سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :36

 

 (40)

منهنجي سڄڻ کي ساري، منهنجا سَلام چئجو.

منهنجو پيار ٿو پُڪاري، منهنجا سَلام چئجو.

هـــــــــــٿڙا ٻَـــــــــــڌان ٿــــــــــــــــــي ٻانـــــــــــــــهون،

دل مـــــــــــــــان ڪــــــــــــــڍان ٿـــــــــــــي آهــــــــــون،

فرقت جي باه ٻاري، منهنجا سَلام چئجو.

دلــــــــــدار کـــــــــــــان جُــــــــــــــــــــدا ٿــــــــــــــي،

اَڄ ٿــــــــــــــي هَــــــــــــــــــــلان، هَـــــــــــوا ٿــــــــي.

قسمت ملي قطاري، منهنجا سلام چئجو.

ڪـــــــــانگا! وڃــــــــــــــــــــــــــــو اُڏامــــــــــــــــــــــــي،

او پــــــــــــــــــــــيار جـــــــــــــــــــا پَــــــــــــــــــــــــيامي،

دِلبر متان وِساري، منهنجا سَلام چئجو!

ٿـــــــــــــــڌڙيون مِـــــــــــــــــــــٺڙيون هـــــــــــــــــــوائون،

دل جـــــــــــــــــــــــون ٻُـــــــــــــــڌو صــــــــــــدائون،

خوشبو اڱڻ تي هاري، منهنجا سلام چئجو.

بـــــــــــادل وَســـــــــــــــــــو سَـــــــــــــڄڻ تــــــــــــي،

مــــــــــــــــحبوب جــــــــــــــــي اڱــــــــــــڻ تــــــــــي،

اکڙين سان دَر ٻُهاري، منهنجا سلام چئجو.

او چــــــــــــــــــــنڊ او ســــــــــــــــــــــــــــتارا،

او رات جـــــــــــــــــــــــــــــــا نـــــــــــــــــظارا،

سُهڻو سڄڻ سَنڀاري، منهنجا سَلام چئجو.

قـــــــــــــدمن تـــــــــــي ســـــــــــر جـــــــــــــهُڪائي،

چــــــــــــــــادر ڳـــــــــــــچيءَ ۾ پـــــــــــــــائي،

نئڙت منجهان نهاري، منهنجا سلام چئجو.

نــــــــــــاچيز هــــــــــــــــــــيءَ نــــــــــــــــــماڻي،

مـــــــــــــــحبوب وٽ وڪـــــــــــــــــــــاڻي،

رت جون هنجون ٿي هاري، منهنجا سلام چئجو.

غــــــــــــــــــم جــــــــــــــو غبـــــــــــــــــــــــــار آهـــــــــــي،

دل بيـــــــــــــــــــــقرار آهـــــــــــــــــــــي،

دل کي ٿو درد ماري، منهنجا سلام چئجو.

ناشـــــــــــــــــاد ســـــــــــــــــڀ نــــــــــــــــــــظارا،

ارمـــــــــــــــــــــان ۾ اشـــــــــــــــــــــــــــارا،

نظرون کڻي نهاري منهنجا سلام چئجو.

(41)

منهنجا پيارا مُسافر مون کي نه وڃ وساري.

دل جي پُڪار آهي، هِڪوار ڏِس نِهاري،

مان تنهنجي عاشقيءَ جو، هڪ يادگار آهيان،

قربن جي قافلي جو، گردوغبار آهيان،

منهنجي قدم قدم تي، قسمت ٿي باه ٻاري،

صَحرا ۾ راس آيون، مون کي گرم هوائون،

منهنجو ئي درد توسان، بَنجي هَليو دعائون،

شادي سڄڻ مبارڪ، مون کي ته غم ٿو ڳاري،

منهنجا پيارا مُسافر، مون کي نه وڃ وساري.

اکڙين کان دُور آهن، اَڄ پيار جا نظارا،

مون کان خفا ٿا ڏسجن، محبوب جا سَهارا،

دِلڙي ڪري ٿي دانهون، دلدار کي پُڪاري،

منهنجا پيارا مُسافر، مون کي نه وڃ وساري.

