”ڄام تماچي ، ڄام انڙ جو پٽ هو. هو هڪ بهادر ۽ همت
وارو جوان هو. جنهن پنهنجي پيءُ ڄام انڙ ۽ پنهنجي
ڀاءُ ڄام ٻانڀيڻي سان گڏجي دهلي جي سلطانن کي شڪست
ڏيئي سنڌ ۾ سمن جي حڪومت قائم ڪئي هئي. (1366ع،
1375ع) ڪجهه وقت کان پوءِ سندس وڏو ڀاءُ ۽ پاڻ قيد
ٿي دهلي هليا ويا ته پويان سندس چاچو ڄام جوڻو،
سلطان فيروز شاهه جي حمايت سان سنڌ جو حاڪم بڻيو.
سنڌ جا ماڻهو ڄام جوڻي جي حڪومت مان خوش نه رهيا.
جنهن ڪري ملڪ جي عوام توڙي درويشن دعائون پي
گهريون ته شام ڄام تماچي موٽي اچي ٺٽي ۾ بادشاهي
ڪري. شيخ حماد جماليءَ دعا طور چيو.
جوڻو مت اوڻو، ڄام تماچي آءُ،
سٻاجهي ٻاجهه سين ٺٽو راءُ.
۽ جڏهن تماچي ۽ پٽس صلاح الدين دهلي مان موٽندي
کيبر وٽان لانگهائو ٿيا ته درويش نوح هوٿياڻي دعا
ڪندي چيو ته،
جوڻو وڃي جهوري ماريو،
ڄام تماچي شهرين چاڙهيو.
ڄام تماچي ٺٽي آيو. هزارين ماڻهن سندس آجيان ڪئي.
ڄام جوڻو خوف ۽ هراس کان ٺٽو ڇڏي اڳ ئي ڪڇ ڏانهن
ڀڄي ويو هو. ڄام تماچيءَ بنا ڪنهن مقابلي ۽ مزاحت
جي شان شوڪت سان ٺٽي ۾ داخل ٿي سنڌ جي خودمختيار
حڪومت جو اعلان ڪيو ۽ ٻيو ڀيرو حڪومت جو اهو عرصو
1388ع کان 1292ع تائين رهيو.“
ڪينجهر ڄام تماچيءَ جي تفريح جو مرڪز هئي، پنهنجي
شاهي سينگاريل ٻيڙي تي سوار ٿي هو چانڊوڪين راتين
۾ ڍنڍ جو سير ڪندو هو. اتي ئي مهاڻن سان لهه وچڙ ۾
آيو ۽ اتي ئي نوريءَ کي ڏٺائين ۽ مٿس موهت ٿيو. سڱ
جي گهر ڪيائين. سو خوشيءَ سان مليس. ان جو هڪ سبب
ته اڳي بيان ڪيو ويو آهي پر ٻيو سبب سندس عام
مقبوليت وارو ڪردار هو.
ان ڏس ۾ سائين جي ايم سيد لکي ٿو”شاهه وٽ ڄام
تماچي عوام جو حقيقي ليڊر آهي. جنهن وٽ وڏ ماڻهپ
جي شيخي نه آهي ۽ ڄارو ڪلهي تي ڪيو ڄيرن جي وچ ۾
جهلي رهيو آهي. جنهن جي اڳيان سميون سومريون، جي
اوچي ڳاٽ اچن ٿيون. سي اهم نه آهن. ان کي صرف
ڪينجهر ڄاين جي تات آهي ۽ وٽس گند سان گوڏين ڀريل
ماڻهو، مٿي تي ککيءَ هاڻيون کاريون ۽ هٿن ۾ ڇڇيءَ
هاڻا ڇڄ ساڻ ڪري. ڪاريون ڪوجهيون، صبح ۽ شام اچن
وڃن ٿيون. راڻين ۽ سمين حڪمران قوم جي وڏن ماڻهن
لاءِ ڪا جاءِ نه آهي. هن گندرن کي گاڏيءَ چاڙهي
کڻي نوازيو. هن انهن کي سڃاڻي ٻانهن ۾ پنهنجي محبت
جو ٻيڙو ٻڌو آهي ۽ کين مڏ مڪڙا مڙيئي معاف ڪري
ڇڏيا اٿس.“
جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ذات کان ٻاهر سڱ ڪرڻ جي روايت نه
هئي ته به مهاڻن اعتراض نه ڪيو پر شابس تماچيءَ کي
به چئجي جو هن اها ننڍ وڏائي ڪانه ليکي ۽ ان بهاني
مهاڻا ورسائي ڇڏيائين. پر ڪن ماڻهن کي وري اها
ڳالهه ممڪن ئي نه لڳي سو هنن نوريءَ کي مهاڻي نه
پر تماچيءَ جو جيس جوڙ ثابت ڪرڻ لاءِ هڪڙو ڪوڙو
قصو گهڙيو ته اها اصل ۾ شاهي خاندان مان هئي ۽
”جسوڌڻ يا جسوتڻ راءِ“ جي ڌي هئي، جيڪو ڄام انڙ
سان جنگ ۾ مري ويو هو ۽ سندس زال مروبت پنهنجي
يتيم ڌي نوريءَ ساڻ ڪري ڪينجهر ڪنڌين وڃي سر
لڪايو هو.“
ان جي ثابتي ۾ هن سر مان ڪجهه سٽن جو حوالو ڏنو
ويندو آهي ته،
هٿين پيرين ارکڻين، منهن نه مهاڻي،
اصل هئي ان کي، اهل ڄاماڻي،
سمي سڃاڻي، ٻيڙو وڌس ٻانهن ۾.
