سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :37

 

 (73)

دمادم مست مست و مست شهباز.

سخي قادر قلندر مست شهباز.

شاهن جا شهباز قلندر.

لال! تو وٽ لک لک زاري،

داتا دل کي ڏي دلداري،

دم دمدم ۾ دمساز قلندر،

شاهن جا شهباز قلندر،

باه کي باغ بنائڻ وارا،

وڇڙيل مُحب ملائڻ وارا،

هِيڻن جا همراز قلندر،

شاهن جا شهباز قلندر،

(74)

پائي پاند پرين پرچايان الا.

تنهنجي راه ۾ نيڻ وڇايان الا.

قرب منجهان ڪر روح رهاڻيون،

ساه سيباڻيون تنهنجون ڪهاڻيون،

تو سان ناتو نينهه نڀايان الا،

پائي پاند پرين پرچايان الا.

ماڙيون بنگلا، محل وساريون،

جهنگ جبل ۾ عشق اُجاريون،

تنهنجون واٽون ٿي واجهايان الا،

پائي پاند پرين پرچايان الا.

کيڏ برابر بره جي بازي،

قدم قدم تي منهنجي آزي،

توکي رمزن سان ريجهايان الا،

پائي پاند پرين پرچايان الا.

(75)

تنهنجي راهن ۾ اکڙيون وِڇايان مِٺا.

منهنجي دل ٿي چوي مَرحبا، او مَرحبا.

او مرحبا، او مرحبا، او مرحبا.

جند جان سڄڻ توتان گهوري ڇَڏيان،

سون چانديءَ ۾ توکي توري ڇڏيان،

مُنهنجي مَن جو تون موتي، هِنئين جو تون جُدا،

او مرحبا، او مرحبا، او مرحبا.

اَچ هميشه تون مُون وٽ ڀَلائي ڪَري،

سُونهن تنهنجي ڏِسي، مُنهنجي دِلڙي ٺَري،

تون جي آئين ته محفل ۾ آئي بهار،

تنهنجي دم سان حياتيءَ جا سڀ غم ويا،

او مرحبا، او مرحبا، او مرحبا.

پيار تنهنجي ۾ اَڄ زندگي ٿي نَچي،

مُنهنجي مَن ۾ محبت جو مَچ ٿو مچي،

صُبح سانجهي اَٿم تو پرين جي پَچار،

توکي آندو هتي منهنجي دِل جي صدا،

او مرحبا، او مرحبا، او مرحبا.

(76)

آيو محفل ۾ محبوب مُون وٽ هَلي،

منهنجي دل ٿي چوي مرحبا مرحبا.

عطر عنبر هوا ۾ عام تنهنجي ڪري،

آههِ ساقيءَ جي هَٿ ۾ جام تنهنجي ڪري،

تنهنجي اکڙين جي تارن جي تابش ڏِسي،

جام سان جام هن وقت ٽَڪرائبا،

منهنجي دل ٿي چوي مرحبا مرحبا.

تون ئي اُجڙيل دلين جي خوشي دِلربا،

تَن کي تو کان ملي تازگي دلربا،

تنهنجي آمَد سان گلشن ۾ آهي بهار،

ساه سِر تنهنجي قدمن ۾ آهي فِدا،

منهنجي دل ٿي چوي مرحبا مرحبا.

زندگي تو مٿان پنهنجي گهوري ڇڏيان،

سون چانديءَ ۾ سُهڻل کي توري ڇڏيان،

منهنجي من جو تون موتي، هِنئين جو تون هار،

عيد اکڙين جي آهين تون منهنجا مٺا،

منهنجي دل ٿي چوي مرحبا مرحبا.

 

(77)

صـــــــــــــــــورت جــــــــــــــــــــــــــا سُـــــــــــــــــــــلطان!

اَچ ته ڪريون ڪي پيار جون ڳالهيون.

نينهن جو ناتو توڙ نِڀائين،

تون ئي مُنهنجي سِر جو سائين،

جــــــــــــــــــــــــــــــــان ڪــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــريان قــــــــــــــــــــــــــــــــــربان،

اَچ ته ڪريون ڪي پيار جون ڳالهيون.

