امير خسرو کي تيرهين صديءَ ۾ فارسي ۽ هنديءَ کي
گڏي استعمال ڪرڻ سببان اردوءَ جو پهريون شاعر ٿو
سڏيو وڃي ۽ پهرئين صاحب ديوان شاعر جي حيثيت ۾ قلي
قطب شاه کي، پر حقيقت ۾ اردوءَ جو باقاعده پهريون
شاعر ولي دکنيءَ کي چيو ويندو آهي جنهن جو دور
(1668-1744ع) آهي. اهو لڳ ڀڳ شاهه لطيف وارو دور
آهي. ولي دکنيءَ ٿورو گهڻو پنهنجي وطن جي منظر ڪشي
ڪئي پر پر وٽس ماڻهن جو عڪس نٿو ملي. هن وٽ خيال ۽
لفظن جي سادگي ته آهي پر عوام ڪونهي، عوامي مسئلا
ڪونهن. ساڳيو حال ان دور جي ٻين شاعرن حاتم، آبرو
۽ آرزوءَ جو آهي. ان کانپوءِ مير تقي مير ۽ سودا
جو زمانو آيو انهن ۾ ”حسن و عشق کي معاملا جس
خوبصورتي اور موثر طريقه سي ان حضرات ني باندهي اس
سي پيشتر کسي ني نهين باندهي.“ (43) هنن وٽ ڪو ٻيو
موضوع ڪونه ٿو ملي. انهن مان حاتم ٿورو مختلف شعر
چيو آهي. اورنگزيب عالمگير جي مرڻ کانپوءِ هندستان
۾ آيل ابتري ۽ سياسي ۽ معاشرتي زندگيءَ ۾ خلفشار ۽
افراتفريءَ، بدامني ۽ انتشار جيڪا بيڪاري ۽
بيروزگاريءَ جي شڪل اختيار ڪئي ته جن شاعرن انهن
حالتن بابت شاعريءَ ۾ پنهنجي دور جي ترجماني ڪئي
تن ۾ حاتم نمايان آهي.
”پرچه نان کو رکهه هاتهه مين کهاتي هين
امير.
جس کو ديکهون هون سو هي فکر مين غلطان پيچان(44)
هن شهري ۽ درٻاري زندگيءَ جون برائيون پڻ
ظاهر ڪيون آهن
يهان کي قاضي و مفتي هوئي رشوت خور،
يهان کي ديکهه لو سب اهلکار هين چور. (45)
ٻين ڪردارن ۾ ڪاسائي، سونارا، نانوائي،
گلن وارا، سپاهي، گاهه وارا، رنگ وارا، مطلب ته
شهرن ۾ رهندڙ اڪثر پيشه ور ماڻهن جو ذڪر ملي ٿو
جيڪي هڪ طرح سان سياسي افراتفريءَ جي نتيجي ۾ پيدا
ٿيل حالتن مان فائدو وٺندڙ ڏيکاريا اٿس ۽ پورهيتن
يا هيٺئين طبقي جي فردن طور ڪونه کنيا اٿس.
نادر شاهه جي حملي کانپوءِ احمد شاهه
ابداليءَ جي مصيبت به دهليءَ تي وڏو اثر ڪيو هو،
نتيجي ۾ هر طرف قحط ۽ ڏڪار هو. ان زماني ۾ سودا
(1713-1781ع) شهر آسوب لکيو هو ان جو هڪ شعر آهي
ته:
مرني کي مرتبي مين هين احباب،
جو شناسا ملا سو بي اسباب،
تنگ دستي سي سب بحال خراب،
جس کي هي تو نهين طناب. (46)
ان کانسواءِ ڪجهه ٻيا شاعر به ان قسم جو
ماحول پيش ڪن ٿا پر اهي شاهه کانپوءِ جي دور جا
شاعر آهن. شاهه جي اهڙي شاعريءَ جي باري ۾ سيد سبط
حسن لکي ٿو: ”شاهه عبداللطيف ني اپني آپ کو سندهه
کي زمين اور اسکي باسيون سي مکمل طور پر وابسته
کرليا تها. وابستگي کا يه احساس،
(sense of identity)
اردو شاعرون مين فقط نظير اکبر آبادي مين ملتا هي
کسي دوسري اردو شاعر مين نهين ملتا، اردو شاعري
مين تخيل کي پرواز هي، نکته آفريني هي جذبات کي
تڙپ هي، نغمگي اور گهلاوٽ هي، غرض يه که تمام
خوبيان هين مگر زمين سي وابستگي کا عنصر سري سي
غائب هي. (47)
جيڪڏهن هيٺئين طبقي مان ڪردار چونڊڻ، انهن
کي سورمن، سورمين جو درجو ڏيڻ، انهن ذريعي سماج جي
ڏتڙيل حالت جي عڪاسي ڪرڻ ۽ انهن سان مڪمل همدردي
بلڪه پيار ۽ قياس جا جذبا ڏسڻا آهن ۽ انهن جي
معاشي حالت ۽ سماجي حالت بدلائڻ جو احساس ڏسڻو آهي
ته اسان کي پنهنجي شاعرن وٽ اهو گهڻو اڳي ملي ٿو.
