سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :60

باغ جي تياري

 

ڏي ساقي مئي اَرغواني ڀَري جو رونق چمن جي ڪشش ٿي ڪري.

بنايو شهنشاه هڪ خاص باغ

ٿيو رشڪ جنهن جي کان لاله کي داغ.

عمارت جي خوبي دَرن جو هي شان

لڳا جنهن ۾ زربفت جا سائبان.

سندن ڇت ۽ پَردا هئا زرنگار.

دَرن تي هئي دست بسته بهار

ڪي پَردا  درن سان به اَٽڪيل هئا.

ڪِٿي سون چاندي جي تارن جا دَر

ٻَڌي چنڊ جي جنهن ۾ تارِ نظر.

چِکن جو تماشو ٿِيو بي مثال

نِگهه کي لنگهڻ اُن هَنڌان ٿِيو محال.

ڇتين تي زور و سيم جون ڄاريون

دَرن ۽ ڀتين تي به گلڪاريون.

لڳي جنهن جڳهه آئِنن جي قطار

اُتي لطف چوڻو ٿيو آشڪار.

ڪٿي فرش مخمل جو ڇا چئجي بس!

وڌي جنهن اڳيان ڪين پائي هَوس.

رهن لخلخا اُن ۾ روشن مدام

معطر شب و روز جنهن کان مشام.

ڇَپر کٽ مرصع جو دالان ۾

تجلي هئي اُن جي هر آن ۾

زمين تي هُئي اُنجي اهڙي جهَمڪ

ستارن جي جئَن آسمان تي چَمڪ

ڪريان اُنجي ڌرتي جو ڪهڙو بيان

جو صندل جو هڪ پارچو هو عيان.

ٺهيون سنگ مرمر جون نهرون ڪَسيون

سندن چئن پاسن کان مَوجون مَتيون.

سِڌا سروتن جي هئا اسپاس

وڃايو ٿي صوف ۽ بهي رنج وياس.

لِکان ڪهڙي ڪيفيتِ داربست

ڦِريا موج و مستي ۾ ٿي مي پَرست.

هوائي بهاري سان گل ٿي چُريا

چَمن ۾ گهُميا شاد ٿي دِل ڦُريا.

زمرد کان گهٽ هو نه سبزي جو رنگ

رَوِش تي جواهر هئا مِثل سَنگ.

روشن جي صفائي تي بي اِختيار

گل آشرفي ٿي ڪئي زرنثار.

چَمن جي گلن سان ڀَريل هو چمن

ڪِٿي نرگس ۽ گل ڪِٿي يا سمن.

چنبيلي ڪٿي ۽ ڪِٿي موگرو.

ڪٿي شاخِ شبو جا هرجا نشان

مَدن بان جو هو ڪٿي آستان.

ڪِٿي اَرغوان ۽ ڪِٿي لاله زار

جُدي پنهنجي موسم ۾ لاتي بهار.

ڏني سَرو وانگر ٿي چنبي اُڇل

گمان هو ته خوشبو جا آهن جَبل.

ڪِٿي زرد نسرين ڪِٿي نسترن

عجب رنگ جا زعفراني چَمن.

ڪٿي آبِ جُو هر طرف هو روان

ڪٿي سَروتي قمرين جو مڪان.

گلن جو لبِ نهر هَر هَر لُڏڻ

اِنهيءَ حال ۾ پنهنجي رُخ کي چمڻ.

ڪِرڻ پيچ کائي خيابان ۾

نشي جو هو عالم گلستان ۾.

هٿن ۾ کنيا مالهڻين بيلچا ڏٺائون نظارا عجــــــــــــــــــــــــــــــب بـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــاغ جا.

ڪِٿي تُخم پاشي ڪَيائون ڪُڏي

هَنيائون ڪٿي اوڌِ هَر هَر لُڏي.

هئا شاخ در شاخ تازا درخت

هُجن جئَن ڪي وِڇڙيل بغلگير مَست.

