سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :39

(128)

ملڪ مٺي جا ماڻهو مٺڙا،

مٺڙا پيارا پيارا ...... سائين!

ملــــــــــــــــــــڪ مـــــــــــــٺي جا ماڻــــــــــــــهو!

واه وطن جون پوکون پياريون،

جوئر، ٻاجهر، سائون، ساريون،

رونبا ۽ لابارا ...... سائين!

ملــــــــــــــــــــڪ مـــــــــــــٺي جا ماڻــــــــــــــهو!

بيدل، شاهه سچل سونهارا،

دل وارا درويش دلارا،

جئن چمڪن ٿا تارا، ... سائين!

ملــــــــــــــــــــڪ مـــــــــــــٺي جا ماڻــــــــــــــهو!

ڀل ته وسن وحدت جون واديون،

سچن بزرگن جون شل، گاديون،

آسڻ ۽ اوتارا ...... سائين!

ملــــــــــــــــــــڪ مـــــــــــــٺي جا ماڻــــــــــــــهو!


 

(129)

ديس ڏني دلداري دل کي،

ديـــــــــــــــــــــــس ڏنـــــــــــــــــــي دلــــــــــــــــداري.

ڏور ٿيا سڀ ڏک ڏولاوا،

سک جي ٿي سرداري ... دل کي،

ديـــــــــــــــــــــــــس ڏنـــــــــــــــــــي دلــــــــــــداري.

مينهن وٺا ۽ ٿيون گلزاريون،

هرجا آهن باغ بهاريون،

خوش ڏسجن ٿا هاري ... دل کي،

ديـــــــــــــــــــــــــس ڏنـــــــــــــــــــي دلــــــــــــداري.

مارو مرد متارا مانجهي،

محنت موکن صبح ۽ سانجهي،

بار کڻن ٿا باري ... دل کي،

ديـــــــــــــــــــــــــس ڏنـــــــــــــــــــي دلــــــــــــداري.

ديس جي پکڙيل پڌر پٽن ۾،

جهنگن، جبلن، ٿرن برن ۾،

لعل لڌا ”لاشاري“ ... دل کي،

ديـــــــــــــــــــــــــس ڏنـــــــــــــــــــي دلــــــــــــداري.


 

(130)

پاڪ وطن سان پيار، منهنجو روز اَزل کان.

نانءُ مِٺو ۽ عَجب نظارا،

پاڪ وَطن جا پاڪ پَسارا،

عالم ۾ اظهار، منهنجي مَن جي اُڇل کان.

دشمن پاڪ وطن ڏي نِهاريو،

دين جي غيرت کي للڪاريو،

شِينهن جي گجڪار، اِيندي جهنگ جبل کان.

ڪين ٿا وسرن نيڪ نمازي،

بَدر وحنين جا مؤمن غازي،

غازين جي گفتار، پُڇ تون منهنجي پُنهل کان.

ڪافيون جوشِ جهاد جون ٺاهيان،

پنهنجي رَب تان آس نه لاهيان،

ڪين ٿيان بيزار، اهڙي نيڪ عمل کان.


 

(131)

جوش اَسان جو رهندو جاري،

ٻيڙو پار وطن جو ٿيندو،

دشمن ڏِسندو هر جا خواري،

ٻيڙو پار وطن جو ٿيندو.

دشمن خود بدنام ٿي ويندو،

ناڪارو ناڪام ٿي ويندو،

پنهنجي ٿيندي سوڀ ۽ ساري،

ٻيڙو پار وطن جو ٿيندو.

مسلم ڏيندو هَر قرباني،

غيرت جنهن جي آههِ نشاني،

وطن جي عظمت جنهن کي پياري،

ٻيڙو پار وطن جو ٿيندو.

آئي بلبل لاءِ بَهاري،

پنهنجي موت مَرن ٿا ماري،

ٽِڙي وطن جي ٽاري ٽاري،

ٻيڙو پار وطن جو ٿيندو.


