سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :51

 

شڪاريءَ جي دمينتيءَ تي بري نظر وجهڻ

۽ دمينتيءَ جي بددعا سان ناس ٿيڻ

 

”چوان سچ ٿو، ڀارت ۽ پرجا پَتي،

حقيقت اِها آهه بلڪل سچي!

”شڪاريءَ ڪئي جيڪا هن کان پڇا،

دمنتيءَ ٻُڌائي اُها ماجرا،

”ٻڌايائين سارو ڏکن جو بيان،

ٻُڌي جنهن کي لرزڻ لڳو آسمان،

”شڪاري مگر هو وڏو بي سپاس،

نه اُن کي هئي نيڪ بد جي شناس،

”ڏٺائين جڏهن ههڙي مورت مٺي،

هئي حسن جي جنهن کي حاصل چٺي،

”بدن اَڌ اُگهاڙو ۽ اُڀريل شباب،

سَڄي نازڪ اندام، رشڪِ گلاب!

”هئا زهر آلود پنبڻين جا تير،

سندس مُنهن مبارڪ هو بدرِ مُنير!

”نشيلا سندس نيڻ مِٺ ٻولڻي،

ستين جو هئي ڍڪ اُها ڍولڻي،

”تڏهن اُن شڪاريءَ جي دل ٿي پليد،

ڪيس نفس منحوس حملو مزيد،

”اکين مان ٿيس شرم رخصت تمام،

ٿيو نفس سرڪش جو گيدي غلام!

”ڇڏيس حسن موهي ۽ مورت مُٺس،

لڳس ڪک ۾ ڪاني ۽ قربن ڪُٺس!

”ڪيس مست من کي مٺيءَ گفتگو،

ٿيو عقل ۽ هوش اُن جو رَفو!

”چريو ٿي لڳو پنهنجي ليکي بڪڻ،

دمنتيءَ کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ!

”دمنتي سڄو راز سمجهي وئي،

خيانت جو انداز سمجهي وئي،

”سڃاتو اِنهيءَ ڀوت کي هن سَتي،

نه ثابت ٿي اُن جي اڳيان بيمتي،

”ڏمرجي ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرپور ٿي،

گهڻو تاءُ کائي ۽ مجبور ٿي!

”سڙي، کامي، پڄري، جلي ٿي ڪباب،

۽ همت جو سندو ٻڌائين شتاب!

”شڪاري مگر ڪو دغاباز هو،

هَوس جي غلامن ۾ ممتاز هو،

”دمنتي اُٿي خوب جهڳڙڻ لڳي،

سندس ڄڀ منجهان باهه ڀڙڪڻ لڳي،

”نه اُن نيچ کي باز آڻي سگهي!

بچڻ جي نه ڪا رٿ سُڃاڻي سگهي!

”ڏٺائين پڄڻ آهه هن سان محال،

ڪندي جنگ ڇا هن سان بي پهچ زال!

”وئي ڳالهه ٻاهر ٿي ڳالهين منجهان،

ٿئي جان جو خوف ٿو هن وٽان،

”تڏهن ياد اُن وقت آيس خدا،

ڪيائين اُنهيءَ نيچ کي بددعا،

چيائين، ”خدا هن کي تون غرق ڪر!

محبّت ۾ منهنجي نه تون فرق ڪر!

اگهاڻي دُعا رَب جي درگاه ۾،

صفائي ٿي رحمت سندي راه ۾،

”ڪريو جلد تڙڦي شڪاري اُهو،

مئو چند لمحن ۾ ماري اُهو،

”ڪريو اِئين ڇڏي ساه موذي مُٺل،

ڪِري جئن ٿو آڙاه ۾ وڻ سُڪل.“

 

