سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :25

 

ڌڻيءَ جي در دعا

(شڪنتلا)

 

شل ايشور اوهان جو، هوندو هميشه حامي،

اٺ روپ اُن کي آهن، سڀني سندو سوامي،

پهرين جا شيءِ اُپائي خالق. سا آهه پاڻي،

پر ميشور جو بيشڪ، آهي اُهو پيامي.

ٻي شيءِ، کڄن ٿا جنهن سان، ٻَل قاعدن مطابق،

اگني يا باهه اُن کي سڀ ٿا سڏن مدامي.

ٻَل ٿو جلائي جيڪو، سو روپ ايشور جو،

يعني اُهو برهمڻ، هرگز نه آهه عامي.

ٻيئي ڀلا ڀلارا، جي وقت ڪن مقرر،

ساڳي ٿي جوت ڏسجي، سج چنڊ ۾ تمامي

هر شيءِ تي اُن جو قبضو، مِڙني سندو هو مالڪ،

سڀ ڪائنات آهي، سائينءَ سندي سلامي.

جنهن ۾ ٻُڌڻ جي خوبي، تنهن ۾ اُهوئي آقا،

ڪلتار سان، اُڀن جي ڏسجي ٿي هم ڪلامي.

ڌرتي سڏن ٿا جنهن کي، سا رزق ٿي رسائي،

ڏسجي ٿي ڪين اُن ۾، ڪنهن قسم جي ڪا خامي،

جنهن مان ٿئي ٿو حاصل، هر جيو کي جياپو،

سڏجي ٿي سا، هوا جي مشهور خوش خرامي.

آهن اَٺيئي صفتون، جڳ جي ڌڻيءَ ۾ بيشڪ،

هر شيءِ کي ٿي جڳائي، اُن جي ڪرڻ غلامي.

شل هو اسان سڀن کي، ساري سدا سنڀالي،

حاصل ڪريون اُنهيءَ جي نالي سان، نيڪ نامي!

صفتن ۾ ڪين اُن جي هرگز گمان آڻيون،

هردم خيال پنهنجو اُن ڏي وڃي اُڏامي!

اُن کان سوا نه ڪنهن کي ڄاڻون نڪي سڃاڻون،

پنهنجي ڌڻيءَ جي در تي بلڪل وڃون وڪامي!

 

{

 

عشق جا ديوانا

پنهنجي پنهنجي پيار جا سَڀڪو گيت ازل کان ڳائي ٿو،

پنهنجي پنهنجي عشق جون ٻوليون سَڀڪو جڳ کي ٻُڌائي ٿو.

پنهنجي پنهنجي سوز مطابق سَڀڪو آگ اُجهائي ٿو،

سَو سَو شمعون روشن پر آزاد رهن ٿا پروانا،

سي دنيا سان ڇو چاه رکن جي عشق جا آهن ديوانا.

جي داغ ڦُٽي دِل مان ٿا اُٿن، بس سي ٿا ڦِري گلزار ٿين،

ديوانن جي ئي خونِ جگر سان ساغر ٿا سَرشار ٿين،

پنهنجي دوست جي اُلفت ۾ اَڄ مَست نه ڇو ميخوار ٿين؟

ساقي ته بدلبا روز مگر آباد رهن هي ميخانا،

سي دُنيا سان ڇو چاه رکن جي عشق جا آهن ديوانا.

هر دَورِ خزان ۾ رنگ بَهاران آههِ ملائڻ ڪم پنهنجو،

پستيءَ ۾ به بلندي وارو رنگ رَچائڻ ڪم پنهنجو،

دل جي خون سان بره جو برپٽ باغ بنائڻ ڪم پنهنجو،

اسين عشق جا مجنون سڏجون ٿا آباد ڪنداسين ويرانا،

سي دُنيا سان ڇو چاه رکن، جي عشق جا آهن ديوانا.

حُسن کي پنهنجو مرڪز ڄاڻي، عشق جي راند رچايون ٿا،

سِرَ جي بازي کيڏون ٿا، پر پنهنجو نينهن نڀايون ٿا،

الفت ۾ ٿي مَست هميشه، جَڳ کي مَست بَنايون ٿا،

پنهنجي پنهنجي مستيءَ ۾ سَڀ مَست رهن ٿا مَستانا،

سي دُنيا سان ڇو چاه رکن، جي عشق جا آهن ديوانا.

