سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :13

حوالا

(1) Ajwani L.H—History. Of Sindhi Literature, Allied Book Company, University of Karachi 1984—pp.56

(2) Fowler H.W and Folwer F.G—The Concise Oxford Dictionary of Current English. 5th edtion. Oxford University. Press, pp.220

(3)  Legouise Emile and Cazamian Louis and Raymond Lasvergnes. A History of English Literature (Revised – edition) J.M Dent and Sons Ltd. 1967..pp711

(4) اياز قادري، آزاديءَ کانپوءِ ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ تي تحقيق، ماهوار پيغام، ڪراچي، مارچ اپريل 1984، ص 32

 (5) جويو، محمد ابراهيم، شاهه سچل ۽ سامي، هڪ مطالعو سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي لميٽڊ، حيدرآباد 1978، ص - 16

(6) اياز قادري، آزاديءَ کانپوءِ ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ تي تحقيق، ماهوار پيغام مارچ، اپريل 1984، ص -33

(7) ايضاً،

(8) جويو محمد ابراهيم، شاهه، سچل ۽ سامي، هڪ مطالعو، ص -13.

(9) ايضاً

(10) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، زيب ادبي مرڪز، 1980، ص -227

(11) ايضاً، ص 235

(12) ايضاً، ص -236

(13) ميمڻ خانبهادر محمد صديق، سنڌ جي ادبي تاريخ، آر ايڇ احمد اينڊ برادرس، حيدرآباد، ص -42

(14) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، ص -206

(15) جوڻيجو عبدالجبار، سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، سِرهه ڪتاب، حيدرآباد، جولاءِ 1973، ص -30

(16) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، ٻيو ڇاپو، ص -221

(17) هيرو ٺڪر، قاضي قادن جو ڪلام، پوڄا پبليڪيشن، دهلي 1973، ص -30

(18) ايضاً، ص 20

(19) ايضاً، ص-44

(20) ايضاً، ص -49

(21) ميمڻ خانبهادر محمد صديق، سنڌ جي ادبي تاريخ، ص -47

(22) دائود پوٽو، علامه محمد عمر، مضمون ۽ مقالا، شاهه عبدالطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، ڀٽ شاهه حيدرآباد 1978، ص -19

(23) ميمڻ، خانبهادر محمد صديق، سنڌ جي ادبي تاريخ ص -50

(24) سنڌي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد، ڪريم جو ڪلام، (ٻيو ڇاپو) سنڌي ادبي اڪيڊمي، لاڙڪاڻو سنڌ، ص – 86.

(25) ايضاً، ص 86

(26) ايضاً، ص -86

(27) ايضاً، ص -92

(28) ايضاً، ص -123

(29) ايضاً، ص -96

(30) ايضاً، ص -111

(31) ايضاً، ص -111

(32) ايضاً، ص -121

(33) ايضاً، ص-120

(34) ايضاً، ص -121

(35) ايضاً، ص -100

(36) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1968

(37) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام، ص -22

(38) ايضاً، ص -48

(39) ايضاً، ص -48

(40) ايضاً،

(41) ايضاً،

(42) دائود پوٽو علامه محمد عمر، مضمون ۽ مقالا، ص 28

(43) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، ميين شاهه عنايت جو ڪلام، سنڌي ادبي پورڊ حيدرآباد، 1963، ص 79

(44) ايضاً، ص -95

(45) ايضاً، ص -83

(46) ايضاً، ص -56

(47) ايضاً، ص -12

(48) ايضاً، ص -21

(49) ايضاً، ص -21

(50) ايضاً، ص – 69

(51) ايضاً، ص -57

(52) ايضاً، ص – 129

(53) ايضاً، ص -129

(54) ايضاً، ص -134

(55) ايضاً، ص -139

(56) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، ميين شاهه عنايت جو ڪلام ص -142

(57) ايضاً، ص -146

(58) ايضاً، ص -156

(59) ايضاً، ص -162

(60) ايضاً، ص -162

(61) ايضاً، ص -187

(62) ايضاً، ص -187

(63) ايضاً، ص -221

(64) ايضاً، ص -211

(65) ايضاً،

(66) ايضاً،

(67) دائود پوٽو، علامه محمد عمر، مضمون ۽ مقالا، ص -28

(68) ايضاً، ص -29

(69) ايضاً، ص -31

(70) ايضاً، ص -31

(71) ايضاً، ص -32

(72) ايضاً، ص -33

(73) ايضاً، ص -33

(74) ايضاً، ص -39

باب ٽيون

شاهه عبداللطيف

1-     شاهه جو دور

2-    شاهه جي حياتي ۽ ان ۾ آيل عورت جو احوال

3-    شاهه جي شاعري جون خوبيون

شاهه جو دور

        ڪنهن به شاعر جي ڪلام جي پٺيان يا پس منظر ۾ موجود محرڪن ۾ جتي سندس ذاتي زندگي ۽ عام گهرو حالتون اهم هونديون آهن، سندس اوسي پاسي ڳوٺ يا شهر جو ماحول اهم هوندو آهي، اتي سندس ملڪ جي مجموعي صورتحال، سياسي سماجي ۽ معاشي لحاظ کان پڻ تمام اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. ان ڪري ئي عظيم شاعرن جو ڪلام پنهنجي دور جو آئينو يا عڪاس سمجهيو ويندو آهي جنهن ۾ ان وقت جو سماج ۽ ان جون سڀئي ڪيفيتون تحريڪون ۽ حالتون ڏسي سگهبيون آهن. شاهه صاحب جي ڪلام کي سمجهڻ لاءِ سندس دور تي هڪ سرسري نظر وجهڻ ضروري آهي.

        تاريخون گواهه آهن ته ”سنڌ جو سماج عربن کان وٺي ٽالپرن تائين جاگيردارانه رهيو، جنهن جي پيداوار جا ذريعا چند طبقن وٽ رهيا، ان ڪري جيڪي به تبديليون آيون اهي سماج جي سٽا کي بدلائي نه سگهيون. حاڪم خاندان بدلجندا رهيا، گهرو لڙائيون ٿينديون رهيون، ٻاهريان حمله آور ڪامياب ٿيندا رهيا پر اهي سڀ واقعا سماج ۾ ڪو انقلاب آڻي نه سگهيا ڇو جو هر ڀيري اقتدار ۾ اچڻ وارا انهيءَ ساڳئي جاگيرداري نظام ۾ پنهنجي بقا ۽ تحفظ سمجهندا هئا. ان ڪري حڪومت جي سڀني استحصالي ادارن کي قائم رکڻ سندن مفاد ۾ هو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو جاگيردارانه ادارا، قدر ۽ روايتون پٿر جهڙيون سخت ٿي ويون ۽ انهن تبديليءَ جا سڀئي رستا بند ڪري ڇڏيا هئا، تاريخ جي رفتار کي هڪ دائري ۾ قيد ڪري ڇڏيو ۽ ان سان گڏوگڏ ذهن ۽ شعور جي پختگي به اڻ پوري رهي.“ (1)

        ان سموري صورتحال جو لازمي اثر هڪ اهڙي قومي دٻاءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيو جنهن عام ماڻهن کي جاهل، وهم پرست، پيري مريديءَ جي شڪنجن ۾ ڦاٿل قوم بنائي حاڪمن ۽ جاگيردارن جو مطيع بنائي ڇڏيو ڊاڪٽر سورلي لکي ٿو:

“Religion was captured by superstitious practice or Debased by widely current superstitious belief. There were miracle working tombs. There was the worship of pirs. There was the working of miracles of holymen. Demonology and magic were rife and universal use of talisman, especially by the peasent class as a protection against the evil eye and all kinds of ills.”