ڏسي آئنه ۾ لب نهر قَد

رهي سَرو جي ڪين آڪڙ ۾ حَد.خرامان صَبا صحن ۾ چــــــــــــــــــــــــــــارسُو

اَچي پئي دماغن کي هر گل جي بُو.

هُئا نهر تي قاز ۽ قرقرا

اُنهن ساڻ مُرغابين جا ٽَلا.

صدا قرقرن جي ۽ بدڪن جو شور

وڻن تي ٻگها گل جي ٽارين تي مور.

چمن آتشِ گل سان دهڪڻ لڳو

هوا جي ڪري باغ ٻَهڪڻ لڳو.

صبا ٿي ڪئي گل جي ڍيرين ۾ ڀُل

هئا هر طرف مولسَرين جا گُل.

هوڪيلن جي ۽ مولسرين جي ڇانَو

اکيون چرخ ٿين وٺجي جنهن جو به نانوَ

خوشي مان گلن تي گهميون بلبليون

محبت جون تن ويهي ڳالهيون ڪيون.

کلي پيا وڻن جي پَنن جا ورق

ته بلبل وٺن بوستان جو سبق.

جي قمريون ڏسن رنگ اُن آن جو

پڙهن باب پنجون گلستان جو.

ڦرن نوڪرياڻيون ۽ دايون گهڻيون

سدا ناز نخري ۾ سڀ کي وڻيون.

خواصن ۽ خوجن جو هو هڪ هجوم

محل ۾ هئي هڪ عجب ڌام ڌوم.

تڪلف سان پاتو هو سڀني لباس

هئا شاهزادي جي سَڀ آسپاس.

ڪنيزون هُيون سونهن ۾ ريل ڇيل

چَنبيلي ڪِٿي ۽ ڪِٿي راءِ بيل.

رنگيلي ڪِٿي ۽ ڪِٿي خام روپ.

ڪٿي ڪيتڪي ۽ ڪٿي هو گلاب

ڪٿ مهرتن ۽ ڪٿي ماهتاب.

ڪِٿي سيوتي هو ۽ کِل مُک ڪٿي

ڪِٿي دِل لگن هو ۽ تَن سُک ڪٿي.

ڪا نخري سان پيئي اَچي ۽ وڃي

ڪا جوڀن پئي پنهنجو ظاهر ڪري.

ڳُتون پنهنجون هَر هَر سنواري ڪٿي

اَڙي او سهيلي پُڪاري ڪٿي.

ڪي تاڙيون وڄائن سدا ناز سان.

ڪي گاريون ڪڍن کِل منجهان راز سان.

وڄائي ڪا پيرن هٿن جا ڪَڙا

ڪا نعرا هڻي خوب تحسين جا.

ڪا ٽارين کي موڙي مَروڙي پَئي

ڪا ناتو محبت جو جوڙي پَئي.

ڪا نخري منجهان پيئي حقو ڇڪي

ڪا اُلفت جي پَرده ۾ پيئي لِڪي.

ڪا غوطا هڻي حوض جي لهر ۾

ڪا پيرن کي لوڏي پئي نهر ۾.

ڪا پنهنجي چَتون جي لهي سُڌ خبر

رهي پنهنجي مينا ۾ ڪنهنجي نظر.

ڪا لَپ ڌوڙ جي ڪنهن ڏي اُڇلي پئي

ڪا نازن ۽ نخرن سان اُٿلي پَئي

ويو ڪنهن کي ائينو ڏاڍو وَڻي

ڏِني ڪنهن ٿي نازو اَدا سان ڦڻي.

مقابه منجهان ڪنهن ٿي مسي کنئي

وَري ڪنهن ٿي لالي لبن کي هَنئي

هو اهڙن گلن سان ڀريل بوستان

انهيءَ باغ اَندر هو سروِ رَوان.

غرض جيڪي ماڻهو هئا ڪارگر

مليا شاهزاده کي سڀ زود تر.

پَليو جئَن اُهو ناز و نعمت وچان.

اَچي ٿيو پڙهائڻ جي لائق سِگهو.