عمر انهيءَ اقرار ۾ گذري

جو دم گذري پيار ۾ گذري،

دل جـــــــــــــــــــــــــــــــــــا لَــــــــــــــــــــــــــــــــــــــهن ارمــــــــــــــــــــــان،

اَچ ته ڪريون ڪي پيار جون ڳالهيون.

دل ۾ اهڙو درد سَمايون،

درد مندن جا درد مٽايون،

دُنيــــــــــــــــــــــــــــــــا هجــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي حيــــــــــــــــــــــــــــــــــران،

اَچ ته ڪريون ڪي پيار جون ڳالهيون.

هر دم رهه تون دل جي گهر ۾،

تنهنجي نظر هجي منهنجي نظر ۾،

ڪــــــــــــــــــــــــــــــــر تــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــون اهــــــــــــــــــــــــــــــــــو احــــــــسان،

اَچ ته ڪريون ڪي پيار جون ڳالهيون.

رمزن سان نِت رُوح ريجهائين،

ساه ۾ ڪر تون سَير سَدائين،

مــــــــــــــــــــــــــــــــن ۾ ٿــــــــــــــــــــي مهمــــــــــــــــــــــــــــــــــان،

اَچ ته ڪريون ڪي پيار جون ڳالهيون.

(78)

ڪينجهر جي تُون راڻي، سُگهڙ سِياڻي،

نُوري نِينهن نِهوڙيو توکي،

پَلا به تنهنجي پيار جا پياسي،

پيار ڪري ٿو پاڻي، سُگهڙ سِياڻي،

نُوري نِينهن نهوڙيو توکي.

پيش پرينءَ جي ڪر پاٻوڙا،

آهِين ڪِين اَياڻي، سُگهڙ سِياڻي،

نُوري نِينهن نهوڙيو توکي.

آهي ڄام تماچي تُنهنجو،

ٻيڙي ڇوڙ مُهاڻي، سُگهڙ سِياڻي،

نُوري نِينهن نهوڙيو توکي.

(79)

دل پنهنجي کي دلدار جو نذرانو بَنايان.

دل نذر ڪري، پيار جو اَفسانو بَنايان.

هن باغ جي هر گل مان، هي آواز اَچي ٿو.

مَن پنهنجي کي محبوب جو مَستانو بَنايان.

پَلجن ٿا اي دل تو ۾، سوين پيار پرين جا،

اَچ، توکي رُخ يار جو پروانو بنايان.

اَڄ پيار پُڪاري ٿو، مان خاموش ڇو ويهان؟

ڇو هوش هجي؟ پاڻ کي ديوانو بنايان.

 

(80)

ٻُڌ تُون مَن منهنجي ڳالهڙي.

هاءِ، مارئي عشق کي آهي سلام.

ڪري ننڊ اکين جي حرام،

دلبر جي دُور ويندو،

دل ۾ ناسُور ٿيندو،

اهڙي عشق کي آهي سَلام،

ڳوڙهن سان مُنهن ڌوئي،

سُڏڪا ڀَري، سَڏڙا ڪري،

لُٽجي وڃي عيش آرام،

دِل ٿئي بي قرار،

اهڙي عشق کي آهي سَلام،

هِجر جون باهيون ٻاري،

ساڙي ڇڏي، کِل ۽ خوشي،

نالو ٿِئي بدنام،

رَت روئي زار زار،

اهڙي عشق کي آهي سَلام،

(81)

تنهنجو اڱڻ آباد، سهڻا سائين!

مـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــوليٰ ڪـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــندو آبــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــاد.

تنهنجون ٻوليون پياريون پياريون،

تنهنجي دَم سان باغ بَهاريون،

ڪين ڪندين بيداد، سهڻا سائين!

مـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــوليٰ ڪـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــندو آبــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــاد.

بيواهن کي تون ڪين ڀُلائين،

وِڇڙيل ڏي سِگهو واڳ وَرائين،

تنهنجي اڳيان فرياد، سهڻا سائين!

مـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــوليٰ ڪـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــندو آبــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــاد.

نَنڍي وڏي سان شاد تون آهين،

درد مندن کي ياد تون آهين،

توکي سَڀن جي ياد، سهڻا سائين!

مـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــوليٰ ڪـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــندو آبــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــاد.

خَلق نِهاري، تنهنجون راهون،

لطف و ڪرم جون ڦير نِگاهون،

ڪر تون سگهو اِمداد، سهڻا سائين!

مـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــوليٰ ڪـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــندو آبــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــاد.

ساه سندو سينگار تون آهين،

دل جي چمن ۾ بَهار تون آهين،

درد کان ڪر آزاد، سهڻا سائين!

مـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــوليٰ ڪـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــندو آبــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــاد.

جي بسم الله سيس نِوايون،

سَو سَو ڏکڙا جهولي پايون،

جي تون ڪرين اِرشاد، سهڻا سائين!

مـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــوليٰ ڪـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــندو آبــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــاد.

 

(82)

لٿو ڏينهن ۽ رات پڪاري ٿي.

مون کي روحَ جي راحت ساري ٿي.

اِنهيءَ راز جي ڪَل، مُون ڪانه لَڌي،

منهنجي دل ٿي چوي، هلان اڳتي وڌي،

ڪٿان ڪوڪي ٿي ڪا ٻول ٻَڌي،

ڪهڙي وڇڙيل واٽ نِهاري ٿي،

مون کي روح جي راحت ساري ٿي.

مَتان دل کي وڍي، وڃي مون کي ڇڏي،

قهري ڪان هڻي، پرديس لَڏي،

منهنجي ساه کي سَهڻي سڪ مان سَڏي،

ڇو پيار کان ڌار گذاري ٿي؟

مون کي روح جي راحت ساري ٿي.

(83)

جانيءَ جا شل مون ڏي اچن پيغام.

دل ٿي ڪري ماتام – لا.

ظالم دُنيا مون کي اُجاڙيو.

مون ته ڪڏهن ڪنهن جو ڪجهه نه بگاڙيو،

عــــــــــــــــــــــــشق ڏنــــــــــــــــــــا اِلــــــــــــــــــــــــــــزام،

جانيءَ جا شل مون ڏي اچن پيغام.

صبر ٿيو برباد او پيارا،

داد نڪو فرياد او پيارا.

نـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــنڊ نـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــڪو آرام،

جانيءَ جا شل مون ڏي اچن پيغام.

قِسمت مون سان ساز نه آهي،

آهُن ۾ آواز نه آهي.

درد جا دل تي دام،

جانيءَ جا شل مون ڏي اچن پيغام.

دل ٿي دُکي خاموش نگاهون،

ڪنهن کي ڏيان پنهنجي درد جون دانهون،

بــــــــــــــــــــــــــــــره آ سَــــــــــــــــــــــــــــــدا بــــــــــــــــدنام،

جانيءَ جا شل مون ڏي اچن پيغام.

آخر ايندو منهنجي اوتاري،

دلبر پياري دلڙي ڌتاري،

مون سان ڪيا انجام،

جانيءَ جا شل مون ڏي اچن پيغام.

(84)

ڍول جانــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي

ڍولڻ مون وٽ آئين، تنهنجي مهرباني.

بازار وڪامي ٿي چاندي،

مان ته ڍولڻ جي آهيان باندي،

مُنهنجي سِر جا سائين، منهنجا ڍولا!

مون کي نه ڀُلائين، جئين ڍولا!

ڍول پيــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــارا !

ويهه منهنجي دل ۾، دلبر دُلارا.

بازار وڪامي ٿي ڳاني،

منهنجا ڍولڻ ماڻين جواني،

دلِڙيون وَسائين، منهنجا ڍولا!

اکڙيون اَڙائين، جئين ڍولا!

ڍول راڻــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــا !

ڪر تون مَن جي محل ۾ محبوب ماڻا !

