سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :21

 

 

ڇلا

 

مورا

 

لوليون

 

™  نڙ بيت


 

(1)

ڇلو سائو سارو، ڇلو سائو سارو،

جهنڊو پنهنجو پيارو، چنڊ تاري وارو،

ڇلو ڳاڙهي ڳاني، جيئن پاڪستاني،

ڇلو مٺيون موجون، ڇلو مٺيون موجون،

جئين پنهنجو فوجون، سدا ماڻن اوجون،

ڇلي لاٿا جهيڙا، جيئن بحري ٻيڙا.

ڇلو پائي جاني، ڇلو پائي جاني،

فوجي پاڪستاني، جنهن جو مٽ نا ثاني،

وردي پائي پياري، هوابازن واري،

ڇلو ڏي تون لاهي، ڇلو ڏي تون لاهي،

دشمن آيو ڪاهي، چڙهيو پاڻهي ڦاهي،

ڇلا ڳوڙها ڳوڌا، جيئن جنگي جوڌا.

ڇلو لونگن لڪڙيون، ڇلو لونگن لڪڙيون،

پنهنجون فوجون تڪڙيون، اچن دشمن پڪڙيون،

ڇلو گڏجي ڳايون، پنهنجو ديس وسايون.

 

 

(2)

ڇلا ڇوڏا ڇوڏا، ڇلا ڇوڏا ڇوڏا،

دشمن کوڙيا گوڏا، ڏسي لهريون لوڏا،

ڇلو ميناڪاري، ٿيندي پنهنجي ساري.

 

ڇلو ميناڪاري، ڇلو ميناڪاري،

جنگ لڳي جاري، دشمن بازي هاري،

ڇلو کيڏي بازي، کٽي آيا غازي.

 

ڇلو ڇٽيهه لکڻو، ڇلو ڇٽيهه لکڻو،

دشمن سڃو سکڻو، خجل خواري چکڻو،

ڇلو ڪارو ڪارو، وريو پنهنجو وارو.

 

ڇلو سوني سوٽي، ڇلو سوني سوٽي،

دشمن جي دل کوٽي، مانجهي آيا موٽي،

ڇلو ماڻڪ موتي، دشمن ڍڪي پوتي.

 

ڇلو ڳاڙهو ڳاڙهو، ڇلو ڳاڙهو ڳاڙهو،

وطن پنهنجو پيارو، سنڌونديءَ وارو،

ڇلو پاڪستاني، جيئن جوڌا جاني.

 

(3)

ڇَلو سونو سارو، ڇَلو سونو سارو،

ٻارن ڏنو وارو، پورو ناههِ گذارو،

ڇَلو پائي جاني، ڪٿان آڻيون ماني؟

ڇَلا پورا پورا، ڇَلا پورا پورا،

رُلن متان ڇورا، ٻار ڄڻجن ٿورا،

ڇَلا کِلي کڻجن، گهڻا ٻار نه ڄڻجن.

ڇَلي جهرمر لائي، ڇَلي جهِرمِر لائي،

پَيسو ناهي پائي، ٻارن جي به گهڻائي،

ڇَلو مَوجون ماڻي، رِٿابندي آڻي.

ڇَلا ! ڏي تون وَرندي، ڇَلا ! ڏي تون ورندي.

آڪهه وڃي وڌندي، زال وڃي مَرندي،

ڏکن ڪڍيون ڏارون، نه ڪو دوا دارون.

ڇَلو لالڻ لاڙيو، ڇَلو لالڻ لاڙيو،

گهڻن ٻارن ساڙيو، سَڄو گهر اُجاڙيو،

ڇلا ! ڪر تون ڪاهون، ٻُڌو منهنجون دانهون.

(4)

ڇَلو پائي ڇيريون، ڇَلو پائي ڇيريون،

غازين وِڌيون ڦيريون، دُشمن ٿيا ڍيريون،

ڇَلو ليون لاڻا، سُورهيه سمجهو سياڻا.

ڇَلا کٻڙ کارا، ڇَلا کٻڙ کارا،

دُشمن جي ڳل ڳارا، پُڇي ڪِٿان چارا؟

ڇَلا روشن تارا، غازي هِمت وارا.

ڇَلا! نَو نَو ويهون، ڇَلا! نَو نَو ويهون،

دُشمن جون ٻُڌ ڪيهون، رڻ ۾ ڪري ريهون،

ڇَلا ڳاڙهيون ڳوٽيون، غازين جنگيون جوٽيون.

ڇَلا ڪک ۽ ڪانا، ڇَلا ڪک ۽ ڪانا،

غازي ٿيا روانا، ڳايون قومي ترانا،

ڇَلا چِٽا چولا، اِجهي لَٿا رولا.

ڇَلا نوڙيون نوڙيون، ڇَلا نوڙيون نوڙيون،

جنگ اَچو جوڙيون، اَچو خيما کوڙيون،

ڇَلا ڪن ٿا آزي، اُٿو اُٿو غازي.

(5)

1-  ڇَلو بَخشاپُورَ جو، بَخشاپُورَ جو،

دُشمن رهزن ڌرَ جو، ڄاوَل ڪاري ڪُرَ جو،

ڇَلو ڪارو ڪارو، غازين وِڌو مارو.

ڇَلا ساوا طوطا، ڇلا ساوا طوطا،

دُشمن پُوڄي بوتا، کائي ويٺو غوطا،

ڇلي مٿان ڇايا، غازي ڪلمي ڄايا.

ڇَلو ڪارو ڪارو، ڇَلو ڪارو ڪارو،

پنهنجو ديس ڀَلارو، مسلمانن وارو،

ڇَلو ڳاڙهي ڳاني، جيئي مسلماني.

ڇَلو تُرڪي تازي ڇَلو تُرڪي تازي،

اَسين مؤمن غازي، سچا نيڪ غازي،

ڇَلا سهڻا سارا، غازين هنيا نعرا.

ڇَلو ڊونڊي ٻيڙي، ڇَلو ڊونڊي ٻيڙي،

جنگ دُشمن ڇيڙي، جُٺ جڳ جي ميڙي،

ڇلو سونو سارو، دُشمن جي ڳل ڳارو.

 

(6)

ڇَلو تُرڪستاني، ڇَلو تُرڪستاني،

جيئَن شل اِيراني، پيارا پاڪستاني،

ڇَلو پيارن پاتو، پنهنجو پُختو ناتو.

ڇَلو اَنب جون ڦارون، ڇَلو اَنب جون ڦارون،

غازين جو للڪارون، دُشمن مٿان مارون،

ڇلو لَسو لاسي، ڀُليا ڀارت واسي.

ڇَلو مِٺيون مُوريون، ڇَلو مِٺيون مُوريون،

دُشمن آيو گهوريون، ويو اکيون پُوريون،

ڇَلي تي ٽِڪ تازي، سنڀري اُٿيا غازي.

ڇَلا موٽا موٽا، ڇَلا موٽا موٽا،

دُشمن قد جا ڇوٽا، ڪُوڙا، دل جا کوٽا،

ڇَلو مِٺي ماني، سَچا پاڪستاني.

ڇَلا اَبلق گهوڙا، ڇَلا ابلق گهوڙا،

دُشمن جا ڪَن ٻوڙا، ڪچَا جنهن جا کوڙا،

ڇَلا رهيا وڄندا، آيا غازي گجندا.

(7)

ڇَلو چِٽي چاندي، ڇَلو چٽي چاندي،

دل پنهنجي ماندي، ڇڪي وطن آندي،

ڇَلو سائو سارو، وطن پنهنجو پيارو.

ڇَلو وڻ جي ٽاري، ڇَلو وَڻ جي ٽاري،

پنهنجي وادي پياري، سنڌو نديءَ واري،

ڇَلو ڏي تون نشاني، اَسين پاڪستاني.

ڇَلو ويٺي ڳايان، ڇَلو ويٺي ڳايان،

پنهنجو ديس وَسايان، غازين کي ريجهايان،

ڇَلو ميناڪاري، دُشمن ڏِٺي خواري.

ڇَلي تي چِٽسالي، ڇَلي تي چٽسالي،

دُشمن فوج سنڀالي، مؤمن هٿين خالي،

ڇَلو سِر جي بازي، ڪافر ڏهه، هڪ غازي.

ڇَلا نَديون نالا، ڇَلا نديون نالا،

کڻي هليا ڀالا، مِلّت جا متوالا،

ڇَلو جهَلڪا ڏيندو، دُشمن چَٽ ٿي ويندو.

 

(8)

ڇَلو دل جو دارون، ڇَلو دل جو دارون،

سانگين لَڌيون ساريون، دُشمن سَٺيون مارون.

ڇَلي جهِر مِر لائي، جيئَن ڪلمي ڀائي.

ڇَلا دل جا داڻا، ڇَلا دل جا داڻا،

مارو مکڻن هاڻا، منهنجي من کي ڀاڻا،

ڇَلو چلڪي وارو، وطن پنهنجو پيارو.

ڇَلي ڇِم ڇِم لائي، ڇَلي ڇِم ڇِم لائي،

مُسلم ڪلمي ڀائي، ڪانهي ڪابه جُدائي.

ڇلو جانب جاني، اَسين پاڪستاني.