معلم اَتاليق منشي اَديب

اَچي ويٺو اُستاد هر هڪ قريب

شروع اُن ڪيو قاعده سان ڪلام

پَڙهائڻ لڳا علم اُن کي تمام.

بڻيو عقل و دانش جو قابل ڪَڻو

پَڙهيو علم ٿورن ورهين ۾ گهڻو.

معاني و منطق، بيان و اُصول

اَدب علم منقول و معقول و طول

پڙهيو علمِ حڪمت ۽ مضمون کي

پروڙيائين هر ربط و قانون کي.

سکيو هيئَت و هندسه ۽ نجوم

پئي جڳ سَڄي ۾ سندس ڌام ڌوم.

ٿيس علم نوڪِ زبان حرف حرف

ڪيائين اِنهيءَ نحو ۾ عمر صرف.

عطارد کي آئي ڏسي اُن کي ريس

ٿيو ساده لوحي ۾ هو خوشنويس.

ٿِيو جئَن جو نَو خط هو شيرين رقم

لکيائين ستن مان وڌي نَو قَلم.

کنيائين جڏهن خامئهِ مشڪبار

سکيو نسخ و ريحان و خط غبار.

عروس الخطوط ۽ ثلث ۽ رقاع

خفي ۽ جلي مثلِ خطِ شعاع.

نمايان شڪستهء و تعليق ٿيا

ڏِسي اُن کي حيران اَتاليق ٿيا.

مِليس خطِ گلزار مان جئَن فراغ

ٿيو صفحئهِ قطعه گلزارِ باغ.

ڪريان علم جو ڪيستائين بيان

اِهو آههِ بس مختصر داستان

کنيا هٿ ۾ تير و ڪمان بي نظير

ٿيا اُن اڳيان ماهرِ فن حقير.

صَفائي ۾ سوفارِ پيڪان ڇا

جي نڪتو ڪمان مان ته طوفان ڇا.

ٿيو وصف اُنجي ۾ رقصان چَمن

ٿِيو اُنجي قبضه ۾ هر علم و فن.

مِليس دست و بازو ۾ مردانگي

سَون سَرڪشن جي ڀَڳي سرڪشي.

ٿيس موسيقي ڏانهن جو ڪجهه خيال

ڪيائين سگهو قيد پنهنجي ۾ تال

ٿيس دل تي تصوير جو جئَن اَثر

ٿيا رنگ سَڀ اُن جي مدِ نظر.

سکيو چنڊ ڏينهن ۾ ڪسبِ تفنگ

ٿِيا جنهن تي حيران اهلِ فرنگ.

اِنهيءَ کانسوا ٻيا هئا لک ڪمال

مروت جي خو آدميت جي چال.

رزيلن ڪمينن کان نفرت هُيس

جي قابل هئا تن سان صحبت هيس.

ويو پنهنجي نالي تي هو دلپذير

ٿِيو هر فن و علم ۾ بي نظير.

 

سواري جي تياري جو حڪم

 

ڏي ساقي ڀَري مونکي هڪ جامِ مُل

جواني ۾ ڏسجن ٿا اَيامِ گل

غنيمت ثمر صحبتِ دوتان

که گل پنجر و زست در بوستان

ڀَلائي جو حاصل ڪري وٺ ثمر

جو پوکي سگهين پوک اُهو زود تر

نه رنگِ چمن تي ڪجي اِعتبار

فلڪ ۾ ٿا ڏسجن خزان ۽ بهار.

جڏهن دَور ٻارهون ٿيو سال جو

کُليو دَر تڏهن غم جي جنجال جو.

نقيبن کي ڪوٺيو شِه نيڪنام

ته حاضر ٿين سڀ اَچي خاص و عام.

سواري تڪلف سان تيار ٿئي

مهيا ڪجي جو به درڪار ٿئي.

 

{

 

 

 

اڻ پورو آهي. فقط ايترو ئي مواد دستياب ٿي سگهيو.