دمينتيءَ جو بن ۾ رلڻ ۽ دانهون ڪرڻ

”انهيءَ ريت سا نَل جي قربن ڪٺل،

اکين ۾ پيل جنهن کي ڪارو ڪجل،

”شڪاريءَ کي ماري، وَڌي اڳڀرو،

ڏٺائين نظارو بيابان جو،

”اُهو بَن صفا سُڃ ۽ ڀڙڀانگ هو،

اَڪيلي حياتيءَ پٺيان نانگ هو،

”هئا جنهن ۾ حد کان زياده مڇر،

مرون، شينهن، هاٿي ۽ چيتا اَپر،

”هرڻ، رڇ ۽ باندر بگهڙ بيشمار،

ممون، لومڙيون، ڳورپٽ پڻ هزار،

”اُڏاڻا ٿي ”نانا پکين“ جا ولر،

مليڇن ۽ چورن جو خوف ۽ خطر،

”لکين بانس جا وڻ ۽ شيشم، پپر،

هڱڻ، ميٽ، ٽينڊو، ڌؤ بيشتر،

”آرشٽ ۽ ڄمون، اَنب، ڪيسو، شمي،

کدر، نيٽ، بڙ، پدمڻڪ، آمري،

”ادمبر، پلڪشن، ڪدنب ۽ لوڌير،

کجورون، هريڙون، ٻٻر، سُنڍ، ٻير،

”بڀيتڪ ۽ پرتال ۽ شالمل،

هئا تال ۽ بيل بيحد لڳل،

”اِنهيءَ ريت هن ڪيترا وڻ ڏٺا،

جنن ديو ڀوتن جا آسڻ ڏٺا،

”ليون، ڪِرڙ، ٻوٽيون ۽ لاڻيون ڏٺيون،

۽ ڌاتن جون بي انت کاڻيون ڏٺيون،

پکين ٿي ڪيون جن تي ٻوليون مٺيون،

”چُرون، جن جو ڏيکاءُ اَڌ ڀوت هو،

اُميدن جو اُن هنڌ تابوت هو،

”بنايا هئا مينهن جهُرڻا هزار،

نديون ۽ ڍنڍون، باوليون بيشمار،

”جا ودرڀ ڌڻي لاءِ راحت هئي،

سندس دل جي دنيا ۽ دولت هئي،

”اُنهيءَ جهنگ ۾ ڪيترا وڻ ڏٺا،

وڻن ۾ مِرن جا سوين ڌڻ ڏٺا،

”هئا رِڇ ۽ مينهون ۽ سوئر سَٻر،

گهميا ٿي اُنهن جا ڪروڙين وَلر،

”هزارين نمونن سندا سَپ هئا،

هنيو ويٺا جهڳٽن ۾ جي مَپ هئا،

”اَڪيلي هئي اُن جڳهه نازنين،

سُلڇڻي، سياڻي، همه تن حَسين،

”تحمل جي مالڪ، لياقت ڀري،

صداقت جي پاتائين سِر تي سَري،

”ڪيائين ٿي نل جي گهڻي جستجو،

ٿيس ڪيتريون آفتون روبرو،

”ڏٺا اُن دمنتيءَ خطرناڪ جهنگ،

هزارن بلائن جا رنگن تي رنگ.“

 

دمينتيءَ جو هڪڙي پاهڻ تي

ويهي نل کي پڪارڻ

”نه اِن هوندي سا راجپتري ڊني،

نه ڪنهن خوف کان اُن سندي دل ڀني،

”فقط ياد اُن کي هو پنهنجو ڀتار،

هُيس اُن جي فرقت ۾ دل بيقرار،

سندس غم لڱ لڱ ٿي اُن جو ڏڪيو،

اکين هر گهڙيءَ ٿي فلڪ ڏي تڪيو!

”اَچي هڪڙي پاهڻ تي ويهي رهي،

جدائيءَ ۾ روئڻ سنڀري سَهي،

”هئي ڇو جو قسمت اُنهيءَ جو مَندي،

هئي راج ڪنيا سا ودرڀ سندي،

”ڪيا نَل کي ورلاپ هينئن اُن حسين،

گل اندام، گلفام ۽ نازنين:

ته ”ٻُڌ دانهن منهنجي نشڌ جا ڌڻي،

ڪشاده دلي تنهنجي مون کي وڻي!

”ٿيا تنهنجا دستِ سخاوت دراز،

صداقت ۾ آهين سدا سرفراز!

وئين ڪاڏي مون کي اُجاڙي سڄڻ!

ڏکن ۽ غمن ۾ لتاڙي سڄڻ!

”ڪيو ڪوڙ مون سان تو ڪيئن شيرِ نر،

ٿيس اِن حقيقت منجهان بيخبر!

”ڏنو هو تو جنهن وقت گهوڙن جو ٻَل،

ورهايو غريبن ۾ هو اَن ۽ جَل،

”هئا تو ڪروڙن جا صدقا ڏنا،

ٿيا خوش هئا سڀ چڱا ۽ ڪِنا،

”مقابل ٿئي تنهنجي، سو آهي ڪير،

جوان مرد، جوڌو، دلاور دلير؟

”تون سڀني حَسينن سَندو بادشاه،

سدا تو تي صدقي ٿيا مهر و ماه!

”سڀن حاڪمن ۾ تون آهين اُتم،

نه مَٽ تنهنجي ڪو آهه تنهنجو قسم!

”اُنهيءَ وقت جا ياد ڪر تون وچن،

نصيبن جو تازو جڏهن هو چمن،

”اُهي پنهنجا وعدا وفا ڪر سڄڻ،

سُخن پنهنجا ثابت سچا ڪر سڄڻ!

”اُهي ڏينهن ڪر ياد ڌرتيءَ ڌڻي،

جڏهن هَنج جي توکي ٻولي وڻي!

”ڪيو اُن پکيءَ مون کي پڻ بيقرار،

ٻنهي جا پرپٺ ڪئي ٿي نثار،

”ڇو توکي اُها ياد اُلفت نه آهه،

محبت مروت مؤدت نه آهه؟

”ڪيا ناس ويري سوين تو سڄڻ،

ٿئي ڪئن اي نرديش تو سان پڄڻ؟

”جڏهن ڌرم جو اهڙو فرمان آهه،

ته ”جڳ ۾ سچو سو ئي اِنسان آهه،

”جو ست سيل جي اِئين حفاظت ڪري،

”ڪجن نقش دل تي ٿا جئن چارويد،

۽ گڏ اُن جي آنگن اُپانگن جا ڀيد-“

”مگر ڪئن تو مون کي اَڪيلو ڇڏيو،

ڪري بي وسيلو غمن ۾ گڏيو؟

”ڪيو جيڪو مون سان اڳي تو وچن،

هينئر ڪر اُهو پنهنجو ثابت سخن،

”مٺا وير نل ۽ اَپاپي اَمير،

بڇيو سوز سيني کي تنهنجي اُڪير،

”ٿيس تنهنجي، تنهنجي ڪري ٿي مَران،

مسيحا، سوا تنهنجي ڪنهن کي چوان!