ڇَلا چمڪن چلڪن، ڇَلا چمڪن چلڪن،

غازين جا هٿ جهلڪن، ڇَلا چمڪن چلڪن،

ڇَلي پٿري بازي، کڻي آيا غازي.

ڇَلا ٽڪرا ٽوٽا، ڇَلا ٽڪرا ٽوٽا،

دُشمن دل جا کوٽا، مِرونءَ وانگي موٽا،

ڇَلي کڻي بازي، آيا غالب غازي.

(9)

ڇَلا ميندي رَتڙا، ڇَلا ميندي رَتڙا،

دُشمن موڙهل مَتڙا، ڀَڄي ٿيا پَتڙا،

ڇَلو ڪچي ڳاني، پَڪا پاڪستاني.

ڇَلو پاتم پَٽ جو، ڇَلو پاتم پَٽ جو،

دُشمن سوڙهو سَٽ جو، لائق هڪڙي جهَٽ جو،

ڇَلو ڏي تون ٺاهي، غازي هَليا ڪاهي.

ڇَلو پاڪستاني، ڇَلو پاڪستاني،

جيئَن پنهنجا جاني، حملي باز ڪماني،

ڇَلي ڇِم ڇِم لائي، جيئَن فوجي ڀائي.

ڇَلو رازن وارو، ڇَلو رازن وارو،

غازين جو لامارو، دُشمن سگهو سارو،

ڇَلي هَنيون ڇالون، دُشمن بَڻيا زالون.

ڇَلو موجون ماري، ڇَلو موجون ماري،

غازي ٿو للڪاري، دُشمن هَنجون هاري،

جِيئَن پنهنجا جاني، پيارا پاڪستاني.

(10)

ڇَلا چِٽا چولا، ڇَلا چِٽا چولا،

دُشمن آندا ٽولا، اُڇليا ٻَرندڙ گولا،

ڇَلو چمڪي آيو، غازين ديس بَچايو.

ڇلي ڇِم ڇِم لائي، ڇلي ڇِم ڇِم لائي،

لڳي نيٺ لڙائي، حملا ٿيا هوائي،

ڇَلو مِيناڪاري، دُشمن بازي هاري.

ڇَلو ويٺي گهوريان، ڇَلو ويٺي گهوريان،

سَڳا ويٺي سوريان، ڏک ويٺي ڏوريان،

ڇَلي ڪئي آزي، جنگ کٽن غازي.

ڇلي ٻاريون باهيون، ڇلي ٻاريون باهيون،

غازي هلن ڪاهيون، دُشمن اچن ڊاهيون،

ڇلو ڳاڙهي ڳاري، آهي پنهنجي ساري.

ڇَلو ڏونگر ڏاري، ڇَلو ڏونگر ڏاري،

غازي ٿو للڪاري، آيو دُشمن ماري،

ڇلا! تو ۾ خامي، اَسين حق جا حامي.

 

{


 

مورا

(1)

مـــــــــــــورو ويــــــــــــٺي ڏيــــــــانءِ،

غازي مورو ويٺي ڏيانءِ.

بڻجي جهنگ جي جهرڪي،

دُشمن ويو ڇِرڪي،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

اُڏي هليو هيڙهو،

وَسي تنهنجو ويڙهو،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ

تون ئي شينهن شِڪاري،

دُشمن آههِ ڦِڪاري،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ

چيهي چهنب نِيري،

سَڏن ٿا ڪشميري،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

ڳيري جي ڳل ڳاني،

جــــــــــــــــــــيئَن پاڪــــــــــــــــستاني،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ

 

(2)

مورو ويٺي ڏيانءِ،

عازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

ڪانون جو رنگ ڪارو،

هڻ ”حيدر“ جو نعرو،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

ٻَڌي ٻُوري ٻَڪري،

دُشمن سان پئو ٽڪري،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ

ڏِسي تِکا توڏا،

دُشمن کوڙيا گوڏا،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

اُڏي آيون آڙيون،

دُشمن کي وڃ تاڙيون،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

طوطن چُهنبون ڳاڙهيون،

دُشمن فوجون چاڙهيون،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ

 

(3)

مورو ويٺي ڏيانءِ،

لاڏل! مورو ويٺي ڏيانءِ.

تِترن ٻولي تازي،

موڙ ٻَڌي ڏيانءِ.

لاڏل! مورو ويٺي ڏيانءِ.

ڦِرڙيون ڪنديون ڦَت ڦَت

هلي ماڻ شهادت،

لاڏل! مورو ويٺي ڏيانءِ.

ڳيري ٻَڌي ڳاني،

جــــــــــــــــــــــهنڊو پاڪـــــــــــــــــستاني

لاڏل! مورو ويٺي ڏيانءِ.

باز بحَري شڪرا،

دُشمن اِئيَن جيئَن ٻڪرا،

لاڏل! مورو ويٺي ڏيانءِ.

غازين سَنجيا گهوڙا،

دُشمن جا ڪَن ٻوڙا،

لاڏل! مورو ويٺي ڏيانءِ.

(4)

مورو ويٺي ڏيانءِ،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

تِتر جوڙا جوڙا،

دُشمن جاڪن ٻوڙا،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

پاڻي پِين ڳيرا،

ڪَڍ دُشمن جا جيرا،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

ڍورن ڇڏيا ڀاڻا،

رَسيا ڪاڪ تي راڻا،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

پکي پيارا پيارا،

دُشمن ڊَٺا سارا،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

اُٺن پُٺيءَ بورا،

دُشمن ڇنا ڇورا،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

(5)

مورو ويٺي ڏيانءِ،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

گهوڙن مٿان زينون،

وڳيون جنگي بِينون،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

”گنجي“ مٿان گورا،

غازين جا لک ٿورا،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

ڪُڪڙ ڪاري ڪاري،

پنهنجي سوڀ ۽ ساري،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

پاڻي پين آڙيون،

وَسن تنهنجون ماڙيون،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

پَلي اَندر آني،

اَســـــــــــــــــــــين پاڪـــــــــــــــــستاني

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

(6)

مورو ويٺي ڏيانءِ،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

ڏاندن بَگا جوڙا،

غازين سَنجيا گهوڙا،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

سِيهڙ ڪِريو کِپَ تي،

دُشمن ڊٺو ڇِپَ تي،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

مينهيون ڪُنڍيون ڪاريون،

هر جا باغ بَهاريون،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

ڪانگن جا ڪانگيرا،

غازين ڏِنا ڦيرا،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

طوطي جي ڳل ڳاني،

اَســــــــــــــــــــين پاڪـــــــــــــــــستاني،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

(7)

مورو ويٺي ڏيانءِ،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

جهِرڪي اُڏي جهنگ جي،

مَهل آئي جنگ جي،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

رڍون ٻوٿن ڪاريون،

غازين جون تلواريون،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

ٻُوريون ٻُوريون ٻَڪريون،

دُشمن لايون چَڪريون،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

تِکا تِکا مَهري،

جنگ لڳي قهري،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

رِڇن ڪيون راڙيون،

دُشمن کي وَڃ تاڙيون،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

(8)

مورو ويٺي ڏيانءِ،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

اُڏي آيون ڪُونجون،

لَٿيون مَن جون مُونجهون،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

ڪڻڇيءَ جا کنڀ ڪارا،

غازي روشن تارا،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

ڪُونجون پيون ڪَرڪن،

تيغون پيون چمڪن،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

آڙيون اُڏي آيون،

پنهنجو ديس وَسايون،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

ٻَڪري کاڌي ماني،

پــــــــــــــــــــــــيارا پاڪـــــــــــــــــــستاني،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

(9)

مورو ويٺي ڏيانءِ،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

اُٺن هيٺان واري،

جنگ لڳي جاري،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

اُٺ پيا ٻُڙڪن،

دُشمن پيا ٿڙڪن،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

گهوڙن جون هڻڪارون،

دُشمن کاڌيون مارون،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

گهوڙا اَبلق تازي،

کٽي آيا غازي،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

ڪانگ لڳي ڪاني،

پـــــــــــــــيارا پاڪــــــــــــــــستاني،

غازي! مورو ويٺي ڏيانءِ.

(10)

مورو ويٺي ڏيانءِ،

پوڙها مورو ويٺي ڏيانءِ،

ڳيرا ويهي ڳڻين ٿو،

ڏاڍا ٻار ڄڻين ٿو،

پوڙها! مورو ويٺي ڏيانءِ.

اُٺن ڇِڪيا تنگڙا،

ڄاوا لولا لنگڙا،

پوڙها! مورو ويٺي ڏيانءِ.

ڪَٻر گنجي ٺوڙهي،

تون پوڙهو، مان پوڙهي،

پوڙها! مورو ويٺي ڏيانءِ.

ڳيرن ڳالهيون ڳڻجن،

گهڻا ٻار نه ڄڻجن،

پوڙها! مورو ويٺي ڏيانءِ.

ٻَچا بُريون بَلائون،

وٺي اَچ دوائون.

پوڙها! مورو ويٺي ڏيانءِ.

 

{


 

لوليون

(1)

نسريون جي ڪڻڪون، هلي آ ڀون پچايون،

پياري وطن تان، سر گهوري گهمايون.

محرم لولي ..... هي لو......