        وهم وسوسا مذهب تي حاوي ٿي ويا هئا ۽ مزارن، پيرن فقيرن جي معجزن جي مشهوريءَ ماڻهن کي انهن جي پوڄا جي حد تي پهچائي ڇڏيو هو. جادو، جن، ڀوت جا تصور عام هئا ان ڪري تعويذن جو ڪاروبار زور تي هو، خاص ڪري غريب هاري ناري هر قسم جي مصيبتن ۽ بيمارين جو حل انهن ۾ ڳوليندا هئا.

        عام طرح سان تاريخي عمل هر ڪنهن سماج ۾ ساڳيو ڪونه هوندو آهي. هر ڪو سماج اندروني ڀڃ گهڙ جو شڪار هوندو آهي ۽ ان جو ڪارڻ ڪي سماجي معاشي ۽ سياسي دٻاءَ هوندا آهن ۽ آهستي آهستي سماج ۾ تبديلي ايندي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪا قوم مستقل محڪوميءَ هيٺ رهي ته ان جو ڪردار، ان جا جذبا، ان جا اڌما، ان جا امنگ، تمام دٻيل ۽ ماٺا رهندا آهن ۽ انهن کي اٿارڻ لاءِ ڪو وقت جو اڳواڻ يا شاعر ڪوشش ڪري ٿي سگهيو. شاهه صاحب نه صرف انهن سڀني حقيقتن جو ادارڪ رکندڙ هو پر هن کي سنڌ جي تاريخ جي پوري ڄاڻ هئي ۽ هن کي سماج ۾ ڪيل ڌارين جي ظلمن جي داستانن جو به علم هو. 1707ع ۾ جڏهن اورنگزيب عالمگير وفات ڪئي هئي تڏهن پاڻ 18 سالن جو هو، پر ٺٽي ۾ ان کانپوءِ به گهڻو وقت مغلن جو اثر موجود هو. سنڌ جي نجات جي جنگ ۾ لاڙ ۾ جهوڪ جو شاهه عنايت شهيد ٿيو، جنهن ۾ خود ميان يار محمد ڪلهوڙو به هڪ ڌر هو، ”ان قومي سانحي وقت شاهه صاحب جي عمر اٺاويهه سال هئي.“ (3) اها ڪلهوڙن جي اهڙي سياسي غلطي هئي جنهن سببان هو ويهن سالن تائين سنڌ کي خوشحالي ڏيڻ ۽ مضبوط بنائڻ جي عمل ۾ پوئتي رهجي ويا ۽ هڪ متحد قومي رياست ٺاهي نه سگهيا ۽ جڏهن 1740ع ۾ نادر شاهه حملو ڪيو ته سنڌ جي حفاظت ڪري ڪونه سگهيا ۽ سنڌ ڀاڱا ٿي وئي. ان وقت شاهه صاحب جي عمر پنجاهه سال هئي.

        ”نادر شاهه کي حملي سي سندهه پر بهت هي ناگوار اثرات مرتب هوئي. نادر شاهه کي لوٽمار سي ملک کا خزانه خالي هوگيا اور ملک کي وحدت پاره پاره هوگئي.“ (4) 

        نورمحمد ڪلهوڙو هڪ بي حس ماڻهو ثابت ٿيو جنهن نادر شاهه جي حملي کان ماڻهن کي بچائڻ بدران پنهنجي خاندان جي بچاءَ جي عيوض نادر شاهه کان معافي گهري، سنڌ جي خزاني مان هڪ ڪروڙ رپيا ڏنا ۽ سنڌ جي ورهاڱي کانسواءِ ويهه لک رپيا ساليانو ڏن ڏيڻو ڪيو. کيس ملڪ جي بچاءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ کپي ها. ” ان مقصد لاءِ هو فوج تيار ڪري ٿي سگهيو، هڪ ڪروڙ رپيا جيڪي پاڻ نادر شاهه کي ڏنائين اهي فوج جي تياري ۽ عوام جي ڪم اچي ٿي سگهيا پر ائين ڪونه ٿيو ۽ هن عمر ڪوٽ وٽ پنهنجي خاندان جي عزت ۽ تحفظ جي ضمانت تي معافي وٺي پنهنجو جمع ڪيل خزانو، سنڌ جو ورهاڱو ۽ ويهه لک رپيا ساليانو خراج منظور ڪيو.“ (5) ميان نور محمد احمد شاهه ابداليءَ جي حملي وقت به ڀڄي نڪتو هو ۽ سنڌ کي ان جو ڏن ڀرو ڪيائين. ميان نور محمد ڪجهه چڱا ڪم به ڪيا پر سماج ۾ جاگيرداري نظام جي موجودگي انهن جو عام ماڻهوءَ تي ڪو اثر ٿيڻ ڪونه ڏنو. هن ماڻهن کي سامونڊي ۽ زميني ڌاڙيلن کان نجات ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ماڻهن کي کيتي ٻاريءَ ڏانهن راغب ڪيو پر سنڌ جا ماڻهو منجهائن ڪو فائدو حاصل ڪري ڪونه سگهيا. جاگيردارن ۽ مغل نوابن جي اڳ جوڙيل جنسار ۾ معاشي طرح سندن چيلهه ڀڳي پئي هئي ۽ هو بک، بيروزگاري، ذهني ۽ جسماني غلاميءَ جو شڪار هئا ۽ سندن حالت ڏاڍي هيڻي ۽ ڏکويل هئي. ڌارين جو مٿيون طبقو عيش ۾ هو باقي سنڌي غريب پورهيت جو حال خراب هو.

“While the ordinary cultivating and pastoral classes, the true Sindhies, the Jats, and camelmen, the fishermen and hunters were fully exploited.” (6)

        اهو سڀ ڪجهه هوندي به چئي سگهجي ٿو ته سنڌ وارن کي سنڌي حاڪمن هئڻ ڪري نفسياتي طرح ڪجهه مڙئي آزاديءَ جو احساس ٿيو هوندو ڇو جو سنڌ ۾ جڏهن به حڪومت سنڌ جي ماڻهن جي هٿ ۾ رهي آهي ماڻهن ڪجهه سک جو ساهه کنيو آهي. باقي ڌارين جي بادشاهيءَ ۾ ظلم ڏاڍ ۽ بي انصافي جي گهاڻي ۾ پيڙهجندا رهيا آهن. سومرن سمن جي ست سو ورهين جي حڪومت ۾ سنڌي سماج گهڻي ترقي ڪئي هئي. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي ڌارين حڪومت ۾ سنڌ ۽ سنڌين ڏاڍو ڏکيو وقت ڏٺو هو. هنن هتي جي ماڻهن سان اهڙا ته ڪيس ڪيا هئا جو غلام سنڌ جا ماڻهو جيئري جهنم ۾ هئا. ڌارين جي غلاميءَ سان سندن دلين ۾ اهڙن ظلمن سببان ڪيڏي نه نفرت پيدا ٿي هوندي! ڌارين جي زوري مڙهيل ٻوليءَ کان ڪيئن نه ڌڪار محسوس ڪئي وئي هوندي! شاهه صاحب انهن حالتن جو اکين ڏٺو گواهه هو. ڪلهوڙا سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو هئا پر انهن اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پاڻ کي عباسي سڏائڻ شروع ڪيو تڏهن به سندن جڙون هن ڌرتيءَ ۾ اهڙيون پختيون هيون جو ماڻهن کين پنهنجو ئي سمجهيو هو. آدم شاهه کان وٺي نور محمد ڪلهوڙي تائين سنڌ هڪ مختلف نفسياتي ارتقاء ڏيکاري ٿي پر شاهه لطيف جي حوالي سان نور محمد ڪلهوڙي جو دور وڌيڪ اهم آهي. نور محمد مٿي بيان ڪيل واقعن سببان ماڻهن ۾ ڪو چڱو تاثر قائم ڪري ڪونه سگهيو هو.