لوڪ ادب جي مختلف صنفن کانسواءِ شاهه ڪريم ۽ ٻين
شاعرن جي ڪلام ۾ اهڙا اهڃاڻ اڳين صفحن ۾ ظاهر ڪري
چڪا آهيون. شاهه لطيف جي زماني ۾ يعني سترهين
صديءَ جي آخر ۽ ارڙهين صديءَ جي وچ ۾ اسان کي
پنهنجي سنڌ جي سماجي حالت ۽ سنڌي ماڻهن جي مجموعي
صورتحال جا چٽا اهڃاڻ ملن ٿا ۽ ان جو سڀ کان چٽو
عڪس سُر مارئي ۾ ان جي ماحول ۽ ماڻهن ۾ نظر اچي
ٿل. ان جو سبب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ يا ته سنڌ ۾ ڌارين
جي ڪاهن ۽ مستقل غلاميءَ سبب تمام گهڻي غربت هئي
يا وري اسان جا شاعر وڌيڪ عوامي ۽ وڌيڪ حساس هئا.
سنڌ ۾ حاڪم ڌاريان هئڻ ڪري انهن عوامي
شاعرن ڪڏهن به سندن درٻاري بنجڻ قبول نه ڪيو. ان
دور جا شاعر گهڻو تڻو عوام منجهان هئا، ۽ گهڻو ڪري
عوام جي وچ ۾ رهندا هئا، سندن ڏک سک ۾ شريڪ هوندا
هئا، ان ڪري هو عام ماڻهن ۽ پورهيتن جي نفسيات کي
سمجهندا هئا ۽ ان ڪري هنن کي انهن طبقن جا سورما ۽
سورميون (جيتوڻيڪ اهي لوڪ داستانن جا ڪردار هئا)
پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻڻ ۾ ڪو عار ڪونه ٿيو، بلڪه هو
ان ذريعي ڪو پيغام ڏئي ٿي سگهيا. اهي پورهيت
ڪردار، اهي عوامي ڪردار، پنهنجي وطن جا هئا ۽ وطن
پيارو هجي ته ماڻهو به پيارا ٿيندا آهن يا ائين به
چئي سگهجي ٿو ته جتي به پنهنجا پيارا هجن ته اهو
وطن به وڌيڪ پيارو بنجي وڃي ٿو.
سُر مارئيءَ ۾ جيڪو ٻيو پيغام يا اهڃاڻ
رکيل آهي سو آهي دنيا جي سڀني کان اعليٰ ۽ اتم
جذبي حب الوطني بابت! اهو جذبو هونءَ ئي تمام
پيارو جذبو آهي پر شاهه لطيف جون فن جنهن به موضوع
کي ڇهي ان کي عظيم بنايو ڇڏي.
سُر مارئيءَ ۾ شاهه هڪڙو مارئي ۽ مارن کي
اهميت ڏني آهي ۽ ٻيو ملير کي. شاهه جي لاءِ جيترا
مارو مٺا آهن اوتروئي ملير مٺو آهي. انهن حوالن
سان ئي کيت مٺو اٿس. هن جو موضوع فرد نه پر ”مارو“
آهن، پنهنجو وطن پنهنجو ئي آهي، ان لاءِ دانشورن
جو خيال آهي ته: ”زمين سي گهري وابستگي دراصل
انسانون سي گهري لگاءُ کا پرتو هي، شاهه لطيف کي
انسان دوستي کان ثبوت هي، کيونکه وه انسان تو هي
جس کي مڻي دهول مين لت پت هاتهه اور پسيني مين
نهائي هوئي جسم زمين کو با معني بناتي هين. وه
کبهي سسي کي زبان سي، کبهي ماروي کي زبان سي اور
کبهي اپني زبان سان يهان، دهقانون، چرواهون،
بنجارون، جوگيون، بيراگيون، مير بحرون، اور ملاحون
کي زندگي کي تصوير کهينچتي هين. ان کا کلام ان بي
سرو سامان ليکن نهايت غيور اور آزاد طبع لوگون کي
جذبات و احساسات، خوراک و پوشاک اور رسم و رواج کا
بڙا سچا مرقع هي، ايسا مرقع جس سي تاريخ سنده کي
کتابين خالي هين.“ (48)
وطن ۽ وطن وارن جو اهو گڏيل تصور ئي هن
سُر جو موضوع آهي. پنهنجن ماڻهن ۽ ملڪ جي آزادي ۽
سُک لاءِ ڪوشش رڳو اهڙو ماڻهو ڪري سگهي ٿو جنهن کي
انهن سان بي لوث پيار هجي. ڪوبه سماج سڌارڪ يا
توڻي قوم پرست انهي پيار کانسواءِ ائين سوچي به
نٿو سگهي. سموري دنيا کي پنهنجو وطن سمجهڻ ۽ ساري
دنيا جي انسانن لاءِ درد محسوس ڪرڻ لاءِ پڻ اهو
ضروري آهي ته هو ان جي ابتدا پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن
سان ڪري. انفرادي احساس کانسواءِ اجتماعي ڀلائي جو
سوچي نٿو سگهجي. شاهه لطيف کي ان جو احساس هو ۽ ان
ڪري ئي هن سُر ۾ حب الوطنيءَ جو انتهائي اعليٰ
آدرش ڏنو اٿس، چوي ٿو:
آئون ڪيئن ڇڏيان سومرا تن پهنوارن پچار
جڙ جنين جي جان ۾، لڳي ريءَ لوهار
ميخون محبت سنديون، هينئڙي منجهه هزار
پکا ۽ پهنوار، ڏٺي مون ڏينهن ٿيا.
جن جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ پختيون هونديون آهن
۽ جن کي پنهنجن پکن سان گڏ پهنوارن سان پيار هوندو
آهي اُهي ئي سندن اون ڪندا، سندن پچار ڪندا ۽
کانئن ٿوري به دوري برداشت ڪونه ٿيندن ڇو جو هن
جو ساهه پساهه انهن سان هوندو آهي.