 

فيض جو فڪر

(فيض احمد ”فيض“ جي منتخب ڪلام جو منظوم سنڌي ترجمو)

مترجم: رشيد احمد لاشاري

نه پڇ تون اِهو، تنهنجو انتظار ڪيڏو آهه؟

اُهيئي ڏينهن جڏهن تنهنجو انتظار نه هو:

هو تنهنجو عڪس اُنهن اَجنبي بَهارن ۾،

نه تنهنجا لب هئا، ڀاڪر ڀريل ڪو پيار نه هو.

لوح و قلم

اَسين پرورشِ لوح و قلم ڇونه ڪنداسين،

جا دل تي ٿي گذري سا رقم ڇو نه ڪنداسين؟

اسبابِ غم عشق بَهم ڇو نه ڪنداسين،

ويرانيءِ دوران تي ڪَرم ڇو نه ڪنداسين؟

ها، تلخي اَيام اڃا وڌندي ئي رهندي،

منظور، سِتمگر جا ستم ڇو نه ڪنداسين؟

منظور، اِها تلخي، ستم آهه گوارا،

دم آهه ته فريادِ اَلَم ڇو نه ڪنداسين؟

ميخانو سلامت ته اَسين سُرخيءِ مئي سان،

تَزئينِ در و بامِ حَرم ڇو نه ڪنداسين؟

ڪجهه خون رهيو دل ۾ ته هر اشڪ مان پيدا،

رنگِ لب و رخسارِ صَنم ڇونه ڪنداسين؟

ڀَل طرزِ تغافل هجي اُن کي ئي مبارڪ،

پر عرض جي اُميد جو غم ڇو نه ڪنداسين؟

هي آهه جي ملڪِ شمس و قمر، هن شمس و قمر جو ڇا ٿيندو؟

رعنائيءِ شب جو ڇا ٿيندو، اندازِ سَحر جو ڇا ٿيندو؟

جيئن خون جگر برفاب بڻيو، تيئن اکڙيون آهن پوش ٿيون،

هن ديدهء تر جو ڇا ٿيندو، جو ذوق نظر جو ڇا ٿيندو؟

جيئن شعر جا خيما رک ٿي ويا، نغمن جون طنابون پييون ڇڄي،

هي ساز مٿو ڪٿي ڦاڙيندا، هن ڪلڪِ گهر جو ڇا ٿيندو؟

جيئن ڪنج قفس مسڪن ٿي چڪو ۽ جيب و گريبان طوق و رسن،

سڌ ناهه ته موسمِ گل نه اچي، هن دردِ جگر جو ڇا ٿيندو؟

 

ترس ٿورو دِل بيتاب!

 

آهه اُوندهه، جا مٿاهينءَ تان کنبو ڪر ٿي اَچي،

ڄڻ وهي رات جي رڳ رڳ مان ٿو رت لاٽ ڪري،

اهڙي رفتار سان هستيءَ جي هلي نبض ٿي، ڄڻ،

ٻن جهانن جو نشو آهه ٽٽو ڦاٽ ڪري،

گرم رت، رات جو نڪري ته اَڃا نڪرڻ ڏينس،

صُبح جو نُور، اچي ٿي اِها اونده ئي نظر،

ترس، ٿورو، دل بيتاب! ٿيو ڄاڻ سَحر.

ساز جي پَردي پُٺيان کڙڪي ٿو زنجير اَڃا،

مطلق الحڪم بڻيو عالمِ اَسباب اَڃا،

لال ساغر ۾ ته ڳوڙها به اَچن ٿا لُڙڪي،

پير چورڻ تي مگر بندشِ آداب اڃا.

پنهنجي ديواني کي ديوانو ته بڻجڻ ڏي تون.

پنهنجي ميخاني کي ميخانو ته بڻجڻ ڏي تون.

بس اِها دهشتِ اسباب هلي ويندي سگهو،

۽ گرانباريءِ آداب هلي ويندي سگهو،

جي، ڪو زنجير ٿو کڙڪي ته ڀَلي کڙڪڻ ڏينس.