 

(132)

اَسين صُلح سندا سردار اَلا!

اِسلام جا دعويدار اَلا!

تهذيب سَندا معمار اسين،

سَڄي دُنيا جو سينگار اسين،

حق پاڪ سندو اَسرار اسين.

اسين باطل کان بيزار اَلا!

اَسين صُلح سندا سردار اَلا!

اَسين قومن جا اُستاد اڳي،

اَسان دُنيا ڪئي آباد اڳي،

هر دِل اَسان جي ياد اڳي،

اَسين گڻن سندو گلزار اَلا!

اَسين صُلح سندا سَردار اَلا!

هڪ پاسي دشمن ڪاهي ٿو،

ٻئي پاسي امن به چاهي ٿو،

ڇو ٺاه ٺڳيءَ جا ٺاهي ٿو،

اَسين صُلح سندا سَردار اَلا!

ڪو پنهنجو پاڪستاني ڏِسي،

اِسلام ڏِسي، اِيمان ڏِسي،

اَسين حَق جا علمبردار اَلا!

اَسين صُلح سَندا سَردار اَلا!

 

(133)

مٺڙا وطن، مان توکي،

سِڪ مان سنڀاريان ٿي،

جو دم ڪڍان ٿي ٻاهر.

توکي پُڪاريان ٿي.

موٽن ملير وارا پلپل پُڇان ٿي خبرون.

اوٺي اچي ڪو ڳوٺي.

واٽون نهاريان ٿي.

سهرا ۽ گيت ڳايان، ڳايان رڳو وطن جا،

ڳالهيون ٻُڌي وطن جون.

دِلڙي ڌتاريان ٿي.

ڪَنهن شيءِ جي کوٽ ڪانهي سڀڪجهه مليو وطن کان

جيئري بهشت اندر،

کِلندي گذاريان ٿي.

پياري وطن جي آهي هر گفتگو عبادت.

هڪ پَل نه ديس پنهنجو.

ويهي وِساريان ٿي.

 

(134)

اسين وطن جي زندگي.

اسين وطن جي زندگي.

اسان جي دم سان پائدار،

وطن جي آن ۽ وقار،

اِهو چمن اسين بهار،

اسين گلن جي دلڪشي،

اَسين وطن جي زندگي.

اسان جي دل ۾ ولولو،

روان دوان هي قافلو

وڌو وڌو اي دوستو،

وطن سان پنهنجي دوستي،

اسين وطن جي زندگي.

اسان جو هي نئون نظام،

حيات نَو جو صبح و شام،

نظر نظر ۾ خوش خرام،

نئين سحر جي روشني،

اسين وطن جي زندگي.

 

(135)

ٺاه ٺاهي. لڄ لاهي دشمن آيا ڪاهي،

دِڪيون ڊاهي، چڙهيا ڦاهي، رهيو باقي ڇاهي؟

ڪيا وارا، وجهي مارا، کيڏيا سرجي بازي،

اُٿو اُٿو غازي، اُٿو اُٿو غازي!

رت روئي، هٿ ڌوئي، سڙن ويٺا سکڻا،

بُرا بَد راهون رَد، دل ۾ ڪيني رکڻا،

جبل جهڙا، تن کي اهڙا مزا آهن چکڻا،

ڪندو زاري، سَو سَو واري احمق آزي،

اُٿو اُٿو غازي، اُٿو اُٿو غازي!

ڳَليون ڳولي، مَڙهه رولي وڃي لِڪا اولي،

ڀِتر ڀوري، وَٽ توري، ويا ڇَپر ڇولي،

اچو هاڻي، تَند تاڻي، ڳُجهه وِجهون کولي،

ڪيسين هلندي، ڪيسين چَلندي، اها حيلي سازي؟

اُٿو اُٿو غازي، اُٿو اُٿو غازي!


 

(136)

اُٿي هڻ تون نعرو، اي دانا دلاور!

