبيلي جا ماڻهو مارايا ۽ ڏڪار جهڙين
حالتن پيدا ٿيڻ سبب ڪيترا ڪٽنب دربدر ٿيا. ”ترخانن
جو دور به سنڌي ماڻهن لاءِ هڪ ڊيڄاريندڙ خواب جهڙو
هو. مرزا باقي ترخان ڪيترا بزرگ عالم قتل ڪرائي
ڇڏيا ڇو جو اهي ماڻهن کي ظلم اڳيان مٿو ٽيڪڻ کان
منع ڪندا هئا. لڳ ڀڳ مني صدي ارغون ۽ سندن شريڪ
ڪار ترخان قبيلي جا مغل پنهنجي هم مذهب سنڌ کي
ائين لٽيندا، ڦريندا ۽ ڪچليندا رهيا. ان وچ ۾ هُنن
گوئا مان عيسائي پورچو گيزن جو غنيم گهرائي به ٺٽي
کي ڦرايو. شهر کي باهه ڏياري ۽ عام ماڻهن جو قتل
عام ڪرايو تان جو 1591ع ۾ سنڌ کي سڌيءَ طرح دهليءَ
جي مغلن پنهنجي جاگير شاهيءَ ۾ داخل ڪيو. انهن جي
ڏينهن ۾ غلام سنڌ جي مسلمانن جو ڪهڙو حال هو اهو
به ٻڌڻ وٽان آهي. جهانگير پنهنجي تزڪ ۾ پنهنجي ٺٽي
جي نواب مرزا رستم لاءِ لکيو آهي ته ماڻهن سان هن
ايڏا ظلم ۽ تعديون ڪيون جو چوطرف دانهن پئجي وئي.“
(9)
اهڙين حالتن ۾ سنڌ جو سياسي، سماجي، علمي
ادبي ماحول ڪهڙو رهيو هوندو سو سڀ ڪو سمجهي سگهي
ٿو. حڪومت جي زبان فارسي هئي ان ڪري فارسي علم ادب
۽ شعر شاعريءَ کي اهميت ملي ٿي. باقي عوام لاءِ،
عوامي ٻوليءَ لاءِ صورتحال ناسازگار هئي. اڪبر
بادشاهه، جهانگير ۽ شاهجهان جي دورن ۾ هندستان ۾
هندي ڪوين جي ڀگتي هلچل جي سرهاڻ سنڌ تائين پهتي ۽
ڪي هندي شاعر به سنڌ ۾ آيا. ”هن دور ۾ فارسي
ٻوليءَ جو ادبي ثقافتي ۽ تحريري سرمايو پنهنجي اوج
۽ عروج کي پهتو. هن دور ۾ سنڌي زبان پڻ پنهنجي
تاريخي ارتقا مطابق هر لحاظ سان اهڙي منزل تي پهچي
چڪي هئي جو باوجود فارسيءَ جي وڏي اثر ۽ افاديت جي
سنڌ ۾ سنڌيءَ جي پنهنجي حيثيت ۽ افاديت گهٽجڻ
بدران وڌڻ لڳي.“ (10)
هن دور ۾ فارسيءَ جا ڪتاب سنڌي اقتباس سان
گڏ لکيا ويا، ”هن سلسلي جي غالباً 11 صدي هجري (17
صدي عيسوي) کان وٺي شروعات ٿي. اهڙن ڪتابن مان
بيان العارفين ۽ منهاج المعرفت ذڪر لائق آهي.“
(11)
يارهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ بيان
العارفين ۾ ميين شاهه ڪريم جون بيان ڪيل اخلاقي
تربيت لاءِ نصيحتون، قول اقوال، بيت وغيره سندس
مريد محمد رضا ٺٽويءَ گڏ ڪيون. هن ۾ شاهه ڪريم
پاران چيل قاضي قادن جا ست بيت به شامل هئا.