اسين پاڻ ڏکن ۾ پَلجون ٿا، پر ڪنهن جي دل نه ڏکايون ٿا،

هِن جڳ ۾ رُسوا ٿي ”لاشاري“ جڳ کي فيض رسايون ٿا،

جيڪي دل تي گذري ٿو سو حَرف بَحري ٻُڌايون ٿا،

پنهنجا حرف حقيقت آهن، دُنيا سمجهي اَفسانا،

سي دُنيا سان ڇو چاه رکن، جي عشق جا آهن ديوانا.

 

{

 

لالچي طوطو

(1)

طوطا، هي تنهنجو پڃرو توکي نٿو جڳائي!

آزادگي پکين جي، تو ڇو وڌي لڄائي؟

پرواز کان ڇو توکي لالچ وڌو ٿڪائي؟

واهڙ ڏسي هوس جا، تو پر وڌا پسائي،

خود کي ”ميان مٺو“ ٿي جيڪا زبان سڏائي،

جي سچ پڇين ته انکي ڇڏ پاڙ کان وڍائي.

(2)

تو خود بخود قبوليو پڃرو ۽ قيدخانو،

آزادگيءَ جو هرگز ڳوليو نه تو بهانو،

نت شوق مان ٿو ڳائين اغيار جو ترانو،

ٻيهر نه تو وسايو برباد آشيانو،

گذري اڃا به تنهنجي، ٿي زندگي قفس ۾،

محسوس ناهه توکي شرمندگي قفس ۾.

(3)

طوطا! ڇو تنهنجا ساٿي وڇڙي ويا چمن مان،

سڏڪا ڀري اڏاڻا ساون ڪکن پنن مان،

جيئن باغ کي ڇڏيائون، رت ٿي وڙهن پرن مان،

افسوس، ڪيئن انهن جي دل ٿي کٽي وطن مان!

سو ئي پکي سڀاڳو، جو ٿو مري چمن ۾،

شبنم جي غسل سان ٿو مدفن لهي گلن ۾.

 

(4)

ساٿين وطن وساريو ۽ تون رهئين وطن ۾،

توتي ته هو مناسب سائو رهڻ پنن ۾،

غيرن جي ور چڙهئين ڇو، لالچ رکيئه ڇو من ۾؟

هڪدم مري وڃين ها، غيرت وچان چمن ۾،

بي غيرتيءَ جو طوطا! تون ڇو ٿئين نشانو؟

پڃري جي تيلين تي جوڙيئه ڇو آشيانو؟

(5)

طوطا! نه خود بخود تون صياد وٽ اچين ها،

برباد آشيانو پنهنجو نه تون ڪرين ها،

پنهنجن ڪکن پنن ۾ سائو سکيو رهين ها،

ذلت جي زندگيءَ کان، بندوق سان مرين ها،

افسوس! تو نه سمجهيو، ماريءَ کي پنهنجو دشمن،

پڃري جي لالچن تي وڪڻي ڇڏيو تو گلشن،

(6)

غيرت جي خون سان تو ڳاڙهي چهنب بنائي،

آزادگي چمن جي پڃري سان تو مٽائي،

پنهنجي ولر جي عزت تو خاڪ ۾ ملائي،

ڪم ايندءِ ڪيستائين آخر هي بيحيائي؟

تون خوش نه ٿي زمانو هر وقت ساٿ ڏيندو،

پڃري ۾ جو ملي ٿو، کسجي اهو به ويندو.

(7)

پنهنجي اکين منجهان تون بيعزتي ڦٽي ڪر،

”ٽين ٽين“ ڪرڻ ڇڏي ڏي ۽ دم زني ڦٽي ڪر،

آزدگيءَ کان نفرت ۽ دشمني ڦٽي ڪر،

اغيار جي خوشامد ۽ دوستي ڦٽي ڪر،

بدلاءِ پنهنجي قسمت، چرخ ڪهن کي هٿ ڪر،

پنهنجي ولر سان گڏجي پنهنجي چمن کي هٿ ڪر.

(8)

تنهنجي چمن ۾ اڄڪلهه ڪانگن جو ماڳ آهي،

گل ڦل ۽ ڪک ۽ پن ۾ ”ڪان ڪان“ جو راڳ آهي،

پيدا ٿيو اجل جو تو وٽ مهاڳ آهي،

تنهنجو ئي بخت گويا تنهنجو نڀاڳ آهي،

اوبر ملي ٿي توکي، اصلي غذا ٻين جي،

تنهنجي زبان تي آهي وصف و ثنا ٻين جي.