مجبور ٿو گذاريان، رَنجور ٿو گذاريان،

او دوست تنهنجي دَر تان، ڇو دُور ٿو گذاريان،

هِن منهنجي بيڪسيءَ تي، بادل هنجون ٿو هاري،

منهنجا پيارا مُسافر، مون کي نه وڃ وساري.

اَرمان رَقص ڪن ٿا، رڳ رڳ ۾ جوش آهي،

تو کان بغير دلبر! هرگز نه هوش آهي،

مون کي سَڄو زمانو، ديوانو ٿو پُڪاري،

منهنجا پيارا مُسافر، مون کي نه وڃ وساري.

(42)

ڪُنڍڙيون اکيون!، اکڙيون ٿو اٽڪائين،

سُهڻا سائين، جئين سدائين، ڇو ٿو شرمائين؟

جانب، جوڙ اکين ۾ جايون،

ڀُورل، مُون سان ڪَر تون ڀَلايون،

پيچ دلين جا پَرچي پائين.

منهنجن ديدن ۾ هڪ جادو،

دل ۾ باغ بَهاريون،

گهُورن سان ٿي گهايان سڀ کي،

باه وڃان ٿي ٻاريون،

سڪ مان سيني ساڻ لڳائين.

مُند مستاني، هاءِ جواني!

گيت خوشيءِ جا ڳايان،

دل جي ڇانوَ ۾ ويهه تون پيارا!

تو سان رُوح ريجهايان،

توتان صدقي! نينهن نڀائين.

(43)

نُور نبيءَ جو تو ۾ سدائي،

ڪر ڪا ڀلائي، گهوٽ ڀٽائي،

تنهنجي مِٽيءَ جو مانُ مٿاهون،

سِر ٿو جهُڪائي، عرش اُٿاهون،

تنهنجو رسالو حَق جي وائي،

ڪر ڪا ڀلائي گهوٽ ڀٽائي،

تو جهڙو ڪو گهوٽ نه آهي،

لُطف جي تو وٽ کوٽ نه آهي،

عدل نه ڇٽندس، ميٽ مَدائي،

ڪر ڪا ڀلائي، ڀيڄ ڀٽائي.

(44)

صدقي صدقي لال قلندر، جهولي جهولي لال قلندر،

سيوهڻ جا شهباز قلندر، سنڌڙيءَ جا سردار قلندر،

جهولي خالي، آهيان سوالي،

وارث والي، رُتبو عالي،

ڏيهن جا ڏاتار قلندر!

مَست قلندر، تنهنجو نعرو،

سِڪ وارن کي تنهنجو سهارو،

عالم جا آڌار قلندر!

جڳ جي آس پُڄائڻ وارا.

بِگڙيل بات بنائڻ وارا،

ٻيڙو ڪر تون پار قلندر!

سنڌڙيءَ جا سردار قلندر!

دمادم مَست قلندر، سخي شهباز قلندر،

دمادم مَست قلندر، قلندر مَست قلندر،

(45)

جيئي شاهه نوراني، جيئي شاهه نوراني،

عليءَ جي نشاني، موليٰ عليءَ جي نشاني،

جيئي شاهه، جبل ۾ شاه.

تون ئي شاهه بلاول، تون سيد سڳورو،

حَسن ۽ حُسينڻ جو تو وٽ هِندورو،

تون لاهوت وارو، تون ئي لامڪاني.

جيئي شاهه، جبل ۾ شاهه.

عليءَ جي سواري به آئي جبل ۾،

۽ آيا قلندر، ڀٽائي جبل ۾،

بيبيءَ فاطمه جي، تو وٽ مهرباني،

ڪرين مهرباني ڪرين مهرباني،

جيئي شاهه، جبل ۾ شاهه.


 

(46)

ڇلو نَو نَو ويهان، ڇَلو نَو نَو ويهان،

چڪي ويٺي پيهان، ڪريان ڪوڪان ڪينهان،

اُڏر وڃ تون ڳيرا، وَسن دل جا ديرا.

ڇَلو ڏِس مُلتاني، ڇَلو ڏس مُلتاني،

پچي پَلو ماني، کِلي کايون آني،

اُڏر وڃ تون جهرڪي، سڄڻ ايندو مرڪي.

ڇَلو پائي راڻي، ڇَلو پائي راڻي،

مکڻ ڪڍ مانڌاڻي، پِيون لَسي پاڻي،

اُڏر وڃ تون ڪانگا، سڄڻ جوڙي سانگا.