بازار وڪامي ٿو هار وو !

منهنجو ڍولڻ توسان پيار وو !

توسان منهنجون ڳالهڙيون منهنجا ڍولا !

تنهنجون سُهڻيون چالڙيون جئين ڍولا

ڍول جنـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــدڙي !

وَسي تو محبوب جي سُهڻي سنڌڙي.

(85)

پيارل توکي پُڪاريان ٿي.

دل ۾ دلبر تون ئي وَسين ٿو.

سُهڻل توکي سنڀاريان ٿي،

دل ۾ دلبر تون ئي وَسين ٿو.

بخت ٿو بگڙي منهنجي سُکن ۾،

ڏيل ڏري ٿو، روز ڏکن ۾،

رُئندي رات گذاريان ٿي،

دل ۾ دلبر تون ئي وسين ٿو،

ڏينهن ڏکن جو ڪين لَڙي ٿو،

سوز فراق ۾ ساه سَڙي ٿو،

باه بره جي ٻاريان ٿي،

دل ۾ دلبر تون ئي وسين ٿو،

پاڻ رُلائــــــــــــــــــــــــي، پــــــــــــــــــــــاڻ وڃائي،

پنهنجي دل کي پاڻ پڙهائي،

سِڪ جو سبق سيکاريان ٿي،

دل ۾ دلبر تون ئي وسين ٿو،

(86)

عشق اچي ٿو ڪاهيون ڙي.

ميلو ٿيندو معشوقن سان.

ساه کي تنهنجي سڪ ٿي سَتائي،

دل ٿي پيار جا پَنڌ پُڇائي،

بره ٿو ٻاري باهيون ڙي،

ميلو ٿيندو معشوقن سان.

ننڍڙي لاڪون دلڙيون آتيون،

لِڪي لِڪي ٿا پايون جهاتيون،

سالن جي سِڪ لاهيون ڙي،

ميلو ٿيندو معشوقن سان.

عشق جي اوکي راه ٿا سمجهون،

توکي پنهنجو ساه ٿا سمجهون،

نينهن جا نوڪر آهيون ڙي،

ميلو ٿيندو معشوقن سان.

(87)

رات سڄڻ تو سان ڳالهڙيون،

دل وارن جون ٿينديون الا!

اَڄ شرنايون سِهرا ڳائن،

ميل ميلاپ جا رنگ رَچائن،

موتين سان ڀَريون ٿالهڙيون،

رات سَڄڻ تو سان ڳالهڙيون.

تون پيارو، تنهنجا دوست به پيارا،

چَنڊ سان گڏ جئين چمڪن تارا،

تنهنجي سِر تي موڙ لُڏن،

رات سَڄڻ تو سان ڳالهڙيون.

لال وَنيءَ کي سرتين سينگاريو،

عطر عنبير سان خوش ٿي سنواريو،

سُهڻيون سُهاڳ جون والڙيون،

رات سَڄڻ تو سان ڳالهڙيون.

(88)

سرس ڪيو سينگار، ڙي جيڏيون!

دل ٿي چوي اجهو، رانجهن آيو..

وره ونڊڻ جو آهي ويلو،

شوق به آهي اَڄ الٻيلو،

روح ٿو پنهنجو، کائي ريلو،

ڄاڻ پرين سان ٿيندو ميلو،

جهنگ جبل بازار، ڙي جيڏيون!

وه وا ڪهڙو رنگ رچايو،

دل ٿي ڪري اڄ بره جون باتيون،

راهون ڏسندي گذرن راتيون،

اکڙيون هر هر آهن آتيون،

ڄاڻ جو پاتيون جانب جهاتيون،

لهندا ڏک آزار، ڙي جيڏيون!

بختن پنهنجن ڄاڻ ڀڙايو.

(89)

سارين جو لابارو، سارين جو لابارو،

سارين جو لابارو آيو، سارين جو لابارو.