سنهيءَ سئيءَ سبيو، مون مارن سين ساهه
ويٺي ساريان سومرا، هت گولاڙا ۽ گاهه
هنيون منهنجو هُت ٿيو، هت مٽي ۽ ماهه
پکن منجهه پساهه، قالب آهي ڪوٽ ۾
اهو ڪوٽ ۾ قالب هئڻ جو ڏک غلاميءَ جوڏک
آهي ۽ اها غلامي دل کي، هنيئن کي قبول ڪانهي، ان
لاءِ هر وقت آزاديءَ جي سوچ آهي ۽ لوچ آهي، ڀلي ته
ڪيترا به خطرا سر تي بيٺا هجن:
بندي ٻيا قرار، اسين لوچيون لوهه ۾
مٿي تن ترار، سدا سانڀئيڙن جي.
ملير رڳو وطن جو تصور ڪونه ٿو ڏي پر اهو
آدرشي آزاد وطن آهي ۽ انهيءَ کي سڄڻ جهڙو ٿو
سمجهي. اهڙي ساڻيهه کي وسارڻ وارن کي حيف هجي.
محبوب ۽ ملڪ هڪ ئي معنيٰ ۾ استعمال ڪرڻ جي اها
روايت شاهه کان سواءِ ٻيو ڪير ٿو آڻي سگهي؟
سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري.
حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو.
اهوئي فلسفو مارئيءَ جو فلسفو آهي.
انفرادي مفادن جي قربانيءَ سان ئي اجتماعي قومي
مفاد حاصل ٿيندا آهن. پنهنجو جسم ۽ جان قربان ڪرڻ
سان ئي مٽيءَ کي مان ملندو آهي. ساڳئي وقت پنهنجي
ذات مان ڪنهن ٻئي کي تڪليف پهچائڻ جو خيال به آڻڻ
ڏکيو آهي.
هڪ جيئن نه ڄاياس، ٻيو ڄاپندي جي مران
گهنگهر گهڻو ٿياس، ڄاپي ماروئڙن کي
اهڙو جذبو رکندڙ ماڻوءَ لاءِ مقصد ڪهڙو
مشڪل آهي؟ اسان جي اميد جو شاعر آس ٿو ڏياري:
ويسارج مَ ور کي پئج مَ منڌ مري
آس سان گڏ نراس به انساني سڀاءُ جو حصو
آهي. جيئڻ جا گهڻيئي جتن ڪرڻ جي باوجود به جيڪڏهن
آزاديءَ جي آس ڪندي مرڻ ئي لکيو آهي ته پوءِ مرڻ
پڄاڻان به اها آزادي ماڻي سگهجي ٿي:
الا ائين مَ هوءِ جئن آئون مران هت بند ۾
جُسو زنجيرُن ۾ راتو ڏينهان روءِ
پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مَر پڄنم ڏينهڙا
دنيا جي حب الوطني جي شاعريءَ ۾ ڪٿي به
اهڙو خيال نٿو ملي. هڪ ته زندگي ۾ وطن لاءِ،
ويڙهيچن لاءِ ايترو احساس ۽ ٻيو وري مرڻ کانپوءِ
به انهيءَ مٽيءَ ۾ ملي هڪ ٿيڻ جي خواهش:
واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساهه
بت منهنجو بند ۾، قيد مَ ڪريجاهه
پرڏيهياڻي پرينءَ ري، ڌار مَ ڌريجاهه
ٿڌي وسائج ٿر جي، مٽي مئيءَ مٿاهه
جي پويون ٿئي پساهه ته نجان مڙهه ملير ڏي.
سُر مارئيءَ ۾ جيڪو وطنيت جو جذبو آهي ۽
جيتري شدت سان آهي، اهڙو موجوده دور جي فلسطيني
شاعريءَ کان سواءِ قدم شاعريءَ ۾ ڪٿي به ورلي ٿو
ملي. وطنيت جو جذبو قومن جي بقا ۽ وجود لاءِ تمام
ضروري جذبو هوندو آهي.
انگريزي ٻوليءَ ۾ پراڻن شاعرن مان
شيڪسپيئر جو هڪ نظم حب الوطنيءَ وارو ملي ٿو. ڀيٽ
خاطر انهيءَ جون ڪجهه سٽون لکجن ٿيون.
اهو نظم آهي
The Royal Throne of Kings
انگلنڊ جي بادشاهه رچرڊ ٻئي تي لکيل سندس الميه
ڊرامي ”دي ٽريجڊي آف ڪنگ رچرڊ دي سيڪنڊ“ ۾ موجود
آهي. انگلنڊ لاءِ چوي ٿو:
The royal throne of kings,
The sceptered isle,
The earth of majesty,
The seal of mars,
(49) The other Eden, Demi-paradise
پنهنجي وطن کي وڏو درجو ڏيڻ، ان کي بهشت جهڙو
سمجهڻ ۽ قدرت جي اعليٰ سوکڙي قرار ڏيڻ به هڪ قدرتي
جذبو آهي پر بادشاهن ۽ انهن جي شاهي خاندان جي
فردن جي حب الوطني ۾ غرض ٿي سگهي ٿو پر مارئي جهڙن
مسڪين ۽ غريب ڪردارن جو پنهنجي ڌرتيءَ سان بلڪل بي
غرض پيار ٿئي ٿو.
رابرٽ برائوننگ جو هڪ نظم
The Patriot
آهي. ان ۾ سالن کانپوءِ وطن ورندڙ ماڻهوءَ جا جذبا
آهن.