”اِنهيءَ وقت نازڪ ۾ عاليجناب،

ڏئين ڇو نه ٿو مون کي جلدي جواب؟

”وسين تون ٿو جنهن وقت هر رنگ ۾،

”نه ڇو منهنجي ٿو تون حفاظت ڪرين؟

نه ڇو منهنجو سَت ٿو سلامت ڪرين؟

”اَڪيليءَ کي اِيڏو وساري نه ڇڏ!

مئل کي مٺا مفت ماري نه ڇڏ!

”اڳي مون کي چوندو هُئين تون مُدام،

ته ”تو کان بنا ننڊ آهي حرام،

”سوا تنهنجي ٻيو ڪوبه پيارو نه آهه،

بنا تنهنجي جڳ ۾ ڪو چارو نه آهه!“

”اِنهيءَ ٻول پنهنجي کي پاڻي ته ڏي،

وسائل کي ويجهي وراڻي ته ڏي!

”تون ماڻهن جو مالڪ تون منهنجو حبيب،

تون دردن جو دارون ۽ تن جو طبيب،

”ٿيس تنهنجي پياري اُتم اِستري،

نه هوش آهي باقي، نه ڪا رهبري!

”رُئان ۽ رڙان ٿي جڏهن بيحساب،

”اُتم آريه نل ۽ ڌرتيءَ ڌڻي،

سدا تنهنجي صورت سَڀن کي وڻي!

”وڏيون تنهنجون آهن اکيون رب رکيون،

جي بجلي ٿِي دل تي برابر بکيون،

ڪرين دشمنن کي ٿو برباد تون،

ڪرين دوستن کي ٿو آباد تون،

”مگر دور مون کان تون ڇو ٿو رهين،

ڪُٺل کي ڇو بي قرب ٿي ٿو ڪُهين؟

”لٿل مُنهن، سُڪل تن ۽ سائو بدن،

وڪوڙيو نماڻيءَ کي رنج و محن،

”نه موجود مون وٽ تون آهين ڀتار،

رُئان ياد تنهنجي ۾ ٿي زار زار!

”ڍڪڻ بُت تي اَڌ ڪپڙو دُشوار آهه،

اَڪيليءَ جو موليٰ مددگار آهه!

”ٿيس اِيئن هتي سڄڻ کان ڇنل،

هجي هرڻي جيئن پنهنجي ڌڻ کان ڇنل،

”سوا تنهنجي هردم ٿي آهون ڪريان،

وٺي تنهنجون راهون ٿي ڪاهون ڪريان،

”رئان ٿي مگر تون اُنائين نه ٿو،

اَچڻ لاءِ ڇو وک وڌائين نه ٿو؟

”مهاراج منهنجا ۽ منهنجا حبيب،

سگهو وير ور، منهنجي تن جا طبيب!

”مٺا، توکي هر هر ڪريان ٿي پڪار!

مگر ڇو اَلائي لهين ٿو نه سار؟

”ڏئين ٿو نه ورندي ڇو منهنجا مٺا!

اَلائي ڇو مون کان تون آهين خفا؟

”سگهارو سدا صبر وارو تون نل،

سدا سهڻو بيشڪ ڀلارو تون نل!

”سڏيان توکي مردانگيءَ ۾ اُتم،

نه ڪو تنهنجو مٽ، مون کي تنهنجو قسم!

”نه ڪا مون کي پيارا پوي ٿي خبر،

ڪرين پنهنجي ڪيئن زندگي ٿو بسر!

”ڀلا آهه مَن تنهنجو ريڌل ڪٿي؟

سُتل آهين بيٺل يا ويٺل ڪٿي؟

”اِنهيءَ جو به مون کي نه آهي پتو...

هتان مُور آهين هليو تون ويو!

”ڏسڻ ۾ جو سامهون اچي ٿو ٽڪر،

ڪريان اُن جي چوٽيءَ تي جئن ٿي نظر،

”ڏسي ڪين توکي، ٿيان ٿي ملول،

جبل تي چڙهڻ آهه منهنجو فضول،

”نشڌ جا ڌڻي مرد جوڌا جوان،

نه کٽندو اِهو درد جو داستان!

”سدا درد ۾ ٿو اِضافو ڪرين،

نٿو بي وسيليءَ ڏي واپس ورين!