ڪنگڻي کان دل ڪين اُداسي،

ڀَلا بناسپتي سڳداسي،

ڳاڙها چانور خوشبو خاصي،

جئَن سون گهڙي سونارو، سارين جو لابارو،

ڪونجون آيون قربئون ڪاهي،

آنا ڪاف جبل ۾ لاهي،

آس اِها الله ۾ آهي،

وڃي گذري سگهو سيارو، سارين جو لابارو.

اسين مسافر ۽ وڻجارا،

محنت ۽ مزدوري وارا،

سگهو لهن شل جس لابارا،

هلي ديس وسايون پيارو، سارين جو لابارو،

(90)

دانهون ڪري منهنجو پيار الا.

ڇو ٿو ڪرين مون کي ڌار الا.

ڪهڙو منهنجو حال ٿيندو.

سِڪ جون ڳالهيون ساه ۾ اهن،

دل جون اُميدون باه ۾ آهن،

بره ڪيو بيمار الا،

ڪهڙو منهنجو حال ٿيندو.

دل جي دنيا وڃ نه اُجاڙي،

سورن جو سج ساه ٿو ساڙي،

اکڙيون نهارن راه الا،

ڪهڙو منهنجو حال ٿيندو.

(91)

ماروي وڌو تو جاني، گهوڙا گهوڙا ڙي

ناهي نصيب ماني، گهوڙا گهوڙا ڙي

گهوڙا گهوڙا ڙي، اَمان اَبا ڙي.

 

تنهنجي خاطر ڪُڪڙ ڪُهايان، پَچن پُراٺا بُسريون.

تنهنجي وات ۾ سُهڻا سائين! وجهان پَتاشا مِصريون

منظور ڪر مهماني، گهوڙا گهوڙا ڙي.

 

تنهنجي خاطر پَلو پچايان، ٺاهيان حَلوو سيرو.

گهنگهرو پايان ناچ نچايان، سِر بوڇڻ نِيرو.

هَڻ موچڙا مُلتاني، گهوڙا گهوڙا ڙي.

 

تنهنجي خاطر چانور چاڙهيان، کير پياريان ٿورو،

توکي منهنجي پارت آهي، عاشق آهيان ڇورو.

ماءُ نه منهنجي ناني، گهوڙا گهوڙا ڙي.

 

ماري وڌو تو جاني گهوڙا گهوڙا ڙي

ناهي نصيب ماني، گهوڙا گهوڙا ڙي

گهوڙا گهوڙا ڙي، اَمان اَبا ڙي.

(92)

وٺو مينهن ۽ واهڙ وهي ويا،

جهوپا جهانگيئڙن جا ڊهي ويا.

مليو خوب خسارو، نه ڪاڻ ملي،

رتي جيڏي نه روح رهاڻ ملي،

نڪا ڄاڻ ملي نه سُڃاڻ ملي،

اولا ڇو نه اکين جا لهي ويا،

جهوپا جهانگيئڙن جا ڊهي ويا.

نڪو سال کُٽو، هِن ڪال منجهان،

پُڳيون ڪين مُرادون مال منجهان،

اُهي واقف هتي حال منجهان،

جيڪي رڻ ۾ راتيون رهي ويا،

جهوپا جهانگيئڙن جا ڊهي ويا.

انهيءَ مينهن گهڻو مجبور ڪيو،

دِلي مقصد کان اڄ دُور ڪيو،

ڪيڏو قِسمت آههِ ڪلور ڪيو؟

ڪِٿي قرب وارا ڪهي ويا،

جهوپا جهانگيئڙن جا ڊهي ويا.

(93)

موليٰ مهر جا مينهن وَسائين،

پنهنجا برپٽ بَاغ بنائين.

ٻاجهر ٻهڪي، ٻهڪن ٻاريون،

جهري جهلڪن جام جواريون،

نُور نَين ۾ وهائين،

موليٰ مِهر جا مينهن وسائين.

جهوپا جهانگيئڙن جا ڊهي ويا.

ڏينهن تپن ٿا، جهولا آهن،

پاڻي ڪونهي رولا آهن،

اُڃ ته اُڃن جي اُجهائين،

موليٰ مِهر جا مينهن وسائين.

