شاهه صاحب پنهنجي جانب جو جمال ڏٺو هو، سندس جلوو
پسيو هو، تپ ۾ ڳاڙهن نيڻن کي خمار مان کڻندي ڏٺو
هئائين... کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر
۽ ان کان پوءِ سندس جيڪا حالت ٿي هئي تنهن جي خبر
به هئس جو جهڙوڪر جوڳي سامي بنجي جهنگ منهن ڏئي
هليو ويو هو. ان ڪري جڏهن هن سر ۾ مومل جي جمال جو
جلوو پسي ايندڙ سامي جوڳيءَ جي ڪيفيت ٿو بيان ڪري
ته ڄڻ پنهنجو تجربو ۽ مشاهدو ٿو بيان ڪري:
جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو،
پتنگ جيئن پيدا ٿيو، سامي سج وڙاءُ،
آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪئنارن ڪڪوريو.
۽ وريجڏهن پنهنجي ڪنهن سورميءَ جي سونهن جي
ساراهه ٿو ڪري ته يقينا ان مهل سندس زهن ۾ ڪا مورت
موجود آهي. جڏهن سندس جدائيءَ ۾ جهرڻ ٿو ٻڌائي ته
پنهنجي اندر کي ٿو کولي رکي ۽ اهو جدائي وارو
تجربو آڏو ٿو اچيس جنهن کيس وطن کان پري وڃي پاڻ
وسارڻ تي مجبور ڪيو هو. جڏهن هو سندن وصال جو ذڪر
ٿو ڪري ته پنهنجي ڪيفيت کي ٿو ظاهر ڪري. جيئن سر
کنڀات ۾ محبوب جي حسن جي گهڻي ساراهه ڪئي اٿس.
سندس جدائيءَ ۾ ڪنولن کي ڪومائجندو محسوس ڪيو اٿس.
تيئن مومل راڻي ۾ به ڪيو اٿس. مومل جي هار سينگار،
ناز، انداز، ويس وڳن ۽ ٺاهه ٺوهه جي تعريف ڪئي
اٿس. نه صرف ايترو پر سندس ڪاڪ محل، ان جي باغ
باغيچن جي، سندس وهنجڻ وراي تڙ جي به خوبصورت
عڪاسي ڪئي اٿس. جتي عطر عنبير جي خوشبو سان وايو
منڊل واسيو پيو آهي. جتي چندن ۽ چمبيلي هاڻا چوٽا
ڌوئڻ کان پوءَ تڙ تي سرهاڻ سببان ڀئونر ڀنڀلجي ٿا
اچن:
جنهن تڙ ڌوڙون ڌون، چوٽا چندن چڪ ڪيو،
اچن ڀئونر ڀنڀوليا پاڻي تنهين پون.
راول رتو رون، ڪو وهه لڳو واسئين.
۽ جتي حسن جي هاڪ تي ڪيئن شاهه ۽ شهزادا امير ۽
وزير پنهنجو مال متاع ۾ جيءُ جان قربان ڪرڻ لاءِ
ڳاهٽ آهن.
شاهه صاحب جون ٻيون سورميون حسين هيون، پر ڪنهن به
سر ۾ نسواني حسن کي ايترو ڪونه ساراهيو اٿس. مارئي
جي سونهن عمر کان ايڏو وڏو قدم کڻايو، سهڻيءَ ۽
سسئيءَ جي سونهن تي عاشق ٿي انهن لاءِ ميهار ۽
پنهون شهزادن مان ڦري عام پورهيت (مينهون چاريندڙ
۽ کٽي) ٿيا هئا پر انهن سورمين مان ڪنهن جي به
اهڙي ساراهه ڪانه ڪئي اٿس. بلڪه انهن واتان ميهار
۽ پنهونءَ لاءِ تعريفي جملا چورايا اٿس، ان جي
برعڪس مومل جو ڪو مٽ ئي نه ٿو ڄاڻي، سو ڇو؟؟؟
نوريءَ جي اکين جي ڪامڻ جو صرف هڪ بيت ۾ اشارو ڏنو
اٿس. پر مومل جي اکين تي ڪيترائي بيت چيا اٿس.