اها هڪ غلط سوچ آهي ۽ خاص طور اهڙن ماڻهن جي هٿ
ٺوڪي آهي جيڪي ڪڏهن به اهو مڃڻ لاءِ تيار نه هوندا
آهن ته ڪو غريبن ۾ به سونهن ٿي سگهي ٿي. انهن ۾ به
چڱا لڇڻ ٿي سگهن ٿا. انهن جي چال ۾ به وقار ٿي
سگهي ٿو ۽ هو به پنهنجي صورت ۽ ڪرداري گڻن سان
راءِ ريجهائي سگهن ٿا. اهو مفروضو رڳو نوريءَ لاءِ
ڪونه گهڙيو ويو آهي. بلڪه شاهه جي سڀني گڻائتين
سورمين لاءِ ائين ڪيو ويو آهي يا ته اهي اصل ۾
بادشاهن، راجائن جون ڌيئرون هيون يا مٿين ذات جي
ماڻهوءَ يا ڪنهن برهمڻ سان واسطو هئن.
سسئي لاءِ سڀني کي اهو يقين ڪرايو ويو ته اها اصل
۾ نائون نالي ٻانڀڻ ۽ سندس گهر واري نالي مڌر جي
اولاد هئي، پر جڏهن جوتشي کين ٻڌايو ته سندس انگ
ڪنهن مسلمان سان اڙيل آهي ته ان کي هڪ صندوق ۾ بند
ڪرائي درياهه ۾ داخل ڪيو ويو. اها صندوق لڙهندي
ڀنڀور ۾ اچي محمد ڌوٻيءَ کي ملي.“
ساڳيِءَ ريت مارئي لاءِ به اهڙيون روايتون مشهور
ڪيون ويون ته اها ”اصل ۾ لاکي ڦلاڻي جي ڌي هئي،
سندس ماءُ کي پالڻو ڀڄائي ملير وٺي آيو هو، ان وقت
مارئي اڳ ئي گرڀ ۾ هئس“ اهو ان ڪري مشهور ڪيو ويو،
ڇاڪاڻ جو مارئي سهڻي هئي ۽ اهو فرض ڪيو ويو هو ته
گهٽ ذات ماڙيچن ۾ سونهن جنم وٺي نه ٿي سگهي. ان
سبب اڪثر سندس حسب نسب تي ۽ سندس هندو يا مسلمان
هئڻ بابت اندازا لڳايا ويندا رهيا آهن.
سرتين سنجڻ ڇڏيو، ستين ڳالهه سئي،
ماڙيچي ماڙين ۾، ڪڏهن ڪانه هئي.
عمر آئون نه مئي، ان اوڀاليان اڳهين.
سسئيءَ جي سلسلي ۾ ته شاهه صاحب پاران اها ڳالهه
قبول ڪيل ٿي ڏسجي ۽ کيس ”ٻانڀڙياڻي“ به سڏي ٿو.
آءُ انين مان آهيان، جي ٻانڀڻ پڙهڻ پوٿي“
باقي مارئي ۽ نوريءَ بابت اهڙو ڪوبه اشارو ڪونه
ڏنو اٿس. البت اهل ڄاماڻي يا منهن نه مهاڻي وقار ۽
حسن جي تشبيهه خاطر به چئي سگهجي ٿو ان مان ايڏو
وڏو نتيجو ڪڍڻ مناسب ڪونهي. مارئي ۽ نوري جي ڪردار
ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته غريبي گڻن جي کاڻ آهي.
سنڌي سماج ۾ عورتن کي نوريءَ وانگر هيٺيائين هلت
هلڻ، نئڙت ڪرڻ، مارئي وانگي باعصمت رهڻ، ليلا
وانگر ليلائڻ، سسئيءَ وانگر پاڻ کي مڙس جي جتي
سمجهڻ (هو جا پائين پير ۾، تنهن جتيءَ نه جيهي)
جي سکيا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. هن سر ۾
نوريءَ جي سادگيءَ، نئڙت ۽ نياز کي حد کان وڌيڪ
ساراهيو ويو آهي. ۽ سمين سومرين جي هٺ وڏائيءَ ۽
اوچي ڳاٽ کي ننديو ويو آهي.
”کوءِ سميون ٻن سومريون جي اچن اوچي ڳاٽ“
”سنڌي سماج ۾ اها عورت آدرشي سمجهي ويندي آهي،
جيڪا نهٺي نماڻي، نياز نئڙت واري ۽ صبر سان سڀ
ڪجهه سهڻ واري هوندي آهي“ انهيءَ لحاظ کان ان دور
۾ نوريءَ جو ڪردار هڪ آدرشي ڪردار هو. جڏهن ته
منهنجي خيال ۾ نوريءَ جي ڪردار ۾ سڀ کان وڌيڪ
ساراهڻ جوڳو گڻ آهي، سندس ”خودداري“ ۽ پنهنجي اصل
تي فخر.
حوالا
(1)
رشيد ڀٽي”شاهه جي سر ڪاموڏ جو اڀياس“ سر ڪاموڏ،
مرتب حميد سنڌي، شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز، ڀٽ
شاهه 1988، ص 24
(2)
تنوير عباسي”شاهه لطيف جي شاعري، جلد پهريون،
شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي، ڪراچي، ص 32.