(9)

طوطا! ”مٺو مٺو“ ڇڏ، پنهنجي ڪا ٻول ٻولي،

کوهي خوشامدي پر، غيرت جي پاءِ چولي،

پڃري کي پر هڻي ڀڃ ۽ رت جي کيڏ هولي،

پنهنجي چمن ۾ اڏري، پنهنجي وساءِ ٽولي،

پنهنجي ولر سان آهي، اڏرڻ مفيد تنهنجو،

جي تون ٿئين وطن آهي ”رشيد“ تنهنجو.

 

{


 

حجته الوداع جو خطبو

سال ڏهه هجري ۽ هو ذوالحج جو ماه،

هو زمانو حج جو، بخشش جي راه،

گڏ هئا مسلم مڙئي عرفات ۾،

سڀ ڏٺا ٿي محو، حق جي ذات ۾،

گڏ هئا مؤمن، مسلمان، ديندار،

ڪل عدد هڪ لک ۽ پنجهتر هزار،

هو محمد مصطفيٰؐ پڻ آشڪار،

پنهنجي ”قصويٰ“ نالي ڏاچيءَ تي سوار،

آخري ديدار هو ان يار جو،

شافعِ محشر سچي سردار جو،

ٿي چڪا اسلام جا ظاهر اصول،

يعني هي فرمايو ان رهبر رسول،

”اي مسلمانو!“ هي ڪهڙو ماه آهه؟

ماه ذوالحج مان به ڪو آگاه آهه؟

”آهه ڪهڙو شهر هي عالي مقام؟

جنهن ۾ آهي قتل و خونريزي حرام،

ڏينهن اڄ جي سان به ڪو ڌاريو ٿا نيهن؟

يعني ”يوم النحر“ قربانيءَ جو ڏينهن،

”ماه، شهر ۽ ڏينهن جي عظمت ڏسو،

تن جي پاڪائيءَ سندي حالت ڏسو.“

”آهه جيئن واجب ٽنهيءَ جو احتشام،

۽ ٽنهيءَ ۾ آهه خونريزي حرام“.

”تيئن اوهان جو خون، ڌن ۽ مال و جان،

۽ اوهان جي آبرو، عزت ۽ مان.“

”آهه هڪ ٻئي جي مٿان بلڪل حرام،

ڪين هڪ ٻئي کان وٺو ڪو انتقام“.

”گڏ اوهين ٿيندا، سچي ستار وٽ،

پنهنجي پرور پاڪ، پالڻهار وٽ.“

جت اوهان جي آڏو هوندو خود خدا.

”اُت اوهان کان ٿيندي عملن جي پڇا.“

”اي مسلمانو! خبرداري سکو،

حق جي گمراهيءَ کان بيزاري سکو.“

”ڪين ڪاٽيو پاڻ هڪ ٻئي جو گلو،

عورتن، ٻانهن سندو ڳوليو ڀلو.“

”دل ۾ ڌاريو خوف خالق جو سدا،

هي ٿيا جنهن جي ضمانت تي عطا.“

”جي خدا جي حڪم سان جائز ٿيا،

۽ اوهان تن جي مٿان فائز ٿيا.“

”حق توهان جو جيئن انهن تي ٿو رهي،

تيئن توهان تي حق انهن جو ٿو ٺهي.“

”هو توهان جي ننگ کي محفوظ ڪن،

۽ توهان کي پيار سان محفوظ ڪن،

”ڪين گهر ۾ ڏين تن کي داخلا،

جن وٽان ڌاريو اوهين نفرت سدا.“

”جي نه ايئن ڪن، تن کي سمجهايو اوهين،

صاف نرميءَ ساڻ ڳالهايو اوهين.“

”هي انهن جو حق اوهان تي ٿو رهي،

تن منجهان هر ڪو اوهان مان سک لهي.“

”تن کي کارايو پياريو دل وٽان،

۽ وڳا تن کي ڍڪايو پيار مان،

”مان فقط هڪ شيءِ توهان وٽ ٿو ڇڏيان،

۽ توهان جو رشتو ان سان ٿو گڏيان.

”ان تي مضبوطيءَ سان سڀ قائم رهو،

۽ عمل ان تي ڪندا دائم رهو.“

”بس اها شيءِ آهه بيشڪ لاجواب،

يعني قرآن پاڪ، خالق جو ڪتاب.“

”جي هتي آهن ٿيا موجود اڄ،

سي نه هي پيغام ڪن محدود اڄ.“

”بلڪ ٻين تائين رسايو هي پيام،

۽ رکو پيغامِ حق جو احترام،“

”جيڪي هن پيغام کي پرپٺ ٻڌن،

من عمل ڪن ان تي ۽ سڌري پون.،

”اي مسلمانو! اوهان تي سو سلام،

بس نصيحت جو ڪريان ٿو اختتام.“

 

”ايمان سلامت“

 

(1)

دُنيا ۾ کپي مون کي هي همت ۽ شجاعت،

غفلت ۾ گذاريان ته وجهي لوڪ ملامت،

ايڏو ته ٿئي قلب کي اِيثار عنايت،

لوڏي نه سگهي دل کي زماني جي ڪا طاقت،

اَفلاڪ کي سوزش ۾ وجهي منهنجي صداقت،

الله! رکين منهنجو تون اِيمان سلامت.