        شاهه لطيف سان به شروع ۾ سندس وڌندڙ مقبوليت سبب بغض رکي کيس مارائڻ جون ڪوششون ڪيون هئائين. عورتن جي معاملي ۾ به تمام خراب ۽ عياش بادشاهه هو. پنهنجي ذهنيت مطابق هن هڪ ڀيرو شاهه صاحب کي به عورتن جي معاملي ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. گلان نالي ڳائيندڙ عورت سان منسوب واقعا به سندس ڪردار تي چڱي روشني وجهن ٿا، پر ته به ماڻهن جي نظر ۾ مغلن کان چڱو هو. ”سندس دور ۾ جيتوڻيڪ دفتري زبان فارسي هئي پر گهريلو ۽ روزمره جي زبان سنڌي ئي رهي جنهن جي ڪري سنڌي شاعريءَ کي وڌڻ ويجهڻ جو گهڻو موقعو مليو. هڪ ئي وقت ۾ شاهه عنات، مخدوم محمد زمان ۽ شاهه لطيف جهڙا معياري ۽ بي مثل شاعر گڏ ٿي ويا.“ (7) خاص ڪري شاهه لطيف ته هن دور جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو.

“His life is an epitome of the age in which he lived and the rural circumstances of the people amongst whom he dwelt” (8)

        جن ٻهراڙيءَ جي حالتن ۽ ماڻهن ۾ پاڻ رهندو هو انهن جو هو ان دور ۾ ساکي هو. چئي سگهجي ٿو ته ان دور جي اهڙين ڏکوئيندڙ حالتن جو لازمي اثر جڏهن ماڻهن تي پيو هوندو ۽ ماڻهن جون ذهني صلاحيتون مفلوج ٿي ويون هونديون، تڏهن هو ضعيف الاعتقاد بنجي پيري مريديءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿا هوندا ته سڀ کان وڌيڪ انهن جو شڪار عورتون ئي ٿيون هونديون ۽ بناوٽي اخلاقي قدرن جي نالي ۾ سندن ڪيترو استحصال ٿيندو هوندو ان جو شعور شاهه صاحب جهڙن ماڻهن کي ضرور ٿيندو هوندو ۽ عام ماڻهوءَ جي حالت بدلائڻ لاءِ، انهن جي سڀني کان وڌيڪ پيڙهيل طبقي کي اهڃاڻ بنائي ڪو پيغام ڏيڻ چاهيو هوندائين. شاعر پنهنجي سماج جو حساس فرد ٿئي ٿو. هو نه فقط سماج جا خوبصورت عڪس چٽي ٿو پر ان ۾ موجود بدصورت حقيقتن کان منهن موڙي نٿو سگهي. سماج ۾ موجود نا انصافيون ۽ اڻ برابري کيس متاثر ڪن ٿيون ۽ جي هو پنهنجن ماڻهن سان ڪمٽيڊ آهي ته پوءِ هو انهن تي پوري سگهه سان وار ڪري ٿو. اهڙي شاعريءَ جون پاڙون ۽ فڪر هوا ۾ معلق نه پر ڌرتيءَ تي بيٺل هوندو آهي. اهڙي ڪنهن دور ۾ جڏهن ماڻهن ۾ اتحاد جي گهٽتائي هجي ته رد عمل طور شاعر تصوف ۾ پناهه ڳوليندا هئا، جنهن ۾ برداشت ۽ صبر جي تبليغ ڪئي ويندي هئي. ان دور ۾ سنڌ ۾ تصوف جا ڪئين سلسلا موجود هئا. شاهه عنايت شهيد کان لطيف تائين انهن جو ڦيلاءُ هو. پر هنن جو انداز مختلف هو. انهن ڪڏهن مشترڪ کيتيءَ جو تصور ٿي ڏنو ته ڪڏهن عمل ۽ جدوجهد جو سبق!

        شاهه جهڙن صوفين پاڻ سڃاڻڻ جي نڪتي کان وٺي اجتماعي وجود جي شعور جي لاءِ ڪوشش ڪئي. ان دور ۾ صوفين ۽ ڀڳتي شاعرن عورت واتان شاعري پئي ڪئي، جتي طالب پاڻ کي ڪمزور، بي پهچ ۽ هيٺاهين  هلندڙ جي روپ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ عورت جي وجود ۾ پاڻ لڪائيندا هئا. عورت جو سماع ۾ گهٽ درجو، ڪمزور حالت هنن کي طالب سان لاڳو ڪرڻ سان ٻيا به ڪيترا مقصد حاصل ٿي سگهيا. عورت جو صرف هڪ مرد سان زندگي گذارڻ جو تصور کين پنهنجي ”وحدت“ جي نظريي پيش ڪرڻ لاءِ مناسب لڳو جڏهن ته مرد گهڻين جو گهوٽ هو، ان کي مطلوب ٿي بنايائون. مرد جي طبعيت ۾ غرور، وڏائي ۽ بي نيازي موجود هئي ۽ عورت جي طبعيت ۾ سماج ۾ مستقبل طرح سان غلاميءَ ۽ استحصال جو شڪار رهڻ ڪري نياز، نوڙت ۽ قربانيءَ جا آثار پيدا ٿيل هئا، تڏهن هنن انهي تصور کي به همٿايو. عورت جي پيار ۾ خود سپردگيءَ جو مشاهدو ڪيائون ته اها خاصيت به صوفين کي وڻي ۽ ان کي اهڃاڻ بنائي پاڻ سان لاڳو ڪيائون. عورت ور کان وڇوڙو سڀ کان وڏو حادثو ڪري ڀائيندي هئي، ان سان ملڻ لاءِ بي چين ۽ بي قرار ٿي جتن ڪندي هئي، اها سندس ڳولا صوفين پنهنجي طلب ۾ ڏسڻ ٿي چاهي ۽ اهو اهڃاڻ به عورت مهيا ٿي ڪيو. شاهه صاحب به انهيءَ سلسلي جي ڪڙي هو، هن به ائين ئي ڪيو پر هو هڪ حقيقت پسند انسان ۽ شاعر به هو، انساني احساسن جو وٽس قدر هو. هن وٽ عورت رڳو تمثيل ڪانه هئي، هڏ چم ماس جي ٺهيل هڪ انسان به هئي. ان ڪري هن انهيءَ انسان جي سماج ۾ جيئري جاڳندي ڪردار طور عڪاسي ڪئي، جنهن جا ڏک، سک، غم، خوشيون عام انسانن جهڙا هئا، ان دور جا اهي ڪردار اڄ به اسان کي بلڪل فطري ٿا محسوس ٿين.