ڇَلو ڇم ڇم پايان، ڇَلو ڇِم ڇِم پايان.

رلهيون ويٺي ٺاهيان، سَڄڻ لئهِ وڇايان،

اُڏر وڃ تون ڪونجان، لهن مَن جا مونجهان.

(47)

منهنجي پيارل جو، سُهڻي ساجن جو،

ٻيڙو پار ڪرين، موليٰ پار ڪرين.

منهنجا مُحب مِٺا منٺار سڄڻ،

مُنهنجا جانب جلوي دار سڄڻ،

مون کي دل کان نه ڪر تون ڌار سڄڻ،

جيڏي آس اٿم، اوڏو پيار ڪرين، ٻيڙو پار ڪرين.

تنهنجي اکڙين ۾، مان پيار ڏِسان،

تنهنجي ديدن ۾، ديدار ڏسان،

تنهنجي اُلفت جا آثار ڏسان،

منهنجي دل جو چمن گلزار ڪرين، ٻيڙو پار ڪرين.

سِر ساه سڄڻ قربان ڪريان،

نه ڪو جيئَڻ جو اَرمان ڪريان،

سَو وار فِدا تو تان جان ڪريان،

منهنجي پيار جو تون اقرار ڪرين، ٻيڙو پار ڪرين.

توکي ساريان روز سنڀاريان،

تنهنجون ڳالهيون ڪين وساريان،

نيڻ وڇائي واٽ نهاريان،

دل کان سِگهو آزار ڪرين، ٻيڙو پار ڪرين.

(48)

راحت ملي ٿي درد ۾، مان پيار تان صدقي.

دلدار غم عطا ڪيو، دلدار تان صدقي.

دل ۾ وَسايو آههِ مون، ڌرتي جي چنڊ کي،

جانب جو جلوو هر گهڙي، ديدار تان صدقي.

اکڙين ڏٺا فلڪ تي سوين ڪهڪشان جا رنگ،

رنگت سموري سونهن جي سَردار تان صدقي.

قربان سڀ جهان سڄڻ تنهنجي عشق تي،

هيءَ زندگي به حُسن جي سَرڪار تان صدقي.

هِجر و فراق و غم جون ويون گذري منزلون،

هر شيءِ ۾ تون ئي جلوه گر، ديدار تان صدقي.

هاڻي ضرور ناههِ ڪو، گل جو بهار جو،

گلزارِ حُسن و عشق جي هر خار تان صدقي.

 

(49)

اَچو سُرهي سيج وِڇايون اَلا،

پنهنجي پياريءَ کي پَرڻايون اَلا،

سُهڻي سَڄڻيءَ کي سَرچايون اَلا.

جهُمريون پايون رنگ رچايون اَلا،

اَچو ڇير ٻَڌي، ڇمڪايون اَلا،

عَرش تي گونجن گيت خوشيءَ جا،

دُهل وَڄن شَرنايون اَلا،

پنهنجي پياريءَ کي پَرڻايون اَلا.

مينڍيون کوليون، سينڌ سَنواريون اَلا،

اَچو وار وَنيءَ جا ڳُنڌايون اَلا،

لال ڪُنوار کي ميندي لايون،

ڀينر لک واڌايون اَلا،

پنهنجي پياريءَ کي پَرڻايون اَلا.

ناز جي نَٿ، قربن جون ڪڙيون.

اَچو پيار جا پَنڙا پايون اَلا،

جيجل ماءُ جو مَنڙو نچي،

نَچو ڀينر ۽ ڀاڄايون اَلا،

پنهنجي پياريءَ کي پرڻايون اَلا،

گُل ڦل، موتي، ماڻڪ ميڙي.

هارَ وَنيءَ کي پايون اَلا،

ڪُونج وَلرَ کان وِڇڙي ويندي،

ٿينديون جَلد جُدايون اَلا.

پنهنجي پياريءَ کي پَرڻايون الا.

گهوٽ مٿان لک گهورون گهوريون،

دُهل وڄن شرنايون اَلا،

اکيون اَدل جون، ٻرن مشالان،

اُچو ڪجلو جوڙ بَنايون اَلا،

پنهنجي پيارل کي پَرڻايون اَلا.

(50)

تنهنجي اڱڻ تي آيا، او آيا.