”منهاج المعرفت“ وري يارهين صديءَ جي
پڇاڙيءَ ۾ اگهم ڪوٽ جي عالم ۽ صوفي عارف شاهه لطف
الله قادري سن 1084هه (1673ع) ۾ تصوف ۽ طريقت جي
رمزن ۽ رازن سمجهائڻ خاطر لکيو. (12)
مطلب ته فارسيءَ جي معرفت صوفي ازم جو اثر
ٿيو ۽ سنڌ ۾ صوفي شاعريءَ جو رواج پيو. يعني ته
شاعريءَ ۾ تصوف جا نڪتا بيان ڪيا ويا. مجموعي طرح
ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ سنڌي ساهت تي سنڌ جي لوڪ شاعري
جي اثر کانسواءِ مکيه اثر هندستان جي ڀڳت ڪوين جي
دوهن جو (جن ۾ ويدانت ۽ ڀڳتي ڀريل هيون) ۽ ٻيو
فارسيءَ جي صوفي شاعريءَ جو هو.
انهن سببن ڪري سنڌ ۾ صوفين، درويشن ۽ ڀڳتن
ماڻهن ۾ نماڻائي، نياز ۽ نوڙت جهڙا گڻ ڏسڻ چاهيا.
جيتريقدر عورت جي ڪردار جو تعلق آهي ته لطيف جي
ڀيٽ ۾ ڪجهه گهٽ نظر اچي ٿو سو به علامتي يا
(symbolic)
نموني ۾، پر تڏهن به ائين نٿو چئي سگهجي ته هنن
شاعرن عورت کي نظر انداز ڪيو آهي. ان وقت جو سنڌي
سماج به جاگيرداراڻو سماج هو جنهن ۾ فرد جي حيثيت
۾ عورت جي پنهنجي ڪا هستي ڪانه هئي. هوءَ پنهنجي
ڪا الڳ سڃاڻپ يا شناخت ڪانه رکندي هئي، تڏهن ته
کيس سندس ور ۽ گهر جهڙن سهڻن دلبن سان وندرايو ٿي
ويو ۽ هوءَ شاعريءَ ۾ به ڪا انفرادي سوچ رکندڙ
هستي نه پر محض علامتي ڪردار بنجي ويئي هئي. شاعرن
عشق جو اظهار عورت واتان ٿي ڪرايو ۽ پنهنجو پاڻ کي
ان عورت سان
identify
يا هڪ ٿي ڪيو. محض هيٺاهين وٺڻ لاءِ، پاڻ کي ڪمزور
هيڻو ۽ بي وس عاشق ثابت ڪرڻ لاءِ عورت واتان عشق
جي اظهار جي روايت سموري هندستان ۾ هندي ڪويتا ۾
ملي ٿي ۽ شروعاتي شاعرن ان کي محض روايتي انداز ۾
کنيو. ها البت پوءِ جي شاعرن ۾ شاهه لطيف انهن
ڪردارن کي پنهنجي شخصيت ڏني، سڃاڻپ ڏني ۽ سندس
سورميون واقعي ته عشق جي ميدان ۾ سورميون بنجي لهن
ٿيون. هو نه صرف پنهنجي اظهار ۾ بيباڪ آهن پر هن
کي پنهنجي محبوب ماڻڻ لاءِ ڪا رڪاوٽ ڪا روڪ نٿي
روڪي سگهي ۽ هو هر قسم جي قرباني ڏيئي جدوجهد ۽
ڪوشش ذريعي پنهنجي محبوب کي ماڻڻ جا جتن ڪن ٿيون.
اهي عورتون گهرن ۾ بند ٿيل يا رسم رواج جي ٻنڌڻن ۾
جڪڙيل عورتون ڪين آهن، بلڪه هو همت واريون، بهادر
مستقل مزاج ۽ بي ڊپيون آهن. سنڌي عورت لاءِ ڄڻ ته
اهي آدرشي ڪردار آهن جن جو روپ سندن لاءِ مثال
آهي.
قاضي قادن کان شاهه لطيف تائين جيڪو تسلسل
نظر اچي ٿو ان ۾ انهيءَ مثالي ڪردار جي ارتقاءَ
ٿيندي نظر ايندي ۽ هڪڙي شاعر کان ٻئي تائين عورت
جي حيثيت ۽ ڪردار ۾ فرق نمايان طور تي نظر ايندو
ويندو ۽ ان ارتقائي عمل جي پڄاڻيءَ تي شاهه جي
عورت هڪ مثالي عورت جي روپ ۾ اڀري اچي ٿي.