        ان دور جي سنڌي سماج جون سڀئي گهرجون نظر ۾ رکندي هن شاعري ڪئي ۽ پنهنجن انهن ڪردارن ذريعي اهي سڀئي آدرش پيش ڪيا جيڪي ان سماج ۾ گهربل هئا. پاڻ پنهنجي ڪلام ۾ جن سماجي پهلوئن جي عڪاس ڪيائين انهن لاءِ صرف پنهنجي مشاهدي تي ڀروسو ڪرڻو هئس... باقي ڪجهه قديم داستانن ۽ ٻين ثقافتي روايتن مان حاصل ڪيائين.

حوالا

(1)              مبارڪ علي ڊاڪٽر، سندهه کي پهچان، نگار شات، لاهور، 1989، ص 19-20

(2)              Sorley H.T, Shah Abdul Latif of Bhit, Sindhi Kitab Ghar Karachi, 1989. pp168

(3)             جويو محمد ابراهيم، شاهه سچل ۽ سامي، هڪ مطالعو، سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي لميٽيڊ، حيدرآباد 1978

(4)             قدوسي اعجاز الحق، تاريخ سنده، مرکزي اردو بورڊ، لاهور، 1974، ص -431

(5)              مبارڪ علي ڊاڪٽر، سنده کي پهچان، نگارشات، لاهور، 1989، ص -49

(6)             Sorley H.T, Shah Abdul Latif of Bhit. pp162

(7)             راشدي، سيد حسام الدين، سندهي ادب (اردو) اداره مطبوعات پاکستان، کراچي، ص -33

(8) Sorley H., Shah Abdul Latif of Bhit.pp169

شاهه لطيف جي حياتي، ۽ ان ۾ آيل عورتن جو احوال

        ڪنهن به فنڪار لاءِ حسب نسب تي فخر، شجرن ۽ خانداني پيڙهين جي سلسلن جي حفاظت ۽ ڪنهن هڪ ملڪ، گروهه يا دور سان انجو لاڳاپو، توڻي ذاتي زندگيءَ جي ڄاڻ منهنجي نظر ۾ ڪابه اهميت نٿا رکن. شاهه جو تعلق ڪهڙي خاندان ڪهڙي ذات ۽ ڪهڙي فرقي سان هو، اهو به غير ضروري آهي. هڪ طرح سان پاڻ سيد هجي ها يا نه، سندس شجرو نبي سڳوري سان ڳنڍجي ها يا نه، پاڻ شاهه ڪريم جو تڙپوٽو هجي ها يا نه- هو هڪ فنڪار جي حيثيت ۾ اهوئي مان ۽ مرتبو ماڻي ها، اها ئي عزت ۽ آبرو مليس ها جيڪا هاڻي اٿس. مرزا قليع بيگ چواڻي:

اصل توڙي نسل تي تون ڪر نه  فخر

ڪم ته اصل ۽ نسل ايندئي  ڪينڪي

ري عمل، حاصل نسب مان  ڪين ٿئي

آل پنهنجي کي چيو ائين ٿي  نبي. (1)

        پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن فنڪار جي فن ۽ فڪر، تخليق ۽ تصور جي پهچ لاءِ ان جي شخصي، خانداني، نفسياتي ۽ سماجي پس منظر کي سمجهڻ ضروري ٿي پوندو آهي. سندس فڪر جي سونهن ۽ گهرائي ۽ سندس فن جي ڄاڻ ۽ ان کي ورتائڻ يقيناً ان پس منظر کان اثر قبول ڪيو هوندو. ڪردارن جي عڪاسي ڪرڻ ۾ سندس زندگيءَ ۾ آيل انسانن جو مشاهدو ۽ عام انساني فطرت جو ادارڪ پڻ اهميت رکي ٿو. ان ڪري اهو ضروري آهي ته شاهه جي ذاتي زندگيءَ بابت ڄاڻجي، سندس ڪلام کي عمومي طرح سمجهڻ ۽ سندس ڪردارن خاص ڪري عورتن جي ڪردار کي سمجهڻ لاءِ سندس زندگي ۾ آيل عورتن سان سندس رويي کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ضروري آهي.

        شاهه عبداللطيف سيد حبيب شاهه جو پٽ هو ۽ سندس ماءُ لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪنهن ”شاهه ڌياڻي“ يا ”شاهه درياني“ جي ڌيءَ هئي. ان کي مخدوم عربي ديانو پڻ لکيو ويو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق موجب اها روايت غلط آهي. سندس راءِ موجب شاهه صاحب جي والده ”ڏيرن فقيرن جي خاندان مان هئي، عرس فقير ڏيري کي ٻه نياڻيون هيون. هڪڙي شاهه حبيب جي گهر واري هئي جنهن مان شاهه لطيف پيدا ٿيو ۽ ٻي پنهنجي سوٽ رب رکئي فقير کي ڏنائين جنهن مان شاهه صاحب جو خاص خليفو عالم فقير پيدا ٿيو.“ (2)

        شاهه حبيب سيد عبدالقدوس جو پٽ، سيد جمال شاهه جو پوٽو ۽ شاهه ڪريم (بلڙيءَ واري) جو پڙپوٽو هو جيڪو سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو ۽ جنهن کي سنڌي ادب جو ”وهائو تارو“ پڻ ڪوٺيو ويو آهي. شاهه لطيف وٽ سندس فن ۽ فڪر جو تسلسل نظر اچي ٿو، جنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته سندس والد تائين اها روايت هلندي آئي هوندي، جيتوڻيڪ شاهه حبيب پاڻ به علم ۽ فضل وارو شخص هو.

        شاهه عبداللطيف جي جنم بابت هڪ خيال آهي ته هو حيدرآباد ضلعي ۾ ڳوٺ هالا حويليءَ ۾ 90/1689 ڌاري ڄائوهو جيڪو ڀٽ شاهه کان نَو ڪوه پري آهي، اهو خيال ان صورت ۾ پيدا ٿيو هو جڏهن سندس والده لاءِ چيو ويو ته هوءَ هالن جي ڌياني خاندان مان هئي. پر ٻئي خيال موجب جي اها ڏيرن جي خاندانن مان هئي ته پوءِ سندس جنم جي جاءِ به ان طرف هوندي... ان لاءِ ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو: ”سندس گهر سئي قندر واري تاريخي مقام کي بلڪل ويجهو اولهه طرف هو. شاهه لطيف به انهيءَ ساڳئي گهر ۾ ڄائو.“ (3) سندس جنم کانپوءِ سندس والد اتان لڏي ڪوٽڙيءَ ۾ اچي ويٺو جيڪا ڀٽ کان ٻه ڪوهه پري آهي.