آيا آيا ڏينهن خوشيءَ جا آيا.

سُهڻل! توکي لک واڌايون.

دِل جون مُرادون، موليٰ پُڄايون،

ننڍي وَڏي سان تنهنجون ڀَلايون،

موليٰ عَجب رنگ لايا.

آيا آيا ڏينهن خوشيءَ جا آيا.

پيارل! توتي جَڳ مَتوالو،

هَر جا تنهنجي نِينهن جو نالو،

مِهر وَفا جو تون رَکوالو،

توتي سائينءَ جا سايا.

آيا آيا ڏينهن خوشيءَ جا آيا.

(51)

گيت ڳايون، رنگ لايون، سَڀ سَڻايون اَلا!

ڏک جا ڏِينهن ويا، سُک جا سانگ ٿيا،

سَــــــــــــــــــــــــــرتيون ڪـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــن سيـــــــــــــــــــــــــــنگار.

گهوٽ جي هيٺام تازي گهوڙا،

تَن تي سُونهن ريشمي جوڙا،

دل جا درد لَهن، سڪ ڇِمڪار.

گهر گهر آهِن گل گلزاريون

دِل کي ڏئي ٿو اَڄ دِلداريون،

بَنر دِل جو ڌڻي، صورت صاف گهڻي،

اکــــــــــــــــــــــــــــڙيون ميــــــــــــــــــــــــــــــــنگهه مَــــــــــــــــــلهار.

(52)

هو جمالو، هو جمالو،

هو منهنجو کٽي آيو خير سان هو جمالو،

هو جمالو، وَه وا جمالو،

هو منهنجو جمالو جَتن سان، هو جمالو.

آءٌ فقير گولي اَلا، آءٌ غريب ٻانهي اَلا،

سون سَندو ڇَلڙو، هيءَ ٻانهياري گولي اَلا،

تنهنجا ڀاڳ ڀَريا پيرِ لا، هو جمالو،

جيڏنهن پير تيڏهن خير لا، هو جمالو،

هو منهنجو جمالو جَتن سان، هو جمالو،

سُهڻي سُواري تنهنجي اَلا، دِل سان دعا هيءَ مُنهنجي اَلا!

مِهر ڀَريي مِهراڻ ۾، سائين ڪندو سُڪار اَلا!

جيئي گهوٽ اَڻ موٽ لا، هو جمالو،

جنهن جا قُربن وارا ڪوٽ لا، هو جمالو،

هو منهنجو جمالو جَتن سان، هو جمالو.


 

(53)

ڇَم ڇَم ڇَم ڇَم گهنگهرو وَڄن ٿا.

دِل ۾ خوشيءَ جا دُهل وَڄن.

ڍولا! شادي هيءَ توکي مبارڪ.

اَڄ شرنايون سِهرا ڳائن،

ميل ميلاپ جا رنگ رَچائِن،

اُلفت جا نَوان راڳ ٺهن، ڍولا! شادي ...

تون پيارو، تنهنجا دوست به پيارا،

چَنڊ سان گڏ جيئن چمڪن تارا،

تنهنجي سِر تي موڙ لُڏن، ڍولا! شادي ...

لال ونيءَ کي سَرتين سينگاريو،

عطر عَنبير سان خوش ٿي سَنواريو،

سَرتيون توتان صدقي وڃن، ڍولا! شادي ...

سُهڻي شادي ري توکي مُبارڪ.

رنگ بهار جو هر جا چمن ۾،

خير خوشيءَ جون موجون من ۾،

ٻن دلڙين جا ميل ٿين، ڍولا! .... شادي ...

باغ بهاريون. رُت ديواني،

پاڻ ۾ ملندا، حُسن جواني،

اکڙيون اکڙين ساڻ ملن، ڍولا! ... شادي ...

(54)

دِلدار سَڄڻ دِل کي تو ديوانو بَنايو.

دُنيا ته اِنهيءَ راز کي اَفسانو بنايو.

تو دِل کي ڪيو نُور جي جَلوي سان مُنور،

هِن حُسن تي مُون پاڻ کي پَروانو بَنايو.

مان زنده گذاريان ٿو فقط پيار جي خاطِر،

سِر ساهَ کي دِلبر جو مون نذرانو بَنايو.