It was roses, roses all the way
With myrtle mixed in my path
The house roofs seemed to heave and sway (50)
حب الوطنيءَ تي لکندڙ نقادن انهيءَ نظم کي
ساراهيو آهي پر منهنجي خيال ۾ ان ۾ نه ڪا جذبات جي
گهرائي آهي ۽ نه ئي خيال جي نواڻ آهي، ان خيال ۽
جذبي کي گهڻو اڳ اسان جي شاعرن ۽ خاص ڪري لطيف
بهتر نموني ڳايو آهي. اهو عجيب قسم جو نظم آهي
اهڙو خيال لطيف وٽ ڪيڏو نه دل ڀڄائيندڙ آهي:
ڇُلي ڇڏ مَ ڇپرين، ڏلي ڇڏ مَ ڏيهه
پسيو وڻ وطن جا، وڙ ڪيو اچيو ويهه
سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري
بهرحال سر والٽر اسڪاٽ
Sir Walter Scott
جو هڪ نظم
The Native Land
جي عنوان سان هڪ عمده نظم آهي لکي ٿو:
Breathes there the man with soul so dead,
Who never to himself hath said,
This is my own, my native land.
جيڪڏهن واقعي ڪو اهڙو مرده دل ماڻهو دنيا
۾ آهي جيڪو وطن ورڻ مهل دل جي ڌڙڪن وڌندي نه محسوس
ڪري ته ان کي جيئڻ جو ڪو حق ڪونهي. اهڙي ماڻهوءَ
جو موت ٻٽو موت آهي ۽ مرڻ تي به نڪو ڪو روئيندو نه
کيس ڪو عزت ڏيندو، بس خاڪ ۾ ملي خاڪ ٿي ويندو:
To the vile dust from whence he sprung
Un wept, un honoured and un sung. (51)
اهو نظم انگريزي رومانوي دور جو آهي جيڪو
شاهه کان پوءِ جو دور آهي. ساڳي طرح روڊس ورٿ جا
ڪجهه نظم وطن جي نظارن بابت ملن ٿا پر اهي اهڙا
جذبا ظاهر ڪن ٿا، جيڪي حب الوطنيءَ جو اظهار ته
آهن پر منجهن اها گهرائي ڪانهي جيڪا شاهه ۾ آهي.
هندستان جي ادب ۾ هنديءَ ۾ لطيف جي دور
تائين هندي ٻوليءَ جي وڏن وڏن شاعرن انهي جذبي جي
حوالي سان گهڻي شاعري ڪانه ڪئي آهي. هندي شاعريءَ
۾ قومي جذبا ڪجهه ڪجهه سندن رزميه شاعريءَ ۾ ملن
ٿا. جنهن جا چار دور ڄاڻايا ويا آهن. پهريون دور
(1100-1250ع) چارڻن جو دور سمجهيو وڃي ٿو. ان دور
۾ درٻارن سان لاڳاپيل چارڻ ”مخصوص تقريبن ۾ پنهنجن
راجائن ۽ سندن ملڪ جي ساراه ۾ قصيدا ڳائيندا هئا ۽
سندن ڪتاب ”کهيات“ (معني تاريخ) جي نالي سان مشهور
آهن.“(53)
هن دور ۾ ”پرٿوي راج راسو“ نالي مثنوي لکي
وئي جنهن جو مصنف چندر بردائي هو. ان ۾ پرٿوي راج
جي بهادريءَ
سان گڏ ڪجهه اشارا جنگ جي حوالي سان ملڪ جي محبت
جا ملن ٿا. ان کانپوءِ وارن ٻن دورن ۾ رزميه شاعري
ته ملي ٿي پر قومي وطني شاعري ناپيد آهي. وري آخري
دور ۾ (1875-1910ع) ”بابو هريشچندر پنهنجن ناٽڪن ۾
وطن پرستي ۽ قوميت جو تعارف ڪرايو آهي“ (54)
ٻئي طرف اردو شاعريءَ جي تاريخ ۾ شروعاتي
شاعرن مان ڪن اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو آهي جيڪي
وطن سان محبت لاءِ اشارا چئي سگهجن ٿا: امير خسرو
لاءِ سيد سبط حسن لکي ٿو ”امير خسرو کي بڙي
امتيازي وصف ان کي حب الوطني هي، وه هندوستان کو
جنت سي تشبيهه ديتي هين“ سندس فارسي شعر آهي:
بهشتي فرض کُن هندوستان را
که آنجا نسبت است ابن بوستان را.“
(55)
شاهه لطيف جي هم عصر اردو شاعر ولي دکنيءَ
جا ٻه شعر آهن:
دل ولي کا لي ليا دلي ني ڇين
جا کهي کوئي محمد شاهه سون
ٻئي هند چوي ٿو:
گجرات کي فراق سون هي خار خار دل
بي تاب هي سيني مين آتش بهار دل. (56)
ان کانپوءِ جي دور ۾ غدر يا جنگ آزادي
(1857ع) تائين ”شهر آشوب“ لکڻ جو رواج نظر اچي ٿو.
انهي نظم جي قسم ۾ ڪنهن هڪ شهر جي اقتصادي ۽ سياسي
بي چيني يا تباهيءَ بابت لکيل هوندو آهي. 1857ع
کانپوءِ اهي ”شهر آشوب“ مختلف شاعرن جا قومي جذبا
ظاهر ڪن ٿا پر انهن ۾ ڌرتي سان وابستگيءَ جو تصور
نٿو ملي بلڪه شهرن جي زندگيءَ جي تصوير ملي ٿي.