        شاهه حبيب پنهنجي مال رزق وارو هو مگر مسڪين ماڻهو هو. هڪ روايت موجب هو ”ساداتن واري مقام جي لڳ واري پڊ تي خاص طرح مال جي سانگي سان اچي رهيو هو. بهرحال سادات جي حسب نسب واري ماحول کان پري هو. ڀٽائي صاحب جي والده ماجده به غير سادات هئي.بلڪه سماٽ مان ڏيره قوم جي هڪ اشراف درويش مگر مسڪين ثابت پوٽه پاڙي مان هئي. انهيءَ شادي بعد شاهه حبيب لڏي پنهنجي خاندان وارن وٽ اچي ڪونه ويٺو ڇاڪاڻ ته سندس ڪي ويجها عزيز موجود ڪين هئا، يا نه ڌارين مان شادي ڪرڻ سببان دور ئي رهڻ ٿا چاهيائين. ان وقت جي ماحول موجب مٽياري سادات جهڙي برگزيده ۽ اثر رسوخ واري خاندان جي لاءِ پڻ اهو فطري هو ته حسب نسب تي زور ڏين ۽ ڌارين مان شادي ڪندڙ کي چڱي نظر سان نه ڏسن. ٿي سگهي ٿو ته خود ڀٽائي صاحب جن جي والده ماجده کي پنهنجي ٺيٺ ٻهراڙي واري ماحول سان الفت ۽ پنهنجي مائٽاڻن ماڳن سان محبت هئي انهي ڪري اباڻي ڳوٺ کي ڇڏي ٻاهر وڃڻ نه ٿي چاهيائين. ڀٽائي صاحب جي ٻاراڻي وهي خالص هن ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ پنهنجي والده جي شفقت هيٺ گذري، انهي ڪري حسب نسب جي بدلي اخلاق ۽ نيڪي، دنيا دولت جي بدلي واهڻن ۽ وستين سان محبت، خواص جي بدران عوام جي زندگي سان پڻ همدرديءَ حميت کي ترجيح ڏيڻ جهڙن جذبن ۽ احساسن جو پيوند شاهه صاحب جي شخصيت ۾ انهيءَ ماحول ۾ لڳي چڪو هو جنهن کي اڳتي هلي سندس پنهنجي مطالعي ۽ تجربي پختو ڪيو، انهي ڪري ڀٽائي صاحب ۾ ڪن رواياتي جذبن ۽ احساسن جي بدلي عوامي ۽ جمهوري خيالات پيدا ٿيا ۽ سندس فڪر عالمگير بڻيو“. (4) ننڍڙي عمر ۾ کيس مڪتب ۽ وهارڻ ۽ آخوند نور محمد وٽ الف کان اڳتي نه پڙهڻ واري هڪ روايتي ڳالهه کي بنياد بنائي شاهه جي پڙهيل يا اڻپڙهيل هئڻ جو اجايو بحث گهڻن محققن پنهنجي پنهنجي نموني ڪيو آهي. اهو بحث اجايو ان ڪري چئبو جو ”شاهه جو رسالو“ هڪڙو اهڙو آئينو آهي جنهن ۾ سندس علم جو جرڪندڙ عڪس بلڪل صاف ڏسجي پيو، اهو هڪ اهڙو درياهه آهي جنهن ۾ سندس معلومات جا موتي ۽ ڄاڻ جا جواهر ڀريا پيا آهن. اڄ اسان مان هر ڪو ڄاڻي ٿو ته رسمي طرح ڪنهن مڪتب اسڪول يا ڪاليج ۾ پڙهڻ يا ڊگري حاصل ڪرڻ، عالم هئڻ لاءِ ضروري ڪونهي. علم جي اُڃ رکڻ وارا ڪنهن معلم يا استاد کان غير رسمي درس به وٺي سگهن ٿا. ويجهي ماضيءَ ۾ اسان جي مشاهدي ۾ اهڙا ماڻهو آيا آهن جن رسمي تعليم کان سواءِ علم جي دنيا ۾ نالو پيدا ڪيو ۽ دنيا جي يونيورسٽين کين اعزازي ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون ڏنيون. پير حسام الدين راشديءَ جو اهڙو هڪ مثال سنڌ ۾ موجود آهي. سو چئي سگهجي ٿو ته شاهه لطيف پنهنجي والد يا ڪجهه ٻين بزرگن کان تحصيل علم ۾ مدد ورتي هجي. مشاهدي جي زبردست قوت، احساس جي بلند سطح ۽ زندگيءَ جي تجربا، سير سفر، عالمن ۽ فاضلن سان صحبتون، انهن سڀني گڏجي اسانجي هن بلند مرتبت شاعر کان شاهه جي رسالي جهڙو هڪ اتم ۽ اعليٰ شاهڪار تخليق ڪرايو جيڪو ڄڻ ته سندس علم جو شاهد آهي ۽ انهي بحث کي رد ٿو ڪري ڇڏي ته هو پڙهيل هو يا اڻپڙهيل! سندس عربي فارسيءَ جي ڄاڻ کانسواءِ سنڌي ٻوليءَ جو اونهو محاور پڻ کيس عالم ثابت ڪري ٿو. قرآن شريف‏، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه ڪريم جو رسالو هر وقت پاڻ سان رکڻ، انهن ٽنهي ڪتابن جو فلسفو ۽ فڪر، حديث، فقہ، تصوف، ويدانت، صرف نحو، تاريخي حوالا مطلب ته وقت جا سڀئي مروج علم سندس ڪلام ۾ موجود نظر اچن ٿا. هو وقت جي سماجي، سياسي معاشي ۽ مذهبي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جو ڄاڻو هو. نه صرف ايترو پر هندستان جي تاريخ ۽ تمدن جي به واقفيت هئس. عربي ۽ ايراني روايتن کانسواءِ به هندستان جي مختلف تحريڪن (جهڙوڪ ڀڳتي تحريڪ) جو اثر به سندس ڪلام تي نظر اچي ٿو. موسيقي جي علم جي به چڱي طرح ڄاڻ رکندو هو. سندس اڪثر سُر موسيقيءَ جي مخصوص سُرن تي ٻڌل آهن. ڊاڪٽر بلوچ شاهه صاحب جو هڪ خط (15) فارسيءَ ۾ لکيل پڌرو ڪيو آهي جيڪو هن ٺٽي جي وڏي محقق، عالم ۽ صوفي مخدوم محمد معين ڏانهن لکيو هو جنهن جو جواب پڻ ساڳئي ڪتاب ۾ شايع ڪيو ويو آهي. اهو ڄڻ ته تحريري ثبوت آهي شاهه صاحب جي پڙهيل لکيل هئڻ جو.

        ويهن ورهين جي ڄمار ۾ سندس زندگيءَ ۾ عشق جي چوٽ لڳيس جيڪا عمر جي تقاضا هئي. سندس انهيءَ عشق بابت جيڪي روايتون عام طور مشهور آهن انهن جو تت اهو آهي ته شاهه صاحب ويهن ورهين جي ڄمار ۾ مرزا مغل بيگ جي گهر ۾ ان جي ناچاق نياڻيءَ سيده بيگم کي دعا ڪرڻ ويو هو ڇاڪاڻ جو هو سندس والد جا مريد هئا ۽ والد جي بيماريءَ سبب شاهه لطيف کي اهو مرشد وارو منصب ادا ڪرڻو پيو هو. روايت آهي ته ”مغلن ۾ نهايت مستوري ۽ پرهيزگاري هوندي هئي، پنهنجي زناني عالم کي ڌارين ماڻهن جي منهن تي به چڙهڻ نه ڏيندا هئا. رڳو سيدن سان ئي اها خاص مهرباني ڪندا هئا جو گهر جي چانئٺ لنگهڻ ۽ پنهنجي زالن وچ ۾ اچڻ ڏيندا هئا. جڏهن شاهه عبداللطيف مرزا مغل بيگ جي گهر رسيو، تڏهن ڏٺائين ته ڇوڪري ويڙهي سيڙهي پلنگ تي پيئي آهي، مگر هن جو نينگر کي ڏسڻ ۽ مٿس عاشق ٿيڻ، پهرين نظر سان ئي عشق جو ڪاري ڪان سندس سيني ۾ چڀي ويو. نينگر جي چيچ هٿ ۾ جهلي چيائين ته ”جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾، تنهن کي نه لهر نه لوڏو.“ (6)