”اکين آڏو آهي زبردست جهنگ،

رهن ٿا جتي شير، چيتا، پلنگ،

”اُتي آهه تنهنجي دمنتي دکي،

نه تو ڪا خبر آهه اُن کان پڇي،

”مٺا تنهنجي سِڪ ۾ سڪايل ٿيس،

غمن ۾ نهوڙيل ستايل ٿيس،

”پڇان هاڻي ڪنهن کان اِهو ڏس پتو

ته ”نل وير منهنجو ڪٿي تو ڏٺو؟“

”تون سُندر، مهاآتما، مه لقا،

ڪرين دشمنن کي ٿو پَل ۾ فنا!

”ڀلا تون ئي چئو، هاڻي ڪاڏي وڃان؟

پتو نل وڃايل جو ڪنهن کان پڇان؟

”ڀلا ڪنهن کان ٻڌنديس اِها گفتگو،

ته ”آهي اُهو تنهنجي اَڄ روبرو،

ڪرين جنهن جي ڳولا ٿي تون بدنصيب،

اُهو اڄ هتي آهه تنهنجو حبيب،

”اُهو وير نل حاڪمن ۾ اُتم،

اکيون جنهن جون پياريون ۽ پڌريون پَدم.“

”جي بن ۾ ڪو چيتو ڏسان ٿي کڻي،

جو دهشت ۾ ڏونگر ۽ بن جو ڌڻي،

”وڏا ڳل اُنهيءَ جا، ڊگها ڏند چار،

اَچي جيئن ٿو سامهون ٿئي آشڪار،

”تڏهن ڪين اُن جو ٿئي ٿو هراس،

نه اُن کي ڏسي دل ٿئي ٿي اُداس،

”پڇان پاڻ ٿي اُن کان ٿي روبرو،

۽ هڪدم ڪريان ٿي اِها گفتگو

”ته ”آهين مرن جو تون حاڪم اَمير،

۽ هن بَن جو پرڀو، پرين، دلپذير!

”دمنتي ٿا سڀ لوڪ مون کي سڏن،

۽ ودرڀ جي راجا جي ڌيءَ ٿا چون،

”ٿيو مڙس منهنجو نشڌ جو ڌڻي،

سڏايان ٿي پيرن جي جنهن جي پَڻي،

”اُهو وير نل جنهن جي مان اِستري،

پٽي پاڙ جنهن دشمنن جي ڇڏي،

”سڃاڻپ اِنهيءَ سان تون مون کي سڃاڻ،

اِنهيءَ بن ۾ مون کي تون بي آس ڄاڻ!

”نماڻي ٿي ڇپرن کي ڇوليان ٿي مان،

اڪيلي پتي پنهنجو ڳوليان ٿي مان،

”غمن ۾ ٿو منهنجو گذارو ٿئي،

ڇُٽڻ جو نه حاصل ٿو چارو ٿئي،

”تون مِرگهن جو اِندر ۽ چيتو چٽو،

اگر منهنجي نل کي تو آهي ڏٺو!

”ته مون سان اِهو دوست منهنجو ملاءِ،

سگهو ٿيءُ اهو عرض منهنجو اَگهاءِ!

”جي نل: جي نه ڏيئي سگهين ٿو خبر،

ته اي بَن پتي مون تي ڪو رحم ڪر!

”سگهو مون کي کائي کپائي تون ڇڏ!

سڄي منهنجي هستي مٽائي تون ڇڏ،

”اي مرگهن جا سردار، ڪو داد ڪر،

اِنهيءَ دک وچان مون کي آزاد ڪر!

”مگر هاءِ افسوس، آهي سِتم!