مومل کي مجاز جا اکين ۾ الماس،
مومل کي مجاز جا اکين ۾ انبور
گجر کي گجميل جون تارن ۾ تبرون
نه صرف ايترو پر مومل جي وجود سان لاڳاپيل سموري
ماحول، محل، محلاتن، اوطاقن اڱڻن کي، سندس سهيلين
سرتين جي جمال جي جلوي کي، سونهن ۽ سرهاڻ، حسن ۽
خوشبو سان واسي ڇڏيو اٿس ۽ انهيءَ پس منظر ۾ مومل
جي سونهن کي سڀني کان سرس ڪري بيان ڪيو اٿس:
سون ورنيون سوڍيون، رپي رانديون ڪن،
اگر اوطاقن ۾، کٿوريون کٽن.
اوتيائون عنبير جا، مٿي طاق تڙن،
ٻاٽن ٻيلون ٻڌيون، پسئو سونهن سڙن،
ٿيا لاهوتي لطيف چي، پسڻ لئه پرين،
اجهي ٿا اچن، ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي.
هن سر ۾ سڀني انساني حواسن جي تسڪين جو سامان
موجود آهي. هن جي نظري عڪس
(Visual Images)
آهن، ۽ سرهاڻ جا تاثر
(Olfactory images)
به آهن، جيئن سر سهڻي ۾ آوازي عڪس
(auditory Images)
لاءِ چڙن جو آواز، درياهه جي دڙڪن جو ذڪر ڪافي سٺو
تاثر پيدا ڪندڙ هئا. تيئن هتي سونهن ۽ سرهاڻ جو
ڏاڍو پيارو تاثر ٿو اڀري. رنگن جو امتراج به آهي
ته سون چانديءَ جي چمڪ به، ڪامڻ ڪندڙ حسين ڪامڻيون
به آهن ته نينهن اڇل به آهي، اهو سمورو مومل جو هڪ
وڏ گهراڻي عورت جو خوبصورت عڪس آهي. آخر ان کي
اهڙو روپ ۽ رنگ ڏيڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟
ان تصوير ۾ مجاز جي مدهوشي به آهي ته عشق جو اعجاز
به، نسواني حسن جي حيرت انگيز حد تائين تعريف
بهڪنواريون ۽ ڪنئور ڪاهه ته پسون ڪاڪ جا جهڙوڪر
شاهه صاحب جي مزاج جي خلاف ڳالهه پئي لڳي. منهنجي
خيال ۾ ته هن سر ۾ ڪردار جي ظاهري سونهن جي ساراهه
ان لاءِ ڪئي اٿس جو ائين نه ڪرڻ جي صورت ۾ مومل
سورمي، ڪانه بنجي سگهي ها. قصي جي مختلف روايتن کي
ٿو ڏسجي ته منجهس ٻين سورمين واري ڪردار جي ته ڪا
خاصيت خوبي نظرئي ڪانه ٿي اچي، بلڪ پاڻ ڪردار ۾
خامي اٿس. شاهه صاحب شايد ان کي برابر
(Balance)
ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو آهي. ڇاڪاڻ جو هن ۾ ڪردار جي
جيڪا خامي
(flaw of character)
موجود آهي. ان ڪري ٻين سورمين جهڙي همدرديءَ جي
لائق نٿي بنجي سگهي. سندس آهن، دانهن ۾ اهو تاثر
محسوس ڪونه ٿئي ها. سندس سڪ ۾ سسئيءَ ۽ سهڻيءَ
واري سچائي ۽ پاڻ ارپڻ جي چاهنا ڏسڻ ۾ ڪانه اچي
ها. منڍ کان ئي وٽس اها صداقت ڪانه هئي. مختلف
روايتن ۾ سندس ڪردار جي ارتقا اهڙي طرح ڏيکاريل
آهي جو ان جو منطقي نتيجو سندس لاءِ اها همدردي
نٿو پيدا ڪري جيڪا ٻين سورمين لاءِ پيدا ٿئي ٿي.