پڌر پٺيءَ تي ڪر وسڪارو،

ٽاڏون کائي مال ڀَٽارو،

ٿڌڙي هير گهلائين،

موليٰ مِهر جا مينهن وسائين.

(94)

اکڙيون مينگهه مَلهار،

صورت تنهنجي سَڀ جڳ موهيو،

ڄاپڻ وقت ڄام جي،

ڪِريا ڪوٽ ڪُفار،

صورت تنهنجي سڀ جڳ موهيو.

آهِن ڪَرم ڪريم جا،

اَحمد ساڻ اَپار،

صورت تنهنجي سڀ جڳ موهيو.

موڪل ٿي مينهن کي،

دوست هَٿان دلدار،

صورت تنهنجي سڀ جڳ موهيو.

(95)

هاڻي سِجُ ٿو لَهي، اَچُ پير ڀَري،

ويندو دَم نِڪري، توکي ياد ڪَري.

تنهنجي قرب ڪُٺو، مون کان ڀاڳ رُٺو،

سِر تي سوز فراق جو مينهن وُٺو،

اَچ تون مُحب مِٺا، مِهڻن آههِ مُٺو،

مَن تو سان مِلي، منهنجو مَنڙو ٺري،

دِل جي داغن سان باهيون ٻاريان،

هَنجون رَت جون هَر دم هاريان ٿي،

توکي سَڏڙا ڪري، اُڀ ڏاريان ٿي،

منهنجي ماڳ تي شل، تنهنجي واڳ وَري.

(96)

محب اچي مٺل موٽي وو.

اڄ ڪانگ لنوي ٿو ڪوٺي تي.

ڪانگل آيو قرب ڪري،

محبوب اجهو واپس ٿو وري،

منهنجي قسمت ڪانهي کوٽي وو،

اڄ ڪانگ لنوي ٿو ڪوٺي تي.

ڪانگل ڪر تون وات مٺو،

منهنجي جان جگر کي تو آهه ڏٺو،

تنهنجي چنبڙن ۾ منهنجي چوٽي وو،

اڄ ڪانگ لنوي ٿو ڪوٺي تي.

(97)

پڌرو آهي پيار اسان جو پڌرو آهي پيار.

منهنجي اُلفت توکي پَرتي، ٻڌي ڇڏي هر جيڏي سرتي،

تون اُڀ منهنجو ۽ مان ڌرتي.

دل جي دولت روح جي راحت، دلبر جو ديدار،

پڌرو آهي پيار اَسان جو پَڌرو آهي پيار.

عشق جو ميلو، ڇو نه مَچايان، قول ڪري ڇو ڪنڌ ڪڍايان،

ساه ۾ توکي ڇو نه سمايان،

هل ته وسايون هَلي اُمالڪ اُلفت جو گلزار،

پَڌرو آهي پيار اسان جو پڌرو آهي پيار.

(98)

تو سان ملان دلڙي ٺري،

ماري وڌو تو پيار ۾.

آهيان چريو مان چاه جو،

تُحفو ڏيان سِر ساه جو.

تو دوست جي دربار ۾،

ماري وڌو تو پيار ۾.

رَمزن ڀَريون راتيون هُجن،

سِڪ سوز جون باتيون هجن،

جَنت مِلي ديدار ۾،

ماري وڌو تو پيار ۾.

(99)

محبوب مٺا مون کان ٿي نه جدا.

سو وار سڄڻ توتان ساه فدا.

مون سان وعدو ڪري مون ڏي جلد ورين،

ڪجهه غور ڪرين، ڪجهه ڌيان ڌرين،

منهنجون ڳالهيون متان تون دل ۾ ڪرين،

پنهنجي پيار جي ڪندو ڪير گلا؟

محبوب مٺا مون کان ٿي نه جدا.

ناراض رهين يا پيار ڪرين،

دل کان نه هرگز ڌار ڪرين،

ميلاپ مٺل منٺار ڪرين،

مون سان ڪجهه به ڪرين توکي آهه روا،

محبوب مٺا مون کان ٿي نه جدا.

(100)

مُحب مِٺا منهنجا مور.