 

ڏڌڙي ته ڏڌڙي، مٺي ڏڌڙي چڻن جي،

غازي جي هڪڙو، ڏک ڏيندو گهڻن جي،

محرم لولي ..... هي لو......

 

ساريون لٿيون ۽ مزو مٽرن مچايو،

پياري وطن کي سر ڏيئي بچايو،

محرم لولي ..... هي لو......

 

پوکون جوئر جون، جتي چڀڙن جون کوڙيون،

پياري وطن سان نئون ناتو ٿا جوڙيون،

محرم لولي ..... هي لو......

 

جوئر جون پوکون، ڦُٽا لوڻڪ مريڙو،

غازي بني کي مليو سوني جو ٻيڙو،

محرم لولي ..... هي لو......

 

(2)

ڇيڙيون ٿا ٻَڪريون، اڳيان آهن مُهاڙيون،

غازي ٿيو ۽ کڻو هَٿ ۾ گهاڙيون،

محرم لولي ........... هي لو ...........

مهنو ٻڊوءَ جو، مَڪو مَڇرن مَچايو،

غازي! ڏکڻ جون ٿڌيون هيرون گهُلايو،

محرم لولي ........... هي لو ...........

ديرا کڄن ٿا، پَل ڀَربا آنن جا،

دشمن وطن جا، ڪَچا آهن ڪَنن جا،

محرم لولي ........... هي لو ...........

ديرو ته ديرو منهنجي جانيءَ جو ديرو،

پياري وطن ۾ لڳو غازين جو ڦيرو،

محرم لولي ........... هي لو ...........

وارِي ته واري، جتي اَڪڙا ۽ ٻوُهيون،

غازي وطن جا! هَلَو دشمن کي ڊوهيون،

محرم لولي ........... هي لو ...........

(3)

لولي ته لولي، لولي ريشم جي ڏوري،

غازي وطن جا! تنهنجي نالي تان گهوري،

محرم لولي ........... هي لو ...........

لولي ته لولي، لولي ڏاڙهونءَ جا داڻا،

غازي وطن جا ڏاڍا سورهيه سِياڻا،

محرم لولي ........... هي لو ...........

لولي ته لولي، لولي بيٺي وڻن تي،

جي هڪ آههِ غازي، اِيندو غالب گهڻن تي،

محرم لولي ........... هي لو ...........

لولي ته لولي، لولي پِرتئون پُڪاري،

فوجون اسان جون، هليون دُشمن کي ماري،

محرم لولي ........... هي لو ...........

لولي ته لولي، لولي قربن جي ڪاتي،

صدقي وطن تان، جيسين آهي حياتي،

محرم لولي ........... هي لو ...........

(4)

لولي ته لولي، لولي گهوڙا ڀَڄائي،

صدقي اُنهي تان جيڪو غازي سَڏائي،

محرم لولي ........... هي لو ...........

لولي ته لولي، لولي ٻولي ٿي ٻاهر،

آهن اسان ۾ اَڃا دودا دِلاور،

محرم لولي ........... هي لو ...........

لولي ته لولي، لولي چولي چمن جي،

حفاظت ڪنداسين، اسين پنهنجي وطن جي،

محرم لولي ........... هي لو ...........

لولي ته لولي، لولي ڳوٺن ۾ ڳايو،

”حيدر“ جو نعرو هڻي دُشمن ڪَنبايو،

محرم لولي ........... هي لو ...........

لولي ته لولي، لولي سنڌوءَ جو سايو،

بُزدل نه بَنجو، اُٿو، غازي سَڏايو،

محرم لولي ........... هي لو ...........

(5)

ريشم جو ڪپڙو، وٺي چولي سِبايان،

پياري وطن تان، سِر گهوري گهمايان.

محرم لولي ........... هي لو ...........

ڪانا کڻان ٿي، وڃي جوئر جي دَنَ تان،

صدقي وڃان مان، پنهنجي پياري وطن تان.

محرم لولي ........... هي لو ...........

ڪُونجون اُڏاڻيون، وڃي ويٺيون پَڌر تي،

رحمت خدا جي وُٺي غازين جي گهر تي،

محرم لولي ........... هي لو ...........

لولي ته لولي، لولي جانب جَتن کي،

غازي هَلن ٿا، ٻڌي سر سان ڪفن کي.

محرم لولي ........... هي لو ...........

پوکيا چڻا ۽ لَٿا سارين جا ديرا،

پياري وطن ۾، لڳا غازين جا ڦيرا،

محرم لولي ........... هي لو ...........

(6)

ساريون پڪَيون ۽ آهي ڪڻڪن جي ناڙي،

پياري وطن جي، ڪجهه سوچو پَچاڙي،

محرم لولي ........... هي لو ...........

 

سُهڻي سَرنهن جا گل، پوکن ۾ پيارا،

دُشمن اچي ٿو، اُٿو مانجهي مَتارا،

محرم لولي ........... هي لو ...........

کوهن جون هَوديون، جِتي توڏا پياريان،

پياري وطن سان، ويٺي دلِڙي ڌتاريان،

محرم لولي ........... هي لو ...........

ڳائي ته گيهه ۾ پَلو روهڙيءَ جو تَرجي،

مَرڻو ته آهي، وڃي غازي ٿي مَرجي،

محرم لولي ........... هي لو ...........

لولي ته لولي، لولي سوني جي گولي،

غازي ٿيڻ جي ڏيان ننڍڙي کي لولي،

محرم لولي ........... هي لو ...........

(7)

مينهون ڀٽاريون، ڀَلو ڏاندن جو جوڙو،

غازي بَني کي، وٺي ڏينديس مان گهوڙو.

محرم لولي ........... هي لو ...........

واهڻ وَسايون، اَسين جهوپن جا جهانگي،

وِڙهندا وطن لئي، سَچا سرويچ سانگي،

محرم لولي ........... هي لو ...........

ناڙيءَ جي پَٽ تي، وَڃي گهوڙا ڀَڄايو،

وَڏڙا ٿيو ۽ وڃي غازي سَڏايو،

محرم لولي ........... هي لو ...........

پوکيون ٿا ٻيجا، اِجهو رونبا به آيا،

جيئرا هجن سي، جنين دشمن ڀَڄايا،

محرم لولي ........... هي لو ...........

پيرون ٿا چونڊيون، کڻي کارا ڪَڇن تي،

رحمت خدا جي سدا وَسندي وطن تي،

محرم لولي ........... هي لو ...........

(8)

ڪاري ٽَڪر تي، ڏسو بگهڙن جي ٽولي،

غازي ٿيڻ جي ڏِيان ننڍڙي کي لولي،

محرم لولي ........... هي لو ...........

ڪارن ڪُتن کان رڇ ڀُورو ڀَڄي ٿو،

دُشمن بُري سان بُرو دشمن وڙهي ٿو،

محرم لولي ........... هي لو ...........

ڄانڀو ته ڄانڀو، ڄانڀو ڳاڙهو ڳنر ۾،

باهيون لڳايو، هلي دُشمن جي گهر ۾،

محرم لولي ........... هي لو ...........

پَٽ جي ٻَنين تي، ڏسو لُنڊين جا لانگها،

دشمن وطن جا، ٺلها ٺِڪرن جا گهانگها،

محرم لولي ........... هي لو ...........

آهڙ جي مُند ۾، لُڪ ساڙيو بَدن کي،

سائين! سدائين رک سائو وطن کي،

محرم لولي ........... هي لو ...........

 

(9)

شہ پور جي پَٽ تي، قبو سيّد حَسن جو،

سَرهو سدائين هجي غازي وطن جو.

محرم لولي ........... هي لو ...........

رهبر اسان جو، سَخي سلطان باهو،

غازين جون اکڙيون، پُڄي جن سان نه آهو،

محرم لولي ........... هي لو ...........

رهبر اسان جو، ڀَلو ڀرجهل ڀٽائي،

عِيدون اسان جون، کٽي غازين لڙائي.

محرم لولي ........... هي لو ...........

صدقو ته صدقو وڃان روضي ڌڻيءَ جو،

دشمن کي سکڻو هَٺ دولت گهڻيءَ جو،

محرم لولي ........... هي لو ...........

سيوهڻ ۾ سائين سَچو ڪامل قلندر،

صدقي وطن تان، جتي سورهيه سِڪندر،

محرم لولي ........... هي لو ...........

(10)

ڳاڙهيون ته ڳوٽيون، رَتا ريشم جا ڌاڳا،

سَکڻا سمورا ويا دُشمن جا لاڳا،

محرم لولي ........... هي لو ...........

سوني جي مُنڊي، مٿان هِيرا جَڙايان،

غازي وطن جا! توکي ميندي لڳايان،

محرم لولي ........... هي لو ...........

جَنڊي ڪرائي، مون کي ڏوئي گهڙي ڏي،

غازي وطن جا! سِگهو دُشمن تَڙي ڏي،

محرم لولي ........... هي لو ...........

آهڙ جي مُند ۾، لَڙيو ٻٻرن جو پاڇو،

سُهڻو وِچولو، سائو ”سهتي“ ۽ ”ڪاڇو“

محرم لولي ........... هي لو ...........

گهوگهو ته گهوگهو، ڪن گهو گهو ٿا ڳيرا،

غازي وطن جا سڀ هاري وڏيرا

محرم لولي ........... هي لو ...........