ان ڪري شاهه صاحب جي بي انداز سونهن جو بيان ڪيو
آهي ۽ هڪ طرح اهو احساس پيدا ڪيو آهي ته هيترن
سارن شاهن، شهزادن مان هڪڙي راڻي کي چونڊڻ واري
ويچاري مومل کي مليو ڇا؟ اوسيئڙا، انتظار ۽
پڇتاءُ، جنهن ويچاريءَ سمجهيو ته:
روءِ راڻي جي ناهه ڪو، سوڍا ٻيا به سڄان،
نسوريائي نينهن جي، ڪسيائين ڪمان،
ڇڏيا ويا ڇوهه ۾، دعوائون ديوان،
ٻي رهيا ئي ڪانه، ٿيو مڙوئي مينڌرو.
آخر ان کي نصيب ڇا ٿيو؟ ڪاڪ جا ڪانگ اڏائڻ!
شمع ٻاريندي شب، پرهه باکون ڪڍيون،
موٽ مران ٿي مينڌرا، راڻا! ڪارڻ رب،
تنهنجي تات طلب، ڪانگ اڏايم ڪاڪ جا.
ٻئي طرف جيڪڏهن مرد ڪردارن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ٿي ڪجي ته
اتي به معاملو مختلف آهي. پنهون ۽ ميهار يا تماچي
فطري نموني سان جانب جو جلوو پسڻ کان پوءِ محبوب
جي موهيندڙ مورت تي موهت ٿيا هئا ۽ پوءِ ان جي
حصول جي لاءِ ڪوشش ڪئي هئائون. انهن کي حاصل ڪرڻ
کان پوءِ ڪجهه ڪجهه وقت گڏ گذاريو هئائون. پوءِ
پنهنجين سورمين جي ڪنهن خطا سبب انهن کي ڇڏي ڪونه
ويا هئا. بلڪه انهن کي زوريءَ جدا ڪيو ويو هو پر
راڻي جو مومل سان عشق جهڙوڪر غير فطري پيو لڳي. هڪ
ته راڻو اڳئي پرڻيل هو. ٻيو راهه هلندي ڪنهن جي
نيهن جي نهوڙيل سامي کان مومل جي حسن ۽ عشق جي
عام دعوت جو ٻڌي ان کي ڏسڻ، ملڻ ۽ ماڻن جو شوق جاڳيو هوس. سندس اکين جي
الماسن سان عام ۽ خاص جي وڍجڻ ۽ ڪاڪ ڪنڌيءَ تي گجر
جي گهايلن جي قبرن جو ٻڌي پاڻ به ٻين دوستن سان
گڏجي قسمت آزمائڻ نڪتو هو:
هلو هلو ڪاڪ تڙين جتي گهڙجي نينهن،
نڪا رات نه ڏينهن، سڀ ڪو پسي پرين کي.
پوءِ تمام گهڻي چالاڪيءَ ۽ هوشياريءَ سان مومل
تائين پهتو هو ۽ وري ساڻس وصال ماڻي موٽي ويو.
ڪجهه وقت چانگي تي چڙهي مومل سان ملڻ ايندو هو.
پوءِ آخر هڪ ڀيري شڪ جو شڪار ٿي هميشه لاءِ رسي
ويو. راڻي جو اهو رسامو مختلف راوين شاعرن ۽ سگهڙن
جائز قرار ڏنو ۽ مومل کي قصور وار ٺهرايو آهي پر
شاهه صاحب اتي به مومل جو ڪنهن حد تائين بچاءُ ڪيو
آهي. مومل واتان جڏهن چوائي ٿو:
ميان مينڌرا موٽ، بخش ڪر بڇايون،
تون گهڻين جو گهوٽ، مون ور تون هين هيڪڙو.