جنهن وقت نگاهن سان مليون تنهنجون نگاهون،

دل پنهنجي کي مون پاڻ ئي بيگانو بنايو.

هن باغ جي هر گل مان هي آواز اچي ٿو،

محبوب! تو من منهنجي کي مستانو بنايو.

هن غم جي انڌيري ۾ ڏيا پيار جا روشن،

دل کي مون رخِ يار جو پروانو بنايو.

(55)

ماري ڇَڏيو، تنهنجي پيار لا.

ٻيڙو تنهنجو پار ٿيندو.

هوندين باغ بَهار لا.

ٻيڙو تنهنجو پار ٿيندو.

تو کان سَوا نه بَهار ۾ کِلبو،

چانڊوڪيءَ سان چاه نه رکبو،

تون ئي هِنئين جو هار لا،

ٻيڙو تنهنجو پار ٿيندو.

سِڪَ جي سِيجَ تي بادل ڇايا،

بي موسم جا مِينهن وَسايا،

موٽ سِگهو مَنٺار لا،

ٻيڙو تنهنجو پار ٿيندو.

(56)

دوست نه ڏي آزار تون.

ٻيڙو تنهنجو پار ٿيندو.

مُحب مِٺا منٺار تون.

ٻيڙو تنهنجو پار ٿيندو.

توئي چيو هو، گڏ رهنداسين،

گڏ جيئَنداسين، گڏ مَرنداسين،

وعدو ڪري نه وسار تون،

ٻيڙو تنهنجو پار ٿيندو.

تنهنجي خوشيءَ ۾ خوش ٿا گذاريون،

حُڪم تنهنجي تي جان ٿا واريون،

دل کان نه ڪر مون کي ڌار تون،

ٻيڙو تنهنجو پار ٿيندو.

تنهنجون ڳالهيون ڪين وساريان،

نيڻ وڇائي، واٽ نِهاريان،

سُهڻل موڙ مَهار تون،

ٻيڙو تنهنجو پار ٿيندو.

(57)

بي سبب بي خطا، آشيان منهنجو لُٽجي ويو؟

اي سڄڻ تون ڪٿي؟ گلستان منهنجو لٽجي ويو.

درد جي راه ۾ دوست مِٺا،

سِر تي سَٺا، مون جور و جَفا،

راز دان منهنجو لُٽجي ويو.

ننڍپڻ جي نِشاني نه رهي،

اَشڪن ۾ رواني نه رهي،

هر نشان منهنجو لُٽجي ويو.

دل تي هزارين حڪم ڪري،

محبوب نه وڃ اکڙين کان پَري،

حڪمران منهنجو لُٽجي ويو.

(58)

فرياد خدا، فرياد خدا.

مجبور ڪيو مون کي دل جي صدا.

فرياد خدا، فرياد خدا.

گلشن ۾ سِتم ايجاد ٿيا،

بلبل تي لکين بيداد ٿيا،

صَياد جو ڪم آهي جور و جفا،

فرياد جا گهمن ٿا يار هِتي،

مطلب جا گهمن ٿا يار هِتي،

مطلب جا وڇايل ڄار هتي،

دُنيا کي لڳي مطلب جي هوا،

فرياد خدا، فرياد خدا.

منهنجو ڏينهن بَدلجي رات بَڻيو،

منهنجي لاش مٿان محلات بڻيو،

برباد ٿي منهنجي مِهر وفا،

فرياد خدا، فرياد خدا.

ڪنهن جي پيار جو گهر برباد ٿيو،

ڪنهن کي قيد ڪري، ڪو شاد ٿيو،

اِها ڪهڙي سزا؟ منهنجي ڪهڙي خطا،

فرياد خدا، فرياد خدا.

ڪنهن جو وعدو خالي خواب ڏٺم،

گلزارِ وفا کي سراب ڏٺم،

هڪ دل سان ٺڳي، ٻي دل سان دغا،

فرياد خدا، فرياد خدا.

(59)

جيئي شاه جبل ۾، جيئي شاه جَبل ۾.

محمد جي صدقي، ٿي حَامي هَڪل ۾.

جيئي شاه، جبل ۾ شاهه.

ڏِنو دين خاطر، تو سِر ساه جاني،

تون ئي شه بِلاول، تون ئي شَه نوراني،

ڪيو ديوَ گوڪل کي قابُو تو پَل ۾،

جيئي شاه جبل ۾ جيئي شاه جبل ۾،

جيئي شاه، جبل ۾ شاه.