 

{


 

نڙ بيت

صدقي پاڪستان تان

(1)

ملڪ ته پاڪستان جو، جتي اوجن تي اسلام،

بندا پاڪ خدا جا، جتي اڄ به رهن ٿا جام،

ٻڌجي ٿو هڪ واقعو هن تازي جنگ جو عام،

رهندو هو ڪنهن ڳوٺ ۾، هڪ پوڙهو پيش امام،

عمر هئي سٺ سال جي ۽ پيريءَ جو پيغام،

پنجئي وقت نماز ۾، هو شاغل صبح ۽ شام،

مسجد کان هڪ پل پري، هو رهندو ڪين مدام،

آخر هڪڙي ڏينهن جو، هيءُ جاڳيو هل هنگام،

ڳوٺ سڄي ۾ دهشت جو، هڪ مچي ويو ڪهرام،

دشمن آيو هند مان، وٺي لشڪر سندي لام،

گهيرو ڪري ڳوٺ کي، اها هندين هنئي هام،

ڳوٺ سڄو خالي ڪريو، ڇڏي دولت، مال گدام،

پر جي رهندا ڳوٺ ۾، ٿي ويندا قتلام،

ساهه بچايو سيگهه ۾، اي موڳا! سمجهي مام،

انهيءَ دهشت داٻ کان، پيا موت جي منهن ۾ ڄام،

پهتا پيش امام وٽ، اهي ڳوٺاڻا گگدام،

صدق منجهان ان سورهيه کي وڃي سڀني ڪيو سلام،

عرض ڪيائون آزيءَ سان، اُٿ آقا! آرام،

ساهه بچايو سپرين! هتان ڀڄي هلو بي دام،

بِنا ڊڄڻ جي مولوي، ڪيو قرب منجهان هي ڪلام،

ڀڄي هلان، پر مسجد کان نٿو هٽڻ گهران هڪ گام،

گذِري منهنجي زندگي، هِن مسجد منجهه تمام،

پيريءَ ۾ هِن مسجد جي، آءٌ ڪين ڇڏيندس سام،

آيا آخر اوچتو، اُهي ناڪارا ناڪام،

ويجهو پيش اِمام جي، اچي بيٺا بنجي بام،

چوڻ لڳا ڏَس ايترو، توکي راضي رکندو رام،

لشڪر پاڪستان جو، وڃي ڪِٿي لِڪو اَڄ شام؟

چيو اِنهيءَ تي مولوي: ”اي بيهودا بدنام!

راز ڏسيان پنهنجي مُلڪ جو، اِهو مون تي صاف حرام،

ڀَلي مران ۽ شهيد ٿيان، ٿئي راضي رَب انام“،

چئي اَذان اِمام اُتي، لڳا گونجڻ عرشِ عِظام،

گوليون لڳيون غازيءَ کي، پيو مَلڪن مَنجهه ماتام،

ڪِريو مٿان ممبر کان، ڇڏي ڪُوڙا سڀ قِوام،

اهڙي پاڪ شهيد جو، ٿيو جنت ۾ ئي مقام،

پاڪ نبيءَ جو غلام، ٿيو صدقي پاڪستان تان.

(2)

ديس ته پنهنجو دلگهريو، هي پيارو پاڪستان

جنهن ۾ هڪڙي دين جا، سڀ آهن مسلمان

جن جو پاڪ بنيءَ جي ڪلمي تي ايمان

”وحده لاشريڪ لہ“ جن چيو ساڻ زبان

تن مڃي محمد مصطفيٰ ڪيو عالم ۾ اعلان

سيئي محافظ دين جا ۽ جوڌا جنگ جوان

ڪي ٿا سنڌي ڪوٺجن، ڪي پنجابي، افغان

ڪن کي سڏن بلوچ ٿا، ڪي مير بروهي خان

ڪي بنگالي بااثر، ڪي مهاجر ذيشان

سڀئي محمد مير جي محبت ۾ مستان

هڪڙي دين جا دادلا، ذاتيون محض نشان

پياري پاڪستان تان، سڀ جان ٿا ڪن قربان

پاڪ  وطن تان سر ڏيئي سي لهندا شاهي شان

پنهنجي هر هڪ شهر جا هو نرمل نگهبان

سهڻو شهر سيالڪوٽ، پنڊي ۽ ملتان

لطف منجهان ”لاهور“ جو سير ٿا ڪن سلطان

بدلو وٺي ”بدين“ جو هليا راڻا راجستان

اڳتي ويا ”اکنور“ کان ڪشميري ڪپتان

”امرتسر“ ڪئي آجيان، ٿيو ”هلواڙو“ حيران

لڳا ”کيم ڪرن“ ۾ تنبو ۽ طولان

جنبي جيسلمير کي ڏنو جان بازن جولان

”حر“ مجاهد قوم جا ڪامل ڪشتيبان

سر ڏنائون سڪ منجهان، وٺي جنت ماڳ مڪان

پاڪ وطن تان شهيد ٿيا، تن شاهي لڌو شان

”راجا ڀٽي عزيز“ جو پڻ ملڪن کان وڌ مان

هڪڙي سر جنهنجي دشمن جا، خطا ڪيا اوسان

ڇڏي ڀڳا ڇوه مان، ڪافر سڀ سامان

”ڀٽي عزيز“ شهيد ٿيو، ڪيو رحم مٿس رحمان

انهيءَ دلاور دوست کي، ڏنا داتا دهرادان

”ڀٽي عزيز“ شهيد جو ڪيو هر مومن ارمان

جيئرو ڄاڻ ”عزيز“ کي ڪونهي وهم گمان

پياري پاڪستان تي آگي جا احسان

ٿيندا اڃا به اڳتي مشڪل سڀ آسان

ڏيندو سوڀ سچو ڌڻي ۽ ٽرندا سڀ شيطان

صاحب رب سبحان، لطف ڪندو ”لاشاري“ چئي.

(3)

هيڻو حال حقير جو مشڪل ڪر آسان.

ورتم دامن تنهنجو شاهه باهو سلطان.

تنهنجي حڪم ارشاد سان جوڙيم هي داستان،

ڪافيون ۽ ڪلام لکانٿو لاشاري چئي.

لکان ٿو لاشاري چئي طاقت ناههِ زبان،

تنهنجي رمز رهاڻ جو ڪندس ڇا بيان.

لڳو عِشق اندر ۾ خوب جلايم جان،

ثاني تنهنجو ڪونه ڪو آهي منجهه جهان.

آهي نَالو نَامور شاهي تنهنجو شان،

ڪچو شعر فقير جو پڪو ڪر سلطان.

طاقت مونکي ڪان، پر ڏڍَ اٿم تو شاهه جو.

 

{

 

(2)

پنهنجي بابا لئه رهي ٿي دل هميشه بيقرار،

ٽيهه سالن کان وٺي آهن اکيون هي اشڪبار.

 

مفلس و بيمار رهندي، جنهن ادب لئه ڪم ڪيو،

سو وڏو شاعر به بي قدريءَ جو بڻجي ويو شڪار.

 

جنهن لکيا اڌ سيڪڙي کان ڀي مٿي ادبي ڪتاب،

فلم توڙي علم و فن جي مُحسنن ۾ هو شمار.

 

فرض منهنجو آ ڇپائڻ هاڻ تُنهنجي ڪُليات،

زندگي آهي ته شايع ٿيندي اَقول و قرار.

 

تنهنجي شفقت کي وساريو ڪونه هن ”مختار“ آ،

حشر تڪ آ تنهنجي قدمن کي چمڻ جو انتظار.

مختيار احمد لاشاري

 

™ غزل

 

قلب حزين کي يارب ڪا طاقت فغان ڏي

ڪن شرح جنهنجو قدسي سو درد جا نستان ڏي

حافظ جو ڪجهه تخيل، سعدي جي ڪجهه  زبان ڏي

دُرِ سُخن اُماڻيان شيراز واصفهان ڏي

هرڪو ٿو پنهنجي ٻولي سمجهي ٿو ڪونه ڪنهن جي

جنهن کي سڀيئي سمجهون موليٰ اُها زبان ڏي

يارن سان ڪين لازم آهي ٻه چاپڙائي

جيڪا ڦري نه هرگز مونکي اُها زبان ڏي

ساڌن سان جيڪو سنمک پينچن سان جيڪو پورو

اهڙو نه ڪنهن کي يارب همدرد رازدان ڏي

جو دم ڪڍين ٿو ٻاهر، سو ويو وري نه ايندو

موٽي مزار جا گل ايندا نه گلستان ڏي

ناپاڪ خاڪ آهيان، ڪر پاڪ تنهنکي پرور!