دل ٿي نچي تنهنجي پيار ۾ هَر دم،

تنهنجو جلوو ساه سيباڻو،

مان تنهنجي مومل، تون منهنجو راڻو،

سُونهن ۾ سَڀ کان زور،

دِل ٿي نچي تنهنجي پيار ۾ هَردم.

آيو آيو خوشيءَ جو ويلو،

ٻِن گلڙن جو زمين تي ميلو،

عرش تي چنڊ چَڪور،

دل ٿي نچي تنهنجي پيار ۾ هَردم.

تنهنجي منهنجي پيار مان خوش ٿي،

ڪَڪرن مان اَڄ وَسندا موتي،

دِل ٿي نچي تنهنجي پيار ۾ هَر دم.

تون ئي منهنجي نصيب جو تارو،

روح کي راحت بخشڻ وارو،

دِل ٿي نچي تنهنجي پيار ۾ هَردم.

منهنجا پنهون تنهنجي ريت نرالي،

قرب جي ڪيچ جو تون ئي والي،

دلڙي ٿي نچي تنهنجي پيار ۾ هَردم.

مون سان گڏجي بلبل ڳائي،

هر جا خوشيءَ جو شور،

دِل ٿي نچي تنهنجي پيار ۾ هَردم.

(101)

تو سان منهنجو پيار، پنهل توسان منهنجو پيار.

ٿيندو ديدار ته ملندو دل کي قرار،

تنهنجي خوشي ڪنهن جي دل جو خزانو،

تنهنجي اڳيان منهنجو سر نذرانو،

تون ئي دلدار، پنهل تو سان منهنجو پيار.

نيڻ ملائي پاءِ تون جهاتي،

سَون ورهين جي تنهنجي حياتي،

موليٰ مددگار، پنهل توسان منهنجو پيار.

لال ڪنوار جا لاڏ وڻن ٿا،

ميندي هٿن تي، هار لُڏن ٿا،

سُهڻا سينگار، پنهل توسان منهنجو پيار.

(102)

ڇڏ رسڻ کي جاني تنهنجي وڏي مهرباني،

پيار جي ڏي تون نشاني تنهنجي وڏي مهرباني.

پيار جو تون، سينگار ٿي پيارا !

منهنجي هِنئين جو هار ٿي پيارا.

منهنجي ڳچيءَ جي ڳاني، تنهنجي وڏي مهرباني.

دلبر! دل ۾ تنهنجو نظارو،

ڪر منظور، اکين ۾ اُتارو،

جان جگر مهماني، تنهنجي وڏي مهرباني.

تو سان ملان ٿي، تو سان کِلان ٿي،

توکي ڏسان ٿي، دل ۾ ٺران ٿي،

ماڻين شال جواني، تنهنجي وڏي مهرباني.

(103)

تنهنجي اچڻ تي عيد مَلهايان،

سُهڻي صورت تان مان صدقي،

دل کي خوشي جو باغ بنايان،

سُهڻي صورت تان مان صدقي.

دلڪش دُنيا جا هي نظارا،

دل کي ڪن ٿا اِهي اِشارا،

تو سان نازڪ نينهن نڀايان،

سُهڻي صُورت تان مان صدقي.

تو وٽ مُنهنجي دِلڙي وِڪاڻي،

تنهنجي خوابن جي مان راڻي،

ميندي لال هَٿن کي لڳايان،

سُهڻي صُورت تان مان صدقي.

اچ ته پروڙيون راز اَزل جا،

دل مان اُٿن آواز ازل جا،

تنهنجي سڪ جا ساز وَڄايان،

سُهڻي صُورت تان مان صدقي.

تنهنجي وفا ۾، خطا نه ٿيندي.

گل کان خوشبو جُدا نه ٿيندي،

مُحب مِلڻ کان ڇو شرمايان؟

سُهڻي صُورت تان مان صدقي.

توکي وَسايم مَن جي محل ۾،

تنهنجو جَلوو جهنگ جَبل ۾،

اُلفت جا ڪي رنگ رَچايان،

سُهڻي صُورت تان مان صدقي.