(3)
ايضاً، ص 71.
(4)
I.I Kazi Allama, shah Abdul latif- An
Introduction to his art Sindhi
Adabi
Board Hyderabad Sindh, 1973, p15
(5)
Dudley Louise The study of literature Houghton
Mifflin company River Side press
Cambridge, 1982, p.82
(6)
قمر، رحيم بخش”تخت ڄام تماچيءَ جو“ سر ڪاموڏ.
(7)
مرتب حميد سنڌي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ثقافتي
مرڪز، ڀٽ شاهه، 1988ع، ص 121.
(8)
ڀمڀاڻي پروفيسر نارائڻ داس، شاهه جون سورميون،
سنڌي ڪتاب گهر، حيدرآباد، 1957، ص 77.
(9)
گربخشاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند، شاهه جو رسالو(ٽي
جلد) ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1979ع، ص 733.
(10)
ايضاً، 745.
(11)
گربخشاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند، شاهه جو رسالو، ص
746.
(12)
ايضاً، ص 743
(13)
محمد اسماعيل شيخ، وچور ۽ ويچار، سر ڪاموڏ، مرتب
حميد سنڌي، ص 73
(14)
جي ايم سيد ، پيغام لطيف، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو،
1988، ص 232.
(15)
ڪاشف محمد حسين، ڪنڌي ڪونر ٽڙن، سر ڪاموڏ، مرتب
حميد سنڌي. ص 35.
(16)
گربخشاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند، روح رهاڻ،
ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني 1932، ص 6.
(17)
ايضاً، ص 44.
(18)
تنوير عباسي، شاهه لطيف جي شاعري (جلد ٻيو) نيو
فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1985ع، ص 680.
سُر مومل راڻي ۾ مومل جو ڪردار
مومل راڻي جو قصو سنڌ ۾ آڳاٽو مروج رهيو آهي ۽ عام
طرح سان ان کي پندرهين صديء عيسويءَ جو قصو سمجهيو
ويندو آهي. پندرهين صديءَ عيسويءَ جو وائل ۾ راجا
نند نالي گجر ذات جو هڪ سردار ميرپور ماٿيلي جو
حاڪم هو. کيس نو نياڻيون هيون. انهن مڙني مان مومل
سونهن ۾ سوائي هئي ۽ سومل وري سياڻپ ۾ سرس هئي“ پر
لڳي ٿو ته اهو دور ان قصي کي ڳائڻ جو دور آهي.
قصوان کان اڳ جو آهي. ”ٻارهين صديءَ جي وچ کان وٺي
چوڏهين صديءَ جي شروع واري دور ۾ اسريو ۽ ٿوري
عرصي اندر ملڪ ۾ مشهور ٿي ويو. چوڏهين پندرهين
صديءَ ۾ سنڌ جي سڄاڻ ڀٽن ڀانن ۽ منگتن مڱڻهارن هن
قصي کي ڳايو ۽ سورهين صديءَ ۾ شاعرن هن کي اعليٰ
شاعريءَ جو موضوع بڻايو. مثلا مومل راڻي جي مضمون
۾ شاهه ڪريم جو هيٺيون معنوي بيت ملي ٿو.
ڪاڪ وڻني ساڻ، اوٺيين نه اورڳي،
جي ڳڻ هون گهڻا، رڻا توءَ روندا وئا.
سورهين صدي ۾ عام طور فارسي ٻوليءَ جو رواج هو ۽
ان دور ۾ گهڻو ئي نظم ۽ نثر لکيو ويو ان دور جي
ڪتابن ۾ هڪڙي مثنوي مومل راڻي بابت” مثنوي ترنم
عشق(مومل راڻو) محمد مقيم ٺٽي واري جي ملي ٿي.
ڪلهوڙن جي دور ۾ مير علي شير قانع ٺٽويءَ به هن
قصي جو ذڪر تحفة الڪرام ۾ ڪيو. هن مومل کي همير
سومري جي دور جو ڄاڻائيندي لکيو” گجر بادشاهن جي
اولاد مان مومل نالي هڪ عورت پيءُ جي فوت ٿيڻ کان
پوءِ پنهنجي ملڪ تي حڪمراني ڪري رهي هئي“ پوءِ لکي
ٿو ته ”همير سومرو سندس سالي ۽ وزير مينڌري ۽ ٻين
ٻن دوستن سان مومل ماڻڻ لاءِ نڪتو“ هن قصي جو تعلق
گهڻو ڪري سڀني راوين لوئر سنڌ ۽ ٿرڍٽ سان ڄاڻايو
آهي. ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي پڻ انهيءَ ڳالهه
تي متفق آهن. ڊاڪٽر سورلي لکي ٿو.
“The story of Mouml Rano is a lower sind story
connected with the Sodhas who live in the thar
country near Umarkot”
”راڻي مينڌري جو تعلق ڍٽ جي سوڍن راڻن سان هو“ اهو
قصو پوءِ دورن ۾ ٻين شاعرن به ڳايو. سترهين ۽
ارڙهين صدي ۾ ميين شاهه عنايت ۽ ڀٽائي صاحب مومل
راڻي جي مضمون کي پنهنجي اعليٰ شاعريءَ جو موضوع
بنايو. عوامي شاعرن مان يعقوب کٽي، شيخ ابراهيم،
ڪبير شاهه ۽ حفيظ هن قصي کي پنهنجي عوامي شاعريءَ
جو موضوع بنايو.
