سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :20

(93)

ماري نه ڇڏ تون دلبر وساري.

دلڙي ڏکن جون باهيون ٿي ٻاري.

ڳوليان هِتي مان ڪنهن جا سَهارا؟

پنهنجا نه ٿيندا پرديس وارا،

دل کي کپن تنهنجا نرمل نظارا،

مون کي نه ڇڏ تون دَر تان ڌڪاري،

گڏجي رهين يا دَر تان ڌڪاري،

پنهنجو ڪرين يا دل تان وِسارين،

وَس آههِ تنهنجي مارين جيارين،

آخر حياتي ويندس گذاري.

آهين رڳو تون محبوب پيارو،

گهرجي اکين کي تنهنجو نظارو،

هٿ ڪين ڦيرين، جي پيار وارو،

جَر ٿَر جَلايان آهون اُٿاري.

دلدار، تو کان ڇو ڌار آهيان؟

بيوس مُسافر بيمار آهيان،

مجبور آهيان، لاچار آهيان.

تنهنجو ”رشيد“ اڄ ڪنهن کي پُڪاري؟


 

(94)

درد ڪيو دلگير، سُور سَهان ٿي سخت سَفر ۾.

هجر فراق جو تير، چست چُڀي ٿو جان جگر ۾.

درد ســــــــــــــان دِل جــــــــــــو آهــــــي نــــــــــــاتو،

درد مـــــــــــــــــنجهان دل يـــــــــــــــــــار سُـــــــــــــــــڃاتو،

درد انـــــــــــــــــــدر ۾ کــــــــــــــــــــــــــــوليو کـــــــــــــاتو

درد جي دل کي اُڪير، دَمدم، پلپل شام و سَحر ۾،

مِينهن وُٺو ۽ ٿيون گلذاريون،

هــــــــــــــــــر جـــــــــــــا آهـــــــــــن بـــــــــــاغ بَـــــــــــهاريون،

مـــــــــــــــــنهنجو مُـــــــــــــــــــلڪ مــــــــــــــــــلير،

ٿَاڪَ مــــــــــــــــارُن جـــــــــــــــــــا آهــــــــــــن ٿــــــــــــر ۾.

ڏک نه ڏِســـــــــــــــن شـــــــــــــــــل ڏوٿــــــي منهنجا،

مارُو مـــــــــــــــــٺڙا، سانــــــــــــــــگي ســـــــــــنهنجا،

کِـــــــــــــلندي پــــــــــــــــــــين شـــــــــــــــــل کِــــــــــــــــــــير،

پَــــــــــــــــڌرا ٿــــــــــــــــــي پَـــــــــــــــــــنهوار پَــــــــــــــــڌر ۾.

حال ڏکن جو ڪين ٿو سُڌري،

سُورن جو سِج روز ٿو اُڀري،

ساه کي ڏي ڪا سُڌير،

پاڻ پُسان ٿي پنهنجي پگهر ۾.

غير جون ڇڏ تون ”رشيد“ رهاڻيون،

وحدت جون ڪر ياد ڪَهاڻيون،

فرق نه آههِ فقير!

عشق سندي اَسرار اَثر ۾.

(95)

دوســـــــــــت اکـــــــــــــين کان دُور

راتيون روئندي روئندي گذاريان

پَـــــــــــــلپل تنـــــــــــــــــــهنجا پُــــــــــــــــــور

ڪـــــــــانگ اُڏايان، واٽ نِــــــــهاريان

سُڃ ٿي وَسي، مُنهنجي مَن جي محَل ۾،

ساه ٿو نِڪري، ساعت پَل ۾،

مُحب کي اِئين منظور،

دل ۾ بره جي باه ٿي ٻاريان.

ڪير ٻُڌي، منهنجي عشق جون آهون،

دَرد فراق جون ڳجهڙيون دانهون،

بـــــــــــيوس دل مــــــــــــــــــــــجبور،

پيارل توکي روز پُڪاريان.

تنهنجي ڪري سَو جهيڙا جهڳڙا،

منهنجي پٺيان سَو دُشمن لڳڙا.