        ان ڏس ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو خيال آهي ته اها هڪ فطرتي ڳالهه هئي ۽ عمر جي تقاضا پڻ، لکي ٿو ”ان شيرين شمائل جي سودا سندس جان ۾ هڪ عجيب بيقراري ۽ بيتابي پيدا ڪئي ۽ پڻ انهيءَ مجازي معشوق جي رُويا سندس جسم ۾ هڪ نئين قسم جو روح ڦوڪيو، شڪ نه آهي ته سندس شاعراڻو شعور اول انهيءَ واقعي تي ظاهر ٿيو هجي. شاعريت جا هيل تائين هن جي دل ۾ ڇپيل هئي، جيئن باهه چقمق ۾، سا هاڻ عشق جي تاثير هيٺ ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪتي.“ (7)

        شاهه لطيف هڪ حساس فنڪار هو جنهن لاءِ دنيا جي ان نفيس ترين جذبي کي محسوس ڪرڻ کانپوءِ دنيا ڄڻ ته بدلجي وئي هوندي ۽ سندس اندر جو فنڪار اڌمو کائي اٿيو هوندو. پيار جو اهو جذبو پاڻ پنهنجي رسالي جي ڪيترن ئي سُرن ۾ تمام سهڻي ۽ سچي انداز ۾ چٽيو اٿس. سندس سُورمين جو محبت جي ميدان ۾ جيءُ مٺو نه ڪرڻ يقيناً هن پنهنجي تجربي هيٺ ڳايو هوندو تڏهن ته ان ۾ ايڏو سوز ۽ گداز آهي.

        پر هڪ ڳالهه جيڪا توجهه طلب آهي سا اها ته ڇا محض ڪنهن ڇوڪريءَ جي چيچ جهلڻ سان اهڙو عشق ممڪن ٿي سگهي ٿو؟ خود ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ڏنل روايت ۾ به اهڙا اشارا آهن جيڪي اهو ثابت ڪن ٿا ته شاهه ڇوڪريءَ جي صورت ڏسي عاشق ٿيو هو. ”هن جو نينگر ڏسڻ ۽ عاشق ٿيڻ. پهرين نظر سان ئي عشق جو ڪاري ڪان سندس سيني ۾ چڀي ويو.“ يا جيئن اڳتي هلي لکي ٿو ته: ”انهيءَ شيرين شمائل جي سودا سندس جان ۾ هڪ عجيب بيقراري ۽ بيتابي پيدا ڪئي“ ڪا شيرين شمائل بنا ڏسڻ جي ڪيئن ٿي بيقرار ۽ بيتاب ڪري سگهي؟

        انهيءَ حقيقت کي وڌيڪ چٽو ڪرڻ لاءِ شاهه جي عشق جي تجربي کي سمجهڻ لاءِ ڪجهه ٻين روايتن کي به ڏسڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ جو عشق ئي سندس سموري رسالي جو تاڃي پيٽو آهي.

        تذڪره لطيفيءَ جو مصنف مرحوم لطف الله بدوي انهيءَ واقعي کي ”مجاز جي چوٽ“ سڏي اهو سمورو واقعو بيان ڪرڻ کانپوءِ لکي ٿو: ”نينگر ڪپڙن ۾ ويڙهيل سيڙهيل سمهي پئي هئي. شاهه سائين نينگر جي چيچ وٺي فرمايو ”جنهن آڱر سيد هٿ ۾ ان کي لهر نه لوڏو“... شاهه صاحب تي هن محبت گهڻو اثر وڌو ۽ سيلاني تي نڪري پيو.“ (8)

        ساڳئي قسم جي روايت مرزا قليچ بيگ پڻ بيان ڪئي آهي ”هو پردي وارا ماڻهو ۽ وڏي خاندان جا هئا. اها سيدن سان ڪا خاص وڏي مهرباني ٿي ڪيائون جو پنهنجي گهر جي چانئٺ لنگهڻ يا پنهنجن زالن جي ويجهو اچڻ ٿي ڏنائون. شاهه عبداللطيف هن نينگر جي چيچ ڪڍي پنهنجي هٿ ۾ وٺي چيو ته ”جنهن جي آڱر سيد جي هٿ ۾ آئي آهي تنهن کي نڪو لهر نه لوڏو جيسين ڪه سيدن کي ملي.“ (9)

        ڀيرومل مهرچند آڏواڻي سمورو واقعو مڪمل بيان نه ٿو ڪري پر شاهه جو اهو قول دهرائيندي لکي ٿو ”جيستائين مائٽي جي پڪ نه ٿي ملي تيستائين هن عاشق جي دل ۾ هڪ عجيب بيتابي ۽ بيقراري پيدا ٿي. حقيقتون اهو رڳو بهانو بنجي آيو. عشق جي چڻنگ ننڍڙي هوندي ئي هن جي جسماني چولي اندر هئي، پر پوءِ جڏهن جوانيءَ جي ڦوهه ۾ آيو ۽ هيءَ ڳالهه ٿي، تڏهن اُلي مان آڳ ٻري پئي ۽ عشق اچي آرانڀا لاتا، هن جي اندر ۾ محبت اهڙو مچ مچايو، جو هيءُ ڏينهن جا ڏينهن مجنونءَ وانگر برپٽ بيابان جهاڳڻ لڳو. شاعريت، جا هيلتائين هن جي دل ۾ ائين ڇپيل هئي جيئن باهه ۾ چقمق، سا هاڻ عشق جي تاثر هيٺ ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪتي. هو پوءِ اُهي ڦورائيءَ جا بيت چوڻ لڳو جو سندس نينهن جا نعرا پرانهن پٽن ۾ پڙاڏو ڪرڻ لڳا...“ (10)

        ”لطف لطيف“ جي مصنف مولانا دين محمد وفائيءَ پڻ تقريباً ساڳئي روايت بيان ڪئي آهي، موتي لال اجواڻي لکي ٿو:

“Shah Latif saw the ailing daughter and was struck by her beauty. His youthful heart missed a bear or two…. ! Coming to know of Shah Abdul Latif’s love at first sight, Shah Habib made a formal proposal”. (11)

        شاهه جي رسالي جي اردو ترجمي ۾ شيخ اياز پنهنجي راءِ هن ريت ڏني آهي ته ”شاهه لطيف کي مرزا مغل بيگ عورتن ۾ اندر وٺي ويو. ان وقت نوجوان شاهه لطيف اوچتو جڏهن هڪ حسين و جميل دوشيزه کي پنهنجي سامهون ڏٺو ۽ ٻنهي جون اکيون هڪ ئي وقت هڪ ٻئي ڏانهن کڄيون ته ٻنهي جي دل ۾ محبت جي باهه ڀڙڪي اٿي.“ (12) ڊاڪٽر در شهوار لکي ٿي:

As soon as he saw the girl, he became aware of her apparent and inner beauty and fell in love with her. (13)