 

(2)

اِنسان سندي دل ۾ جي ايمان نه آهي،

شيطان اُهو آههِ ۽ اِنسان نه آهي،

اِيمان جي آهي ته ڪو ارمان نه آهي،

اِيمان سان ٺوڪر جو ڪو اِمڪان نه آهي،

اِيمان ئي بخشي ٿو گناهن کان هدايت،

الله! رکين منهنجو تون اِيمان سلامت.

 

(3)

هِن زيست جي ٻيڙي کي ٿو ايمان هلائي،

اِيمان ٿو هر حال ڪناري تي رسائي،

اِيمان ئي سهڻيءَ سان ٿو ميهار ملائي،

اِيمان ئي جَنت جا نظارا ٿو پَسائي،

اِيمان جي ويجهو نه اچي ٿي ڪا ضلالت،

الله! رکين منهنجو تون اِيمان سلامت.

 

(4)

اِيمان جي دُنيا ۾ ٿا اِنسان گذارن،

اِيمان بنا جڳ ۾ ٿا حيوان گذارن،

مردود ئي هردم ٿا پريشان گذارن،

مؤمن نه ڪڏهن غم ۾ ٿا غلطان گذارن،

اِيمان ئي ٽاري ٿو ڇڏي رنج و مصيبت،

الله! رکين منهنجو تون اِيمان سلامت.

 

(5)

دُنيا جا اِهي مال ته بيڪار ٿي ويندا،

سڀ دوست ۽ احباب به بيزار ٿي ويندا،

جذبات جواني جا ڇڏي ڌار ٿي ويندا،

چشمن جي اڳيان موت جا آثار ٿي ويندا.

ايمان بنا هوندي نه ڪنهن شيءِ جي رفاقت،

الله! رکين منهنجو تون ايمان سلامت.

 

(6)

دُنيا جي سڄي عيش کي ٺوڪر سان اُڏايان،

سر ساه کي هڪوار نه، سو وار وڃايان،

خوشين ۽ عزيزن کان پَلؤ پاند ڇِنايان،

هر ڳالهه وڃائي به، نه اِيمان مَٽايان،

اِيمان کان وڌ ناهه زماني جي ڪا عزت،

الله! رکين منهنجو تون اِيمان سَلامت.

 

اسلام مڪمل دين

پنهنجي پنهنجي پيار جا سَڀڪو گيت ازل کان ڳائي ٿو،

منهنجي دل پيارو گهري ٿي مصطفيٰ جي نام کي،

نوش مُون آهي ڪيو مدحِ نبيءَ جي جام کي،

هيءَ حقيقت خاص سمجهن سُڌ نه آهي عام کي،

ڀل ته سمجهي اڄ سڄي دُنيا سچو اوهام کي،

مان مڪمل دين ٿو سمجهان فقط اِسلام کي.

اڄ اُهي آهن محمد مصطفيٰ جي روبرو،

شان جن جو لَن تَنالُ البِرحتيٰ تُنغِقُو!

گلشنِ ديدارِ احمد جي اُنهن وٽ پاڪ بُو،

ڇا ڪندو اِلحاد تن کي، جن جو تا محشر وضو،

مادري انڌو نه ڏسندو چرخَ نيلي فام کي،

مان مڪمل دين ٿو سمجهان فقط اِسلام کي.

اڄ جي دُنيا آههِ ماديت پرستي کي لڳي،

اِشتراڪي پارٽي اڄ موج مَستي کي لڳي،

آههِ اِئن ڏاهر پرستي رب جي هستي کي لڳي،

باهه جئن بيت المقدس جهڙي بستي کي لڳي،

ڪين هوارا دل ڪيو هِن طعنه و اِلزام کي،

مان مڪمل دين ٿو سمجهان فقط اِسلام کي.

يا اِلٰہ العالمين! اِنسان جو آواز ٻُڌ،

لامڪان مان، عالمِ امڪان جو آواز ٻڌ،

چنڊ تائين هڪ طرف شيطان جو آواز ٻڌ،

ٻئي طرف ڪنهن ڪُنڊ کان قرآن جو آواز ٻُڌ،

اڄ ٿا ڪن جي نام ڪي بدنام تنهنجي نام کي،

مان مڪمل دين ٿو سمجهان فقط اِسلام کي.