 

اي حبيب عنبر دست

(هڪ اَجنبي خاتون جي نالي، خوشبوءِ جي تحفي ملڻ تي)

 

هي ڪنهن جي دستِ عنايت سان قيدخاني ۾،

ڏِسون ٿا ڪهڙو نه اَڄ، دل نواز بندوبست

فضا به يار جي زلفن جي مثل ٿي ٻَهڪي،

هوابه بُوءِ جي گرميءَ کان آههِ اِيئَن سَرمست،

هِتان لنگهي ڪو ويو آههِ ڄڻ ته گُل اندام

گهڻو ئي ويجهو ٿي، گيسو بدوش، غنچه بدست.

کڻي گهمي ٿي، رفاقت جي بُو چمن جي هَوا،

لکين ٿو پهرا بِهاري قفس تي ظلم پرست.

هميشه سبز ئي رهندي هي شاخِ مهرو وفا،

ٻَڌل ٿي ذات سان جنهن جي دِلين جي فتح و شڪست.

هي شعر ”حافظِ شيراز“ جو صَبا چئجانءِ،

ڏِسين ڪِٿي به کڻي تون حَبيب عَنبر دست.

”خلل پذير بود هر بناکه مـﻶ بيني

بجز بنائـﻶ محبت که خالي از خلل است“

 

منهنجا مٺا همدم دوست!

 

جي يقين مون کي ٿئي، منهنجا مٺا همدم دوست!

جي يقين مون کي ٿئي، تنهنجي اِنهيءَ دل جو ٿَڪڻ،

تنهنجي اکڙين جي اداسي، اِنهيءَ سيني جو سڙڻ،

پيار منهنجي سان مٽي، منهنجو ئي آٿت ويندو.

جي دَوا بنجي پوي، مُنهنجي ئي آٿت جو اکر،

زنده بنجي وري اجڙيل اهو بي نُور دماغ،

ڌوپجن تنهنجي ئي پيشاني تان تذليل جا داغ،

تنهنجي بيمار جواني به شفاياب ٿئي،

جي يقين مون کي ٿئي، منهنجا مٺا، همدم دوست!

روز و شب، شام و سحر توکي ٿو وندرايان مان،

توکي مان گيت ٻُڌايان ٿو ڪي هلڪا مٺڙا،

گيت پرڀات جا، سج چنڊ جا ۽ تارن جا،

آبشارن جا، بهارن جا، چمن زارن جا.

توکي مان حُسن و محبت جي حڪايات چوان:

جسم مغرور حسينن جا عجب برف جي مثل،

گرم هٿڙن جي حرارت سان پگهرجي ٿا وڃن،

هڪڙي چهري جي مٿان، ڪهڙا نه محبوب نقوش،

ڏسندي ڏسندي گهڙي کن ۾ بدلجي ٿا وڃن،

ڪيئن وري يار جي رخسار جو شفاف بلور،

اوچتو بادهء احمر سان لڳي چَمڪي ٿو،

ڪيئن ٿي گلچين جي اڳيان، پاڻ جهڪي شاخ گلاب!

ڪيئن وري رات جو تاريڪ اڱڻ ٻهڪي ٿو!

اِئين رڳو ڳايان ئي ڳايان پيو تنهنجي خاطر!

سيج گيتن جي وڇايان پيو تنهنجي خاطر،

منهنجا هي گيت رڳو تنهنجا نه ڏک ٽاريندا.

نغمو جراح نه پر مونس و غمخوار سهي،

گيت نشتر نه مگر مرهمِ آزار سهي،

تنهنجو آزار ڇُٽي سگهندو نه نشتر کانسواءِ،

منهنجي قبضي ۾ هي جلاد مسيحا ڪونهي،

ڪنهن به ذري روح زمانه جو نه ان تي قبضو.

ها، مگر تو کان سوا، تو کان سوا، توکان سوا.

 

طوق و دار جي موسم

 

چَپي چَپي ته اها انتظار جي موسم،

نه موسم آهه ڪا ٻي پر بهار جي موسم.

گِران ٿي دل تي غمِ روزگار جي موسم،

ٿي آزمايشِ حُسنِ نگار جي موسم.