تُون ئي فاطمه جو لِڪل لال آهين،

عليءَ جي نشاني ۽ لَڄپال آهين،

حُسين ۽ حَسن جي نظر تو پُنهل ۾،

جيئي شاه جَبل ۾، جيئي شاه جبل ۾،

جيئي شاه، جبل ۾ شاه.

هَلي آيو تو وٽ ڀٽائي ڀَلارو،

۽ خواجه به آيو هو، اجمير وارو،

قلندر جي آمد به تنهنجي مَحَل ۾،

جيئي شاه جَبل ۾، جيئي شاه جَبل ۾.

جيئي شاه، جبل ۾ شاه.

جبل ۾ سَوا لک ولين جو ٽولو،

حُسيني هندورو، عليءَ جو کٽولو،

شهنشاهِ لاهوت تون ئي ازل ۾،

جيئي شاه جبل ۾، جيئي شاه جبل ۾،

جيئي شاه، جبل ۾ شاه.

(60)

آيا آيا بادل آيا، ساوڻ جي رُت آئي،

آئي آئي ساوڻ جي رُت آئي.

اِهو راز دل جو مان ڪنهن کي ٻُڌايان

ڪِٿي اکڙيون اَڙيون، ويون غم جو گهڙيون،

ڪنهن سان دلڙي لائي، ساوڻ جي رُت آئي.

سَتايل کي ويتر نه سَرتيون سَتايو،

اِهو راز ڳجُهو، نڪي مون کان پُڇو،

منهنجي دل گهٻرائي، ساوڻ جي رُت آئي،

اَچو ته گڏجي، پينگهون پايون.

ڀَلي رنگ رَچن، پکي لات لَنون،

موليٰ آس پُڄائي، ساوڻ جي رُت آئي.

اِها پوک پياري، پرين جو پَسينو.

اِها مَست هَوا، دُکي دل جي صدا،

ڪوئل ڪُوڪ ٻُڌائي، ساوڻ جي رُت آئي.

(61)

گهوٽ ٿيو آهي يار اسان جو.

آيو آيو هو آيو آيو خوشيءَ جو ويلو.

گهوٽ ٿيو آهي يار اسان جو.

ياد اچن ٿا مونکي اباڻا،

جيئرا هُجن ها ته شادي ڪريون ها،

خيال ڪريو يارو سنهڙي جو الا،

گهوٽ ٿيو آهي يار اسان جو.

جاني ٿيو آهي منهنجو پرايو،

تنهن سان اسان دوست وڃايو،

خيال ڪريو يارو سنهڙي جو الا،

گهوٽ ٿيو آهي يار اسان جو.

(62)

منهنجا جاني، تنهنجو جلوو جا بَجا.

مان فِدا، دُنيا فِدا هر شيءِ فِدا.

حُسن تنهنجو چنڊ جي چانڊاڻ ۾،

تنهنجي رنگت لعل جي لالاڻ ۾،

تنهنجو مَظهر باه ۽ پاڻي هوا،

منهنجا جاني، تنهنجو جلوو جا بجا.

مالڪ و معبود تون، مقصود تون،

هادي و رهبر ۽ حَق موجود تون،

عشق جو سجدو سڄڻ، توکي روا،

منهنجا جاني، تنهنجو جلوو جا بجا.

(63)

سڄڻ بره تنهنجي ۾ بيشڪ بهاري،

قدم بوس آهي ڪلي قرب واري،

ڏسي باغ ۾ تنهنجو جوڀن جواني،

هوا ساز ڇيڙي ۽ گلڙا نچن ٿا،

محبت جا ميلا هميشه هجن ٿا.

جي هڪ پلڪ ٿيندين پري مون کان پيارا،

اکين هوندي ڏسبا نه جڳ جا نظارا،

ملڻ جي تو مون سان ڪئي مهرباني،

سڄڻ تنهنجي صورت ڪي پيارا پسن ٿا،

محبت جا ميلا هميشه هجن ٿا.

محبت ۾ هرگز نه آزار آهي،

اهو درد دُنيا جو سينگار آهي،

مِلي درد مندن کي ٿي زندگاني،

جي بيدرد آهن، اُهيئي مرن ٿا،

محبت جا ميلا هميشه هجن ٿا.