هن قصي جون مختلف روايتون موجود آهن. پر انهن سڀني
مان ٿوري گهڻي فرق سان واقعن جي جيڪا ترتيب ملي ٿي
سا ساڳي آهي. مومل جي پيءُ راجا نند جو خزانو گڏ
ڪرڻ ۽ طلسمي ڏند ذريعي درياهه ۾ لڪائڻ، جادوگر
ساميءَ جو اچڻ، اهو خزانو چورائڻ ۽ راجا نند جو
مومل تي ڏمر ۽ مومل جو سومل جي مدد سان طلسطمي محل
ڪاڪ نديءَ ڪناري اڏي وهڻ ۽ ڪئين راهه رلائي ڪونڌر
ڪهائي، سندن مال ملڪيت ڦٻائي پيءُ کي پهچائڻ، سڀني
روايتن ۾ ساڳيو آهي. ان کان سواءِ راڻي جو مومل جي
سونهن جي سراهه ٻڌي کيس ماڻڻ لاءِ اچڻ ۽ پوءِ روز
رات جو چانگي تي چڙهي اچي ساڻس ملڻ“ همير سومري
طرفان قيد ٿيڻ ۽ زال جي شڪايت تي سندس اُٺ ج ڪسجڻ
به گهڻو ڪري سڀني راوين بيان ڪيو آهي. البت جڏهن
گهڻن ڏينهن کان پوءِ وري مومل وٽ وڃي ٿو ته مومل
کي ڪنهن سان ستل ڏسڻ وارو واقعو ڪجهه مختلف انداز
۾ بيان ٿيل آهي. ڪن ان کي سيتل سامي سڏيو آهي جنهن
سان بقول سندس مومل جي سينڌ هئي. ڪي چون ٿا ته اها
سومل مرداني ويس ۾ هئي ۽ مومل جي چوڻ تي ساڻس ڀاڪر
پائي ستي هئي ۽ ڪي وري اها سومل جي سازش ٿا ڪوٺين.
جنهن ڄاڻي واڻي راڻي کي شڪ جو شڪار بنائڻ لاءِ
ائين ڪيو هو، ڇاڪاڻ جو راڻي جو مومل سان تعلق سندس
گهر وارن کي پسند ڪونه هو. پڇاڙيءَ ۾ رٺل راڻي کي
پرچائڻ ۾ ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ مومل جو ڏاگهه چڙهڻ
يا باهه ۾ سڙي مرڻ به اڪثر راوين بيان ڪيو آهي.
برهحال ”راڻي جو چانگي تي چڙهي مومل ماڻڻ مجازي
ماحول جو نمايان نشان بنجي ٿو ۽ راڻي جو رسڻ ۽
مومل جون منٿون سماجي ماحول سان گڏ عشقيه باب جو
داستان بنجن ٿا.“
هن قصي ۾ هن سماج ۾ مروج ريتن رسمن برخلاف ڪيتريون
ئي اهڙيون ڳالهيون نظر اچن ٿيون جن بابت ٻين
راوين، شاعرن ۽ سگهڙن جو رويو هڪڙو آهي ته شاهه
صاحب جو ٻيو! هن انهن کي بلڪل مختلف انداز ۾
ورتايو آهي.
راجا نند جو خزانو مومل جي نادانيءَ سبب ويو هو پر
تڏهن به ان کي واپس آڻائڻ لاءِ سندس ڌيئرن جيڪو
طريقو اختيار ڪيو ڇا اهو سنڌ جي سماج ۾ قابل قبول
ٿي سگهي ٿو؟ مومل جو پنهنجين ڀينرن، سرتين ۽
ٻانهين سان گڏجي ماڻهن کي پنهنجو جلوو پسائي برهه
جي باهه لڳائي، مڙس مارائي، سندن مال ملڪيت ڦري
پيءُ ڏانهن موڪلڻ جو عمل ڇا اسان جو سماج گوارا
ڪري سگهي ٿو؟
انتها پسنديءَ جو مظاهرو ڪندي رچرڊ برٽن ته اهو به
لکيو آهي ته هون ته” سنڌي ادب جو اخلاقي معيار
ڪافي بلند آهي پر مومل ۽ راڻي جو قصو البت اعتراف
جوڳو آهي. عاشق خود شڪي چال جو ماڻهو آهي ۾ معشوق
هڪ ڪسبياڻي بيان ڪئي وئي آهي. جا ڪاڪ محل ۽ شوقينن
کي شرط پوري ڪرڻ تي، ملڻ لاءِ ويٺل هئي.“ ظاهر آهي
ته هڪ يورپي ماڻهو کي اسان جي ڪنهن سنڌي راويءَ
قصي جي ڪردارن جو اهو روپ ڏيکاريو هوندو. هن سماج
۾ اهي يقينن اعتراض جوڳا عمل سمجهيا ويا هوندا.
وري مومل کي سومل سان ٻک پائي ستل ڏسي، ان کي مرد
سمجهي، شڪ جو شڪار ٿيل مڙس يا عاشق کيس ڌڪ هڻي
پورو ڪرڻ بدران محض لڪڻ رکي هليو وڃي! ڇا عام طور
تي ائين ممڪن آهي هن سماج ۾؟ انهن سڀني ڳالهين کي
اڪثر شاعرن ۽ سگهڙن ننديو آهي ۽ راجا نند، مومل ۽
راڻي کي گهڻو ڪچو ڪيو آهي سگهڙ سائينداد جو بيت
آهي.