منهنجي زمين دل کي توقير آسمان ڏي

منهنجي غمن جو قصو لائيندو رنگ هاڻي

رخ آهي خون جو رنگينيءَ بيان ڏي

اَي آسمان! هٿن جي توسان ڪجي صفائي

ڀل منهنجو اِمتحان وٺ يا پنهنجو اِمتحان ڏي

ڪشتي ٻڏڻ کان اڳ ۾ گرداٻ ۾ ٽپي پو

سڏ ڪر نه ناخدا کي ڏس ڪين بادبان ڏي

پنهنجا به ٿيس پراوا مايوس آهه اَڄ ڪلهه

منهنجي وطن کي يا رب! تسڪين جاودان ڏي

پامال ڇو ڪرين ٿو پنهنجي ”رشيد“ کي تون

هاڻي قرار اُن کي اي پير آسمان ڏي

 

{

 

خاطي کي ڪين آهه جي غفار جي تلاش

رحمت کي آهه ڪهڙي گنهگار جي تلاش

حاصل ٿئي نه دان گداگر رهي جي ماٺ

آهي نه اغنياءَ کي پينار جي جي تلاش

آ ياد ساڻ ياد ٿئَين ياد، ياد ڪر

بي سود يادِ غير، ڪجي يار جي تلاش

مرضي تي آ مدار ڏئي وجہ يا نه ڏئي

ڪر تون هميشہ قلب ۾ ديدار جي تلاش

ڪنهن خار جي يار ”لشاري“ نه سڏ ڪڏهن

ڪر دهر ۾ حسين جي حبدار جي تلاش

 

{

خوش هجان دارين ۾ شل سونهن جي سرور سان گڏ

يا الاهي تا قيامت شل هجان دلبر سان گڏ

مون وڃائي آ بديعل قرب واري قاف ۾

شل اهو سيفل سدا گهاري پري پيڪر سان گڏ

منجهه محبت ماهرو جي شام آ شيدا جي لئي

شام کي پرڀات سان پرنور ڪر انور سان گڏ

هوش هارائي ”لشاري“ هجر ۾ ٿيو ڪَ العدم

تير مزگان دل ڦٽي ابرو سندي خنجر سان گڏ

{


 

خدارا لطف مي نوشي ۾ محفل ساز رهندو ڪر

شباب و حسن سان خوشنود بي انداز رهندو ڪر

عجب هي چهرهء – زيبا سنواريو آه ڪنهن صانع

سدائين ”واَشٌڪُرُوٌ“ جي امر ۾ آغاز رهندو ڪر

حسينن ۾ وڌي ويو آ اَڄ مرض بد لوڀ لالچ جو

سدا حرص و هوا جي دام کان تون باز رهندو ڪر

”لشاري“ لذت – لب لال ۾ ٿي محو ڪالبلبل

گلستان – پريرو ۾ ڪري پرواز رهندو ڪر

{

 

قاصدِ يار اٿم جلد پڄايو ڪاغذ،

مثل بجلي جي اٿس ڄڻڪ اڏايو ڪاغذ.

ٿي فنا دورِ خزان رنج والم زائل ٿيا،

آ بهاري ۽ وڌو وصل جو پايو ڪاغذ.

مرحبا روزِ خوشي قلب لڌي آسائش،

شڪر الله جو اڄ دوست جو آيو ڪاغذ.

ٿي خبردار ”لشاري“ نه وفا دنيا ۾،

ابن حيدر کي ڪري ڍنگ ڪهايو ڪاغذ

{

 

يا الاهي قوم جو نام و نشان زنده رهي

قوم سان گڏ سنڌ جي سنڌي زبان زنده رهي

ڪين ٿي ڪا قوم زير- آسمان زنده رهي

قوم زنده ٿي رهي پر جي زبان زنده رهي

مثل- گلزار- خليل آهي جڏهن بزم- خليل

ڇو نه پوءِ علم و ادب جو بوستان زنده رهي

جنهن عيوب- شاعري جي قصر ڊاهي آه اڄ

سوئي ميدان- سخن جو پهلوان زنده رهي

جنهن نار- غم ۾ منهنجو ماس ۽ کل ٿي سڙي

تنهن وطن جي لئي هي مشت- اُستخوان زنده رهي

خون چوسي قوم جو ۽ زر لٽي پڻ ديس جي

پوءِ به ٿو هي ثاني ۽ چنگيز خان زنده رهي

تيغ- انصاف و ڪرم مان توکي گهرجي ڪم وٺڻ

فتنه بازان- وطن مان ڪو متان زنده رهي

هڪ قفس، ٻي ناتواني، ٽيون فراق- گل جو بار

اي صبا ڪئن بلبل- وقف- فغان زنده رهي

هجر- گل ۾ پر هڻي، پڃرو نه ٿي پرزا ڪري

حيف اٿس جي بلبل- بي آشيان زنده رهي

خم ته ڇا قلزم به پي وڃبا شراب- عشق جا

آه رندن جي دعا پير- مغان زنده رهي

ڪجهه ٿيو آهين، ۽ ڪجهه ٿيندين زماني ۾ ”رشيد“

شل هميشہ تنهنجو مشفق مهربان زنده رهي

 

{

 

اڙي شاعر جي تنهنجو هٿ نه آ تلوار تي پهتو

ته وارو ڪر اثر خنجر جو آ اشعار تي پهتو

نڪو ڪاري سان توکي ڪين ڪاذب ٿو سڏي قرآن

عتاب – ايزدي آ شاعر- بدڪار تي پهتو

ڇو ڏاڙهائين ٿو گرگ- سرخ کان ڌڻ قوم پنهنجي جو

ستم ٻڪرين مٿان پهتو ته ڄڻ ٻڪرار تي پهتو

صدف جي آبرو ڪهڙي اگر گوهر نه آ ان ۾

جو شاعر بي عمل آ سو عذاب النار تي پهتو

ستم آ موسم- گل ۾ به سير- باغ تي بندش

خدا جو قهر آهي بلبل- بيمار تي پهتو

غلامي جي قفس ۾ ٿي بهار- حريت ڏسجي

ستم صياد جو بلبل جي جسم- زار تي پهتو

خزان سان گڏ جڏهن وارد ٿيو صياد گلشن ۾

اسيران- قفس جو دم لب- منقار تي پهتو

سخن دان جي بدولت خود سخندان ٿي چڪو آهيان

سخن تنهنجو ”رشيد احمد“ وڏي معيار تي پهتو

 

{

 

دشمن ۽ دوست جي ته تون آهين حبيب سنڌ

قربان تنهنجي نانءَ تان منهنجي عجيب سنڌ

جي ڏتڙجن ڏڪر کان بلا واه بي مراد

تن بيڪسن جي لاءِ آ وارث قريب سنڌ

ناڙي ٽڪر جي بک جي مرض جا سوين مريض

هتڙي شفا لهن ٿا سڀن جي طبيب سنڌ

شامل ازل کان جن سان ٿيو بخت آ بلند

خوش قسمتي سان تن کي وطن آ نصيب سنڌ

هندوستان جي ٿيو اسلام جو هي باب

تعليم دين لاءِ آ اول اديب سنڌ

هر پرڳڻي رضا سان ڪئي اقتدا قبول

اسلام ۾ امام ۽ پڻ آ خطيب سنڌ

ساراه ڪر هميشہ ”لشاري“ هي گل گلاب

مشهور آهين يار جڏهن عندليب سنڌ

 

{

 

مَڌ جي پٺيان هر گز نه رُل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي!

سمجهين نٿو ڇو گل کي گل، اي، ڀونر، تون لوڀي نه ٿي!

گل جي نزاڪت کي ته ڏس، پنهنجي شرارت کي ته ڏس،

ايڏو نه ڪر گلشن ۾ هُل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي!

اُلفت رکيئه انب ٻوُر سان، اُن کي چميئه ٿي نُور سان،

ڏسجي ٿو ڪومائل ڪَنول، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي!

هاڻي ڪنول تي ٿو مَرين، اَنب ٻُور کان پاسو ڪرين،

اُلفت جي رستي کان نه ڀُل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي!

ماکيءَ تي مستانو ٿئين، دل ڏيئي ديوانو ٿئين،

سِڪ جو وڳو تازو دُهل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي!

جنهن جي پٺيان آهين ڇَڪن،آهي پَرائو سو چمن،

گلشن ۾ ايڏو ڪين کُل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي!

هڪڙي ئي گل تي رهه چريو، ڇا لوڀ مان آهي وريو،

لالچ جي ڇَپرن ۾ نه ڇُل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي!

دل مان هوَس کي دور ڪر، سڪ سوز کي منظور ڪر،

اُلفت جو ڪو آهي تُل، اي ڀونر، تون لوڀي نه ٿي!

 

{

 

عمر آخر تمام ٿي ويندي،

هر خوشي ناتمام ٿي ويندي.

ڏک ڇڏيندا نه سُک ڏسڻ مونکي،

صبح ٿينديئي شام ٿي ويندي.

دوست ڪهڙا ٽَڪا وٽائيندا،

زندگي اِئَن تمام ٿي ويندي.

ڪر نه شوريده سَر جنون مونکي،

محملِ چرخ بي قيام ٿي ويندي.

سادگي منهنجي رنگ لائيندي،

جهوپڙي مٽجي بام ٿي ويندي.

منهنجي پستي خودي جي پرده ۾،

قابلِ اِحترام ٿي ويندي.

جئَن خودي ٿي بلند تئَن مونسان،

رفعتِ عرش هم ڪلام ٿي ويندي.

درد ٿي دل جومنظم ورنه،

بزمِ دل بي نظام ٿي ويندي.

جيڪڏهن خلق خُلق ڌاريندي،

رحمتِ حق به عام ٿي ويندي.