نه منهنجي اڳيان ڪو رکي ٿو قدم،

”چوڻ ڪين ٿو ڪوبه منهنجو مڃي،

اَچي جو به سو مُنهن ٿو ڦيريون وڃي،

”ڇڏي مون کي بَرپٽ ۾ ناڪامياب،

اُجل جي نديءَ کان ٽَپي ٿو شتَاب،

نديءَ جنهن کي موجن تي آهي گهمنڊ،

اڳيان اُن جي ڇوليون هڻي ٿو سمنڊ،

”مناسب اِهو آهه هاڻي هَلان،

پهاڙن جي راجا وٽان هيءُ پڇان

”ته ”آهي ڪٿي منهنجو نل نامدار؟

رَهان جنهن جي فرقت ۾ ٿي بيقرار“

”جبل جيڪو ڏسجي ٿو گهاٽو اُچو،

هنيو جنهن جي چوٽيءَ فلڪ سان مٿو،

”عجب اُن جي چوٽين سندو رنگ آهه،

نظارن سان جوٽي اُنهن جنگ آهه،

”سندس من کي وڻندڙ نظارا چوان،

ندين جا دلين – ٺار گهارا چوان،

”جبل جنهن ۾ ڌاتن جو انبار آهه،

نزاڪت ۾ هر وقت نِروار آهه،

”گهڻا اُن جا رنگين پٿر ٿيا،

سندس سوڀيا لاءِ زيور ٿيا،

اِنهيءَ ريت آهي اُڀو ۽ اُتم،

جو ڄڻ آهه عالم جو اعليٰ عَلم،

”منجهس شينهن، چيتا ۽ هاٿي هزار،

رڇن باندرن جا ولر بيشمار،

”ڪروڙين ٻيا جهنگ جا جانور،

لڳل هر قدم تي سندن ڌم ڌچر،

”وڻي ٿي دلين کي وڻن جي قطار،

نَون ۽ نِرالن پکين جي پُڪار،

”مٺيون ڪن ٿا ٻوليون اَچي آسپاس،

ٿئي ٿي نه دل تن جي هوندي اُداس،

”وڻن ۾ ”پلڪش“ ۽ ”ڪڻيري“ ”بڪل“،

عجب ”ڌؤ“ ۽ چمبڪ“ ۽ ”ڪسيو“ جا ڦل،

”آشوڪ ان ۾ پڻ سوڀيا وان آهه،

سندس ڦل تي ڄڻ جان قربان آهه،

”ڍنڍون اُن جبل ۾ ٿيون موجزن،

پکي جن ۾ سُهڻا سُٺا ٿا رهن،

”غرض اُن جون چوٽيون نظارن ڀريون،

ڪَتيون ڄڻ فلڪ ۾ ستارن ڀريون!

اِجهو پنهنجو جاري ڪريان ٿي ڪلام،

جبل کي ڪري سِڪ منجهان سَو سلام،

”اِجهو ڪُجهه ٿي پربت ڌڻيءَ کان پڇان،

وجهي پاند اُن کان اِهو ٿي پنان:

”ڪٿي آهه ماڻهن جو مالڪ مٺو؟

ڀلا تو ڪٿي اُن کي گهمندو ڏٺو؟

”خزاني جي کاڻين جو مهندار تون،

نه جيڪي چُرن، تن جو سردار تون،

”تون ”ادڀوت آئينو“ دنيا جي لاءِ،

ڏسِي منهنجو محبوب جلدي ٻڌاءِ!

”تون پربت لکن ياترائن جو گهر،

محبت جا تو ۾ وَراڪا ۽ وَر،

”سون ساهوارن جو رکپال تون،

چڱاين ۾ چونڊيل ۽ خوشحال تون،

”چوان توکي ڌرتيءَ جو آڌار مان،

ڏسان توکي اُڀ تي ٿي اِظهار مان،

”ڪريان توکي سڪ مان نمسڪار ٿي،

ٻُڌايان ٿي اَحوال اِظهار ٿي،

”ڪري توکي سو وار آديس مان،

نمايان ٿي تنهنجي اڳيان سيس مان،

”دمنتي ٿا دنيا ۾ مون کي چون،

ڏکن جي ستايل ٿا مون کي سَڏن،

”ٿيس راجپتري، ٿيس راج – ننهن،

ٿيس راج – پتني، اٿم تنهنجو سنهن!

”پتا منهنجو ڀيم آهه ودرڀ ڌڻي،

فضيلت عنايت ٿي اُن کي گهڻي،

”اُهو پرٿوي پال خوشحال آهه،

بڻيو چئن وَرنن جو رکپال آهه،

”اکيون اُن جون سندر، مٺيون، مَد ڀريون،

هزارين دليون جنهن جي ڏسندي ٺريون،

”لکن حاڪمن جو هو سردار آهي،

”وڏين دڪشناين سان اُن پارسا،

”اَشوميڌ“ ۽ ”راجسو“ يگ ڪيا،

”سندس سونهن زينت ٿي گلشن سندي،

ڪري ختم طاقت ٿو دشمن سندي،

”لهي جيڪو ودرڀ جي پوري سنڀال،

سچو، وير، ڌنوان، شيرين مقال،

”سدا ڌرم جي پيروي ٿو ڪري،

گناهن کان ٿو پاڪ هردم رهي،

”هو ”برهم ڀڪت“ ۽ سَتي وان آهه،

تحمل سندس خاص عنوان آهه،

”گياني بڻيو ڌرم جو هر گهڙي،

اَچي بخت ازخود ٿو اُن ڏي لڙي.

”ٻڌي ڇڏ تون ڀڳوان عالي مقام،

اَدب سان ٿي توکي ڪريان مان سلام!

”هتي اوچتو غم جي ڳاري پيس،

اَچي تنهنجي اَڄ مان پناري پيس،

”اِهو مرد موصوف جو تو ٻُڌو،

سندس مرتبو مانُ ايڏو ڏٺو،

”اُنهيءَ جي ٿا مون کي نياڻي سڏن،

سُگهڙ، سورمي ۽ سياڻي سڏن،

”وري منهنجو سهرو به سرتاج آهه،

نشڌ ديس اَندر مهاراج آهه،

”مُنور سندس منهن، مُنور جبين،

وَٺن اُن جو نالو ٿا سڀ ”ويرسين“،

”سندس نام هر هنڌ مشهور آهه،

ثنا اُن جي سڀ ڪنهن کي منظور آهه-

اُنهيءَ وير راجا جو پٽ وير آهه،

شجاعت ٿي ڄڻ اُن جي جاگير آهه،

اُهو سوڀيـــــــــــــاوان آهــــــــــــــي- سَتـــــــــــــــــــــــي،

نه سچ کان ٿو پٺتي هٽي هڪ رَتي،

سندس نام ٻڌجي ٿو نروار نل،

محبّت سندو خاص مهندار نل،

”لنگهيون گرچه پيڙهيون به پيڙهين پٺيان،

صديون وييون گذري زماني اڳيان،

”مگر اُن جو قائم اَڃا تخت آهه،

بلند اُن جو هردم رهيو بخت آهه،

”سندس سون وانگر ٿو چهرو بَکي،

نزاڪت به اُن جي ٿي نالو رکي!