سَو سَو قَهر ڪَلُور،

سُهڻل توکي ڪيئَن ٿي وِساريان.

بيشڪ تنهنجو نينهن نِيارو،

مان سسئي، منهنجو پنهل تون پيارو،

درد جـــــــــــــــــــــــو هـــــــــــــــي دستور،

جبل جلايان ته اُڀ ٿي ڏاريان.

 

(96)

تنهنجي درد فراق جي ماري الا،

ڏي دوست مٺا دلداري الا.

جان جگر ۾ تير چڀن ٿا،

خون اکين مان جاري الا،

ڏي دوست مٺا دلداري الا.

روز رئان ٿي رت جا ڳوڙها،

توبهه توبهه زاري الا،

ڏي دوست مٺا دلداري الا.

ٻانهي آهيان گولڙي آهيان،

پاند ڳچيءَ ۾ ڳل ڳاري الا،

ڏي دوست مٺا دلداري الا.

عشق اڙانگو، ڪم نه ڪچن جو،

بار کڻن ٿا باري الا،

ڏي دوست مٺا دلداري الا.

سهڻا تنهنجي سونهن تان صدقي،

لک ڀيرا ”لاشاري“ الا.

ڏي دوست مٺا دلداري الا.

 

(97)

سچل سارو سچ فرمايو، ”هو پاڻ سڃاڻڻ آيو ڙي!“

مخفيءَ کي اظهار بنائي، رمز رچائڻ آيو ڙي،

هو پاڻ سڃاڻڻ آيو ڙي.

سِڪ جي سڪوت کي ساز بنائي، شور مچائڻ آيو ڙي.

هو پاڻ سڃاڻڻ آيو ڙي.

پاڻ الست جو آقا بنجي، عشق ڪمائڻ آيو ڙي،

هو پاڻ سڃاڻڻ آيو ڙي.

پنهنجي صورت خوب سنواري حُسن هُلائڻ آيو ڙي،

هو پاڻ سڃاڻڻ آيو ڙي.

مِزن ساڻ ”رشيد“ کي جڳَ ۾، ناچ نچائڻ آيو ڙي،

هو پاڻ سڃاڻڻ آيو ڙي.

 

(98)

جيءَ سان ويٺا جهڙين يار!

سيني  سوز سڄڻ جو سمايو.

دل درياءَ ۾ ترنديون آيون،

يار جي ٻاجهه جون ٻيڙيون يار! سيني سوز سڄڻ جو سمايو.

دل جي دولت، عشق پنهل جو،

مايا مال نه ميڙيون يار! سيني سوز سڄڻ جو سمايو.

ڪونه ٿو سمجهي، دل جون ڳالهيون،

اهڙيون عشق اويڙيون يار! سيني سپز سڄڻ جو سمايو.

سهڻي سڄڻ جا سانگي آهيون،

ڌوڙ جا ڌڻ ڪيئن ڇيڙيون يار! سيني سوز سڄڻ جو سمايو.

ويل نه اهڙي ”رشيد“ وڃايون،

سڪ نه سڄڻ جي سهيڙيون يار! سيني سوز سڄڻ جو سمايو.

 

(99)

يار سڄڻ سان ڳجهڙيون ڳالهيون، سيني سوز سمايان ٿي.

پرتئون پاند ڳچيءَ ۾ پائي، پيارل کي پرچايان ٿي.

دلبر جي در ديرو لائي، نانگو نينهن نچايان ٿي.

دل جا دلبر دوست دلارا، تنهنجا سوَ ڳڻ ڳايان ٿي.

يار جي در جي چانئٺ چمندي، خاڪ لڱن کي لايان ٿي.

ساري جڳ کان اکڙيون ٻوٽي، تو ڏي ئي واجهايان ٿي.

دل ۾ دلبر جاني تنهنجي، سهجئون سيج وڇايان ٿي.

روز ازل کان اي ”لاشاري“، پيار جا پنڌ پڇايان ٿي.

(100)

سڀڪنهن سمجهيو چاڪ، رانجهن ڪنهن نه سُڃاتو

اَرض هجي اَفلاڪ، رانجهن ڪنهن نه سُڃاتو..