سِنڌ جي سُرخن بنايو آههِ ڏاهر کي اِمام،

ڪلمهِء توحيد، جي بدران، جپن ٿا رام رام،

هو چون ٿا آههِ اڄ مذهب جي پابندي حرام،

ڀيڻ سان شاديءَ جي بندش آههِ هڪ سو راءِ خام،

هو ٿا سمجهن مشترڪ زن کي زمين و دام کي،

مان مڪمل دين ٿو سمجهان فقط اِسلام کي،

سنڌ جا سُرخا ٿا سمجهن، ظلم زوريءَ کي حلال،

غربت و اِفلاس جي حالت ۾ چوريءَ کي حلال،

جنسياتي بک ۾ هر رشتي جي ڇوريءَ کي حلال،

هڪ نئين تحقيق سان خنزير خوريءَ کي حلال،

هُو ٿا سمجهن پاڪ هر بدڪار ۽ بدنام کي،

مان مڪمل دين ٿو سمجهان فقط اِسلام کي.

چو طرف الحاد جو پرچار آهي سنڌ ۾،

مارڪس لينن، مائو جي گفتار آهي سنڌ ۾،

هر قدم تي ڏاهري دربار آهي سنڌ ۾،

حق پرستن لاءِ هڪ آزار آهي سنڌ ۾،

رنگ بدلائڻ ڏيو ڀَل گردشِ ايام کي،

مان مڪمل دين ٿو سمجهان فقط اِسلام کي.

ملحدن جي هٿ ادب جا سڀ اِدارا سنڌ ۾،

درسگاهن ۾ سندن ڀائر ڀَلارا سنڌ ۾،

ڏاهري فطرت ڏي مائل هند وارا سنڌ ۾،

ڀارتي ايجنٽ ۽ اندر جا ڪارا سنڌ ۾،

سنڌ وارا ڇو نٿا سمجهن اِنهيءَ انجام کي،

مان مڪمل دين ٿو سمجهان فقط اِسلام کي.

باب الاسلام آههِ جيڪا سنڌڙيءَ جي سَرزمين،

جنهن جو فاتح اِبن قاسم مردِ حق، عازيء دين،

تنهن ۾ اَڄ ڏاهر اڳيان مُسلم جهڪائي ڇو جبين،

آههِ منهنجو رهنما، هو رحمت للعالمين،

ڀل ته ڪو بابو سَڏي، بُوجهل بن حشام کي،

مان مڪمل دين ٿو سمجهان فقط اِسلام کي.

زندگيءَ کان ڇو ٿئي بيزار لاشاري ”رشيد“،

مصطفيٰ جي دل وٽان چاهي ٿو دلداري ”رشيد“،

يا خدا سڪَ مان ڪري ٿو گريه و زاري ”رشيد“،

گنبدِ خضرا ڏسي اکڙين سان هڪواري ”رشيد“،

مَن پوي ڪاٻاجهه ٻاجهاري محمدؐ ڄام کي،

مان مڪمل دين ٿو سمجهان فقط اِسلام کي.

 

{

 

عورت

مروت، محبت جي مهندار عورت،

سراپا صداقت جو سينگار عورت.

سوين گل اپائي ٿي انسانيت جا،

حياتيءَ جي مقصد جو گلزار عورت.

حقيقت ۾ هن وٽ برائي نه هرگز،

تقدس جي آهي طلبگار عورت.

وڌي وڻ ٿين ٿا، جي معصوم مکڙيون،

انهن جو ئي بنجي ٿي آڌار عورت.

حقيقي حياتيءَ ۾ ساٿيءَ جو ساٿي،

معاون، مدبر، مددگار عورت.

وفادار مردن کي هيءَ پرک آهي،

ازل کان ئي آهي وفادار عورت.

سدا آهي فطرت حقيقي جي قائل“

ڪري ٿي خدا جو، نه انڪار عورت.

جڏهن ملڪ و ملت تي ڪو وقت آيو،

ڪئي جنگ ۾ آهه للڪار عورت.

ڪيا هن ته پيدا سجاڳيءَ جا سورهيه،

رهي ڇو نه هر وقت بيدار عورت؟

”رشيد“ آهه بس! مختصر ڳالهه منهنجي،

شرافت جي آهي علمدار عورت.