        هن ڏس ۾ لطيف جو حسين و جميل دوشيزه سيده بيگم کي ڏسڻ، اکين جو ملڻ ۽ محبت جي باهه جو ڀڙڪڻ هڪ ماڻهوءَ جي راءِ ٿي سگهي ٿي پر اها راءِ ڪافي حد تائين ممڪنات مان نظر اچي ٿي. شاهه لطيف جي انهيءَ تجربي ئي کيس عاشقن جو عاشق ۽ شاعرن جو شاعر بنايو. جڏهن ماڻهو گهڻو مشهور ٿيندو آهي ته پوءِ ساڻس منسوب مختلف واقعا، قصا ۽ روايتون به مشهور ٿينديون آهن ۽ انهن جي تصديق ڪرڻ بنا انهن ۾ رنگ آميزي به ٿيندي رهندي آهي، پر اها رنگ آميزي به ڪنهن حد تائين ڪن خاص ڳالهين ڏانهن اشارو ڪري ڪنهن حقيقت تان پردو کڻندي آهي. هڪ اهڙي ئي روايت ڊاڪٽر دائود پوٽي نقل ڪئي آهي، جيڪا تمام افسانو انداز ۾ مبالغي جي حد تائين وڌائي ويجهائي بيان ڪيل آهي. ان روايت ۾ شاهه بدران شيخ لکيل آهي پر باقي احوال شاهه لطيف سان ٺهڪي ٿو اچي ۽ ان کي سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي خاندان مان ئي شاهه حبيب جو پٽ ٻڌايو ويو آهي ”اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته شيخ عبداللطيف جوانيءَ ۾ مرزا بيگ مغل جي حسين نياڻيءَ جي عشق ۾ ڦاٿو جو ڪلهوڙن کان اڳ حڪومت ڪندو هو. سندس نينگر هالا ۾ سانگڙي واهه جي ڪپ تي رهندي هئي. شاهه جو عشق ڏينهون ڏينهن تڪڙو وڌندو ويو ۽ آخرڪار سندس ذهن ۾ آيو ته اها هڪ ڳالهه ٺيڪ ٿيندي جو مرزا بيگ کيس پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ بخشي. سندس الفت جي مرزا بيگ جي ماڻهن کي کڙڪ پئجي ويئي پر اهي مرتبي ۽ مال جي آڪڙ تي ٽانءَ ۾ ڀرجي ويا ۽ انهيءَ قصي کي ڪن ٽار ڪري ڇڏيائون. سمجهيائيون ته شاهه صاحب هڪ سڃو فقير آهي سو جيڪڏهن ڪا تڪليف ڏنائين ته کيس سولائيءَ سان اڪلائي سگهبو. شاهه کي جڏهن سندن انهيءَ رويي جي خبر پئي تڏهن پاڻ پتوڙڻ ۽ ڪرامتون ڏيکارڻ لڳو. هو بار بار اهي جايون ۽ ڳليون گهمندو هو جتي سندس معشوقه رهندي هئي. جڏهن مغلن کي اها سڌ پئي، تڏهن سندس اچڻ وڃڻ جون واهون بند ڪري ڇڏيائون، تنهن تي شاهه پنهنجي محبوبه کي ملڻ ۽ سندس منوهر منهن پسڻ لاءِ پاڻ کي بعضي ڀئونر جي شڪل ۾ بعضي ڪبوتر ۽ ڪاريهر جي شڪل ۾ بدلائي، مخفي طور سندس خاص حجري ۾ لنگهي ويندو هو.“ (14)

        هن قصي ۾ بيان ڪيل واقعي ۾ جيڪي ڳالهيون شاهه جي عشق بابت آهن تن کي ويچار ۾ آڻيندي باقي معجزاتي ڳالهين کي نظر انداز ڪري سگهجي ٿو. داستان گوئيءَ جي رنگينيءَ لاءِ عاشق جو ڀئونر يا ڪبوتر يا ڪاريهر ٿيڻ، مبالغي جي حد تائين افسانوي ۽ ڪرامتي رنگ ان دور جي حوالي سان ممڪن ٿي سگهي ٿو. پر هن واقعي ۾ شاهه جي نوجوانيءَ ۾ ٿيل عشق کي تمام واضح نموني بيان ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ان ڳالهه جي صحت تي شڪ به هجي ته به چئي سگهجي ٿو ته شاهه لطيف عشق ڪيو هو ۽ تمام ڀرپور نموني ڪيو هو ۽ ان عشق اصل سک سمهڻ نٿي ڏنس. روايت آهي ته جڏهن عشق جي آڳ گهڻو جلائيندي هئس ته پاڻ شاهه عنايت وٽ هلي ويندو هو جيڪو سندس ان آڳ کي تسليءَ جا ڇنڊا هڻي ٿڌو ڪندو هو. اهڙو عشق محض چيچ جهلڻ سان ٿيڻ ممڪن ڪونه ٿيو هوندو. پنهنجي رسالي جي اڪثر سُرن ۾ محبوب جي صورت ڏسڻ ۽ سندس جلوو پسڻ جو ذڪر آهي جيڪو سندس تجربي جو پرتوو چئي سگهجي ٿو مثلاً:

ڏٺي جن هيڪار   صورت  ساهڙ  ڄام جي

سک ٿي ستيون ڪين ڪي، ڀري ساڻ ڀتار

گهڙيو گهڙنئا ڌار،  ڪاهي  پيون  ڪنن  ۾

       

هوت نه ڏٺائون ڏوهه نه ڏيان جيڏيين

مون جئن رنائون، مٿي   ڪيو هٿڙا

        سُر کنڀاتسندس جوانيءَ جو سُر آهي ان ۾ محبوب جو حُسن چنڊ ۽ سج کي مات ڪندڙ سڏيو اٿس:

چنڊ تنهنجي ذات، پاڙيان تان نه پرين سين

تون   اڇو  ۾  رات،  سڄڻ  نت  سوجهرا

-----

کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر

سورج شاخون  جهڪيون،  ڪوماڻو   قمر

تارا  ڪتيون  تائب  ٿيا،    ديکيندي  دلبر

جهڪو ٿيو جوهر، جانب  جي  جمال سين.

        اهو جانب جو جمال، اکين جو خمار شاهه صاحب جي دل ۾ عشق جي چڻنگ ٻاري ويو ۽ محبت جو مزو ته آهي محبوب کي ماڻڻ ۾، اهو ڄاڻي شاهه پنهنجي ان خواهش جو پورائو شاديءَ جي صورت ۾ ڪرڻ چاهيو پر حالتون اهڙيون وڃي بيٺيون جو اهو ناممڪن ٿي پيو. اول ته سنڌ جي روايت موجب ڌارين ۾ سڱ ڪرڻ عيب سمجهيو ويندو هو. ٻيو مغل شاهي خاندان مان هئڻ جي زعم ۾ هوندا هئا ۽ شاهه لطيف کي مالي اعتبار کان پنهنجي برابر نه سمجهيو هوندائون. ٽيون ان قصي جي مشهوري  ٿيڻ کانپوءِ بدناميءَ جو خوف ٿيو هوندن ۽ روايتي غيرت به آئي هوندن. مرزا مغل بيگ سيدن سان اهڙي دشمني پرائي جو کين مرڳو اتان لڏڻو پيو ۽ هو ڪوٽڙيءَ مان لڏي اچي ٻئي پاڙي ۾ رهيا.

        شاهه صاحب جي والد پنهنجي پٽ جي دلي تمنا پوري ڪرڻ لاءِ گهڻئي جتن ڪيا پر ناڪام رهيو.

        پل پل ۾ پليانس، پل نه رهي پرينءَ ري

        جنهن جهوريءَ کان جهليانس جهڄيو تئن جهوري پوي.