پرين! تنهنجو منهنجو هيءُ اقرار رهندو،

مرڻ تائين هر هڪ وفادار رهندو،

جڏهن نينهن وارا ڇڏن ٿا نشاني،

اهي رات ۽ ڏينهن شاهد رهن ٿا،

محبت جا ميلا هميشه هجن ٿا.

زماني ۾ ظاهر، ڪُٺل قرب وارا،

اکين ۾ اسان جي، نيارا نظارا،

تون سهڻو سڀن کان نه تنهنجو ڪو ثاني،

اهي چنڊ تارا، لڄي ٿي لڪن ٿا،

محبت جا ميلا هميشه هجن ٿا.

(64)

ڪانگل ’قرب ڪري. ڪر تون ڳالهه کَري

محبوب ڪڏهن اِيندو مُون ڏي وَري؟

ساري سُهڻل کي تون سَلام چوين

سَو سَو عرض ڪرين، رَب جو نام چوين

پيارا پير چُمي هي پيغام چوين

موٽي اچ تون مِٺل، وينديس مُحب مَري

ڪانگل قرب ڪري ...

پنهنجي اکڙين کان مون کي دُور نه ڪر

منهنجي دل ۾ نئون ناسُور نه ڪر

مون کي فرقت ۾ مجبور نه ڪر

دل مان دانهن ڪڍان، متان دَرد ڀَري

ڪانگل قرب ڪري ...

منهنجي دل جي خوشي وئين ساڻ کڻي

راضي ڇو نه رهان، جيڪا رَب کي وَڻي

پويون ساه اَٿم، اَچ دِل جا ڌڻي!

تنهنجي درشن سان، کُلي دِل جي دَري

ڪانگل قرب ڪري ...

 

(65)

منهنجو پيار سدا آباد رهي،

منهنجي دل ۾ سڄڻ تنهنجي ياد رهي،

هن گلشن ۾ تو گل سان ملان،

تنهنجي بلبل ٿي مٺي لات لنوان،

دل درد کان آزاد رهي،

منهنجو پيار سدا آباد رهي.

تنهنجو جلوو ڏسي منهنجا نيڻ ٺرن،

تنهنجي پيار جا بادل روز وسن،

تنهنجي ديدن سان دل شاد رهي،

منهنجو پيار سدا آباد رهي.

چنڊ شاهد بنجي، پيار ڪيون،

نوان عشق جا ڪي قرار ڪريون،

تنهنجو وعدو مٺل توکي ياد رهي،

منهنجو پيار سدا آباد رهي.

(66)

دل کي پيارا عجب نظارا، وه وا عيد مبارڪ جا.

وه وا عيد مبارڪ جا، وه وا عيد مبارڪ جا.

ديس هلي پرديسي آيا، موليٰ وڇڙيل محب ملايا،

سڪندي ساه لڌا هي سهارا، وه وا عيد مبارڪ جا.

چنڊ ڏٺو ڄڻ قسمت جاڳي، اُجلي ٿي تقدير نڀاڳي،

چمڪيا نصيب جا تارا، وه وا عيد مبارڪ جا.

ڏس تون هر جا باغ بهاريون، دل جي چمن ۾ گل گلزاريون،

سڪ جا صاف سُڌارا، وه وا عيد مبارڪ جا.

(67)

سرهه جا گل نزاڪت سان، ڇنن پييون سندر ناريون،

ڪنن ۾ تن جي ڏس جهومڪ، ٽِلن پييون ٽلڻ واريون!

بنايائون محبت مان، عجب سينگار زُلفن جو،

وڻيون آهن سندن دل کي، اهي گلڙن سنديون ٽاريون!

عجب آهن سُنهري رنگ جي تارُن ڀريل ،کڙيون،

چُمن ڀونرا پيا تن کي، ڏيئي هڪ ٻئي کي دلداريون!

(68)

هَلائي ٿو هادي، پرين پاڻ آهي،

قلندر اَسان سان سدا ساڻ آهي.