پـــــــــــــــــيار ۾ ڀُـــــــــــــــلجي شهر ڇــــــــــــــــڏيائين،

واٽـــــــــــــــهڙون ســــــــــــــــان وِره ونــــــــــــــــــڊيائين،

عيب و ثواب کان پاڪ، رانجهن ڪنهن نه سڃاتو.

پيار جي پُتلي پُور پرايو،

هير ڄٽيءَ وٽ دير سان آيو،

وره ڏياريو واڪ، رانجهن ڪنهن نه سڃاتو.

رانجهن جي ڀري عشق سَلامي

جهنگ سيال ۾ ٿي بدنامي،

تخت هزاري ۾ هاڪ، رانجهن ڪنهن نه سڃاتو،

گذريا آخر روڄ ۽ راڙا،

کيڙن وٽ ٽي چار ڏهاڙا،

عشق ڏني اِملاڪ، رانجهن ڪنهن نه سڃاتو.

عشق ”رشيد“ عذاب بلاشڪ،

نينهن سڄڻ جو نواب بلاشڪ،

ڇو نه ڦِران غمناڪ، رانجهن ڪنهن نه سڃاتو.

(101)

پلپل تنهنجا پُور پون ٿا.

راتيون روئندي روئندي گذاريان.

ڏينهن ڏکن جا ڪين کٽن ٿا.

دلڙي دلبر تنهنجو نشانو،

دُشمن آهي سارو زمانو،

لوڪ سَڄي ۾ آهن عيدون،

مون وٽ غم جا دُهل وَڄن ٿا،

پَلپل تنهنجا پُور پَون ٿا.

روز ڏسان ٿو تنهنجون راهون،

قرب منجهان ڪر دلبر ڪاهون،

ساه ٿو توکي ساري ساجن،

ياد ۾ تنهنجي نيڻ ٽِمن ٿا،

پَلپل تنهنجا پُور پَون ٿا.

ماري وِڌو تو هِڪڙي نظر ۾،

تِير چُڀي ويا جان جگر ۾،

عرش تي پهتيون آهون دانهون،

دونهان دل ۾ روز دُکن ٿا،

پلپل تنهنجا پُور پون ٿا.

(102)

ميهر لئي وينديس مان هُن پار.

ڏسان حُبدار، مِٺو منٺار ميهر لئي.

تِکيون ڇوليون لهرن ماري،

وچ دريا جي سهڻي، وچاري،

ڪَنن ۾ للڪار، ڏسان حُبدار.

شوق منجهان سڏائي، عرش تي آن رسايون،

سِڪ جا ساز وڄن سَو ڀيرا، من کي مَست بنايون،

ڇيريون ڪن ڇمڪار، دَمدم جا ديدار.

(103)

ڏيل ڏکيءَ جو ڏاري ٿي

ڪُرڪي ٿي اها ڪونج ڪٿان جي؟

ڪُوڪ ڪَٺل جي جهنگ جبل ۾

ساه ڇڏي ٿي ساعت پَل ۾

ساجهر ساٿ سنڀاري ٿي

ڪُرڪي ٿي اِها ڪونج ڪٿان جي.

آهن ۾ اونهارو گذريو.

سارين جو لابارو گذريو،

وڇڙيل واٽ نهاري ٿي.

ڪُرڪي ٿي اِها ڪونج ڪٿان جي؟

ولر کان وڇڙي اُڀ ٿي هاري،

لعل اُڳاري، موتي هاري،

ڪُرڪي ٿي اِها ڪونج ڪٿان جي؟

(104)

ماڪ ڀِنارا بيل چمن ۾،

بلبل گل کي پيار ڪري ٿي.

عشق کي حُسن جي ذات وڻي ٿي،

بادل کي برسات پڻي ٿي،

چنڊ کي روشن رات وڻي ٿي،

کِل کِل کِيڪار ڪري ٿي.

مَن مستانو دلڙي آتي،

اکڙيون اٽڪيل جيءُ ۾ جهاتي،

تُورئي پيلي چادر پاتي،

سرنهن سوين سينگار ڪري ٿي.