        ٽن سالن جو عرصو شاهه صاحب ڄڻ ته جهنگ منهن ڪري هليو ويو. پاڻ هڪ سيلاني بنجي هند سنڌ جي سير تي نڪري پيو. سندس هن طرح سير تي نڪرڻ بابت ڀيرومل لکي ٿو ”جنهن درويش جي پنهنجي وطن سان هيڏي دل تنهن ٽي ورهيه سانده ڏيهه ڇڏي، پرڏيهه جا ڏک ڏاکڙا قبوليا تنهنجو ڪارڻ ڪهڙو؟

        ”برهه بنايس بر نه ته سکي ڪير سڌون ڪري“

        اها برهه جي باهه هئي جنهن هن عاشق کي وطن جا وڻ ڇڏايا.“ (15) شاهه حبيب کي پنهنجي پياري پٽ جي هيءَ پريشاني حالت ڏسي سڀاويڪ طرح خيال ٿيو ۽ سندس خاطري لاءِ انهيءَ سڱ ڇڪڻ جي هر وجهه ڪوشش ڪيائين، پر ڪو وقت سندس سعيا سجايا نه ٿيا. شاعر نهايت نااميديءَ وچان ديس ڇڏي پرديس جا ڏک ڏاکڙا برسر ڪيا.

        ”ساجن ڪارڻ سڃ مر قبولي سسئي“ (16)

        ساڳئي قسم جو نتيجو لطف الله بدوي ڪڍي ٿو ”شاهه صاحب تي هن محبت گهڻو اثر وڌو، هو سيلاني ٿي نڪري پيو ۽ سامين جي صحبت ۾ گرنار ۽ لاهوت جا مڪان ڀيٽيائين. مجازي محبت جي چوٽ ڪا اهڙي نه هئي جو عاشق کي ڪٿي آرام ڪرڻ ڏي. شاهه صاحب هڪ بيتاب هستي ٿي پيو.“ (17)

        مقدمه لطيفيءَ جو مصنف ان ڏس ۾ هيئن ٿو لکي ته ”هاڻ ته هيڪاري ڏينهن جا ڏينهن مجنونءَ وانگي محبوب جي فراق ۾ بيت چوندو وتندو هو ۽ سندس نينهن جا نعرا پيا رڃن ۾ پڙاڏا ڪندا هئا.... شاهه حبيب کي پٽ جي پريشان حال کي ڏسي اوس اونو ٿيو هوندو ۽ سندس خاطريءَ لاءِ هن مرزا مغل بيگ کان سڱ ڇڪڻ جي هر وجهه ڪوشش ڪئي هوندي. مگر سندس سعيا سجايا ٿيا نٿا ڏسجن. آخر شاهه نهايت نااميديءَ وچان ديس ڇڏي پرديس جا ڏک ڏاکڙا برسر کنيا..... هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو مائٽن جي موڪل بنا جهنگ منهن ڏئي اٿي هليو.“ (18)

        مٿين سڀني روايتن مان اهو ٿو ثابت ٿئي ته شاهه صاحب کي سندس محبت تمام گهڻو مجبور ڪيو هو ۽ پنهنجي پرين کي پائڻ ۾ ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ برهه جي باهه اڃا به تيز ٿي ۽ وڇوڙي جي واردات سندس اندر اڌ ڪري ڇڏيو ۽ ٻي ڪا واهه نه ڏسي پنهنجو پاڻ وندرائڻ لاءِ سير سفر تي نڪري پيو. ٽن سالن تائين جوڳين سنياسين سان گهمڻ ڦرڻ کانپوءِ ڪجهه ساهه سامت ۾ آيس ۽ ڪجهه پنهنجي پيءَ ۽ گهر وارن جو خيال ڪري موٽي آيو. موٽي اچڻ کانپوءِ حالتن ڪجهه ڦيرو کاڌو، سيده بيگم جي پيءَ مرزا مغل بيگ جي اچي دل ذات جي ڪن ڏنگن ماڻهن سان چڪري لڳي جن کيس ڏاڍو ستايو. گهر مان مال متاع کڻي وين ۽ ٻيو به گهڻو نقصان پهتن، نتيجي ۾ هن سان مغلن جي ويڙهه ٿي، جنهن ۾ شاهه صاحب سندن مدد ڪرڻ جي به آڇ ڪئي جيڪا هنن نه قبولي. ان ويڙهه ۾ مغلن جي خاندان جا سڀ مرد مارجي ويا. باقي جيڪي زالون بچيون تن ويچارين بيواهين کي اچي اهو وهم ويٺو ته اها آفت سيدن کي رنجائڻ سببان اسان تي آئي آهي سو انهن اچي معافي به گهري ۽ پرچاءُ به ڪيو. مرزا مغل بيگ جي انهيءَ ساڳي ڇوڪريءَ سيده بيگم جو سڱ شاهه لطيف کي مليو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هوءَ، نهايت پاڪدامن، خليق ۽ حلم واري زال هئي. پارسا ۽ عابده به هڪڙيائي هئي. صبح سانجهيءَ قرآن شريف جي تلاوت ڪندي هئي ۽ اگرچه خانداني ۽ ناز برودي هئي، تڏهن به گهر جو سمورو ڪاروبار جهڙوڪ رڌڻ پچائڻ، صفائي سٺائي پنهنجي ڪومل هٿن سان ڪندي هئي. مطلب ته جهڙو هو شاهه صاحب ڀلارو تهڙيائي هئي سنديس بيبي ۽ ٻنهي جو هڪ ٻئي سان نهايت پيار هوندو هو.“ (19) ٻنهي جي تعلقن بابت موتي لال جوتواڻي لکي ٿو:

It was realey wonderful of her that she put up cheerfully with his independent and restless nature. On his part Shah Abdul Latif looked after his wife with tender care. (20)

        شاهه صاحب جي خوشنصيبيءَ ۾ ڪنهن کي شڪ ٿي سگهي ٿو جو ٿورو دير سان سهي پر من جي مراد ته پوري ٿيس. جيڪڏهن بيبي صاحبه ۾ بيان ڪيل سڀ خوبيون هيون ته پوءِ پاڻ وڌيڪ پاڻ وڻايو هوندائين ۽ ”ٻنهي جو هڪ ٻئي سان نهايت پيار“ به هر ڪو سمجهي سگهي ٿو. رواجي زال مڙس جي ڀيٽ ۾ هنن محبتي زال مڙس جو پاڻ ۾ يقيناً گهڻو سنٻنڌ هوندو! عشق جي چوٽ کائڻ، جدائيءَ جو درد سهڻ ۽ وري ميلاپ ٿيڻ- انهن سڀني ڳالهين جو عڪس اسين سندس شاعريءَ ۾ ڏسي سگهون ٿا. هو پيار، وڇوڙي ۽ وصل جي ڪيفيت کي تمام حقيقي انداز ۾ بيان ٿو ڪري ۽ ان ۾ سندس ذاتي تجربي کي وڏو دخل آهي ۽ جتيوڻيڪ قصا ٻين جا کنيا اٿس پر احساس پنهنجو اٿس.

        شاهه صاحب جو پنهنجي زال سان پيار ۽ عشق اسان جي ڪجهه محققن کي نه آئڙيو آهي. ڪجهه روايتون اهڙيون بيان ڪيون ويون آهن جن مان بظاهر سندن رشتو اهڙو نٿو محسوس ٿئي جهڙو هئڻ گهربو هو، ان ۾ حقيقت کان وڌيڪ انهن روايتن مان ڪڍيل عجيب ۽ غريب نتيجا آهن، جن کي بيان ڪرڻ لاءِ انهن روايتن کي ورجائڻو به پوندو ۽ مختلف ماڻهن جي راين جو به احوال ڏيڻو پوندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com