وڙهه مجاهد ٿي ڪفر سان، تنهنجو،

نصرتِ حق اِمام ٿي ويندي.

گر نظر تنهنجي حق نِگر هوندي،

تنهنجي تقدير رام ٿي ويندي.

حبِ دنيا ڪندين نه ترڪ اگر،

خلد تو تان حرام ٿي ويندي.

رک ڍرو ڄڀ کي ورنه هي گهوڙي،

تيز گامي ۾ بي لگام ٿي ويندي.

جي نه ٿيندين غلام دنيا جو،

تنهنجي دنيا غلام ٿي ويندي.

طشتِ عزّت ڏٺو جي حرص جي مک،

جهٽ شريڪِ طعام ٿي ويندي.

بطنِ عصمت ۾ آههِ جا پنهان،

سا ته ڄمنديئي ڄام ٿي ويندي.

ٿيو نه دنيا جو بادشاهه ”رشيد“،

دال ماني ته جام ٿي ويندي.

 

{

 

صَدما سوين سهان ٿو، تو يار جي ڳلي ۾.

هاڻي اِجهو مران ٿو، تو يار جي ڳلي ۾.

دل کي قرار ناهي، ڪو غم گسار ناهي،

مجنون بڻيو وتان ٿو تو يار جي ڳلي ۾.

غم آههِ تنهنجو ساڻي، ماني وَڻي نه پاڻي،

رَت جون هنجون رُئان ٿو، تو يار جي ڳلي ۾.

غم آههِ تنهنجو ساڻي، ماني وَڻي نه پاڻي،

رَت جون هنجون رُئان ٿو، تو يار جي ڳلي ۾.

پنهنجا به ڪن ٿا پاسو، ڪنهن کان مِلي دلاسو،

دُشمن سوين ڏسان ٿو تو يار جي ڳلي ۾.

بس ڄاڻ موت آيو، آهي جيڻ اَجايو،

بيمار ٿي گهمان ٿو تو يار جي ڳلي ۾.

دل پنهنجي کي ٿو جهوريان پنهنجا ئي ڏک ٿو ڏوريان،

ڪنهن کي نه ڏک ڏيان ٿو، تو يار جي ڳلي ۾.

آهي خيال تازو، نِڪري هِتان جنازو،

تنهنجي ڪري جِيان ٿو، تو يار جي ڳلي ۾.

فرقت شديد آهي، عاجز ”رشيد“ آهي،

خونِ جگر پيان ٿو ، تو يار جي ڳلي ۾.

 

{

 

منهنجو تو سان ئي آهي دَم دلبر!

تنهنجي عشق بنا ڪونهي ڪَم دلبر!

روز ازل کان منهنجي اَمانت.

تنهنجي ئي عشق جوغم دلبر!

تنهنجي هر هڪ وار تان گهوريان،

ماس، هَڏا ۽ چَم دلبر!

پنهنجي حياتيءَ جو پيچ ٿو ڀانيان،

تنهنجي ئي زلف جو خم دلبر!

توکي حياتي سمجهي، وِساريم،

پنهنجو موت ۽ ڄَم دلبر!

تون، جي مِٺڙا ٻول نه ٻولين!

شربت ڀانيان سَم دلبر!

نينهن جو توکي نواب ٿو سمجهان،

ڇا جو دارا ۽ جَم دلبر!

ڪر تو ”رشيد“ سان قرب جون ڳالهيون،

جڳ ۾ ڪو آهي دَم دلبر!

 

{

 

دِل ۾ رب جون رَغبتون رهنديون،

حسرتون ڪِين حسرتون رهنديون.

زندگي ڇونه تلخ ٿي پوندي،

روح ۾ جي قباحَتون رهنديون.

هڪ محبت خدا جي ڪم ايندي،

ڪين ڪنهن جون ”محبتون“ رهنديون.

اُن حقيقي سڄڻ جي پهلوءَ ۾،

مؤمنن جون ئي جنتون رهنديون.

”ناههِ فاني بشر، نه ربَ باقي“

اِيئَن چوڻ سان ته لعنتون رهنديون.

حق جي باطن تي فتح ٿيندي نيٺ،

ڪين ساڳيون هي حالتون رهنديون.

بوالهوس شاعرن جي دل ۾ سدا،

”شاه“ بنجڻ جون حسرتون رهنديون.

”شاه“ وانگر جو هوندو پاڪ صفت،

سنڌ ۾ اُن جون آيتون رهنديون.

هي ”رشيد“ آههِ احمدي ٻانهو،

رَب سَنديون اُن تي رحمتون رهنديون.

 

{

 

بلبليون ڳائين ٿيون تازا ترانا، باغ ۾،

ٿي چڪا آباد، اُجڙيل آشيانا، باغ ۾.

پوئجن ٿا روح جي رشتي ۾ آزاديءَ جا لعل،

ڇو نه پوءِ صدقي ڪجن دل جا خزانا، باغ ۾.

ڇونه اڄ سينگارجي، سرهاڻ سان بادِ صبا،

گل ۽ بلبل ٿا ملهائن شادمانا، باغ ۾.

ڀل لُڏي دل جي هندورن ۾ هي آزاديءَ جي حوُر،

پيار مان پائي ڀلي ڳيچن جا ڳانا، باغ ۾.

پنهنجي قربن جي سدا، رهندي بهارِ بي خزان،

اچ، ته ڪي ڇيڙيون محبت جا فسانا باغ ۾.

 

{

 

عشق کي اختيار ڇو نه ڪجي،

آ سبب ڪهڙو، دوستو نه ڪجي.

حسن فانيءَ کي جي بقا گهرجي،

سلسلو عشق جو ڍَرو نه ڪجي.

ڳنڍ ڳوڙهي ڏجي ٿي ريشم کي،

عشق پُختو ڪجي، جڏو نه ڪجي.

درد پنهنجو ٿو، پنهنجو ئي ڄاڻي،

دوست! دلبر ڪو اوپرڳ نه ڪجي.

عشق ناهي ته آهه جڳ ۾ جمود،

جڳ ۾ طوفان ڇو کڙو نه ڪجي.

ڀل ڪري دل کي هجر سؤ ٽڪرا،

تيز خنجر ڪڏهن مڏو نه ڪجي.

دل جي لُٽجڻ جو آهه، خوف اگر،

دوست! دلبر کي دادلو نه ڪجي.

جي هي دنيا نه آهي عيش جي جاءِ،

جڳ ۾ پيدا ڪو چهچٽو نه ڪجي.

جيڪڏهن زندگي نٿي گهرجي،

سرفروشيءَ جو حوصلو نه ڪجي.

شمع وانگر ٻري وسامي ٿي،

زندگيءَ تي ڀروسو نه ڪجي.

ساڻ کڻجي ڪو قافله سالار،

اِئن روانو هي قافلو نه ڪجي.

آهه تنهنجو ڀلو، انهيءَ ۾ ”رشيد“،

ڪنهن جي حق ۾ ڪڏهن بُرو نه ڪجي.

 

{

 

ماڻين سدا جواني، محبوب منهنجا جاني.

ڪر مونتي مهرباني، محبوب منهنجا جاني.

توکي قسم خدا جو، محبوب مصطفيٰ جو،

ڪاوڙ نه ڪر تون جاني، محبوب منهنجا جاني.

ڀَل در تان ڇڏ تڙائي، رستن ۾ ڇڏ رُلائي،

هَڻ قرب جي تون ڪاني، محبوب منهنجا جاني.

مونکي بناءِ اَهنجو، پنهنجن کي ڪر تون پنهنجو،

ڀَل ڪر تون مونکي فاني، محبوب منهنجا جاني.

دل ۾ رکي صداقت، مونکان نه ڪر تون نفرت،

اُلفت جي پاءِ ڳاني، محبوب منهنجا جاني.

تنهنجو گدا سَڏايان، قدمن تي سِر نوايان،

ڏي غم جي ميهماني، محبوب منهنجا جاني.

آهي ڌڻي نه سائين، ۽ تون به ٿو رُلائين،

ٿي هر خوشي رواني، محبوب منهنجا جاني.

اَهنجو ”رشيد“ کي ڪر، ٿيندو نه ڏک سراسر،

چاهيان ٿو ناتواني، محبوب منهنجا جاني.

{

پرديس وڃڻ وارا پرين مون کي نه وڃ ڇڏي.

تنهنجي جدائي ۾ مٺا، توکي ٿي دل سَڏي.

ڇو ٿو ملائين خاڪ ۾ هِن دل جون حسرتون،

محبوب مٺا ويهج اکڙين ۾ گهر اڏي.

ساري ٿو ساه توکي اي منهنجي زندگي،

پَکڙا ڇڏي پُراڻا، لالڻ نه وڃ لڏي.

وڻ وڻ ۾ تنهنجي بره جون باهيون ٻري چُڪيون،

ويڙهو ڇڏي نه وڃ تون، گوندر ۾ دل گَڏي.

جنهن ڏينهن کان تو پيار کي، پَڌرو ڪيو پرين،

مون کي سڏيو تڏهن کان، پاڳل ننڍي وَڏي.

تن من ڳريو ۽ لاش ٿيس، برباد ٿيس مگر،

سِڪ مان سڏيو سڄڻ کي، منهنجي هَڏي هَڏي.