”جو برهم ڀڪت آهه، ڄاڻي ٿو ويد،

گيان اُن جي ۾ آهه مخفي ڪو ڀيد،

”هو ”پُڃڪاري“ آهي ۽ ذي هوش آهه،

ڪندو ”سوم رَس“ کي سدا نوش آهه،

”ڪڏهن اُن جو چهرو نه آهي اُداس،

ڪري دشمنن کي ٿو هڪ پل ۾ ناس،

”هو شيرين مقال آهه ۽ خوش خرام،

ڪري هوم هون“ آهه جنهن پارسا،

رهن جنهن منجهان خوش ٿا سڀ ديوتا،

”هو جوڌو جوان مرد، جانباز آهه،

سخاوت ۾ هر وقت ممتاز آهه،

”عدالت جي گهر ۾ ٿو جالي اُهو،

چڱيءَ ريت پرجا ٿو پالي اُهو-

”اُنهيءَ جي ٿيس مان سَچي اِستري...

ڪري بخت منهنجي نٿو رهبري،

”تياڳيل، نڀاڳي، ندوري ٿيس،

رُلان ٿي ڇپر ۾، جو ڇوري ٿيس،

”نه موجود اَڄ منهنجو آهي ڀتار،

جدائيءَ ۾ جنهن جي ٿيس بيقرار،

”دلاسي وهيڻي، مُئل ۽ مُٺل،

قريبن وٽان ڌار، قربن ڪُٺل،

”هتي بَر ۾ پنهنجو ٿي ڳوليان پَتي،

ڪنديس ڪوڙ تو سان نه هڪڙي رَتي!

”ٿيس مان مٽي ۽ تون پَربت اُتم،

ذرا زال نرٻل تي ڪر ڪو ڪرم!

”تون طاقت ۾ آهين اَچل ۽ اَٽل،

فلڪ سان ٿيون تنهنجون چوٽيون لڳل،

”ڀلا منهنجي نل کي تو بَن ۾ ڏٺو؟

رهي وِرد، نالو ٿو جنهن جو مٺو،

”اُهو نل، جو منهنجو ڀلارو ڀتار،

سچو سُورمو، شير نر، نامدار،

”سخاوت، شجاعت ۾ دستِ دراز،

مها جس، سچو سورمو، سرفراز،

”هو ٻُڌوان آهي ٻلوان آهه،

سُلڇڻو، سڀاڳو، پهلوان آهه،

ڪريان اِلتجا توکي ٿي ”اي پهاڙ،

نه منهنجي اُميدن جون تون گهر اُجاڙ!

”نه تون پنهنجي ڌيءَ جهڙيءَ ڏي ٿو ڏسين،

نٿو منهنجون آهون ۽ دانهون ٻڌين!

”رُئان رت جا ڳوڙها ٿي مان بار بار،

ٻڌين ٿو مگر ڪين منهنجي پڪار!

”نه توکان ٿو مون کي دلاسو ملي!

غمن کان نه هرگز ٿو پاسو مِلي!

”وري پنهنجي نل کي ٿي سڏڙا ڪريان،

اُٿاريان ٿي آهون، ٿي ڏونگر ڏريان،

”چوان ٿي: نه ڪر مون کي دلگير نَل!

گياني سچا ڌرم جا وير نَل!

”قسم ۾ رکج تون صداقت سچي،

تون سورهيه سڄڻ پرٿويءَ جا پتي،

”جي هن وَن ۾ آهين ته اظِهار ٿي،

اَچي منهنجا راجن مددگار ٿي!

”اَچي پاڻ ڏيکار منهنجا مٺا،

سوا تنهنجي مون ڪيترا ڏک ڏٺا!

”اُهو ڏينهن ٿيندو اَلائي ڪڏهن؟

نشڌ جا ڌڻي مون ڏي اِيندين ڪڏهن؟

”اچي سڏ ڪندين مون کي سڪ مان سڄڻ،

ڪندين دل سندو دور ڦٿڪڻ لُڇڻ،

”اڳيان تنهنجي ساجن نوايان ٿي سيس!

مها آتما تون ۽ راجا، رئيس!

”تون مون لاءِ رحمت جو آهين ڪڪر،

گهُران توکي پيارو ٿي شام و سحر،

”تون صبر و تحمل ۾ عالي صفات،

۽ منهنجي حياتيءَ جو آبِ حيات،

”سدا ڌرم جو توکي پيارو چوان،

سچو، جن پتي ۽ سگهارو چوان،

”ڪندين دُور منهنجا تون درد و اَلم،

حمايت اَٿم تنهنجي، تنهنجو قسم!