بيوس دلڙي سڪ جي سهيلي،

مست هوائون رُت البيلي،

چاه منجهان چمڪي ٿي چنبيلي،

اُلفت جو اقرار ڪري ٿي.

 

(105)

لالڻ ليو پاتو وَري، محبوب سان ميلو ٿيو،

اکڙيون اڙيون دلڙي ٺري، محبوب سان ميلو ٿيو.

اَڄ پيار جون ڳالهيون ڪريون، اِقرار جون ڳالهيون ڪريون،

مِٺڙي مَهَل رازن ڀَري، محبوب سان ميلو ٿيو.

مَون سان مِليو منهنجو مِٺل، روشن ٿيو مَن جو محَل،

پَل ۾ ويا ڏکڙا ٽَري، محبوب سان ميلو ٿيو.

گُل کي ڏٺم گلزار ۾ هن بره جي بازار ۾،

دِل سان کُلي، دل جي دَري، محبوب سان ميلو ٿيو.

صدقي وڃان توتان سڄڻ، تنهنجو ملڻ منهنجو جِيَڻ،

دِل چاه آهي چري، محبوب سان ميلو ٿيو،

توکي سَمائي ساه ۾، رکنديس قدم هِن راه ۾،

وينديس محبت ۾ مَري، محبوب سان ميلو ٿيو.

 

(106)

ڀَلو ڀَلو مان بين وڄايان.

نانگڻ آهيان نانگ نچايان.

ناچ نچڻ جا ڍنگ اسان ۾،

لُنڊيءَ وارا ڏنگ اسان ۾،

رمزن وارا رنگ اسان ۾.

عشق جو ميلو ڇو نه مچايان،

نانگڻ آهيان نانگ نچايان،

(107)

مارن سان گڏ گهاريان، ڇو هِت هَنجون هاريان؟

حق جو حملو ٿيندو، عمر هَٽي ويندو.

عمر! توتان واري، عمر! توتان واري!

وڃان عمر ساري، ڪريان تابعداري،

پنهنجو رتبو ڄاتئه، مون کي هٿ نا لاتئه.

عمر! تنهنجي گولي، عمر! تنهنجي گولي،

آخر پاڙيئه ٻولي، ثابت رکيئه چولي،

وه وا تنهنجو نالو، دامن ڪيئه نه آلو.

عمر عادل آجو، عمر عادل آجو،

لڄ پَت وارو تنهن کي مِهڻو ڇاجو،

سمجهي پنهنجي خامي، رهيو حق جو حامي.

(108)

رهي جهنگ بنا دل تنگ، ڙي اديون!

ڏسان رانجهن يار جا رنگ، ڙي اديون!

نه ڪا مون کي جهلي، نه ڪا مون کي پلي،

موٽي ماڳ وڃان، نه ڪا مون سان هلي،

اِها سوز ڀري، ڪنهن سان سور سَلي،

واري وِرهه وڌا ڪي ونگ، ڙي اديون!

ماري محب ويو، من کي مونجهه مُٺو،

سر تي سوز فراق جو، مِينهن وُٺو،

رانجهن راز کسيو، مُون کان بخت رُٺو:

لڳا نينهن جي نانگ جا ڏنگ، ڙي اديون!

رانجهو يار پَري، سُڏڪا ساهه ڀري،

ڳڻتين ماس ڳري، تَن ۾ آگ ٻري،

ويهان رنگپور ۾ ڇو سينگار ڪري:

ساڙيان ريشم سيج پلنگ، ڙي اديون!

لکيو نيٺ پَڙي، تنهن کي ڪونه تَڙي،

جنهن کي قرب ڪَڙي، تنهن سان لوڪ لَڙي،

منهنجو جوڳيئڙو وڌو جيءُ جَڙي:

من موهيو مست ملنگ، ڙي اديون!

تن سهڻي بنجي، تار تري،

ڪُن قهر ڪري، ڀل ڏيل ڏري،

ڀل وِير وري، مسڪين مَري:

ڀل ڪانڌي بنجن ڪنگ، ڙي اديون!