{

 

مرد ۽ عورت جو مساوي درجو

عورتن تي حاڪميت آهه هڪ ديوانگي،

لعل کي لڏ ۾ رکڻ، سڏجي نٿي مردانگي.

عقل جي عدويٰ ڪرڻ وارن جي ڏس ديوانگي،

عقل ۾ ناقص اها، جنهن کان سکيا فرزانگي.

ننڍپڻ جي ياد ڪر اي مرد! ڪجهه ديوانگي،

آهه هڪ عورت وٽان توکي ملي فرزانگي.

مرد و عورت کي حيا ۾ گهرجي ٿي يڪسانگي،

جا ٿي سڏجي ”پرده داري“ آهه جهڳڙو خانگي.

ٻن اکين کي ٿو ملي، ساڳيو نظر جو موقعو،

مرد و عورت کي ترقيءَ ۾ هجي يڪسانگي.

ڇو هجن علم و هنر ۾ مرد زالن کان جدا؟

آفتاب و روشنيءَ ۾ ڇو هجي بيگانگي؟

ملڪ جي تنظيم گڏجي ڇو نه ڪن زالون ۽ مرد؟

ڇا دماغ و دل جي ناهي جسم ۾ يڪسانگي.

جنهن ڏني توکي زبان تنهن جي زبان بندي نه ڪر،

پاڻ سان گڏ علم ۾ عورت کي ڏي يڪسانگي.

ياد ڪر، سهڻيءَ جو دهشتناڪ دريا سان وڙهڻ،

ياد ڪر، سسئي جي هاڙهي ۾ سچي مردانگي.

فاطمه جي احد ۾، زينب جي اندر ڪربلا،

ڇو وساري آهه تو همدردي ۽ مردانگي،

چاند بيبي، رضيه سلطانه ۽ ڇا مهرالنساءِ،

عقل ۾ ناقص هيون ۽ گهٽ هين مردانگي؟

سا فقط مارن جي رهندي، آهه جيڪا مارئي،

ڀل ٿئي ڪوٽن ۾ بند ۽ ڀل ڏسي بيگانگي.

صبر مان هوءَ جوش ۾ آئي ته ڏاريندي جبل،

مرد کي گهرجي، سکي عورت وٽان مردانگي.

ظلم جو باني جي عورت، جنس ۾ ابليس ڪير؟

ڪنهن گناهن جي ڏني انسان کي پروانگي؟

 

{

 

ڪافر مسلمان عورتون

اڄ اسان جي قوم کي گهرجن نه عريان عورتون،

جيڪي ”ٽيڊي ازم“ تي ڪن دين قربان عورتون.

دور آهن دين کان، الحاد سان الفت اٿن،

سر زمينِ پاڪ ۾ ڪافر مسلمان عورتون.

عاقبت پنهنجيءَ کان رهنديون ڇو نه هر دم بيخبر؟

جيڪي پڙهنديون ڪين آهن گهر ۾ قرآن عورتون.

جيڪي عرياني کي سمجهن ٿيون ثقافت ملڪ جي،

در حقيقت ڄاڻ تون اهڙين کي شيطان عورتون.

پنهنجي ٻارن ۾ ته خود پيدا ٿيون ڪن آوارگي،

اصل ۾ تهذيب جون آهن نگهبان عورتون.

فاطمه، زينب، خديجه جي هدايت تي هلي،

دين جي عظمت ڪنديون آهن نمايان عورتون.

هاءِ! ڪي اسلام کان باغي بڻي، ڪن ٿيون خريد،

يورپي تهذيب جو سڀ سازو و سامان عورتون.

اڄ ته ٽيڊي ڇوڪرين وٽ، ناهه ڪو شرم و حيا،

ڇا چوان حيوان آهن، ياڪ انسان عورتون؟

رونقِ خانه هيون، اسلام جي اسلاف وٽ،

رونقِ محفل بڻيون اڄ ماهِ تابان عورتون.

اڄ انهن کي آيو ”ٽيڊي ازم“ جو ٽولو پسند،

پنهنجو گهر سمجهڻ لڳيون تاريڪ زندان عورتون.

آهه ”ٽيڊي ازم“ جو اڄڪلهه انهن تي هر اثر،

چاڪ ڪن ٿيون مڙس پنهنجي گريبان عورتون.

اڄ تعجب ٿو ٿئي، مون کي سندن هن حال تي،

دين جي احڪام کان آهن ڇو نالان عورتون.

مذهبي احڪام جا زيور ڇڏي، بنجي ٻسيون،

ڇو ڪنديون آهن کڙو، فيشن جو طوفان عورتون؟

عاجزي ۽ انڪساريءَ جي طبيعت کي ڇڏي،

خود نمائي جون سدا آهن ثناخوان عورتون.