ٺڳي ۽ ڀڳيءَ جا نٿا ٺاهه ٺاهيون،

اسين دادلا پنهنجي داتا جا آهيون،

نه ظالم زماني جي ڪا ڪاڻ آهي،

قلندر اَسان سان سَدا ساڻ آهي،

ڪرم سان ٿو مونکي قلندر هلائي،

نه مغرور دُنيا اڳيان ٿو جهُڪائي،

هلائي ٿو هادي پرين پاڻ آهي،

قلندر اَسان سان سَدا ساڻ آهي،

(69)

سهڻي سنڌڙيءَ تان صدقي،

جنهن ۾ لعل قلندر آيو.

آيو مرشد لالڻ آيو.

تون ئي قلندر قربن وارو،

موليٰ عليءَ جو تو ۾ نظارو،

تو مِهر جو مِينهن وَسايو،

لعل قلندر آيو، مرشد لائڻ آيو.

ڳالهه اِها تنهنجي راز جي آهي،

سنڌڙي تو شهباز جي آهي،

تو سنڌڙيءَ کي سَجايو،

لعل قلندر آيو، مرشد لائڻ آيو.

تنهنجي صدقي لعل قلندر!

ماءُ کي پُٽڙا بخشيا پَرور،

ڀيڻ کي ڀاءُ مِلايو،

لعل قلندر آيو، مرشد لائڻ آيو.

(70)

لال منهنجو لڄپال، جهولي لالڻ،

موليٰ عليءَ جو لال قلندر،

مرشد مَست قلندر، سخي شهباز قلندر.

دمادم مَست قلندر، سخي شهباز قلندر،

حق جو هادي مست قلندر،

حيدر، حيدر دَم اندر،

تنهنجي سخا جو عرش تي لنگر،

ڪر ڪي ڀَلايون ڀال، جهولي لالڻ،

موليٰ عليءَ جو لال قلندر،

بيشڪ لالون لال قلندر.

دمادم مَست قلندر، سخي شهباز قلندر.

شمسِ هدايت نُور نبي تون،

رُتبي ۾ شهباز ولي تون،

آلِ نبي، اولادِ علي تون،

کير تي گل جي مثال، جهولي لالڻ،

موليٰ عليءَ جو لال قلندر،

بيشڪ لالون لال قلندر.

دمادم مَست قلندر، سخي شهباز قلندر.

تون ئي قلندر لال اڪيلو،

تنهنجي ڪرم جو وقت نه ويلو،

وڇڙين جو تنهنجي در تي ميلو،

سُڻ تون اسان جو سوال، جهولي لالڻ،

موليٰ عليءَ جو لال قلندر،

بيشڪ لالون لال قلندر.

دمادم مَست قلندر، سخي شهباز قلندر.

(71)

دمادم مَست، مَست و مَست شهباز.

سَخي قادر قلندر مَست شهباز

مَدد ڪر يا لکي لکپال شهباز،

علي مشڪل ڪشا جي آل شهباز،

اچي حامي ٿي لعلون لال شهباز،

زمانو آههِ بلڪل سخت شهباز،

سَخي قادر قلندر مَست شهباز.

قَلندر ڪُل زماني ۾ اَڍائي،

سڀن جي سنڌڙي توئي وَسائي،

ڀَلارا ڪر وري پنهنجي ڀَلائي،

اچي موٽي خوشيءَ جو وقت شهباز،

سَخي قادر قلندر مَست شهباز.

چون ٿا سِنڌڙي شهباز واري،

ڪريون توکي نه ڇو فرياد زاري،

وَري ڪا آڻ باغن ۾ بهاري،

تون بيواهن جو آهين بخت شهباز،

سَخي قادر قلندر مَست شهباز.

(72)

مَست قلندر، لال قلندر.

ڪر تون مدد منهنجي لال قلندر.

موليٰ عليءَ جي آل قلندر.

شاهن جا شهباز قلندر.

دمادم مست قادر سَخي شهباز قلندر.

سَخي قادر قلندر مَست شهباز.

بيواهن سان تنهنجي ڀَلائي،

دردمندن جي آگ اُجهائي،

دمدم ۾ دمساز قلندر.

شاهن جا شهباز قلندر.

دمادم مست قلندر، قلندر مَست قلندر،

حَق جي هدايت جو تون حامي،

سِڪ وارا سَڀ تنهنجا سَلامي،

اُلفت جو آواز قلندر،

شاهن جا شهباز قلندر.

دمادم مست قلندر، قلندر مَست قلندر،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org