قاضي قادن (1462 - 1551ع):
بيان العارفين ۾ شاهه ڪريم واتان چيل ست
بيت اهڙا به شامل هئا جيڪي قاضي قادن جا چيا وڃن
ٿا. شاهه ڪريم جهڙو وڏو شاعر جن بيتن کي پنهنجي
گفتگوءَ ۾ تصوف جا ڪي نڪتا سمجهائڻ لاءِ ورجائي ۽
quote
ڪري ٿو اهي يقيناً ڪنهن اهم شاعر جا ئي ٿي سگهن
ٿا. انهن ستن بيتن کي سنڌي عالم ست چمڪندڙ تارا يا
ست موتيءَ جا داڻا ڪري سڏيو. انهن ستن بيتن کي
ايتري اهميت حاصل آهي جو چيو ويو آهي ته: ”اهي ست
بيت شاهه ڪريم، شاهه لطيف ۽ ساميءَ جي شعر جا
بنيادي پٿر آهن.“ (13) قاضي قادن سنڌي ٻولي جو
پهريون وڏو شاعر آهي. هو اساسي سنڌي شاعريءَ جو
ابو هو. هو پهريون مشهور شاعر آهي جنهن جا گهڻا
بيت اسان کي پوريءَ تصديق سان لکيت ۾ ملن ٿا. (14)
”هي سنڌي زبان جو پهريون متين سنجيدو ۽
مفڪر شاعر سمجهڻ کپي. سندس شاعراڻي ڏات تجربي ۽
مشاهدي تي بيٺل آهي.“ (15)
جيڪڏهن ڪنهن شاعر جي محض ستن بيتن تي سنڌي
ادب جا وڏا وڏا محقق ۽ نقاد کيس ايتري اهميت ۽
مرتبو ڏيڻ لاءِ تيار هجن ته اهو يقين سان چئي
سگهجي ٿو ته ايتري وڏي پائي جو شاعر محض ست بيت
چئي ڪونه ويو هوندو. اها ڳالهه هاڻي ثابت ٿي چڪي
آهي ته قاضي قادن جو گهڻو ڪلام هو جيڪو وقت جي دز
هيٺ گمناميءَ جي غار ۾ دفن ٿيو پيو هو. ڀارت ۾
قاضي قادن جو ڪلام دهليءَ جي هڪ سنڌي اديب مسٽر
هيري ٺڪر جي کوجنا جي نتيجي ۾ هرياڻا جي هڪ ڳوٺ
راڻيلا ۾ دادو پنٿي فقيرن جي هڪ مڙهيءَ ۾ رکيل
ڪتاب ۾، ٻين ساڌو سنتن جي ڪلام سان گڏيل هو ۽ اهو
ديوناگري رسم الخط ۾ هئڻ ڪري هيستائين ڪنهن سنڌي
جي نظر مان نه نڪتو ٿو ڀانئجي. هاڻي انهن بيتن جي
روشني ۾ ماهرن جيڪا راءِ قائم ڪئي آهي اها به
اهميت رکي ٿي. ”قاضي قادن جي ٻوليءَ ۾ اعليٰ فڪر ۽
ڳوڙهن ويچارن مختلف نفسياتي ڪيفيتن ۽ ڪيترن ئي نون
موضوعن جي بيان واري وڌندڙ صلاحيت محسوس ٿئي ٿي.
اعليٰ اخلاقي شاعري جي مضمونن ۽ عوامي شاعريءَ جي
موضوعن کي ملائڻ جو سلسلو وڌيڪ وسيع پيماني تي
پهريون ڀيرو قاضي قادن جي بيتن ۾ ملي ٿو. عام قصن
۽ زندگيءَ جي عام مشغلن جي قالب ۾ اعليٰ فڪر ۽
معنيٰ جا ماڻ ڀريائين. سنڌي شاعريءَ ۾ انهي رجحان
واري اساس ۽ بنياد کي قاضي قادن ايترو ته پڪو پختو
ڪري ڇڏيو جو کانئس پوءِ ايندڙ وڏن شاعرن انهي تي
ئي شعر ۽ ادب جي عمارت کي اڏيو.“ (16) |