ان جي برعڪس لطيف وٽ ڌرتيءَ سان اٽوٽ ناتي
جو ڏس ملي ٿو، ديس جي مانائتي مٽيءَ سان نسبت ملي
ٿي، پنهنجي ڀاڳن ڀري ڀونءِ سان ۽ پنهنجن ويڙهيچن
سان وچن ملي ٿو. لطيف جي شاعري وطن ۽ ويڙهيچن سان
وچڻ جي شاعري آهي. مارئيءَ جي روپ ۾ هن ماڻهوءَ ۽
ڌرتي جي جن روين ۽ احساسن جو اظهار ڪيو آهي اهو
انسان جي اکين مان جر جاري ڪيو وجهي ۽ جيءَ کي
جهٻي اچيو وڃي. لطيف مارئيءَ جي مام ۾ ملڪ لاءِ
محبت ۽ قربانيءَ (57) جو درس ڏنو آهي، جيڪو نه صرف
سندس دور جي ماڻهن لاءِ هو پر اهو اڄ به اهڙوئي
سچو ۽
releveant
آهي جهڙو ڪالهه هو. هن سُر جي حوالي سان ائين چئي
سگهجي ٿو ته مارئي جي ڪردار ۾ اعليٰ انساني آدرش
پيش ڪندي شاهه سائينءَ حُب الوطني، ضمير جي آزادي،
پرماريت ۽ ڏاڍ سان جنگ، سماجي تبديليءَ لاءِ احساس
۽ قومي شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اهو سڀ هڪ
سنڌي عورت جي مثالي ڪردار جي حوالي سان آهي.
مجموعي طرح سان رسالي جي بيتن جي چونڊ سان هاڻي
اچو ته مارئيءَ جي ڪردار تي نظر وجهون.
مارئيءَ جو ڪردار:
هن سموري داستان ۾ جيئن شاهه مارئي جي
ڪردار کي آندو آهي ان ۾ مارئي جي همت ۽ دليري اچرج
۾ وجهي ٿي. هن کي دنيا جو ڪو سک نٿو هرکائي، ڪا
لالچ نٿي جهڪائي، ڪو ڊپ نٿو ڊيڄاري، غريبيءَ ۾ گڻ
گهڻا اٿس، عصمت ۽ پاڪائي سندس خوبي آهي ۽ پنهنجن
اباڻن لاءِ مثالي محبت اٿس. هن کي سڀ کان وڏي ڳڻتي
۽ ڳاراڻو پنهنجي مائٽن اباڻن جو آهي. انهن جي سڪ ۾
انهن کي سنڀاري پئي جهڄي ۽ جهري ۽ ملڻ لاءِ ماندي
ٿئي. اباڻن پسڻ لاءِ آتيون اکيون سندن طرفان
موڪليل ڪنهن قاصد، ڪنهن اوٺيءَ جي پيرن جي پڻي چمڻ
لاءِ به تيار آهن.
اوٺي ڳوٺي آڻين، ڪو هُتي جو هت هير
ته ڪنا جي ڪوٽن جا، ٿين سرها سير
آئون اکين اگهان، جي پائر ڏنئه پير
الله لڳ لطيف چي، لاءِ مَ تون اوير
ڪوٺين گهاري
ڪير، محلن منجهي مون هنيون
محلن ۾ من جو منجهڻ، ڪوٺين قلب جي بي
قراري ۽ اکين جي بوندن جي بس نه ٿيڻ جي ڪيفيت،
سندس اباڻن لاءِ بي انتها اڪير ٿي ثابت ڪري. پوءِ
سوچي ٿي ته جي ڀلا ڪو قاصد نٿو اچي ته آءُ ئي کڻي
ڪو خطڙو لکان من انهيءَ جو جواب قلب کي قرار ڏي پر
دل جي اها حالت آهي جو.
مَس منهنجي هٿ ۾، ڪاغذ ڪي آڻين
لڙڪ نه لکڻ ڏين، ڪريو پون قلم تي.
اهي ڳلن تان وهندڙ ڳوڙها خود هڪ وڏي ڪهاڻي
بيان ٿا ڪن. اهو نيڻن مان وهندڙ نير مٺڙن مارن جي
محبت جو داستان پيو ٻڌائي. پنهوارن جا پور پل لاءِ
به پاسي نٿا ٿين ۽ انهن جي پچار عمر جي ڪنهن به
حيلي بهاني نٿي ڇڏي، ڇو جو سندس من ۾ انهن جي محبت
جون ميخون کتل آهن:
آئون ڪيئن ڇڏيان سومرا، تن پهنوارن پچار
جڙ جنين جي جان ۾، لڳي ريءَ لهار
ميخون محبت سنديون، هينئڙي منجهه هزار
پکا ۽ پنهوار، ڏٺي مون ڏينهن ٿيا.