ٿئي شوق ۾ پاڻ شهيد سگهو،

ڪري پيدا جوش جديد سگهو،

مچ ٻاري پاڻ ”رشيد“ سگهو:

ڀل پاڻ پچن ڪي پتنگ، ڙي اديون!

 

(109)

آءُ پرين ڪر پيار توکي پيار جڳائي ٿو

پيار جڳائي ٿو يار جڳائي ٿو.

اچ ته اڏيون ڪي پيار جون پينگهون

دوست مٺا دلدار، توکي پيار جڳائي ٿو

لاڏ منجهان ڏي لک لک لوڏا

سونهن ڀريا سردار، توکي پيار جڳائي ٿو

ٻهڪن ٻيلا- ڪر ڪي ميلا

محب مٺا منٺار، توکي پيار جڳائي ٿو.

اکڙيون آتيون، پائج جهاتيون.

ايڏو نه ڏي آزار،

توکي پيار جڳائي ٿو.

عشق ”رشيد“ جو پَٽ جي ڏوري.

ڪين ڇِني ڪر ڌار،

توکي پيار جڳائي ٿو.

(110)

ڪانگل ڪر ڪا خبر، مون سان قرب ڪري.

دلدار اکين کان ڇو آهي پَري؟

قسمت قيد ڪيو مون کي پيارن کان،

جيئَڻ ڪا وِڇڙي ڪُونج قطارن کان،

گل آههِ جدا گلذارن کان،

دِل جي دانهن تي نٿو ڌيان ڌري.

اِهو صدمو ساه سَلهاڙي ٿو،

غم باغ خوشيءَ جو اُجاڙي ٿو.

سُهڻا! سوز جو سِجُ دِل ساڙي ٿو،

موٽي اَچ تون مٺا! مَن منهنجو ٺَري.

تنهنجي روز نِهاريان راه مٺا!

مجبور سان مِل غم لاه مٺا!

منهنجي تن ۾ وَسي، تنهنجو ساه مٺا!

اچ پنهنجي ڀَلائيءَ جا پير ڀري.

(111)

پلپل پُور پون، مان پُڪاريان ٿي اَلا!

تنهنجون راهون روز نهاريان ٿي اَلا!

تنهنجا پُور پون ٿي پُڪاريان،

توکي ساجن! ڪيئَن ٿي وساريان؟

ويٺي سوز فراق ۾ گهاريان،

آب اکين مان هاريان ٿي اَلا!

تنهنجي درد ۾ ٿي ديواني،

ڳل پاتم عشق جي ڳاني،

ناهي نينهن بنا ڪا نشاني.

ڏاج ڏکن جو سنڀاريان ٿي اَلا!

تن مَن ۾ وسين ٿو تون هين،

دل آهي سوز جي سُونهين،

تنهنجي دَرد دُکائي دُونهين،

آهن سان اُڀ ڏاريان ٿي اَلا!

تو سان رمز ”رشيد“ رَلائي.

آهي دَر دَر ٿي رُسوائي،

سانڍي ساه ۾ تنهنجي جُدائي.

باه برابر ٻاريان ٿي اَلا!

 

(112)

نازڪ تنهنجي نينهن نچايو.

راز پروڙيم، رمز رچايم،

عشق پُٺيان سَڀ هوش گنوايم،

وحدت جي مئي مست بَنايم،

مرشد سارو سُر سمجهايو.

ظاهر باطن يار ڏِٺوسِين،

مخفي ڪُل اظِهار ڏٺوسين،

درد منجهان دلدار ڏٺوسين،

فائق سارو فرقِ مٽايو.

عاشق آهيون مست يگانا،

پرت جا پيتاسين پيمانا،

ڪين ٿا ڄاڻن دين ديوانا،

رِندي مشرب رنگ رچايو.

سوئي ساغر، سوئي ساقي،

سوئي حاضر، سوئي باقي،

سوئي واصل، سوئي فراقي،

هر صورت ۾ پاڻ سمايو.

راز ”رشيد“ جو جنهن نه سُڃاتو.

سَڏجي اُنهيءَ کي ٻوڙو ٻاتو،

آهي جيڪو عشق ۾ آتو،

سوئي پرين جي پيچ ۾ آيو.

 

{

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org