خوشا نظارهء رخسارِ يار جي ساعت،

خوشا قرارِ دلِ بيقرار جي موسم.

حديثِ بادهء و ساقي نه آهه، پوءِ ڇا جي،

خرام ابرِ سَرِ ڪوهسار جي موسم؟

نصيب صحبت ياران نه آهه، پوءِ ڇا جي،

هي رقصِ سايهء سرو و چنار جي موسم؟

هي دل جا داغ ته ڏکندا هئا مگر ٿورا،

هينئر ته آهه ڪا ٻي هجرِ يار جي موسم،

اِها جنون جي اِها طوق و دار جي موسم،

اِهائي جبر، اِها اِختيار جي موسم.

قفس ته وس ۾ توهان جي، توهان جي وس ۾ نه آهه،

چمن ۾ آتشِ گل جي اڀار جي موسم.

صبا جي مست خِرامي نه آهه زيرِ ڪمند،

اَسيرِ دام نه آهي بَهار جي موسم.

نه آهه غم نه ڏٺي سين، وري ته ڏسنداسين،

فروغِ گلشن و صوتِ هزار جي موسم.

 

ٻه آواز

پهريون آواز

 

اِمڪان نه آهي ڪوشش جو، پَرواز جو مَضمون ٿي به ويو.

تارن تي ڪمند آهي پهتي، مهتاب تي شيخون ٿي به ويو.

بس! ٻئي ڪنهن صبح جي لاءِ انهن اکڙين سان پيمان ڇو ڪجي؟

ڪنهن خواب جي ڪوڙي اَفسون سان، تسڪينِ دل نادان ڇو ڪجي؟

شيريني لَب، خوشبوئي دهن، بس! شوق جو عنوان ڪونه رهيو.

شادابيِ دِل، تفريحِ نظر، بس زيست جو درمان ڪونه رهيو،

ڇڏ يار جِيڻ جا افسانا، بَس تن ۾ ڦاسجي، ڇا وَٽبو؟

هڪ موت جي آهي راند رهي، جنهن وقت گهُريو دل، تيئَن کَٽبو،

هي تنهنجو ڪفن، هو منهنجو ڪفن، هي منهنجي لَحف، هوءَ تنهنجي آههِ.

بي اَنت خزانو هستيءَ جو، جاگير نه تنهنجي منهنجي آههِ.

 

ٻيو آواز

 

هِن بزم ۾ پنهنجي مشعلِ دل، ڇا جي بسمل ڇا جي رخشان.

هيءَ بزم چراغان ئي رهندي، غم ناههِ جي هڪ طاق رهيو ويران،

ڏتڙيل ڏينهن ٿيا جي تنهنجا، بدلاءِ نه طرزِ شام و سَحر،

بيهن نٿا موسمِ گل جا قدم، ڏِس قائم حُسنِ شمس و قمر،

آباد ٿي واديِ ڪاڪل و لب، شاداب و حسين گلگشتِ نظر،

مقسوم ٿي لذتِ دردِ جگر، موجود ٿي نعمتِ ديدهء تر،

هِن ديدهء تر جو شڪر ڪريو، هِن ذوقِ نظر جو شُڪر ڪريو،

هِن شام و سحر جو شڪر ڪريو، هِن شمس و قمر جو شُڪر ڪريو.

 

سِياسي ليڊر جي نالي

 

ڪيترا سال هي بي آسرا جَڪريل هَٿڙا،

رات جي سخت و سِيہ سيني ۾ پيوست رهيا.

ڪَک سَمنڊن سان ڪري جنگ ۽ جهيڙو جنهن ريت،

جئَن ڪو پوپٽ به جبل تي وڃي يلغار ڪري،

۽ هينئر رات جي سنگين وسيہَ سيني ۾،

ايترا گهاوَ ٿيا، دِيد ٿي جيڏانهن وڃي،

جا بَجا نُور اُڻي آههِ رکيو ڄڻ ته و ڄار،

دُور کان صبح جي دَڪ دَڪ جو ٿو آواز اچي.

تنهنجو سرمايو، تمنا اِهي هٿ ئي آهن.