جنهن ڌن ڪارڻ ڌيءَ ڪڍي، سو راجا هئو رَڪُ،
مڙسي مومل ڪانه ڪئي، جو ڀري ها وه جو ڦڪ،
سُرهي سوڍي نه ڪئي، نه ته هڻيس ها هڪ ڌڪ،
ٽنهي ڪونهي
نڪ، ڪنهن کي ساراهيان سائينداد چئي.
پر شاهه صاحب جو سر مومل راڻو پڙهي محسوس ٿئي ٿو
ته سندس ورتاءُ ان ڏس ۾ بلڪل مختلف آهي. پهرئين
اعتراض واري ڳالهه راجا نند بابت هڪ پيءُ جي حوالي
سان ڪئي ويئي آهي. شاهه صاحب ان سموري ڳالهه کي ئي
نظرانداز ڪري ويو آهي. ڪٿي به ڪو اشارو ڪونه ڏنو
اٿس.
ٻي ڳالهه مومل ۽ سندس ڀينرن سهيلين جو ڪاڪ محل ۾
حسن جمال جي جلوي ۽ عام خاص لاءِ بنا جهل پل جي
پاڻ پسائڻ واري ڳالهه آهي. جنهن کي ٻين شاعرن ته
وهه جو ڦڪ ڀرڻ جهڙو ڪم ڄاڻايو آهي. پر شاهه صاحب
اهڙي ڪا ڳالهه ڪرڻ بدران تمام سنجيدگيءَ ۽
ڳنڀيرتا سان اهڙي عمل کان منع ڪئي آهي. جنهن جو
نتيجو به سٺو نه نڪري چوي ٿو.
اينءَ م وسج عام تي، جنءَ مومل! وسن مينهن.
باقي انهيءَ سٽا مان شاهه صاحب مومل جي حسن ۽ جمال
توڙي سندس ڪاڪ محل جي خوبصورتيءَ کان سواءِ، نينهن
اڇل جو جيڪو نقشو چٽيو آهي. اهو ڏاڍو خوبصورت آهي.
ٽين ڳالهه جيڪا هن قصي جو تمام اهم واقعو آهي. اهو
آهي مومل جو سومل کي ٻک پائي سمهڻ اهو ئي واقعو هن
ڪهاڻيءَ جو عروج(climax)
آهي ۽ اتان ئي ان جو زوال
(anti-climax)
ٿيڻ شروع ٿئي ٿو. ان ڪري ئي هن واقعي کي شاعرن
تمام گهڻي اهميت ڏني آهي. ڪبير شاهه چوي ٿو.
ڀينر ٻئي جان ڀيڙيون هيون ماڙيءَ منجهه محل،
تنهن سان ستي سيج تي هئي سهج ڪري سومل.
ڪن شاعر ته باقاعدي خود به شڪ جو اظهار ڪيو آهي.
ته اها الائجي عورت هئي يا مرڳو ئي ڪو مرد هو؟
ٻٽ ڏنائين ٻه جھڻا، تڏ گهوٽ وڏو ٿيو گهاءُ،
مرد هئو ڪ زال هئي، تنهن جو ڄاڻ ڄاڻي خداءُ،
حق رٺو ٿي حق سان وچ وڏو پيو واءُ.
جهڙي طرح جاگيرداري سماج جي سمورن قصن ۾ مٿين طبقي
جي مردن ۾ ڪي خاص خاميون يا ڪوتاهيون نظر اچن
ٿيون، مثلاً اهي پاڻ پرڻيل هئڻ جي باوجود ٻين
عورتن سان وري به عشق ڪن ٿا يا تمام هيٺئين قسم جي
لذتن خاطر نيچ حرڪتون ڪن ٿا ۽ پراين ڄاين ۾ اکيون
وجهن ٿا. تهڙي طرح ڏسو ته هن داستان ۾ به هڪ عورت
جي سونهن جو چرچو ٻڌي ڪيترائي امير امرا، شاهه
شهزادا، پنهنجا ڪم ڪاريون ڇڏي حڪومتون وزارتون ۽
ٻيا ڪاروبار ڇڏي هڪ اڻ ڏٺي عورت پٺيان ديوانا ٿيو
پيا گهمن ۽ سرڙين، راڻو ۽ سندس سڀئي دوست پرڻيل
پنهنجين زالن ٻارن وارا، پنهنجا گهر تڙ ڇڏي هڪ
حسين عورت جي در جا ڌڪ پيا کائن. سالو ۽
ڀيڻويو(راڻو مينڌرو ۽ همير سومرو) ساڳي عورت جا
اميدوار بنجي قسمت آزمائڻ ٿا اچن. تيئن ئي مٿين
طبقي جي عورتن ۾ پڻ ڪي اوڻايون آهن جن جو ذڪر
اڪثر اديبن شاعرن پنهنجي مشاهدي جي زور تي ڪيو
آهي. ليلان جو مڻيي تي موهجڻ، مومل جو هار سينگار
ٺاهه ٺوهه ۽ ماڻا ڪري ماڻهو مارائڻ ۽ جڙتو راڻو
ٺاهي ان سان سمهڻ.