(104)

عشق جو ميلو مَچايان، جي مَچايان اَلا،

اکڙيون اَڙايان اَلا ڪنهن سان اَڙايان؟

پيار جا رنگ رچايان، جي رچايان الا،

دِلڙي لڳايان او ڪنهن سان لڳايان.

پيارل تنهنجي پيار مان خوش ٿي،

وَسندا هاڻي ماڻِڪ موتي،

موتي لعل وسايان، جي وَسايان اَلا،

ڪنهن تي وَسايان، موتي وسايان.

آئي ميلاپ جي مُند مَستاني،

گڏ ٿا گهمن اَڄ حُسن جواني،

پيار جا ناچ نچايان، جي نچايان اَلا،

ڪنهن کي نچايان ناچ نچايان.

هر هنڌ ميلا ۽ گهر گهر شادي،

حُسن جي آهيان مان شهزادي،

سونهن جي سيج سَجايان، جي سجايان اَلا،

ڪنهن سان سجايان، سيج سجايان؟

ڪنهن کي آس سڄڻ سان ملڻ جي،

ڪنهن جي هٿن تي ڳاڙهي ميندي،

ميندي هٿن کي لڳايان او لڳايان اَلا،

ڪنهن کي لڳايان، ميندي لڳايان.

(105)

سُهڻا سائين، جئين سدائين،

پرچي وڃ تون پيارا، سُهڻي صورت وارا،

هَٿڙا جوڙي عرض ڪريان ٿي.

تو گل جي سُرهاڻ مان آهيان،

لعل تون ۽ لالاڻ مان آهيان،

دِل جــــــــــــــــــو تـــــــــــــون دلـــــــــــــــــدار،

هٿڙا جوڙي عرض ڪريان ٿي.

پيار جي اُڀ تي پينگهون پايون،

دل وِندرايون، روح ريجهايون،

دَمــــــــــــــــــــــــــــدم جــــــــــــــــــــــــا ديــــــــــــــدار،

هَٿڙا جوڙي عرض ڪريان ٿي.

(106)

ڪڻڪن جو لابارو آيو، ڪَڻڪن جو لابارو،

پوکن ۾ لک پيار ٿا پَلجن، آهي مَست نظارو،

ڪڻڪن جو لابارو آيو، ڪڻڪن جو لابارو.

چَڻن جي ڏڌڙي، ڇانوَ به ٿڌڙي،

لالڻ! منهنجي سار تو لَڌڙي،

اُلفت ڪانهي، اَنَ جي اَڌڙي،

عِشق جو رنگ نيارو ... ڪڻڪن جو لابارو.

آڀُن سان ڀَر خالي جهوليون،

ڳاءِ خوشيءَ مان مَحرم لوليون،

پَکي ٿا ٻولن مِٺڙيون ٻوليون،

ڪُڏي ٿو مال ڀٽارو ... ڪَڻڪن جو لابارو.

مُند مِلڻ جي مِٺڙو ميلو،

حُسن به آهي اَڄ اَلبيلو،

خوب ٿو ٻَهڪي، جهنگل ٻيلو،

وَريو نصيب جو وارو ... ڪڻڪن جو لابارو.

 

(107)

دلبر کان دُور آهيان،

مان بي قصور آهيان،

ڪنهن جي خوشيءَ جي صدقي،

غم جو شڪار آهيان،

مــــــــــــــــــان بيــــــــــــــــــــــــــقرار آهيان.

مون کي نه تون ڀُلائين،

هرگز نه مُنهن مَٽائين،

مــــــــــــــنهنجو خـــــــــــــــــــيال بَنجي،

دُنــــــــــــــــــــــــــــيا کــــــــي آزمــــــــــــــائين،

مان تنهنجي عاشقيءَ جو،

هــــــــــــــــــــڪ يادگـــــــــــــــــــــــار آهــــــيان،

مــــــــــــــان بيــــــــــــــــــقرار آهــــــــــــيان.

مـــــــــــــــــان بيـــــــــــــــــــقرار آهـــــــــــــيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org