آههِ ٻيو توکي مليو ڇا؟ اِهي هٿ ئي آهن.

ڪر نه منظور ڀَلي غلبهءِ ظلمت، ليڪن،

ڇا تون چاهين ٿو، اِهي هٿ ٿي وڃن تنهنجا قلم؟

ڏينهن ڏڪندو رهي اوڀر جي ئي پاٿاريءَ ۾،

رات جي لوهه جي ميت جو کڻي بار، ڳهي.

--------------

 

هٿ تنهنجا سلامت ٻيئي اڃا هن رت ۾ حرارت آههِ اڃا،

هِن دل ۾ صداقت آههِ اڃا، هن نطق ۾ طاقت آههِ اڃا.

هي طوق و سلاسل جن کي اَسين سيکاريون شورشِ بربط وني،

سا شورش جنهن جي آڏو زبون، هنگامهِ طبل“ قيصر و ڪَي،

آزاد هي پنهنجا فِڪر و عمل، ڀَرپور خزانو هِمت جو،

هڪ عمر ٿي پنهنجي هر ساعت ۽ اڄ پنهنجو هر صبح سَندو،

هي شام و سَحر هي شمس و قمر هي ڪوڪب و اَختر پنهنجا ٿيا،

هي لوح و قلم هي طبل و علم، زر، مال ۽ زيور پنهنجا ٿيا.

--------------

 

صَبا جي هٿ ۾ سَڄڻ جي هٿن جي نرمي آههِ،

اَڃا ته تَرس جو اَڄ دل کي هي ٿِئي ٿو گمان،

تلاش هٿ ٿو ڪري يار فرشِ محفل تي،

ته دل جا داغ ڏسان ۽ نشتِ درد ڏسان.

 

آزاديءَ جو صبح

آگسٽ 1947ع

 

چُتا چُٽا اِها چانڊاڻ، رات چور هي صبح،

گهڻو ٿي جنهن کي سنڀاريوسين، سو ته آهه ته آههِ پَري،

نه صُبح آههِ اُهو، جنهن جو آسرو ڌاري،

سڄڻ هليا هئا، ڏسجي مَتان ڪِٿي نه ڪِٿي!

فلڪ جي دَشت ۽ تارن جي آخري منزل،

ڪِٿي ته هوندو شبِ سُست موت جو ساحل؟

ڪِٿي ٽَڪربو هلي، هي سفينهئهِ غمِ دل.

--------------

 

جوان رَت جي پُر اسرار شاهراهن سان،

هليا جو يار ته دامن تي هٿ گهڻائي لڳا.

ديارِ حُسن جي بي صبر خوابگاهن مان،

ڏڪڻ لڳيون ٻَئي ٻانهون، بَدن به سَڏ ٿي ڪيا،

گهڻو ٿي دل وَڻي پر رُخ سَحر جي پَچر،

هئي قريب حسينانِ نُور جي چادر،

هي هَلڪي هَلڪي تمنا، ڀَڳل ٽُٽل ٻُڏتر،

ٻڌون ٿا ڏسجي ٿو هاڻي فراقِ ظلمت و نور،

ٻڌون ٿا ڏسجي ٿو هاڻي وصالِ منزل گام،

گهڻو بَدلجي چڪو آههِ درد جو دستور،

نشاطِ وصل حلال ۽ عذابِ هجر حرام،

جگر جي باه، نظر جا اُمنگ، دل جو جَلڻ،

علاجِ هجر جو ڪنهن تي به ڪو اَثر نه ڪٿي،

ڪِٿان کان آئي نگارِ صبا، وئي ڪيڏانهن؟

اڃا چراغِ سرِ راه جي خبر نه ڪٿي.

اڃا گراني شب ۾ ڪمي نه آئي آههِ،

هَليا هلو، اُها منزل هَلي نه آئي آههِ.