الله اڪـــــــــــــــــــبر، الله اڪــــــــــــــــبر.

اُٿي مرد غازي، شجاعت سَڏي ٿي،

هَليو هل مجاهد، شهادت سڏي ٿي،

وڏي سَڏ وطن جي حفاظت سڏي ٿي،

تون هڪڙو ئي مؤمن ڏهن جي برابر،

الله اڪـــــــــــــــــــــــبر، الله اڪـــــــــــــــــــــبر.

مسلمان آخر مسلمان آهي،

خدا پاڪ تي اُن جو اِيمان آهي،

شهادت اَزل کان سندي شان آهي،

شجاعت ۾ مؤمن جو اُستاد حيدر،

الله اڪـــــــــــــــــــــــبر، الله اڪـــــــــــــــــــــبر.

سَڏيو سيج سوريءَ کي سلطان بنجي،

ڀٽائي ڀلاري جو فرمان بنجي،

اُهو حوصلو، دين، اِيمان بنجي،

ڏِني شاهدي جنهن جي خندق ۽ خيبر،

الله اڪـــــــــــــــــــــــبر، الله اڪـــــــــــــــــــــبر.


 

(137)

غازي دل سان پڙهه هر گاه

لا اِلٰہَ اِلا الله مُحمَدُ رسول الله.

هَل ميدان ۾ ڊوڙون پائي،

سِيني سان قرآن لڳائي،

دُشمن جو ڇڏ ڏيل ڏڪائي،

ڪلمو پڙهندي، ڪر تون ڪاه،

لا اِلٰہَ اِلا الله

لا اِلٰہَ اِلا الله مُحمَدُ رسول الله.

رب جي دَين جي ڪر آبادي،

ڄاڻ شهادت کي تون شادي،

پاڪ مُحمد تنهنجو هادي،

دشمن آهي گم همراه،

لا اِلٰہَ اِلا الله

لا اِلٰہَ اِلا الله مُحمَدُ رسول الله.

نعرو هڻ تون حيدر حيدر،

پڙهندو هَل بِسم الله هَر هَر،

تنهنجي آهي فتح سَراسَر،

تنهنجا رَند چُمي ٿي راه،

لا اِلٰہَ اِلا الله

لا اِلٰہَ اِلا الله مُحمَدُ رسول الله.

 

(138)

مُجاهد کي پنهنجو خدا ٿو پُڪاري،

شهادت ٿي غازيءَ جون واٽون نِهاري.

وِنگو ڪينَ مؤمن جو هڪ وار ٿيندو،

خدا پاڻ دُشمن مٿان سوڀ ڏيندو،

وِڙهن مرد غازي ٿا رَب جي سَهاري.

مُجاهد کي پنهنجو خدا ٿو پُڪاري.

مسلمان ٿو موت کي راند سمجهي،

اِهو روح جسم ۾ باند سمجهي،

سچو موت ٿو زندگيءَ کي اُجاري،

مُجاهد کي پنهنجو خدا ٿو پُڪاري.

اَسان کي نه غيرن جي اِمداد گهرجي.

فقط دل ۾ الله جي ياد گهرجي،

اِهو پاڪ جَذبو، ٿو جبلن کي ڏاري.

مُجاهد کي پنهنجو خدا ٿو پُڪاري.


 

(139)

هِمت جو ٻَڌ سَندرو يار!

منزل آههِ اڍائي ڪوه،

فتح جا ڏسجن ٿا آثار،

منزل آههِ اڍائي ڪوه.

پاڪ وطن تان خون وهايون،

سنڌ جو شان ۽ مان بچايون.

حق جو ٻيڙو آهي پار،

منزل آههِ اَڍائي ڪوه.

ڪفن ٻڌن ٿا سِر سان غازي،

پنهنجي روايت ڪن ٿا تازي،

رڻ ۾ شينهن ٿا ڪن گجڪار،

منزل آههِ اَڍائي ڪوه.