هن کي رڳو سندن ياد ڪانه ٿي ستائي ۽ وڇوڙو
نٿو ماري پر سندن فڪر ۽ اون به کيس گهڻي آهي، اهي
ويچارا غريب ۽ اپهچ آهن، عمر سان پڄڻ جو ساهس ڪونه
اٿن ۽ اها بيوسي ۽ هيڻائي هنن کي ماري وجهندي
هوندي، هنن جون سڀ خوشيون ختم ٿي ويون هونديون ۽
ان جو ڪارڻ پاڻ کي ٿي سمجهي ۽ پنهنجو ڄمڻ، هئڻ ٿي
نندي:
هيڪ جئن نه ڄاياس، ٻيو ڄاپندي جي مران
گهنگهر گهڻو ٿياس، ڄاپي ماروئڙن کي
بي قصور هوندي پاڻ کي قصور وار ٿي ڀانئي،
جنهن مارن کي مهڻي هاب ڪيو. اهو سندس ماڻهن ۽ ملڪ
جو دستور ڪونهي جو هو سون تي سيڻ مٽائين، ان کان
اڳ ئي وهه کائي مري وڃڻ بهتر ٿا سمجهن:
هيءُ منهن ڏيئي ٻن، تون وهه کائي نه مرين
تان جي ملير ڄايون، توسين سڱ نه ڪن
تون ڪيئن منجهان تن، پاڻ ڪوٺائيين مارئي
سندس پنهنجي اباڻن سان اهڙا ٻنڌڻ آهن جيڪي
ٽٽڻا ناهن، انهن کانسواءِ جيئڻ جو تصور به محال
آهي:
جيئن
ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، تيئن مون ماروئڙن سين.
هوءَ وٽن وڃڻ ۽ ساڻن ملڻ لاءِ بيقرار آهي.
سي ماروئڙا ٿر ٿيا، جي ڳڻن جاڳهير
تنين ريءَ همير، گهنگهر گهاريان ڏينهڙا.
پنهنجا اباڻا، پنهنجون سرتيون ساريندي ڳچ
ٿا ڳڙي پونس ۽ پنهنجي ميري محبوب تي به مان اٿس، ۽
انهيءَ جي اٻالي حالت ۽ غريب گذران جي ڄاڻ هوندي
به محلن جا سک ۽ عيش قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،
انهن لاءِ وفاداريون مٽائڻ لاءِ تيار ناهي ۽ آس ۽
اميد جو دامن جهليو بيٺي آهي. پاڻ کي پاڻ دلاسو ٿي
ڏي يا لطيف کيس دلداري ٿو ڏي:
”م ڪين روءَ مَ رڙ ڪين، مَ ڪين ڪر دانهون
ستي لوڪ لطيف چئي، ٻئي کڻج ٻانهون
لڌئي جت لائون، سو ڏيهه پسندينءَ مارئي
۽ اهو خيال ئي خوب اٿس ته جلد پنهنجي
پرينءَ کي ويجهي ٿي ساڻس روح رهاڻيون ڪندس ۽ اهو
سڀاڳ ماڻيندس:
جي ويجهي ٿيان ور کي، ته سڀاڳو مَ سئون
نت نت آهي نئون، مون کي پسڻ پهنوار جو
پر ان ملڻ کان اڳ ڪنهن به صورت ۾ ويساهه
گهاتي ناهي ڪرڻي:
اي نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائين سون تي
اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪريت
پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان.
هن سموري سُر مان مارئيءَ جو ڪردار، هڪ
مڪمل عورت جو ڪردار بنجي ٿو اڀري اچي ۽ اهو عمل
جو، پختي ارادي جو، ثابت قدميءَ جو اهڃاڻ ۽
symbol
بنجي ٿو اڀري، غير جي غلاميءَ کي ڪنهن به صورت ۾
قبول نه ڪرڻ ۽ ان غلاميءَ سان لاڳاپيل عيش عشرتون
ٺڪرائي غريبيءَ ۾ آزادي جو اڻڀو ٽڪر..... بلڪه
فاقو فرحت ڀانئڻ، اهو درس ڪيڏو نه اعليٰ مقصد رکي
ٿو، اعليٰ آدرش رکي ٿو. انهن مارن ڀلي کيس ياد نه
ڪيو هجي، ڀلي کيس واپس آڻڻ لاءِ ڪو جتن نه ڪيو
هجي، کيس نيئڻ لاءِ ڪوشش نه ڪئي هجي، نه نياپو مڪو
هجي، نه اوٺي اماڻيو هجي ته به پل پل اهي ئي ياد
اٿس.
ڪڏهن ڪونه آيو، تن پهنوارن پهي
وئڙا سي وهي، جنب گذاريم جن سين.
ته به سندس من انهن سان مليل آهي، پر جي
هو سندس سار لهن ها، کيس نياپا اماڻين ها ته جيڪر
قيد ڪاٽڻ سولو ٿي پويس ها، بند ۾ برو حال نه ٿئيس
ها:
جي ڪر لڌائون، ته بنديءَ بند نه ساريو
مارُوئڙن آئون، جيڪس ويس وسري.
سندس سرتين سهيلين به سندس ڪا سار نه لڌي
جن سان چڱا مٺا ڏينهن گهاريا هئائين، بک اڃ ۾ ساٿ
ڏنو هئائين، فاقا ڪڍيا هئائين ۽ جن سان گڏجي ڏٿ
ڏونرا چونڊيا هئا.
ڪارا ڪراين ۾، سون اسان کي سوءِ
ور جيڏين سين جوءِ، فاقو فرحت ڀانيان
ته به اهي پنهنجون غريب ۽ مسڪين سرتيون
ساري عمر جي سکن کي انهن کان گهٽ ڄاڻي سندن ساراه
ٿي ڪري:
جن ڪراين ڪچ جا، ور ساهيڙيون سي
ات اڪنڊي آهيان منهن ماروءَ جي
پکن سين نه پاڙيان هنڌ تنهنجا هي
اهل اباڻن کي، مري شال ملهائيان
مارئيءَ جو سيل ۽ ست، سندس پاڪائي ۽
پوترتا سندس سڀ کان وڌيڪ ساراهيل گڻ آهي جنهن جي
حفاظت ۽ بچاءُ لاءِ هوءَ نه صرف پاڻ تي پهرا ٿي
وجهي ۽ هر سک پاڻ تي حرام ٿي ڪري پر عمر کي به
اهڙو ڪو قدم نٿي کڻڻ ڏي. بس اهوئي اونو هئس ته
جهڙي آئي آهيان تهڙي واپس وڃان:
جهڙي آيس جيئن، تهڙي ملان تن کي
ڦران ڦر چاريان، هنيون چئيم هيئن
وڃان ڪيئن وطن ڏي؟ ڪاڻ لهندم ڪيئن
مندائتي ميهن، سنهان سرتين وچ ۾.