”اَچي مون ڊنل جو مددگار ٿيءُ،

اَجهو ڪر عنايت ۽ آڌار ٿيءُ!“

 

آه وزاري کان پوءِ دمينتيءَ جو اڳتي روانو ٿيڻ

۽ رشين جو کيس دعا ڪرڻ

”زبردست پربت کي اِئين هن چيو،

انهيءَ بعد هڪدم هلي اڳڀرو،

”دمنتي اُها راجنندني پري،

اُتر ديس ڏي ٿي رواني وري،

”ڪيو پنڌ برپٽ جواُن مهه جبين،

اُنهيءَ ناز پرور ۽ نازڪ حسين،

”ٿيا ختم ٽي ڏينهن، راتيون به ٽي،

اُتي پهتي، جهنگل ڀيانڪ جتي،

”نه اُن جي برابر ڪو ٻيو جهنگ هو،

نرالو سڀن کان سندس رنگ هو،

”وڻن جي قطارن سان ڀرپُور هو،

رياضت جو اُن هنڌ مذڪور هو،

”تپَشين جو اُن ۾ هو نروار ڪشٽ،

هئا اُن ۾ ”اَتري“ ۽ ”ڀرگو“ ”وسشٽ“،

”رهيا اُن ۾ ٿي نيم رکندڙ رشي،

سدا ٿور – کائو، سچا، متقي-

”وڻن جي پنن تي گذارو ڪرڻ،

هوا تي ۽ پاڻيءَ تي زنده رهڻ-

”اِندر جيت، خوش بخت، شيرين سخن،

سدائين ٿا سورگ جو مارگ پسن،

”ڍڪن ٿا هرڻ ۽ وڻن جون کلون،

نه من ۾ اَٿن ڪي سڌن جون جهَلون،

”رکن اندريون نيم ٿا سي مُني،

غذا ٿي ملي تن کي پوري پني-

”دمنتي اَچي ٿي اُتي آشڪار،

وَسيل آشرم اُن ڏٺا بيشمار،

”ڏٺائين ڪي مندر به سندر سٺا،

لڳا جن جا منظر ٿي من کي مِٺا،

”هئا جيڪي ”نانا پکين“ سان ڀريل،

۽ هرڻن سندا سڱ به تن ۾ ٽنگيل،

”عجب اُن جڳهه جا نظارا هئا،

رياضت ڪده اُن جا پيارا هئا،

”ڏسندي ئي هن کي سهارو مليو،

ڏکن کان بچڻ جو اِشارو مليو،

”گِهڙي آشرم ۾ اُها نازنين،

”سلڇڻي، سڀاڳي دمنتي دلير،

پلنگن تان هيٺ لاٿو نه پير،

”اُنهيءَ نل سندي نامور، نازنين،

پدر جنهن جو مشهور هو ”ويرسين“،

”اُها اِسترين ۾ اَملهه هڪ رتن،

وڏي بخت واري ۽ شيرين سخن،

”ڀرون اُن جا سهڻا ڊگها اُن جا وار،

سدا اُن جي ڪارين اکين ۾ خمار،

”هئا ڏند دلبند دُرِ عدن!

سندس منهن منور هو رشڪِ چمن،

”ترقيءَ تي جوهر هو ذاتي سندس،

”رَسي آشرم  ۾ اُها نيڪنام،

ڪيائين بزرگن جو اڳ ۾ سلام،

”آَدب ۽ مروت سان بيهي رهي،

ٻَڌائين اکين تي حيا جي پَهي،

”بزرگن ۾ جيڪو هو سڀ کان وڏو،

دمنتيءَ کي اُن پيار مان هينئن چيو:

”ڀَلي آئينءَ سندر، سڀاڳي، سَٻر!

هجي تو تي راضي سدا ايشور!“

”ڪيو اُن مهاپرش، عالي مقام،

بزرگن جي رسمن مطابق ڪلام،

”اُنهيءَ پنهنجو جيئن ختم گفتو ڪيو،

وهڻ لاءِ هڪدم اِشارو ڪيو،

”پڇيائين ته ”جلدي خبرچار ڏي،

اَسان جي مدد توکي ڪهڙي کپي؟

”ڏنو سُندريءَ تنهن تي هڪدم جواب،

ته ”اي پاڪدامن ۽ عالي جناب!

”وڏي ڀاڳ وارا ۽ زاهد سچا!

اوهان جا ٿيا ڪارناما اُچا،

”اوهان جو وڏو زُهد ۾ طمطراق،

۽ اگني جي ڪريائن اندر به طاق،

”سدائين اوهين ڌرم ۾ سر بلند،

هميشہ اوهان کي ٿي نيڪي پسند!

”نمايان اوهين ڌرم اَچار ۾،

مهاڀاڳ سَڏجو ٿا سنسار ۾،

”پکين ۾ ۽ مرگن ۾ آهيو ڪَشل،

نه اوڏو اَهان جي اَچي ٿو اَجل،

”ڀلا ڪهڙي تڪليف اوهان کي ڏيان،

مدد هاڻي ڪهڙي اوهان کان گهران!