ماڙين کان مُنهن مَٽائجي، بنگلن کي ساڙجي،

مِل جهوپڙيءَ ۾ جاني، منهنجي تون اچ تَڏي.

 

{

 

دل ڌتاريندڙ سڄڻ آهون اُٿاريندو ويو،

بره جي بيوس بدن ۾، باه ٻاريندو ويو.

آس منهنجي کي رُلائي ويو ڪَهي سو قربدار،

حال هيڻو ٿي چڪو، ڳڻتين ۾ ڳاريندو ويو.

درد ٿو دل ۾ دُکي، دَم دَم اُنهيءَ دلدار جو،

نينهن ۾ ناحق نهوڙي، مفت ماريندو ويو.

عرش تي آهون رسايم، پر نه ٿيو اُن تي اثر،

درد کي ڄاڻج دوا، پَلپل پُڪاريندو ويو.

ڪيئَن وِساريان اُن شڪر گفتار جي رفتار کي،

جيڪو سَو سَو وار ماريندو جياريندو ويو.

ناههِ محرم راز جيڪو رمز کي سمجهي ”رشيد“

سوئي سمجهي، جيڪو نيڻن ۾ نهاريندو ويو.

 

{

 

دل کان نٿو ڀُلايان، دلدار تنهنجون ڳالهيون،

هر ڳوٺ ۾ ٿو ڳايان، دلدار تنهنجون ڳالهيون.

ناهي ڪو حال ڀائي، حاصل ڪيم جُدائي،

ڪنهن کي وڃي ٻُڌايان، دلدار تنهنجون ڳالهيون.

تو کي نٿو وِساريان، خاموش ٿو گذاريان،

سيني ۾ ٿو سمايان، دلدار تنهنجون ڳالهيون.

توکي پرين پڪاري، سڀ ڪجهه ڇڏيم وِساري،

ڪنهن کي وًڃي پڙهايان، دلدار تنهنجون ڳالهيون.

توکي پرين پڪاري، سڀ ڪجهه ڇڏيم وساري،

هر هر ٿو آزمايان، دلدار تنهنجون ڳالهيون.

دلدار تون ئي آهين، غمخوار تون ئي آهين،

ڇو لوڪ کان لڪايان، دلدار تنهنجون ڳالهيون.

دلدار تون ئي آهين، غمخوار تون ئي آهين،

ڇو لوڪ کان لڪايان، دلدار تنهنجون ڳالهيون،

آهي ”رشيد“ تنهنجو، ٿيندو نه مُور ڪنهنجو،

ٿو عرش تي رسايان، دلدار تنهنجون ڳالهيون.

 

{

 

تنهنجي غم سان ئي منهنجو پيار هجي،

اهڙو غم ڏي جو پائدار هجي.

توکي ڇا گهرج؟ پاڻ آهين بهار،

دوست! مون وٽ سَدا بَهار هجي.

باز خونيءَ کي خون ئي گهرجي،

دل ئي ديدن سندو شِڪار هجي.

مان مري، توکي زندگي بَخشان،

دوست! تنهنجي وڏي ڄمار هجي.

دِل کسڻ سان ئي آهين تون دلبر،

ڀل نه مون کي ڪو اِختيار هجي.

آههِ دَريا کان دُور، آب جو قدر،

عشق ۾ ڀَل ته انتظار هجي.

يار جي رنج ۾ ئي راحت آههِ،

خار گل سان ئي همڪنار هجي.

دل جون ڳالهيون تون دل سان ڪر اي ”رشيد!“

راز دل جو، نه آشڪار هجي.

ياد اچي ڪو وَري ڇا سمجهان؟

باه دل ۾ ٻَري ته ڇا سمجهان؟

ڪنهن جي ديدن بنايو ديوانو،

پاڻ کان ڪنهن بنايو بيگانو،

جي ٿئي دل چَري ته ڇا سمجهان؟

ڇو ڏسان ٿو خِزان بَهارن ۾،

رنگ ناهي رهيو نظارن ۾،

ڳالهه ڏسجي ڳري ته ڇا سمجهان؟

مان ته آهيان نه پيار مان واقف

عشق جي اِعتبار مان واقف

دل کَسي ڪا پَري ته ڇا سمجهان؟

جيئَن ٿو ٻاڳان سڄڻ ٿا دُور وسن،

منهنجي اکڙين منجهان وَهيو ٿا اَچن،

ڳَل تي ڳوڙها تَري ته ڇا سمجهان؟

جي وڃان ڪنهن سڄڻ کي ياد ڪري،

ڪنهن جي فرقت ۾ دل کي شاد ڪري،

مون کان اڳ مَري ته ڇا سمجهان.

 

{


 

جي نه هوندي تنهنجي صحبت زندگي کي ڇا ڪندس.

تون ئي آهين دِل جي دولت زندگي کي ڇا ڪندس.

ڇا ڀَلا سهندس هزارين ٺوڪرون تنهنجي ڪري،

توکي مون کان هوندي نفرت زندگي کي ڇا ڪندس.

خاڪ آهيان تنهنجي قدمن جي اَزل جي روز کان،

ٿي نه حاصل تنهنجي خدمت زندگي کي ڇا ڪندس.

مان جدائي ڪين ٿو هاڻي سهي تنهنجي سگهان،

پنهنجي دَر تي ٺاههِ تُربت زندگي کي ڇا ڪندس.

تنهنجو ئي بيمار آهيان، آهين تون منهنجي دوا،

مَن ڪريان تنهنجي زيارت زندگي کي ڇا ڪندس.

مان اڳي آهيان مُئل ڊپ ڪين آهي موت جو،

روح جي آهين تون راحت زندگي کي ڇا ڪندس.

تنهنجي اُلفت ۾ مَرڻ مُون لاءِ جهوني ڳالهه آههِ،

ڀَل ڪري دُنيا عداوت، زندگي کي ڇا ڪندس.

آههِ اَڄ پوين پَساهن ۾ پيل تنهنجو ”رشيد“

ڀَل ته بگڙي منهنجي قسمت زندگي کي ڇا ڪندس.

 

{


 

سَڄڻ تنهنجا سَوين ٿيندا مگر هڪ جان مان ڏيندس

لکين مشتاق ٿي اِيندا مگر هڪ جان مان ڏيندس

گهڻا توکي تپائيندا، اَچي دولت لُٽائيندا،

لکن جو مال و زر ڏيندا مگر هڪ جان مان ڏيندس

ڪندس مان درد مان دانهون ۽ وينديون عرش تي آهون

کسي دُشمن خوشي نيندا مگر هڪ جان مان ڏيندس

ڪندا جي مونکي ريذالو، ته پيئَندس زهر جو پيالو

خوشيءَ جا جام ٻيا پيندا مگر هڪ جان مان ڏيندس

نه ڪا سهڻي اَٿم صورت، نه ڪا زر مال ۽ دولت

جِيڻ وارا پيا جيئندا مگر هڪ جان مان ڏيندس

مرڻ کان بعد مان جيندس ۽ تنهنجر خواب ۾ ايندس

گهڻا تو وٽ گذاريندا مگر هڪ جان مان ڏيندس

نه ڏيندين جاءِ قدمن ۾ ته مگر هڪ جان مان ڏيندس

”رشيد“ آڻي ڪتيون تارا دِلاور دوستي وارا

پِرين تو سان نڀائيندا مگر هڪ جان مان ڏيندس

 

{


 

اِهي ڏکڙا ٽري ويندا، ڪنداسين قرب جون ڳالهيون.

ڏِکوئيندڙ مَري ويندا، ڪنداسين قرب جون ڳالهيون.

لَهي ويندا سڄا اولا، نه هوندا بخت جا رولا،

وَري وارا وري ويندا، ڪنداسين قرب جون ڳالهيون.

نه رهنداسين مصيبت ۾، قدم رکنداسين راحت ۾،

ٻُڏل ٻيڙا تَري ويندا، ڪنداسين قرب جون ڳالهيون.

اُٿاري عشق جون آهون، ڪنداسين عرش تي ڪاهون،

جَبل وڻ ٽڻ ٻَري ويندا، ڪنداسين قرب جون ڳالهيون.

وَري سک پنهنجي گهر اِيندا، نوان منظر نظر اِيندا،

پَٽي دل جي دَري ويندا، ڪنداسين قرب جون ڳالهيون.

وَسائيندا سندم ديرا، اوهان جي عشق جا ڦيرا،

بَنائي دِل چَري ويندا، ڪنداسين قرب جون ڳالهيون.

وَسائيندا سندم ديرا، اوهان جي عشق جا ڦيرا،

بَنائي دِل چَري ويندا ڪنداسين قرب جون ڳالهيون.

نه ڏسنداسين اِهي باهيون، مصيبت جون اَڏيل ڦاهيون،

تَتل دُشمن ٺري ويندا، ڪنداسين قرب جون ڳالهيون.

”رشيد“ اهڙا رُليل رهزن، بُرا بَدڪار ۽ بَدظن،

ڪري ڳڻتيون ڳري ويندا، ڪنداسين قرب جون ڳالهيون.

 

{

 

پيان ٿو خونِ جگر غم جي ميگسارن ۾.