ته ڄڻ ته هڪ قسم جو جواز ٿو ملي پوي، راڻي جي بي
رخي جو ۽ مومل جي غلطيءَ جو اڃا به مومل جي صفائي
۾ کانئس چورائي ٿو:
جنءَ اينده، موٽه، مينڌرا، وڏي جاڙ ڪياء،
ور نه هئين ولها! هوند جٽي مون جاڳاء،
ته ستي جي ساڃاءِ، سوڍا سگهيا ئي ٿئي.
چوي ٿي ته جڏهن آيو هئين ته منهنجو مڙس هيئن جي
مون کي جاڳائي پڇين ها ته ائين غلط فهميءَ جو شڪار
ته نه ٿين ها! اهو نه جاڳائڻ ۽ نه پڇڻ جو ڏوهه
بنائي ڄڻ ته مومل جي معصوميت ثابت ڪري شاهه صاحب
سندس ڪردار تي آيل الزام جي صفائي ڏني آهي. اهو ئي
موقعو آهي جو لطيف ڪهاڻيءَ ۾ اهم سمجهيو آهي.
In the story of Momul and Rano, the poetic
interest lies in the sudden conviction that
comes to Momul that she has made a mistake and
has lost her love forever.
The poems infact have an intense dramatic
interest associated with the climex of the
adventure in every case (20)
مطلب ته مومل راڻي جي ڪهاڻيءَ ۾ جتي مومل کي
پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿئي ٿو ۽ سمجهي ٿي ته مون
کان منهنجو محبوب هميشه لاءِ رسي ويو آهي. اتي
شاعر متوجهه ۽ متاثر ٿئي ٿو هن مرحلي تي بيتن ۾
ڊرامائي دلچسپي پيدا ٿئي ٿي. شاهه صاحب کان سواءِ
ٻين شاعرن مان ڪن ته راڻي جو چپ چاپ محض لڪڻ رکي
هليو وڃڻ سندس مردانگيءَ خلاف سمجهيو ۽ کيس ڌڪ هڻي
پورو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئ پر شاهه صاحب اهڙو ڪو به
جاهلانه خيال نه ٿو رکي. هن جهڙوڪ هڪ روشن خيال ۽
سڄاڻ مانهو انهيءِ روايتي غيرت جي نالي تي ڪيل غلط
عمل کي هرگز پسند نه ٿو ڪري سگهي. بلڪه هو اهو
ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ته راڻي جو صبر ئي مومل
جي لاءِ وڏي سزا هئي. خود مومل به انهيءَ صبر کي
ساراهي ٿي ۽ چوي ٿي ته راڻي جي اصل وڏائيءَ جي خبر
ئي پنهنجي انهيءَ ڪپر (غلطي) مان پيم.
سوڍا! صبر تنهنجي ماڻهو ڪي مومل،
ڪپر منجهان ڪل، پيم پرين! تنهنجي.
۽ انهيءَ صبر منهنجو مان رکي ڇڏيو، مدايون ميٽي
ڇڏيون:
سوڍا صبر تنهنجو، مومل مت ٿيو،
تو جو ڪال ڪئو، تن مديون ميٽي ڇڏيون.
شاهه صاحب کي اهو راڻي جو چپ سان چوڻ، وڻيو آهي
چوي ٿو:
سوڍا صبر تنهنجو مرڪ لڄاين،
چپ سين جي چون، ادب ڪجي ان جو.
مومل جي غلطي، راڻي جو صبر پنهنجي جاءِ تي پر هڪ
ڳالهه شاهه جي ڪلام مان اها ضرور واضح ٿئي ٿي ته
سندس غريب ڪردارن جو مان مٿانهون ڪيو اٿس ۽ مٿيئن
طبقي جا ڪردار ڪجهه گهٽ ٿا لڳن.