ڪن ماڻهن جي نظر ۾ اهو مومل جو سومل سان ٻک پائي
سمهڻ بي مقصد حوالو ڪونهي بلڪه اهو وڏ گهراڻين
عورتن جي اهڙي نفسيات ڏانهن اشارو آهي.
روايتن ۾ آهي ته ٻئي ڄڻيون سيج تي ڀاڪر پائي ستيون
يا ٻک پائي ستيون، سندن سمهڻ جو انداز شڪ ۾ وجهندڙ
هو. مثلن هڪ شاعر چوي ٿو.
ڪهون کولي ڪنجري ستينءَ سيتل ساڻ،
ايڏا غير گمان، تنهنجا ڍولئي ڍڪيا.
وري ٻيو بيت آهي.
مومل مزمانن جا هيئن نه ڀڃجن حق،
هڪ اوجاڳا اکين جا، ٻيا لتاڙيم لڪ،
چادر پايو کٽ، ستينءَ سيتل راوَ سان.
جيڪڏهن اهو محض راڻي جو شڪ هو ۽ سيتل راءِ نه پر
سومل مرداني ويس ۾ هئي ته به ”ڪنجري جون ڪهون کولي
چادر پايو کٽ سمهڻ“ جي ڳالهه شاعرن ضرور ڪئي آهي.
ان کي جديد اديبن هڪ ٻئي تناظر ۾ ڏٺو آهي. آخر ان
سموري واقعي جي منطق ڇا آهي؟ ڇا مومل ۾ اڪيلائي جو
احساس اهو سوچي وڌيڪ ٿيو هوندو ته راڻو اڪيلو ڪونه
هوندو سندس پاسي ۾ سندس زال هوندي ۽ آئون هت اڪيلي
پئي تڙپان، ۽ نتيجي ۾ پاڻ به ڪنهن سان سمهڻ جو
سوچيائين؟ ڇا سندس اهو سومل سان سمهڻ عام رواجي
هو؟ يا اهو وڏ گهراڻين عورتن ۾ موجود عام لاڙي
ڏانهن اشارو آهي. جنهن بابت جديد ادب ۾ گهڻو کليل
۽ بولڊ اظهار ملي ٿو. زرينه بلوچ جي ”جي جي“ جو
ڪردار هن سماج جو هڪ حقيقي ڪردار آهي. خيرالنساءِ
جعفري جي افساني ”حويلي کان هاسٽل تائين“ جي نائڪا
سلطانه جو اڪيلائي ۽ فرسٽريشن ۾ پنهنجي روم ميٽ
سان ٻک پائي سمهڻ ۽ راحت حاصل ڪرڻ کان پوءِ اهو
چئي پاڻ پرڀائڻ ته” ڇا آءُ به ڪائي مومل آهيان جو
راڻي جو ويس ڪري ڀيڻ کي ڀاڪر ۾ ڀري اندر جي اڇل کي
آٿت ڏئي سگهان.“ هڪ فطري جذبي جي پورائي نه ٿيڻ جي
صورت ۾ ڪيل عمل آهي ۽ نورالهديٰ شاهه جي افسانن جي
ڪنهن بيبيءَ جو ڪنهن شيدياڻيءَ جي ٻانهن ۾ ملڪ
ڪافور وارو مزو محسوس ڪرڻ اهي سڀئي ڳالهيون
زندگيءَ جون حقيقتون آهن ته انهن پٺيان اهي
Toboos
۽ غلط ريتون رسمون آهن جيڪي ڇوڪرين جي صحيح شاديءَ
بدران بي جوڙ شادين يا حق بخشائي سندن فطري جذبن
تي بندشون وجهڻ جا بهانا آهن. اهو ساڳيو سماج پس
پرده ٿيندڙ ان غير فطري عمل تي چپ هوندو آهي. باقي
فطري نموني عورت ۽ مرد جو پيار ۽ ملڻ برداشت ڪونه
ڪندو آهي ۽ روايتي ظالم سماج بنجي ويندو آهي. سو
مومل جي معاملي ۾ به شايد جدائيءَ جون ڊگهيون
راتيون گذارڻ مشڪل هيون. تڏهن سومل وچ ۾ آئي ۽
مومل کيس جڙتو راڻو ٺاهي ان کي ڀاڪ پائي ستي ۽
اتفاق سان راڻو اچي ويو ۽ هونءَ ڪونه ڪاوڙجي ها پر
سومل کي مرد سمجهي ڪاوڙجي ويو. اها ته ٿي عام قصي
۽ ان کي ٻين شاعرن جي ورتائڻ جي ڳالهه. شاهه صاحب
ان واقعي کي ڪيئن ورتايو آهي يا
Deal
ڪيو آهي. هاڻي اچو ته انهي کي به ڏسون ته ڪهاڻيءَ
جي ٻين پهلوئن تي به غور ڪيون.