حياتي منهنجي ٿي گذري، سدا خمارن ۾.

لَبن تي ساه رهي ٿو، سِڪان ٿو ساه جي لاءِ،

اڃا به ڪين ٿو ليکي هو جان نثارن ۾.

ٻُڏان ٿو بحِر حوادث ۾، نيٺ دُر آهيان،

هجان ها ڪوڏ وٺان ها اَجهو ڪِنارن ۾.

سڏن ٿا مون کي نه اِنسان ڪي مفاد پرست،

اگر بشر نه هجان، ڇو رهان خسارن ۾؟

اکين کي ڏسڻو ئي آهي، ڏسان ٿو دل ٿي سڙي،

رهي نه آههِ اُها دلڪشي نظارن ۾.

نه رک تون دوستي جويائي مڪر بازيءَ سان،

وَفا جي رک نه توقع سياه مارن ۾.

لُڙهيس جي موج حوادث ۾، فڪر و غم ناهي،

لُڙهن ٿا ميِنهن ۾ پَٿر ئي آبشارن ۾.

خبر جي دل کي نه دل جي هجي ته دِل ڇا ڪجي؟

سو راز ناههِ جو ظاهر ڪجي اِشارن ۾.

فلڪ جي سايي ۾ گهارڻ جي لاءِ دل ٿي کپي،

رهن ٿا شير ئي بيفڪر مرغزارن ۾.

دُکن ٿا داغ جي دل ۾، اُنهن کي ڪُجهه نه چئو،

وِجهو نه هٿ اي عزيزو! دُکيل اڱارن ۾.

قدم قدم تي سِتم سِتم کان نئون،

اسان جي سادگي پَڌري سَوَن هَزارن ۾.

هَوس ئي آههِ جا اُلفت ۾ ٿي وجهي ويڇا،

ڪَمي نه قرب جي ڪا آههِ قربدارن ۾.

زمين تي ئي ٿا سونهن اهي صنم خانا،

بُتن جي آههِ پَرستش نه چنڊ تارن ۾.

چون ٿا ڪنهن کي گهڻائي، جي هيڪڙائي ناهه؟

ڪَڻو ته هڪڙو ٿو ڳڻجي مڻن خرارن ۾.

رُئڻ جو لطف ته دورِ خوشيءَ ۾ آههِ ”رشيد“!

خزان جو ذِڪر ٿو سُهڻو لڳي بهارن ۾

 

{

 

ياد تنهنجي ۾ ٿو مان ڪانگا اُڏايان باغ ۾.

بره تنهنجي جون ٿو اَڄ باتيون بنايان باغ ۾.

هوءَ ته عاشق گل تي آهن، تو تي گل صدقي سوين،

بلبلين کي پنهنجي ڪئَن حالت ٻُڌايان باغ ۾.

ڪين آهين تون ته سڀ وڻ ٽِڻ ۽ ساوڪ آههِ سڃ،

ڪئَن ڀَلا اَڄ روح کي راحت رسايان باغ ۾.

ڇانو منهنجي لاءِ ڪانهي، هر جڳهه اُس ٿو ڏسان،

ڇو نه تنهنجو سوز سيني ۾ سمايان باغ ۾.

صبح کان تون شام تائين آهين ديدن کان پَري،

جان پنهنجي ٿو جدائي ۾ جَلايان باغ ۾.

اِنتظاري تنهنجي ۾ وک وِک تي سجدو ٿو ڪريان،

جي اَچين سهڻا سِگهو مان سر نمايان باغ ۾.

باغ ۾ توکي ڏسان منهنجي ٿئي دل باغ باغ،

اَچ مِٺا توکي گلن جا هار پايان باغ ۾.

ڏينهن ٿو پنهنجو گذاري روڄ راڙي ۾ ”رشيد“،

توکي ساري سڪ منجهان ٿو گيت ڳايان باغ ۾.

 

{

 

آڄ ڏسي ڪو منهنجو اُجڙيل آشيانو باغ ۾.

ڪک ۽ پن کان ڪو پُڇي، منهنجو فسانو باغ ۾.

گل ڇني، وڻ ٽڻ وڍي، گل چين کسيو مون کان اَجهو،

دشت مان پنهنجو اَڏيائين شاميانو باغ ۾.

مفت ۾ صياد کي ڇو گلستان ڏيئي ڇڏيان،

دفن آهي منهنجي ڳوڙهن جو خزانو باغ ۾.

باغبان گلشن ٿي سمجهي ٿو فقط پنهنجن جو حق،

مان وسائڻ ٿو گهران سارو زمانو باغ ۾.

بلبليون پڃرن ۾ بند ۽ ڪانگ ٿا گل ڦل ڇنن،

هاءِ! ڪو اهڙو به اچڻو هو زمانو باغ ۾.

پنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي ٻوليندا اُڏاڻا سڀ پکي،

ڪونه مون وانگر مُئو ڪو بي زبانو باغ ۾.

جن مَٽي ٻولي ۽ ٽولي اَڄ اُهي طوطا ڪٿي،

اهڙي پڃري کان ته بنجن ها نشانو باغ ۾.

پَر هڻي، پڃرو ڀڃي، پُرزا ڪري موٽي وڃان

دفن آهي منهنجي ڳوڙهن جو خزانو باغ ۾

هُن خزان کان اڳ قفس، مون لاءِ هو ٺاهي رکيو

گهربو هو صياد کي خالي بهانو باغ ۾

اي صبا! توکي هو پنهنجي تيزگامي تي غرور

اَڄ لڳو تنهنجو ئي توکي تازيانو باغ ۾

ڪجهه ته ڪرِ انصاف، سڏ دُشمن نه اُن کي اي بهار!

خود خزان تنهنجو اَڏي ٿي شادميانو باغ ۾

پَر وڍيا، گهوريا! نه وڍ صياد! تون منهنجي زبان

ڪير ڳائيندو ڀلا منهنجو تَرانو باغ ۾.

پنهنجي نغمن سان گلن ۾ تازگي پيدا ڪندس

ڀَل نه مان گهاريان ڪڏهن تازو توانو باغ ۾.

مان اچان تنهنجي جڳهه تي چنڊ ۽ تارا گواه

اي فلڪ! جي تون بنائين آستانو باغ ۾.

آشيانو خاڪ ۽ بلبل جون پڃري ۾ هڏيون

آههِ ساڳي قبر وارو ڪارخانو باغ ۾.

خار يا غنچو هجين، بلبل هجين يا گل ”رشيد“

جو هجين بلڪل بجا، پر هج يگانو باغ ۾.

 

{

 

شهر تنهنجي ۾ رُلي ٿو، تنهنجو ديوانو مٺا!

تو بنا سمجهي ٿو بازاريون به ويرانو مٺا!

مان فقط توکي ٿو چاهيان، ٻيو نه ڪجهه مون کي کپي،

ساه، سِر گهر ٻار آهن، تنهنجو نذرانو مٺا!

دل جي دفتر تي وهي ٿو، دردِ فرقت جو قلم،

تنهنجي اُلفت جو لِکان ٿو، خاص افسانو مٺا!

شمع بنجي حُسن جي، اکڙين اڳيان اِظهار ٿي،

تو جَلايو آههِ هٿ سان، پنهنجو پَروانو مٺا!

تنهنجي اُلفت ۾ سدائين ڇو نه مستانو رهان،

آههِ تنهنجي عشق جو هر هنڌ خمخانو مٺا!

منهنجي رڳ رڳ ناههِ واندي، تنهنجي اُلفت کان پرين،

مَن هجي توکي روپئي مان، پيار هڪ آنو مٺا!

تو مٿان سڀڪجهه لُٽايم، ٿي چُڪس تنهنجو ”رشيد“،

ڪر نه عاشق پنهنجي کي ڪنهن ريت بيمانو مٺا!

 

{

 

منهنجي دل سان پنهنجي دل جو پيچ پائي ڇڏ مٺا!

هڪڙي ٺوڪر سان مصيبت کي اُڏائي ڇڏ مٺا!

عشق ۾ بدنام ٿي، هي عشق خود بدنام آههِ،

من حيا ۽ شرم جو پَردو هٽائي ڇڏ مٺا!

جيڪڏهن ناتو ڳنڍي، مون کان بدلجڻ ٿو گهرين،

موت جو مون کي سگهو، رستو بتائي ڇڏ مٺا!

ياد ڪر منهنجي محبت جو رُڳو هڪڙو اکر،

لوڪ جي طعنن ۽ تُنڪن کي ڀُلائي ڇڏ مٺا!

غير کان ڇو ٿو جلائين، زندگيءَ جو آشيان،

آشياني منهنجي کي، هٿ سان جلائي ڇڏ مٺا!

مان ته تنهنجي لاءِ ٿو راتيون سڄيون رُئندو رهان،

تون به هاڻي ننڊ نيڻن جي ڦِٽائي ڇڏ مٺا!

زندگي منهنجي ٿي قائم، تنهنجي ئي ديدار سان،

منهنجي هِن برباد دُنيا کي وَسائي ڇڏ مٺا!

تنهنجو نوڪر ٿي رهڻ چاهي ٿو دُنيا ۾ ”رشيد“،

پنهنجو دَر تان ڪين عاشق کي تڙائي ڇڏ مٺا!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org