غازي! هَل ميدان ۾ ڪاهي،

صبر جو هرگز وقت نه آهي.

پاڻي سِر کان آهي تار،

منزل آههِ اَڍائي ڪوه.


 

(140)

بهادر نعرو هڻ نادر،

مدد يا شاه علي حيدر!

مرحب جهڙا ٿا للڪارن،

خيبر جي ٿا ياد ڏيارن،

غازي اَڄ ڪو ٻُوٽو ٻارن،

شور وجهن دَر در، مدد يا شاه علي حيدر!

تون ئي غازي نيڪ نمازي،

تنهنجي هيٺان تُرڪي تازي،

کيڏ هلي تون سِر جي بازي،

ڪڏهن نه ڏي تون ڍَر، مدد يا شاه علي حيدر!

حملا ڪر تون صاف هوائي،

پنهنجي خدا جي ڄاڻ خدائي،

پاڻهئي ڏيندو سوڀ سچائي،

پاڪ ڌڻي پرور، مدد يا شاه علي حيدر!

پاڪ وطن جو ٿي پَروانو،

دشمن پنهنجو ڄاڻ زنانو،

جوشِ جهاد ۾ ٿي مَستانو،

هَڪل ڪري هيڪر، مدد يا شاه علي حيدر!

 

(141)

مَري وينداسين پر پنهنجو وطن هرگز نه ڏينداسين،

سُڃي صياد جي هَٿ ۾ چَمن هرگز نه ڏينداسين،

شهادت جنهن کي لائون ڏيندي، حُورون سيج ٺاهينديون،

اسان اُن مَرد مؤمن کي ڪَفن هرگز نه ڏينداسين!

مَري وينداسين پر پنهنجو وطن هرگز نه ڏينداسين!

سَوا ڪشمير جي آهي نه پاڪستان ڄڻ زنده،

رهڻ سِر کانسوا پنهنجو بَدن هرگز نه ڏينداسين،

مَري وينداسين پر پنهنجو وطن هرگز نه ڏينداسين!

وطن جي شان تان مرنداسين، دشمن کي مرڻ تائين،

اَسين اِيمان جي دولت ۽ ڌن هرگز نه ڏينداسين،

مَري وينداسين پر پنهنجو وطن هرگز نه ڏينداسين!

خزان ساڙيو ته غم ناهي مگر صيّاد سَکڻي کي،

اَسين هِن باغ جو هڪڙو به پَن هرگز نه ڏينداسين!

مَري وينداسين پر پنهنجو وطن هرگز نه ڏينداسين!

پُڄي رهنداسين دشمن! تنهنجي هر هڪ چالبازيءَ سان،

مسلمانن جي غيرت کي مرڻ هرگز نه ڏينداسين،

مَري وينداسين پر پنهنجو وطن هرگز نه ڏينداسين!

 

(142)

هَوا تي حاڪم حملي باز،

پاڪ وطن جا پاڪ سپاهي.

فتح ۽ نصرت جو آواز،

پاڪ وطن جا پاڪ سپاهي.

پاڪ وطن جي اَمن جو جَهنڊو،

دشمن جي ڄڻ اک ۾ ڪَنڊو،

خوب ٿا سمجهن اهڙو راز،

پاڪ وطن جا پاڪ سپاهي.

مسجد، مندر، گرجا گهر تي،

پاڪ وٿاڻ جي پاڪ پَڌر تي،

ڪندا نه آهن دست دراز،

پاڪ وطن جا پاڪ سپاهي.

وِڄ ٿي دشمن تي ٿا ڪڙڪن،

ڪافر ٿا سڀ ڪَنبن ۽ ٿڙڪن،

سڀن مَحاذن تي ممتاز،

پاڪ وطن جا پاڪ سپاهي.

صُبح اُنهن جو، شام اُنهن جي،

فتح هميشه عام اُنهن جي،

ڀَل ته شجاعت تي ڪن ناز،

پاڪ وطن جا پاڪ سپاهي.