ان لاءِ زور زبردستيون به ڏٺائين، ظلم جا
زنجير به پاتائين، لوڻ لڱڻ به لاتائين ۽ هر قسم جو
ستم سٺائين پر پنهنجي مارن جي لڄ، پنهنجي لوئي نه
لاٿائين، اڄ اها لوئيءَ جي لڄ قومن لاءِ فردن لاءِ
اهڃاڻ
symbol
بنجي وئي آهي عزت نفس ۽ خود داريءَ جو:
پٽ نه پهريان سومرا، جان ڪين تان جيان
آئون ڪيئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏينهان
جانسين ٿي جيان، ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو.
---
ڪرئو مهاڙ ملير ڏي، اڀيائي آهي
جا مٿي ڏنيس مارئين، سا لوئي نه لاهي
سومرا! ساهي، ستيءَ وجهه مَ سنگهرون
اها خود داري ۽ عزت نفس فردن جو ۽ قومن جو
مرڪ آهي، جڏهن اها فرد سان ٿي لاڳاپجي ته مارئيءَ
جو سراپا ٿو سامهون اچي ۽ جڏهن قومن سان ٿو
لاڳاپجيس ته حب الوطني ۽ ڏيهه سان پيار ٿو ڏسڻ ۾
اچي جيڪو پڻ مارئيءَ جو حوالو بڻجي ٿو وڃي.
مارئيءَ لاءِ وطن ۽ ويڙهيچن جو پيار ايمان مثل آهي
۽ انهي ايمان هيٺ هوءَ وطن جي مٽيءَ کي مانائتو ٿي
ڀانئين ۽ اکين سان لائڻ ۾ سڀاڳ ٿي سمجهي. ان جو
سونهن ۽ سرهاڻ کي ڪنهن اعليٰ قسم جي عطر عنبير کان
به مٿڀرو ٿي ڀانئين ۽ هن جي لاءِ کٿوريءَ جي
خوشبوءَ وانگر آهي.
”سندي جا ساڻيهه کهه کٿوري ڀانئيان“
۽ اهو جذبو جڏهن انتها تي پهچي ته پوءِ
پنهنجو جيءُ مٺو نٿو لڳي.... پر وطن کان پري مرڻ
به ته منظور نه اٿس ۽ سوچي ٿي ته متان ائين نه ٿئي
جو آءُ هتي بند ۾ مري پوان... پويان پساهه پنهنجي
پياري وطن ۾ ٿي کڻڻ چاهي ۽ مرڻ کانپوءِ به ان
مٽيءَ ۾ ملڻ ٿي چاهي.... اهڙو هو مارئيءَ جو
ڪردار!!
الا ائين مَ هوءَ، جئن آئون مران هت بند ۾
جسو زنجيرن ۾، راتو ڏينهان روءِ
پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينهڙا
اهو جسم زنجيرن ۾ قيد آهي ته به من ته
پنهنجي ملڪ ۾ پيو وسيس، ان جي مٽيءَ کي پيو تانگهي
۽ پوءِ هڪڙو خيال ٿو اچيس ته جي هتي مري به پوان
ته ائين نه ٿئي جو منهنجي مڙهه کي منهنجي ملڪ جي
مٽي نصيب نه ٿئي، پوءِ ٿر جي ٿڌي واري وسائڻ جي
پارت ڪندي عمر کي ٿي چوي:
ٿڌي وسائجان ٿرن جي، مٽي مئيءَ مٿاهه
جي پويون ٿئي پساهه، ته نجاهه مڙهه ملير ڏي
شاهه اميد جو شاعر آهي اهو کيس نراس ٿيڻ
نٿو ڏي ۽ چويس ٿو:
مَ ڪين روءُ م رڙ ڪين، مَ ڪين هنجون هار
جهڙا اچن ڏينهڙا، تهڙا ويٺي گهار
ڏکن پٺيان سکڙا، سگها ٿين سنگهار
لٿا لوهه لطيف چئي، پروڙج پهنوار
ٻيڙيون نيئي ٻار، توتان بند بدا ٿيو.
حوالا
(1)
سيد، جي ايم، پيغام لطيف، روشني پبليڪيشن،
ڪنڊيارو، 1988، ص-111.
(2)
بدر ابڙو، مارئيءَ جي موٽ ۽ ملير جو تصور، سر
مارئي، مرتب حميد سنڌي شاهه عبداللطيف ڀٽائي
ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه. 1990، ص-129.
(3)
تنوير عباسي، شاهه لطيف جي شاعري جلد پهريون، شاهه
عبداللطيف ثقافتي سوسائٽي، ڪراچي، 1976، ص-158
(4)
تنوير عباسي، شاهه لطيف جي شاعري، جلد ٻيو نيو
فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1985، ص -70
(5)
سبط حسن سيد، شاهه لطيف ڪي شاعري، ريسرچ فورم سبط
حسن نمبر، ريسرچ فورم پبليڪيشنز، ڪراچي 1987، ص 16
(6)
قليچ بيگ مرزا، احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شاهه
عبداللطيف ڀٽائي ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه، ص -171
(7)
شاهواڻي، غلام محمد، محمد ابراهيم، شاهه جو رسالو،
آر ايڇ احمد برادرس حيدرآباد، 1961، ص -769
(8)
آڏواڻي، ڪلياڻ، شاهه جو رسالو، بمبئي، ص -254.