 

------------

آياسين تنهنجي بزم مان هڪدم اُٿي، مگر

دِل کان ئي پُڇ ته ڪيئَن گهُمي، اَسين دِل کان ٿا اَچون؟

هر هڪ قدم اَجل هو ۽ هرگام زندگي

سڀڪا گهٽي گهُمي ڦِري، قاتل کان ٿا اچون

بادِ خزان جو شڪر ڪجي، ”فيض“ جنهن هٿان،

ناما بڻي، بهارِ شمائل کان ٿا اچون.

 

{

 

تعارف

شعرن جي مجموعي ”لُڙڪ ۽ مُرڪ “ جو تخليق ڪار رشيد احمد لاشاري ولد زرڪ خان لاشاري اصل جيڪب آباد جو رهواسي هو. سندس تاريخ پيدائش 8- اپريل سن 1922ع ۽ تاريخ وفات 20 سيپٽمبر 1970ع آهي.

هُن سنڌي فائنل، اديب فاضل اردو، ٽيچرس ٽريننگ، اديب عالم سنڌي ۽ ميٽرڪ جا امتحان پاس ڪيا. شروع ۾ خيرپور ۽ ڪراچيءَ ۾ مختلف اسڪولن ۾ پاڙهيندو رهيو. ۽ پوءِ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين، حيدرآباد، سنڌ اورينٽل ڪاليج، حيدرآباد، حاجي عبدالله هارون ڪاليج، لياري ڪراچي ۽ پاڪستان ڪاليج، خيرپور ۾ ليڪچرار جي حيثيت ۾ خدمت انجام ڏنائين.

سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمت جي دوران هُن ڪيترائي ڪتاب مرتب ۽ تصنيف ڪيا. شاه جي سُرن جون شرحون لکيائين ۽ شاه جي منتخب ڪلام جو اردوءَ ۾ ترجمو ”ارمغانِ لطيف“ جي نالي سان ڪيائين.

کيس سنڌي لغت مرتب ڪرڻ لاءِ پڻ ريسرچ اسسٽنٽ مقرر ڪيو ويو هو.

هُن ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد لاءِ اسڪرپٽ نگاري به ڪئي. پهرين سنڌي فلم ”عمر مارئي“ جا گيت لکڻ جو اعزاز به هُن کي ئي حاصل ٿيو. سندس ٻيون مشهور فلمون هي آهن: پرديسي، سسي پنهون، شهرو فيروز، چانڊوڪي، محبوب مٺا، ليليٰ مجنون، نوري ڄام تماچي، مٺڙا شال ملن، پنو عاقل وغيره. سن 1960ع ۾ هو رسالي ”نئين زندگي“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو. هتي هُن مشهور ڪتاب ”مهراڻ جا ماڻڪ“ پڻ مرتب ڪيو. سن 1970ع ۾ هو سنڌي روزنامي ”مهراڻ“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو.

رشيد احمد لاشاري تقريباً 54 ڪتاب ترجمو، ترتيب، تاليف ۽ تصنيف ڪيا آهن. سندس ڪجهه مشهور ڪتاب هي آهن: ”لطيف باغ جو سير“، ”رسالو سچل سرمست“، ”تاريخ اسلام“، محسنِ اعظم ۽ محسنين (ترجمو)، ”ارمغانِ لطيف“، ”سچل سرمست“، ”ادب ڪي آڙ ۾“، ”سنڌ دي سوغات“، ”رياضِ ”رشيد“ وغيره.“ سندس انيڪ مضمون، نظم ۽ نثر ۾ سنڌي، اردو، سرائيڪي ۽ پنجابي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. سنڌي ادب ۽ شعر کان علاوه هُن اردوءَ ۾ به تصنيفي خدمتون انجام ڏنيون آهن. سنڌي، ستين درجي کان ٻارهين درجي تائين جا هُن درسي ڪتاب به تيار ڪيا. سندس مرتب ڪيل ”ڪلياتِ گدا“ ۽ ”شڪنتلا“ (ترجمو) ايم. اي سنڌي جي نصاب ۾ شامل آهن. هُن هڪ ئي وقت ۾ سنڌي، اردو، سرائيڪي، بلوچي، پنجابي، پشتو ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org