One may observe here that shah latif protrayed
the poor and lowly noori, Sasui, Marvi, Sohni,
as virtuous ladies and the rich and worldly
great Lila and Momal as swerving form their real
path
اها ڳالهه هڪ طرح عام مشاهدي جي ڳالهه به آهي ته
هيٺيئن طبقي جي عورت دٻيل، هيسيل
(Superessed)
هئڻ جي باوجود سماج ۾ به فعال ڪردار تي ادا ڪري ته
ذاتي زندگيءَ ۾ به فعال
(active)
آهي. هن ۾ پنهنجي ذات جو شعور نه سهي، هوءَ پنهنجي
شخصيت جي اهميت کان اڻ ڄاڻ سهي، پنهنجي پورهيي
سان، پنهنجي ڪردار سان پنهنجو وجود ڪارائتو بنائي
پنهنجيهئڻ کي محسوس ڪرائي ٿي وٺي پر مٿين طبقي
جي عورتن ۾ اها فعاليت ڪانهي. هڪ وڏ گهراڻي عورت
کي واندڪائي سست ۽ ڪاهل ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي
ٺاهه ٺوهه، سونهن سوڀيا، هار سينگار، ڏانهن
متوجهه ٿيڻ جو موقعو ٿي ڏي. هوءَ سماج ۾، گهر ۾،
يا ذاتي زندگيءَ ۾ ڪو پيداواري
(productive)
۽ ڪارائتو ڪم نه ڪرڻ سببان غير اهم بنجي ٿي وڃي ۽
پنهنجو پاڻ کي محسوس نه ٿي ڪرائي سگهي ته پوءِ پاڻ
وڻائڻ لاءِ پنهنجي سونهن ۽ سينگار جو سهارو ٿي وٺي
۽ مرد به منجهس ٻي ڪا خوبي ڳولڻ بدران محض سندس
سهڻي صورت جو پرستار بنجي کيس دل وندرائڻ جو
رانديڪو ٿو سمجهي. جيڪو دل ڀرجي وڃڻ تي ڇڏي ڏبو
آهي. سندس انساني محسوسات ۽ جذباتي ڪيفيت کي
نظرانداز ڪري محض هڪ سهڻي گڏيءَ جي حيثيت ڏنل ان
عورت کي اهو شعور ۽ ادراڪ ڏاڍو دير سان ٿيندو آهي
۽ پوءِ اها ڄاڻ سندس لاءِ وڏو ذهني عذاب بنجي
ويندي آهي ۽ الا ڏاهي مِ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن
مثل ڏکوئجي ويندي آهي. مومل ۽ ليلا اهڙا ئي ٻه
ڪردار آهن، خاص ڪري مومل جي انهي نفسيات جو شاهه
صاحب گهرو مشاهدو ڪيو آهي، ان ڪري پهرين ته سندس
سونهن سوڀيا ۽ هار سينگار جي اهميت بيان ڪئي اٿس
پر پوءِ منجهس پڇتاءُ، غلطي جو احساس، انتظار ۽
اوسيئڙي جي ڪيفيتن ۾ اها سڪ ۽ سوز پيدا ڪيو اٿس،
جيڪو سندس ٻين سورمين جي ڪردار جو حصو آهي.