دشمن اِيئَن، جيئَن جهنگ جي جِهرڪي،

پير وِين ميدان مان تِرڪي،

پُٺيان پين ڄڻ بَحري باز،

پاڪ وطن جا پاڪ سپاهي.

(143)

اڳتي قدم وڌايو، لاهور جا جوانو!

دشمن کي اَڄ ڀَڄايو، لاهور جا جوانو!

بابر جي فوج بنجي، راويءَ جي موج بنجي،

دشمن جو رَت وَهايو، لاهور جا جوانو!

چمڪيو نصيب آهي، منزل قريب آهي،

ڪجهه حوصلو هَلايو، لاهور جا جوانو!

دشمن جي آڳرائي، آهي اَواهن مِٽائي،

نغما خوشيءَ جا ڳايو، لاهور جا جوانو!

اي پاسبان وطن جا، اي رازدان وطن جا!

رَب جو اوهان تي سايو، لاهور جا جوانو!

فيروزپور کان اڳ تي، دشمن جي ديس دڳ تي،

جهنڊو هَلي جهُلايو، لاهور جا جوانو!

 

(144)

ڪئي للڪار جي دشمن، اسين پڻ تيز ٿينداسين،

وڄائي جنگ جي نوبت نه صلح آميز ٿينداسين.

اسان جي جوش کان دشمن گهڻو مرعوب ٿو ڏسجي،

صلاح الّدين ايوبيءَ کان وَڌ ٿو ڏسجي،

وطن جي لاءِ اَمريڪن، نڪي انگريز ٿينداسين.

ڪئي لَلڪار جي دشمن، اَسين پڻ تيز ٿينداسين.

بُتن جا گهر ڊَهي پوندا، ڪَٽا ڪافر اُٿي ڀَڄندا،

اُمالڪ غزنوي محمود جا نعرا وري گجندا،

جي وقت آيو هلاڪو، نادر و چنگيز ٿينداسين،

ڪئي لَلڪار جي دشمن، اَسين پڻ تيز ٿينداسين.

وَڍيندا هند ۾ غازي مجاهد، سُونڊ هاٿين جي،

هَڪل سان هاج لاهيندا پراڻن سومنا ٿين جي،

ڏڪائي جيڪا جبلن کي، اُها مهميز ٿينداسين،

ڪئي لَلڪار جي دشمن، اَسين پڻ تيز ٿينداسين.

ڪنداسين اڳ ۾ دشمن سان سوين وَهنوار جون ڳالهيون،

نه باز آيو ته پوءِ آهن، صفا پيڪار جون ڳالهيون،

نه هرگز اَمن جي واديءَ ۾ فتنه خيز ٿينداسين،

ڪئي لَلڪار جي دشمن، اَسين پڻ تيز ٿينداسين.

(145)

اُٿو اڳتي وَڌو، پُٺتي نه هَٽو،

ڪشمير هلو، ڪشمير هلو!

ڪشمير هلو، ڪشمير هلو!

هَلو غازين واري چال چَلو!

دشمن ڪيئَن ٿو ڏيئي سگهي؟

چوڌاري وطن پنهنجي کي وَلو،

لَلڪار اڳيان نِروار ٿيڻ،

لک وار وطن جو آههِ ڀلو،

لک وار وطن جو آههِ ڀلو،

ڪشمير هلو، ڪشمير هلو!

اُٿو اڳتي وڌو، پُٺتي نه هَٽو،

ڪشمير هلو، ڪشمير هلو!

پاڻ ۾ مانجهي مَرد مِڙيا،

ٿيو غازين جو گڏ آههِ ٽَلو،

ٻَڌو سِر سان ڪفن ۽ شهيد ٿيو،

وَڍو ڌَڙ کان بيدينن جو گلو،

وَڍو ڌَڙ کان بيدينن جو گلو،

ڪشمير هلو، ڪشمير هلو!