جيڪڏهن اسلام جو قانون هت رائج ٿيو،

بس، ڇڏي ڏينديون سمورو جوش جولان عورتون.

 

{

 

عورت ۽ اسلام

ڪير آهي، آههِ جا هر قلب لئي وجهِ قرار،

ڪير آهي، آههِ جا اوقاتِ غم ۾ غم گسار،

ڪير آهي، آههِ جا گلزار عشرت جي بهار،

ڪير آهي، آههِ جا خُلدِ برين جو اِفتخار،

ڪير آهي، آههِ جا فضلِ خدائي روزگار،

ڪير آهي، آههِ جا حسنِ ازل جو شاهڪار.

ڪير آهي، آههِ جا دنيا ۾ رازِ دوستي،

ڪير آهي، آههِ جا فخرِ شريڪِ زندگي،

ڪير آهي، آههِ جا افسانهِء يَڪ مشتگي،

ڪير آهي، آههِ جا تسڪينِ حالِ بي ڪسي،

ڪير آهي، آههِ جا اُلفت ۾ بحرِ بي ڪنار،

ڪير آهي، آههِ جا مانندِ دُرِ شاهوار.

ڪير آهي، آههِ جا عصمت شعارو با حيا،

ڪير آهي، آههِ جا ڪاهِ وفا لئي ڪهر با،

ڪير آهي، آههِ اِنسانيت جي پيشوا،

ڪير آهي، آههِ درسِ عمل جي اِبتدا،

ڪير آهي، آههِ جا عالم ۾ تاج اِفتخار،

ڪير آهي، آههِ جا اسپِ شرافت تي سوار.

ڪير آهي، جنهن بنايو آههِ توکي سَر بلند،

ڪير آهي، جا هئي، تولاءِ هردم درد مند،

ڪير آهي، جنهن کي تنهنجو ڪين هو ڪو غم پسند،

ڪير آهي، جا هئي تنهنجي محبت ۾ ئي بند،

ڪير آهي، جنهن کي تنهنجو هو هميشه اِنتظار،

ڪير آهي، جنهن جي اُلفت توسان هئي ليل و نهار.

ڪير آهي، جنهن ڏسڻ چاهيو ٿي توکي شادمان،

ڪير آهي، جا هئي توتي هميشه مهربان،

ڪير آهي، جا هئي تو بي زبان سان هم زُبان،

ڪير آهي، جا هئي ميهمان جي ميزبان،

ڪير آهي، جا هئي تولاءِ هردم بي قرار،

ڪير آهي، جنهن ڏنو توکي صَداقت جو سبق،

عزو عظمت شان و شوڪت ۽ عدالت جو سبق،

علم و حڪمت جو سبق حلم و شرافت جو سبق،

خلق و اِحسان و سخاوت ۽ شجاعت جو سبق،

زهد و تقويٰ جو سبق فقرو قَناعت جو سبق،

صبر و اِيفاء جو سبق شوقِ شهادت جو سبق.

ڪير آهي، آههِ جا، تنهنجي اُخوت جو نشان،

ڪير آهي، آههِ جا هر وقت تنهنجي مدح خوان،

ڪير آهي، آههِ جا فرقت ۾ تنهنجي نيم جان،

ڪير آهي، آههِ جا قربان توتان هر زمان،

ڪير آهي، جنهن سڏيو توکي اخي المحترم،

ڪير آهي جنهن کنيو هر ڳالهه ۾ تنهنجو قسم.

ڪير آهي، آههِ جا تنهنجي خوشي جو اِنتخاب،

ڪير آهي، آههِ جا توسان هميشه هم رڪاب،

ڪير آهي، تو بنا جا آههِ وقفِ اِضطراب،

ڪير آهي، جا ٿي آڻي زندگي ۾ انقلاب،

صورت و سيرت ۾ آ رشڪِ پري عصمت مآب،

پر رهي ٿي تنهنجي آڏو بي نقاب و بي حجاب.

ڪير آهي، جنهن تي تنهنجو آهه قائم نام و ننگ،

ڪير آهي، جنهن ۾ ڏسجي تنهنجي غيرت جو ٿو رنگ،

ڪير آهي، جنهن جو تو سان آههِ پيهم انگ انگ،

ڪير آهي، جنهن جي ٿي عصمت دَري لُنڊيءَ جو ڏنگ،

ڪير آهي، جنهن جو تون دنيا ۾ ڳولين ٿو رفيق،

ڪير آهي، جنهن جو تون سڏجين ٿو بابائي شفيق.