”بزرگن انهيءَ تي ڏنو هي جواب،

ته، اي خير واري سدا ڪامياب!

”جوان زال سندر سڀاڳي سچي،

اسان جي اڳيان ڪر نه هرگز ڪچي،

”خبر ڏي ته تون ڪئن هتي ٿي گهمين؟

۽ دل ۾ ٿي ڪهڙي تمنا رکين؟

”ڀلا ڪير آهين تون نازڪ بدن؟

چِٽو تنهنجو چهرو ۽ شيرين سخن،

”ڏسي حُسن تنهنجو، ٿي حيرت گهڻي،

۽ حاصل اسان کي ٿي عبرت گهڻي،

”ڏسي تنهنجي حالت اچي ٿو قياس،

تون سلامت ۾ اَچ، ٿي نه هرگز اُداس!

”ضرور آهين ديوي تون هن جاءِ جي،

جبل نديءَ جي يا برپٽ سندي!

”اسان کي، سدا صاف سچ تون ٻڌاءِ!

نه تِر جيتري ڳالهه هرگز لڪاءِ،

دمنتيءَ اِنهيءَ تي وراڻي ڏني،

ته ”اي پاڪدامن رشي ۽ مني!

”نه ديوي ٿيس مان انهيءَ جاءِ جي،

”زماني ۾ سڏجان ٿي اِنسان مان،

اوهان جي اڳيان صاف سچ ٿي چوان،

”ٻڌو منهنجو قصو ڀلائي ڪري،

نه سمجهو مصيبت کان مون کي پري،

”ٿيو ڀيم راجا نو نروار نام،

پتي پرٿويءَ جو ۽ عالي مقام،

”سدائين اُهو پرٿوي پال آهه،

رعيت سندس خوب خوشحال آهه،

”اُهو ديس ودرڀ جو راجا رئيس،

فلڪ اُن جي رفعت جي آڏو خسيس،

”ٿيس اُن جي ڪنيا، اوهان جو قسم،

سهان ٿي زماني ۾ ههڙا ستم!

”نشڌ جو ڌڻي جيڪو عاقل اَمير،

مهاجس ۽ ودوان، جوڌو ۽ وير،

”پَتي آهه ويشن جو نروار نل،

اهو منهنجو سائين ۽ سردار نَل،

”ڏئي ديوتائن کي هردم ٿو مان،

”دَجن“ جو هو پيارو ۽ پارس سمان،

”نشڌ ديس کي جو ٿو پالي سدا،

اَجهي عدل جي ۾ ٿو جالي سدا،

”مها تيج وارو، سَتي وان آهه،

گياني سچو ۽ پهلوان آهه،

”سياڻو، سچي سنهن جو مالڪ سدا،

ڪري دشمنن کي ٿو پَل ۾ فنا،

”هو برهم ڀڪت آهه، لاهي ٿو غم،

اَٿس ديوتائن جي شيوا سان ڪم،

”سدا تن جي شيوا ۾ مشغول آهه،

شريمان آهي ۽ مقبول آهه،

ٿيو آهه شاهن ۾ جوڌو شمار،

اٿس مُلڪ ۽ شهر جيتيا هزار،

”اَميرن سندو آهه اعليٰ اَمير،

سچو ديوتا آهه روشن ضمير-

”اُهو وير نل آهي منهنجو ڀتار،

ٿيس مان سندس خاص پتني شمار:

”اکيون اُن جون ڪاريون، وڏيون ويڪريون!

ٿيون جن سان زخمي دليون ڪيتريون!

”سندس منهن مٺو آهي ڄڻ ماهتاب،

پسينو سندس آهه عرقِ گلاب!

”وڏا يُگ ڪري ٿو رکي رمز رنگ،

ڪيا ختم جنهن ويد ۽ ويد اَنگ،

”عجب اُن جي مردانگيءَ جون صفات،

ڪري جنگ ۾ دشمنن کي ٿو مات،

”اُهو سوم سُورج ٿي روشن ٿيو،

سندس حسن اُلفت جو گلشن ٿيو-

”اُنهيءَ کي سڏيان ٿي مان پنهنجو ڀتار،

اُنهيءَ کان سوا آهه دل بيقرار:

”اُهو پرٿوي پال ۽ ڌرم پال،

صداقت جو صاحب ۽ شيرين مقال،

”مگر هاءِ افسوس، اهڙو حبيب،

ٿيو دشمنن جي هٿان بدنصيب!

”جوا ۾ سندس پِڙ اَناڙي پيا،

نڀاڳا ندورا، لٻاڙي پيا،

”اُهي اڻ گهڙيل ڪاٺ ۽ بي حيا،

نه ڪو روح ۽ رحم تن کي سدا،

اُنهن جيتي ورتو سندس راڄ، ڌن،

وٺي نڪتو پنهنجو اُگهاڙو بدن:

”اُهو آهه راجا بهادر جَري،

ٿيس مان دمنتي سندس اِستري،

”ڀتار آهه منهنجو ۽ سردار آهه،

طلب مون کي بس اُن جو ديدار آهه!

”سڪان ٿي سندس منهن ڏسڻ لاءِ مان،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org