اُٿو اڳتي وڌو، پُٺتي نه هَٽو،

ڪشمير هلو، ڪشمير هلو!

ميندي لائي، سيج وسائي،

چيچ ۾ ڇو ٿو پائي ڇَلو؟

گهوٽ اُهو، جو شهيد ٿِئي،

ڪري رَت سان وطن جو سبز سَلو،

ڪري رَت سان وطن جو سبز سَلو،

ڪشمير هلو، ڪشمير هلو!

اُٿو اڳتي وڌو، پُٺتي نه هَٽو،

ڪشمير هلو، ڪشمير هلو!

(126)

لائون لَهندي سانِ، چوندي سانِ،

هليو هَل پاڪ مَحاذ تي،

الا سائين! هليو هَل پاڪ محاذ تي!

ڳاڙهــــــــــــــــــــــــــــا ڳانــــــــــــــــــــــــا ريشمي،

او ريشمي، اَلا ريشمــــــــــــــــــــــــــــــي،

جوڙي ٻَڌندي سانِ اَلا ريشمي،

هَليو هَل پاڪ محــــــــــــــــاذ تي،

الا سائين! هليو هَل پاڪ محاذ تي،

موڙ ته جانب گهــــــــــــــــــــــــــــــــوٽ جا،

او، گهوٽ جا، سهڻل گهوٽ جا،

ڇڪي ڇِندي سانِ، چوندي سان،

هَليو هَل پاڪ محـــــــــــــــــــاذ تي،

الا سائين! هليو هَل پاڪ محاذ تي،

ساه ۾ سانڍيل سوکڙيـــــــــــــــــــون،

او سوکڙيون، ساجن! سوکڙيون،

آڻي ڏيندي سانِ، چوندي سان،

هَليو هَل پاڪ محاذ تي،

الا سائين! هليو هَل پاڪ محاذ تي،

لَڄ ته لعل لطيـــــــــــــــــف جي،

شــــــــــــــــــاه لطيـــــــــــــــــــــــــف جـــــــــــــــــــــــي

گهـــــــــــــــــوٽ لطيــــــــــــــف جـــــــــــــــــــــي،

ويهي وِجهندي سان، چوندي سان،

هليو هَل پاڪ محاذ تي.

الا سائين! هليو هَل پاڪ محاذ تي،

(147)

مُجاهد اَسان جا، هجن ڀَل ته ٿورا،

ڍَڪي پاڪ وَرديون، ملائڪ به وِڙهندا!

مُسلمان جي دل ۾ ايمان آهي،

مَرڻ جو نه اُن کي ڪو اَرمان آهي،

ڀَلي رَت سان ڀَرجن ڍنڍون توڙي ڍورا،

ڍڪي پاڪ وَرديون، ملائڪ به وڙهندا!

اَسان لاءِ بيڪار دشمن جا دَڙڪا،

هجن ڀَل ته غيرن جا کِٽراڳ کَڙڪا،

ڀَلي رَت سان ڀَرجن ڍنڍون توڙي ڍورا،

وڃن ڀل ته سکڻا، ٺلها دُهل پورا،

ڍڪي پاڪ وَرديون، ملائڪ به وڙهندا!

جهجهو ڪافرن وٽ جي بارُود آهي،

مگر جنگ تن لاءِ بي سُود آهي،

ڀلا، ڇا ڪندا تن جا بيمار ڇورا،

ڍڪي پاڪ وَرديون، ملائڪ به وڙهندا!

وطن پاڪ پنهنجو سَدا پاڪ رهندو،

دغاباز دشمن کان بي باڪ رهندو،

ڪبا ڪافرن جا ڀتر وانگي ڀورا،

ڍڪي پاڪ وَرديون، ملائڪ به وڙهندا!

(148)

غازي مرد محمدؐ قاسم

پنهنجو هر هڪ پاڪستاني.

دهشت وارو ديبل ڊهندو

اَنڌ جو تخت اَروڙ نه رهندو،

اِيندي سنڌوءَ ۾ طغياني.