شاهه صاحب ڪهاڻي جا اهي حصا جيڪي عقل کان بعيد ٿا
لڳن يا مافوق الفطرت ۽ طلسماتي ڳالهيون جيڪي پراڻي
دور جي قصن ۾ رنگين بيانيءَ لاءِ شامل ڪيون
وينديون هيون تن کي نظرانداز ڪيو آهي ۽ بيتن ۾
انهن جو ڪو ذڪر ڪونه ڪيو آهي. نه سوئر جي ڪرامتي
ڏند جو ذڪر، نه جادو ئي زور تي درياهه جو سڪي وڃڻ
نه راجا جو ان نموني خزانو لڪائڻ، نه ڪاڪ ڪناري
طلسماتي محل جو اڏجڻ ۽ نه ئي ان محل سان لاڳاپيل
اعتبار ۾ نه ايندڙ ٻين ڳالهين جو ذڪر ڪيو اٿس. صرف
هڪ بيت ۾ راڻي جو سوپاري اڇلائي پاڻي جي تلاءَ جي
حقيقت معلوم ڪرڻ واري واقعي ڏانهن اشارو آهي:
چڙهيا چارئي يار سوڌا شڪاري،
فڪر ساڻ ڦٽي ڪئي سوڍي سوڀاري،
جت مومل موچاري ويا ڪاهيندا ڪاڪ ڏي،
موٽئا نه ماري، ڪونر لتاڙي ڪاڪ جا.
ٿي سگهي ٿو ته خود شاهه صاحب سمجهيو ٿي ته اها قصي
تخيل جي بنياد تي قائم ڪيل هڪ ڳالهه آهي ته ڪائي
کي پاڻي جي تلاءَ جو تاثر ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو
ويو هو. باقي ان کي جادو يا طلسم سمجهڻ جي خبر نه
ٿي پوي. شاهه صاحب سڀني لوڪ داستانن ۾ موجود اڻ
ٿيڻين ڳالهين کي ۽ عقل ۾ نه ايندڙ واقعن کي
نظرانداز ڪيو آهي.
هن قصي ۾ لڳي ٿو ته شاهه صاحب شعوري ڪوشش ڪري مومل
جي ڪردار جي
Image
کي مٿڀرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي“ ”مومل جي سيرت سان
شاهه وڌيڪ محنت ڪئي ٿي ڏسجي، سهڻي ميهار جي سونهن
جو بيان ڪري ٿي ته سسئي پنهونءَ جي حسن جو مگر
سندس حسن جو ذڪر شاعر ڪٿي به نه ٿو ڪري. مومل ئي
آهي جنهن جي جسماني جلوي جو شاهه احوال ڏي ٿو.
مومل جي اکين ۾ اهو جادو هو، اها ڪشش موجود هئي جو
جي ”وئا سي وڍيا“ مومل جي اکين جا تارا جھڻ پنبڻين
جي ڪمان جا ٻه تير هئا. جن سان هن ڪئين هاڪارا
حاڪم جوڌا جوان ۽ اعليٰ درجي جا عاقل گهائي ڇڏيا“.
گجر کي گجميل جون تارن ۾ تبرون،
هڻي حاڪمين کي زور ڀريون زبرون،
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پرڏيهين جون.
راوين جي بيان ڪيل قصن ۾ خزاني جي پورائيءَ لاءِ
ماڻهو مارائيندڙ ۽ ڪونڌر ڪهائيندڙ ڪردار هئڻ جي
لحاظ کان مومل هڪ سخت دل ۽ بي رحم عورت ليکبي،
جنهن سان ملڻ لاءِ راڻو به سنڀريو هو. مومل لاءِ
ته اهو به پهرين ته هڪ عام عاشق هوندو جيڪو آهستي
آهستي جڏهن سڀئي ڦند ڦلانگي وٽس پهتو ته نه صرف
سندس عقل ۽ ان جي کيڏ پر سندس سهڻي صورت به مومل
کي موهي وڌو هوندو ۽ پوءِ ئي سندس محبت ۾ ماندي ٿي
هوندي. ان سموري سٽا جو بيان شاهه صاحب اهڙي طرح
ڪيو آهي جو مومل جي محبت راڻي جي محبت کان وڌيڪ
فطري نموني اڀاري اٿس ۽ اها ئي سخت دل عورت ڦري
ميڻ ٿي پئي ۽ سندس ڪردار توجهه، همدرديءَ ۽ پيار
جي قابل ٿي پيو.
شاهه پنهنجي بيتن ۾ مومل جي ڪردار جي باقاعدي هڪ
منطقي ارتقا ڏيکاري آهي. شروع ۾ مومل جي سونهن پسڻ
کان پوءِ سندس عشق جي رنگ ۾ رنگجي ويل هڪ سامي جي
تمام حيران پريشان حالت جو بيان ڪرڻ کان پوءِ مومل
جي بي انتها من موهيندڙ بلڪه چريو ڪندڙ حسن جمال
جو تاثر پيدا ڪيو اٿس:
ڪال گڏيوسين ڪاپڙي، پهر سج کان پوءِ،
پسو سونهه ساميءَ جي رت ورنو روءِ،
جو منهه مومل پوءِ، موٽڻ تنهن مس ٿئي.
۽ اها گهائيندڙ سونهن ماڻهوءَ کي جهڙوڪر ڪيف ۽
سرور جي ڪيفيت ۾ آڻيو ڇڏي.
بيکاريءَ کي بر ۾، وئو ڪيف چڙهي،
ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جيون، ڳوڙها پيس ڳڙي،
ڪا جا انگ اڙي، جئن ڇٽا ڦٽ ڇڙي پيا.
اها سونهن ڏسي هر ڪو سڌ ٿو ڪري ته:
هلو هلو ڪاڪ تڙين جتي نيهن اڇل،
نه ڪا جهل نه پل، سڀ ڪو پسي پرينءَ کي.