(9)
احسن، حافظ محمد، شاهه جو پيغام، احسن پبليڪيشن
دادو، 1970، ص -23
(10)
بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان، عمر مارئي، قصو، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد، سنڌ، 1976، ص -2-3
(11)
ايضاً، ص-43.
(14) ايضاً، ص-44.
(15) بدر ابڙو، مارئيءَ جي موٽ ۽ ملير جو تصور، سر
مارئي ص-128-129.
(16) ڀمڀاڻي پروفيسر نارائڻداس، شاهه جون سورميون،
سنڌي ڪتاب گهر تلڪ روڊ، حيدرآباد 1957، ص -80
(17) ايضاً، ص -80
(18) ايضاً، ص-91.
(19)
Goodman, W.R Pracitical Criticism-Economic front
Publication.39
(20) بدر ابڙو، مارئي جي موٽ ۽ ملير جو تصور، سر
مارئي، ص-126
(21) سيد، جي ايم، پيغام لطيف، روشني پبليڪيشن
ڪنڊيارو، 1988، ص-81.
(22) جويو محمد ابراهيم، شاهه سچل ۽ سامي، سنڌي
اديبن جو ڪو آپريٽو سوسائٽي لميٽڊ حيدرآباد 1978،
ص -55
(23) تنوير عباسي، شاهه لطيف جي شاعري، جلد ٻيو، ص
-56
(24) چنا محمد ابراهيم، مارئي جو ڪردار، مختصر
فڪري جائزو، سُر مارئي، ص-204
(25) راشدي حسام الدين ”سنڌ جو پهريون زرعي سڌارڪ
شاهه عنايت صوفي“ ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، انجمن
تاريخ سنڌ ڪراچي، حيدرآباد، 1981، ص-355
(26) خاڪي جويو، شاهه لطيف جي شاعري، سنڌي قوم جي
تاريخي شعور جي اعليٰ ثقافتي شڪل آهي، ترقي پسند
ادب، 1- ادب اڪيڊمي، ڪراچي، جولاءِ 1986، ص-97
(27) ايضاً، ص-108
(28) آريسر عبدالواحد، وريا واهرو، شهيد عبدالقادر
هاليپوٽو پبليڪيشنز، سيوهڻ سنڌ، 1981ع، ص-37
(29)
Legouis Emile and Cazamian Louis A History of
English Literature, revised edition J.M. Dent
and Sons Ltd, London 1967 pp.592
(30)
Ibid
(31)
Ibid pp.716
(32) بدر ابڙو، تنقيد نگاري ارتقائي جائزو، سنڌي
ادبي سنگت، ڪراچي، 1985، ص-75-76.
(33)
Legouis Emile and Cazamian Louis- AHistory of
English Literature. Pp.1005
(34) تنوير عباسي، شاهه لطيف جي شاعري (جلد
پهريون)، ص -13.
(35) ايضاً، ص-12
رائيپوري، اختر حسين، ادب اور انقلاب، دوسرا
ايڊيشن، نيشنل انفارميشن اينڊ پبليڪيشن لميٽڊ،
بمبئي، ص-20-21.
(36) ايضاً، ص-27
(37) ايضاً، ص-28
(38) ايضاً، ص-28
(39) ايضاً، ص-28
(40) ايضاً، ص-30
(41) احمد، محمد جميل، اردو شاعري پر ايک نظر،
اشاعت اول، غضنفر اکيڊمي پاڪستان، ڪراچي، 1985. ص
43.
(42) رائيپوري اختر حسين، ادب اور انقلاب، ص-34-35
(43) سڪسينه، رائي بابو، تاريخ ادب اردو، مترجم
مرزا محمد عسڪري، غضنفر اڪيڊمي، ڪراچي، ص-40
(44) ملڪ، ڊاڪٽر شميم، اقبال ڪي قومي شاعري، مقبول
اڪيڊمي لاهور، 1986، ص -45.
(45) ايضاً، ص -47.
(46) ايضاً، ص-51.
(47) سبط حسن سيد، شاهه عبداللطيف ڪي شاعري، رسرچ
فورم، ص-61
(48) ايضاً، ص-22
(49)
Gordon, J. Edward—Introduction to Literature
Yale University. Ginn and Company pp.489.
(50)
Men and Women and other poems. Harper. J. N
J.m.Dent and Sons 1988 pp..75
(51)
Gordon. J. Edward – Introduction to Literature
Yale University. Ginn and Company. Pp.488
(52)
Ibid
(53) ورما، رام ڪمار، هندي شاعري ۾ قومي جذبات،
نگار، هندي شاعري نمبر، جنوري 1936، جلد 29،
ايڊيٽر نياز فتح پوري ص-41
(54) ايضاً، ص-52
(55) سبط حسن، سيد، پاڪستان ۾ تهذيب ڪا ارتقاء،
آٺوان ايڊيشن، مڪتبه دانيال، 1989، ص-25.
(56) عباس، ڊاڪٽر مظفر، اردو ۾ قومي شاعري، اشاعت
روم مڪتبه عاليه لاهور 1987، ص-45.
(57) ڪاشف، محمد حسن، کٿيءَ وٽيون کٿيون، سر
مارئي، مرتب حميد سنڌي، ص-112. |