In the stories of Momul and Rano and Lila and
Chansesar Shah abdul latif brings to light the
vanity and snobbery of high clas society Momul
and Lila are both daughters of Rajas, They are
arrogant and self centred and turn a blind eye
to their duties. Momal blames her own neglectful
nature for not being attentive and for under
estimating her busband, who leaves her while she
is a sleep, having suspicions in his mind about
her character, she feels, regret only after
losing him. (22)
مطلب ته مومل راڻي ۽ ليلا چنيسر جي ڪهاڻين معرفت
شاهه صاحب مٿين طبقي جي ڪوڙي ڏيک ۽ هلڪڙائيءَ کي
ظاهر ڪيو آهي. مومل ۽ ليلا ٻئي راجائن جون ڌيئون
آهن، اهي اجائي وڏائي ۽ پاڻ پڏائڻ ۾ پوريون آهن ۽
پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي ڪن ٿيون. مومل ته پنهنجو پاڻ
کي ئي راڻي جي رسڻ ۽ کيس ڇڏي وڃڻ جو ذميدار ٿي
سمجهي جيڪو سندس ڪردار ۾ شڪ ڪري هليو ويو هو. ان
جو پڇتاءُ کيس تڏهن ٿيو جڏهن ڀانيائين ته آءُ کس
هميشه لاءِ هٿان وڃائي وٺي آهيان.
پوءِ جي مومل هڪ مختلف ڪردار آهي. هن لاءِ راڻي
کان سواءِ، نيا جو هر سک حرام بنجي وڃي ٿو. بس هر
وقت راڻو راڻو ڪندي ٿي رهي ۽ سند انتظار جو ڪو انت
نه ٿو اچي. راڻي سان گهاريل هڪ هڪ گهڙي سورن جو
سامان اٿس، اهي پلنگ، هنڌ، وهاڻا، جن تي راڻي سان
رهاڻيون ڪيون هئائين. اڪيلائي ۾ کائڻ ٿا اچنس، اهي
باغ باغيچا جيڪي اڳ بهار جو مزو ڏيندا هئس اهي
ڪوماڻل ٿا نظر اچنس ۽ احساس ٿو ٿئيس ته راڻو ناهي
ته ڪجهه به ناهي:
رئان ٿي راڻا، هنڌ نهاريو حجرا،
پيئي کهه کٽن تي، ٿيا پلنگ پراڻا،
ڌريائي ڌوڙ ٿيا، وَر ري وهاڻا،
جايون، گل، جبات وڻ توريءَ ڪوماڻا،
مينڌرا! ماڻا، توريءَ ڪنديس ڪن سين.
ويچاريءَ کي هڪ طرف راڻي رئاڙيو هو، ٻيو مائٽن به
تنگ ڪيو هئس.
پس توشڪون تڪيا، سيئي وهاڻا،
پسئو هنڌ پچي هنيون، جي حبيبن هاڻا،
هڪ ڏنگا ڏاڏاڻا، ٻيو موٽيو تان نه مينڌرو.
مينڌري کي موٽڻ لاءِ ڏاڍيون منٿون ٿي ڪري.
التجائون، ايلاز ٿي ڪري، قول اقرار ياد ٿي ڏياري:
ڪاڪ ڪڙهي وڻ وئا، ٻريا رنگ رتول،
تو پڄاڻا سپرين! هينڙي اچن هول،
جي مون سين ڪيئي قول، سي سگها پارج سپرين.
انتظار ۽ اوسيئڙي جي ڪيفيت کي ڪيترن ئي شاعرن بيان
ڪيو آهي پر شاهه جي شاعريءَ جو ته ڪو مٽ ئي ڪونه
ٿو ملي:
اڀي اڀاريام، نکٽ سڀ نئي وئا،
هڪ ميو ٻيو مينڌرو، رات سڄي ساريام،
ڳوڙها ڳل ڳاڙيام، سورج شاخون ڪڍيون.
اکين ۾ رات وهامڻ جو هي منظر ڪيڏو نه حقيقي ٿو
لڳي:
ڪتين ڪر موڙيا، ٽيڙو اڀا ٽيئي،
راڻو رات نه آئيو، ويل ٽري ويئي،
کوءِ سا کاڻي راتڙي، جا پرينءَ ريءَ پيئي،
مون کي ڏنءُ ڏيئي، وڃي ڍوليو ڍٽ قرارئو.