 

غازين جا روحاني رهبر،

شاه ڀٽائي، لعل قلندر،

غـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــوث بـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــهاؤالحق مـــــــــــــــــــــــــــــلتاني.

هر هڪ جذبو خوب اَسان جو،

صدر سَچو ايوب اسان جو،

همّت، جراءت ۾ لاثاني.

ڪُفر جو ڪارونڀار نه رهندو،

دُشمن جو آزار نه رهندو،

پاڪ وطن جي فتح نشاني.

جُنگ جوان هليا اڄ ڪاهي،

گنگا پوڙهيءَ ڏي ڄڻ آهي،

سنڌوءَ جي ٿي موج رَواني.

(149)

وه وا پنهنجي ديس جا،

مرد مجاهد مور، لا!

مرد مجاهد مور، لا،

سورهيه ۽ شه زور لا!

ٿيندا نه اهڙا سورهيه پيدا،

جنّ و ملائڪ جن تي شيدا،

حُورون وڃن ٿيون گهور، لا!

مرد مجاهد مور، لا!

”حيدر“ واري همّت جن ۾،

”خالد“ واري جُراءت جن ۾،

بيشڪ زابر زور، لا!

مرد مجاهد مور، لا!

شيرن جا اڄ عرش تي نعرا،

گِدڙ ٿا ڏسجن دُشمن سارا،

شاهي وِجهن ٿا شور، لا!

مرد مجاهد مور، لا!

ٽُڪر ٿا کائن جيڪي جَبل سان،

دُشمن ڪن ٿا هڪڙي هَڪل سان،

ڀِتر وانگي ڀور لا،

مرد مجاهد مور، لا!

مَڪرن ۾ جو ماهر ٿيندو،

ڪيسين لِڪندو؟ ظاهر ٿيندو،

دُشمن رهزن چور، لا!

مرد مجاهد مور، لا!

(150)

اُٿ مرد مجاهد غازي!

ڪر قوم جي سَر افرازي.

توکي دُشمن ڀَل لَلڪاري،

ڀَل موت جي واٽ نِهاري،

تون ته جَبل وِجهين ٿو ڏاري،

هَل کيڏ تون سِر جي بازي،

اُٿ مَرد مجاهد غازي!

اِهو سائو، جهنڊو پيارو،

اِهو دُشمن دِل جو ڪارو،

تون ته آهين نيڪ نمازي،

اُٿ مَرد مجاهد غازي!

سَهه دُشمن جون نه مَيارون،

ڪر ”خالد“ جون لَلڪارون،

هَڻ حيدر جون تلوارون،

تِکا ڊوڙن تنهنجا تازي،

اُٿ مَرد مجاهد غازي!

شل پَرور پَت جي رهائي،

اِسلام جو شان وَڌائي،

نئون رنگ وطن کي لائي،

رَب پاڪ اڳيان ڪر آزي،

اُٿ مَرد مجاهد غازي!

(151)

رَت ڏيئي لڳايو رنگ ادا!

پاڪ وطن کي پاڪ مُجاهد.

شان شهادت جو ٿا سُڃاڻن،

جنّت ۾ اَڄ مرد ٿا ماڻن،

سهجئون سيج پَلنگ ادا،

رَت ڏيئي لڳايون رنگ ادا!

جنگ جوانن کي ئي پُڪاري،

جِهڙو تِهڙو ڪين نِهاري،

اِيندا ڪي اَڙٻنگ ادا،

رَت ڏيئي لڳايو رنگ ادا!

کيڏ تون جوڌا جان جي بازي،

ڏَهن جو مَٽ هِڪ مُسلم غازي،

ڀَل نه هجي ڪو تفنگ ادا!

رَت ڏيئي لڳايون رنگ ادا!

شينهن ٿي گِدڙن کي لَلڪاريو،

جوشِ جهاد جون باهيون ٻاريو،

پَچن ڀلي ڪي پَتنگ ادا،

رَت ڏيئي لڳايون رنگ ادا!