نه صرف مومل پر سندس سمورو ساٿ، سهيليون، سرتيون،
سڀني جي صورت، سينگار، ويس، وڳن، ڳهن ڳٺن جو ذڪر
ڪيو اٿس. سندس چندن چمبيليءَ، عطر عنبير، کٿوري
خوشبوئن سان پيدا ڪيل ماحول جي سونهن ۽ سرهاڻ جو
اعليٰ عڪس پيش ڪيو اٿس:
جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس.
چوٽا تيل چنبيليا، ها ها! هو هميش،
پسئو سونهن سيد چئي، نينهن اچن نيش،
لالن جي لبيس، آتڻ اکر نه اڄهي.
وري سندن سموري ماحول جي هيئن عڪاسي ٿو ڪري:
جهڙا پانن پن، تهڙيون سالون مٿن سائيون،
عطر ۽ عنبير سين تازا ڪيائون تن،
مڙهئا گهڻو مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن،
سنهن رپي سون سين، سندا ڪامڻ ڪن،
ڪيائين لال لطيف چئي، وڏا ويس ورن،
منجهه مر ڪئس
من، سوڍي سين سڱ ٿيو.
جيئن حافظ پنهنجي ڪلام ۾ محبوب جي حسن جي عام دعوت
جو زڪر ڪيو آهي:
تا جمالت عاشقان رازد بوصول خود صلا،
جمال و دل افتاده انداز زلف و خالت دربلا.
يعني: جڏهن کان تنهنجي حسن عاشقن کي وصل جي عام
دعوت ڏني آهي ته دل ۽ روح تنهنجي زلف ۽ تر جي سبب
کان مصيبت ۾ مبتلا آهن، ساڳئي طرح شاهه صاحب پڻ
مومل جي حسن جي اهڙي عام دعوت جو ذڪر ڪيو آهي:
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي گهڙجي نينهن،
نه ڪا رات، نه ڏينهن، سڀ ڪو پسي پرين کي.
سونهن جا اهڙا عڪس پيش ڪرڻ جي ڪري شاهه صاحب جي هن
سر ۾ چوندائي حسن ۽ جمال جو سر آهن هن ۾ جمالياتي
حسن
(Aesthetic Beauty)
۽ عشق جو برملا اظهار آهي. ان ڪري هن ٻين سرن کان
مختلف ۽ منفرد سر آهي. جماليات جو آرٽ سان تمام
گهرو تعلق هوندو آهي. جمالياتي حسن لاءِ چيو وڃي
ٿو ته ٻن قسمن جو هوندو آهي. هڪ حسن صوري ۽ ٻيو
حسن معنوي. حسن صوري ته ڪنهن به شي جي ظاهري شڪل
صورت ۾ هوندو آهي. پر حسن معنوي اهو حسن آهي،
جيڪو ڪائنات جي سڀني شين ۾ ٿي سگهي ٿو پر ”اپني
مڪمل معنويت کي ساتهه يه جمالي شان انسان هي مين
پائي جاتي هي اور خصوصا جنس لطيف يعني صنف نازڪ
مين.... محبت کا تمام تر واسطه اسي معنوي حسن سي
هي.“
هونءَ ته شاهه صاحب جو سمورو ڪلام ئي جمالياتي حسن
(Aesthetic Beauty
جو عڪاس آهي. پر سر مومل راڻو ته ڄڻ سراپا سونهن
آهي” حسن ۽ فن جي فلسفي جو نالو جماليات آهي. حسن
۽ فن زندگيءَ جي جنهن شعبي سان تعلق رکن ٿا، ان کي
ثقافت چئبو آهي. اهو ئي سبب آهي جو جمال جو جلوو
نه فقط ادب جو بنيادي عنصر آهي پر ثقافت جو به
سرچشمو سونهن جو ساءُ آهي. شاهه صاحب به پنهنجي
شعر ۾ جڏهن ثقافت جي ترجماني ڪري ٿو ته ان جي
سونهن نکيري نروار ڪري ٿو.“ اهو به هڪ مڃيل اصول
آهي ته فن جي مقصد مان هڪ مقصد جمالياتي تسڪين يا
خوشي
(Aesthetic Pleasure)
پهچائڻ آهي ۽ سونهن ۽ ان سان پيار جو به ان ۾ وڏو
ڪردار هوندو آهي. جي خود سونهن به انسان کي خوشي
ڏيندڙ آهي. جيڪڏهن ڪو انسان عاشق هجي ته وڌيڪ حساس
هوندو آهي ۽ حسن جو مٿس اهڙو اثر ڪندو جو هو ان جي
موهه ۾ موهجي ويندو وري ”عاشق جيڪڏهن شاعر به آهي
ته هن جي من ۾ ديرو ڄمائيندڙ دلبر، هن جي سيني ۾
سمايل سونهن ۽ هن جي خيالن تي قبضو ڪندڙ جمال جا
گيت مستي ۽ سرمستيءَ ۾ نهايت جوش ۽ جذبي سان هن جي
زبان مان بيان ٿيڻ لڳن ٿا. هو پنهنجي پسنديده
پرينءَ جي حسن جون هاڪون اهڙي انداز ۾ بيان ڪري ٿو
جو نه صرف ارد گرد وارو ماحول پر جيستائين ۽ جنهن
حد تائين سندس ڪلام جو پڙاڏو پهچي ٿو اهڙي طرح
متاثر ٿئي ٿو. جهڙي طرح عاشق شاعر.“ |