انتظار جي ڪيفيت پنهنجي جاءِ تي، ان حوالي سان
شاعر جو رات تارن، ڪتين، ٽيڙن جو مشاهدو ڏسڻ وٽان
آهي. اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهيو هوندو جڏهن پاڻ اڪيلي
رات ۾ تارن ۾ اکيون وجهي هن تاري، هن هيٺ، هت
پنهنجو سپرين ڳوليو هوندائين ۽ پوءِ انهن تارن جي
جهرمٽن کي وقت سان ويندو، ڦرندو ڏٺو هوندائين ۽
ويل وڃڻ جو احساس ٿيو هوندس. اهو هڪ شاعر جو ذاتي
تجربو ئي هوندو آهي. جيڪو سندس بيان ۾ ايڏو سوز ۽
گداز پيدا ڪندو آهي ۽ اهو ئي سوز گداز شاهه صاحب
مومل جي انتظار ۾ ڀريو آهي. جڏهن اکيون ته ان
لاءِ آسائتيون آهن پر سندس انگ انگ پرينءَ لاءِ
پيو پچي:
لوڌي لک اچن، روءِ راڻي جي ناهه ڪو،
هڪ اکيون ٻيا، انگڙا، پر ۾ ٿا پچن.
سي ڪئن مينڌرا مچن، جي تو سوريءَ چاڙهيون.
مجموعي طرح سان مومل جي ڪردار کي ڏٺو وڃي ته
ڪنواري مومل هڪ هلڪي طبعيت واري ڇوڪري هئي، جنهن
۾ سچي عشق کان وڌيڪ ظاهري ناز نخرو هو. هوءَ
پنهنجي ماڻي ۽ نينهن جي نيش سان آسائتن جو اندر
جلائيندي هئي. اها ساڳي مومل ڏسو ته ڪيئن ڦري
ويئي. لوڪ داستان جي ابتڙ شاهه جي مومل وڌيڪ مان
۽ مرتبي واري سورمي بنجي وئي آهي.
قصي جي پڇاڙيءَ ۾ راوين مومل جو باهه جي مچ ۾ پاڻ
ساڙي مرڻ جو بيان ڪيو آهي ۽ سندس انهيءَ قربانيءَ
کي ڏسندي راڻو پڻ انهيءَ مچ ۾ ٽپو ڏئي پنهنجو انت
ٿو آڻي. شاهه صاحب ان واقعي جو پنهنجي ڪلام ۾ ڪو
ذڪر ڪونه ڪيو آهي. راڻي جو اوچتو موت ۽ مومل جي
چکيا تي چڙهڻ وارا واقعا شاهه رٿا مان ڪڍي ڇڏيا
آهن. جيڪڏهن شاهه جي مومل نااميد ٿي پاڻ کي چکيا
تي جلائي ها ته اهو مطلب نڪري ها ته ڌڻي تعاليٰ وٽ
سچي پڇتاءُ جو قدر ڪونهي ۽ مومل جي راڻي سان ملڻ
جي اميد ختم ٿيڻ کان پوءِ شاهه اميد جو شاعر نه
لڳي ها. راوين جو بيان ڪيل قصو دک انت
(tragedy)
آهي جنهن ۾ پڇاڙي ۾ سورمو ۽ سورمي مري ٿا وڃن. پر
شاهه صاحب ان جي پڇاڙيءَ جو اهو حصو نظرانداز ڪري
ڪهاڻيءَ کي پنهنجي رجاعيت
(optimism)
جي فلسطي سان هم آهنگ ڪيو آهي.
حوالا
(1)
گربخشاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند، روح رهاڻ،
ايڊوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني، ڪراچي 1936، ص، 12
(2)
بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش مشهور سنڌي قصا، عشقيه داستان
5، مومل راڻو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد،1975
(3)
ميمڻ، خانبهادر محمد صديق، سنڌ جي ادبي تاريخ ڀاڱو
پهريون، آر ايڇ احمد اينڊ برادرس، حيدرآباد، 37.
(4)
قانع مير علي شير تحفة الڪرام مترجم مخدوم امير
محمد، مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ،
1957، ص 105.