(152)

پياري پاڪ وطن تان،

غازي! ٿي تون فِدا،

غازي! ٿي تون فِدا،

آهي سِر جي صَدا،

پــــــــــــــــــــــياري پـــــــــــــــــــــــــــــــــاڪ ……

سورهيه ڪن ٿا ديس لئي،

سِر کان ساه جدا،

دَم الاهــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي اَلا!

پـــــــــــــــــــــــــــــــــــــياري پـــــــــــــــــــــــــــــــــــاڪ ……

پاڪ وطن جي شهيد تي،

راضــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي آههِ خدا،

دَم الاهــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي اَلا!

پـــــــــــــــــــــــــــــــــــــياري پـــــــــــــــــــــــــــــــــــاڪ ……

مؤمن آڏو بادشاه،

آهن در جا گــــــــــــــــــــــــــدا،

دَم الاهــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي اَلا!

پـــــــــــــــــــــــــــــــــــــياري پـــــــــــــــــــــــــــــــــــاڪ ……

شان نه آهي مَرد جو،

نخـــــــــــــــــرا نـــــــــــــــــــــــــــــــــازو ادا،

دَم الاهــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي اَلا!

پـــــــــــــــــــــــــــــــــــــياري پـــــــــــــــــــــــــــــــــــاڪ ……

رک تون وطن جي چاه ۾،

سِيـــــــــــــــــــنو صــــــــــــــــــاف ســــــدا،

دَم الاهــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي اَلا!

پـــــــــــــــــــــــــــــــــــــياري پـــــــــــــــــــــــــــــــــــاڪ ……

(153)

جنگ جا دَرَ تي دُهل وڄن ٿا،

پنهنجو پاڪ وطن ٿو پُڪاري،

غازي سِر سان ڪفن ٻَڌن ٿا،

جنگ جا دَرَ تي دُهل وڄن ٿا.

قوم جي در فراق ۾ غازي،

پنهنجي روايت ڪن ٿا تازي،

ڪن ٿا ياد اڳوڻا جذبا،

دونهان دل ۾ روز دُکن ٿا،

جنگ جا دَر تي دُهل وڄن ٿا.

 

مُوذين جا سِر لاهي ڇڏجن،

باطل جا بُت ڊاهي ڇڏجن،

غزنيءَ جا محمود! وَري اڄ،

پلپل تنهنجا پُور پَون ٿا،

جنگ جا دَر تي دُهل وڄن ٿا.

حَق تي مرڻ عبادت ڄاڻو،

عين حيات شهادت ڄاڻو،

سبق حُسين ڏِنو هي اسان کي

ياد ۾ جنهن جي نيڻ ٽمن ٿا،

جنگ جا دَر تي دُهل وڄن ٿا.

شال هجي آزادي قائم،

مُلڪ سَندي آبادي قائم،

قوم جي روشن شمعِ اِهائي،

لک پروانا جنهن تي پچن ٿا،

جنگ جا دَر تي دُهل وڄن ٿا.

(154)

پاڪ وطن جي ساري،

اِجها دُشمن بازي هاري.

دُشمن رُئندو رَت جا ڳوڙها،

توبهه توبهه زاري،

اِجها دُشمن بازي هاري …

جنگ ڪرڻ آهي ڪَم نه ڪَچن جو،

بار کڻن ٿا باري،

اِجها دُشمن بازي هاري …

سي ڪيئَن هارن؟ جن سان آهي،

سيّد جي سالاري.

اِجها دُشمن بازي هاري …

جيڪي جهاد کان مُنهن ٿا موڙن،

ڪن ٿا قيامت ڪاري،

اِجها دُشمن بازي هاري …

ديس جي ٻانهي، ديس جي گولي،

پاند ڳچيءَ، ڳل ڳاري،

اِجها دُشمن بازي هاري …

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org