اچ ته مان توکي ٻُڌايان هنجي ساري واردات،

اچ ته مان توکي ٻُڌايان هنجا اطوار و صفات،

اچ ته مان توکي ٻُڌايان هنجي عصمت جان ڪات،

اچ ته مان توکي ٻُڌايان هنجو سڀ ذڪرِ حيات،

اچ ته مان توکي ٻُڌايان هنجي شرحِ زِندگي،

بعد ۾ ٻُڌجانءِ مونکان قصئهِ شرمندگي.

ڪير آهي، آههِ جا اسپِ شرافت تي سوار.

هي اُها آهي جا آهي زينت خلدِ برين،

هي اُها آهي جا آهي جانِ فخرِ مرسلين،

هي اُها آهي جا آهي قصرِ عصمت ۾ مَڪين،

هي اُها آهي جا آهي جڳ ۾ اُمُّ المؤمنين،

شان ٿيو مذڪور جنهن جو آيتهِ تطهير ۾،

خون جنهن جو موجزن هو شبر و شبير ۾.

هي اُها آهي جا رازدانِ مرتضيٰ،

هي اُها آهي جا آهي مصدِر شرم وَ حيا،

هي اُها آهي جا آهي بي شبه خيرالنساء،

هي اُها آهي جا آهي درسِ پيغامِ هديٰ،

هي اُها آهي جا آهي خلد جي خاتُون ٿي،

هي اُها آهي جا قرآن جو قانون ٿي.

هي اُها آهي جا هئي ظاهر وري ٻئي رنگ ۾،

لَڄ رکيائين دولتِ عصمت جي وقتِ تنگ ۾،

فرق آندائين نه هرگز پنهنجي نام و ننگ ۾،

حال ڪو هن جا ڏسي ها ڪربلا جي جنگ ۾،

پنهنجو هن سڀ ڪجهه ڪيو پنهنجي برادر تان نثار،

قيد ٿي قائم ڪيائين پنهنجو آخر يادگار.

هاءِ اُن گلزارِ عصمت ۾ نه اڄ آهي بهار،

هر گلِ پاڪيزگي آهي نمايان خاردار،

بلبلين جي جاءِ تي زاغ و زغن جي ٿي پُڪار،

تلخ آهن لذتِ شيرين جي بدران برگ و بار،

گل ويا، گلشن ويو بادِ بهاري وئي هلي،

حيف توکي آسمان هي ڪار تو ڪهڙي ڪئي؟

عصمت و شرم و حيا ڏسجن نٿا سنسار ۾،

سَر برهنه ٿيون گهمن سَو صورتون بازار ۾،

پرده داري ٿي وجهي تن کي وڏي آزار ۾،

لفظ فيشن جو فقط آهي سندن گفتار ۾،

سيده جي ڪابه خوبي ڪانه ٿي ڏسجي منجهن،

باقي ڪهڙي ڳالهه آهي، جنهن تي هر هر ٿيون ڪُڏن.

فاطمه، حوا ۽ زينب جو منجهن ڪونهي شعور،

درسِ عصمت کان ٿيون آهن هزارين ڪوهه دُور،

شيشئهِ اِنسانيت آهي ڀڄي ٿيو چور چور،

ڪن نه ٿيون محسوس تاهم پنهنجي ڪيتي جو قصور،

موڪلائي ويو اُنهن کان آههِ اڄ شرم و حيا،

چار وصفون ”ع، و،ر،ت“ جون ٿيون آهن فنا.

عين مان عصمت وئي وا مان وفا مفقود ٿي،

ري منجهان وئي رسمِ پرده نيست ۽ نابود ٿي،

تي منجهان تقويٰ جي هر اُميد وئي بي سود ٿي،

”ع، و، ر، ت“ جي عفت وئي اِتي محدود ٿي،

اي مسلمانو ذرا غيرت کان پنهنجي ڪم وٺو،

ٿيو سگهو بيدار آهي وقت هاڻي ڀي نه ويو.

سيرتِ زهريٰ جا کوليو هر جڳهه درس البنات،

ٿي خواتينِ مسلمانان جي اِن ۾ نجات،

سادگي جي تيغ سان ڪن ڀُوت فيشن جي کي مات،

بنتِ ختم المرسلين جا ٿين منجهن پيدا صفات،

قدر ڪريو ڪو ”رشيد احمد“ جي هن پيغام جو،

بس اِهو ئي آههِ نقشو ”عورت ۽ اِسلام“ جو.

 

{

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org