(5)
بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، مشهور سنڌي قصا، عشقيه
داستان، 5 مومل راڻو، ص 14.
(6)
ايضاً، ص 30.
(7)
ايضاً، ص 30.
(8)
برٽن رچرڊ سنڌ ۽ سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ قومون، مترجم
محمد حنيف صديقي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد،
1976ع، ص 105.
(9)
ايضاً، 32.
(10)
ايضاً، 33.
(11)
ايضاً، 30
(12)
جعفري، خيرالنساءِ، تخليق جو موت، سنڌي اڪيڊمي،
1978. ص، 17
(13)
ڀمڀاڻي،پروفيسر نارائڻ داس، شاهه جون سورميون،
مڪتبه اسحاقيه ڪراچي، ص، 79.
(14)
نياز محمد يعقوب، ديوان حافظ، (ترجمو) آگم
پبلشنگ ايجنسي، حيدرآباد، 1983، ص 87.
(15)
نيرنگ نيازي، اقبال جماليات کي آئيني مين، ماهنامه
پيغام، ڪراچي، محڪمه اطلاعات پاڪستان، ص. 49.
(16)
سنڌي، ميمڻ عبدالمجيد، جماليات شاهه جي نظر ۾،
لطيف ڊائجيسٽ، جون 1985، ص 13.
(17)
اياز قادري، مومل جي مورتنئين زندگي 1980، ص، 19
(18)
ايضاً.
(19)
Jotwani Motilal-shah abdul latif of bhit, his
life and works,
University of Dehli, 1975.pp.107
(20)
Syed dure shahwar, the poetry of shah abdul
latif Sidhi adabi Bord, Jamshoro, 1989. pp83
(21)
ڀمڀاڻي، پروفيسر نارائڻداس، شاهه جون سورميون، ص،
78.
(22)
ايضاً، ص، 66
سُر ليلان چنيسر ۾ ليلان جو ڪردار
ليلان چنيسر جي ڪهاڻي، سنڌي لوڪ داستانن جي سلسلي
جي هڪ ڪڙي آهي. جنهن جا اهڃاڻ تاريخ سان ۽ سنڌ جي
جاگرافيائي ٽاڻن سان ڳنڍي ان کي هڪ نيم تاريخي قصي
جي حيثيت ڏني وئي آهي. انهيءَ ڪهاڻيءَ جو پهريون
ذڪر ادراڪي بيگلار جي فارسي مثنوي چنيسر نامه ۾
ملي ٿو. جيتوڻيڪ اها مثنوي فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل
آهي ته به سنڌ جي ادب ۾ ان جي اهميت آهي. خود انهي
مثنويءَ کي سنڌ جي فارسي ادب ۾ انهيءَ ڪري اهميت
حاصل آهي، جو اها مثنوي انهن ٽن ابتدائي مثنوين
مان هڪ آهي. جيڪي ارغوني ۽ ترخاني دور ۾ لکيون
ويون. مثنوي مظهرالاثار، مثنوي ترنم عشق ۽ چنيسر
نامه ان ۾ شامل آهن.
ان کان سواءِ هن قصي جو ذڪر تحفته الڪرام جي مصنف
مير علي شير قانع ٺٽويءَ به ڪيو آهي. بلڪه سموري
ڪهاڻي بيان ڪئي آهي. قصي کي شروع ڪندي لکي ٿو.
صاحب حشمت ۽ ناليري بادشاهه کنگار جي ڌي ڪونروءَ
نالي پنهنجي سوٽ سان مڱيل هئي. هوءَ حسن ۾ بينظير
هئي تنهن ڪري پاڻ جهڙين سان هميشه شوخي ۽ غرور سان
ملندي هئي. انهن ڏينهن ۾ چنيسر ديولي حسن، دولت،
وڏي بادشاهت ۽ طاقت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، وقت جي هر
هڪ سهڻي سندس وصال لاءِ خواهان هئي. |