سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :17

 

 

™ ڪافيون

 

 

رشيد احمد لاشاري(1)

جون ابتدائي ڪافيون

 

(1)

پاڪ نبي سَرور، سدا محمد ڄايو.

نُور ته احمد ڄامَ جو آدَمَ کون ته اڳي ميان.

جهڙو سُور بُراقَ جو، ويئڙو عَرشِ لنگهي ميان،

پاڪ ڌڻي پَرورَ، منجهان قُربَ ڪوٺايو.

دَهشَتَ آههِ درياهه جي ڏاڍو خوفُ ڪُننِ ميان،

وَنَحٌنُ اَقٌربُ ويجهڙو، وِٿِ نه ڀانءِ اُنهن ميان،

نام نوري اَنوَرُ، طٰہٰ تاجُ جهُلايو.

رازُ ڇَپاياءِ ميمَ جو، پاتاءِ پوشُ بَشَرُ ميان،

شان مُزّمل شاهه جو، شافعي روز حَشَرُ ميان،

نور عالي مَظَهَرُ، جنهين طُورُ جَلايو.

اولِ آخر شاهه تون، آيو نُور نظرِ ميان.

تعجب ٿيو مَخلوقَ کي لاٿيءِ هيٺ قمرُ ميان،

بخش ڌڻي سڀ ڏوهه تون، آهن عَيبَ اَپَر ميان،

واهه لاشاري يار آ، ڪهڙو خوفُ خَطَرُ ميان،

خوب آهي باوَرُ، ماهي معاف ڪرايو.

(2)

تنهنجا پور پون، مان پڪاريان ڙي الا.

تنهنجا پور پون مان پڪاريان،

مٺي محبت ڪين وساريان،

ويٺو سوز اندر نِتُ گهاريان،

آب اکين کنون هاريان ڙي الا.

تنهنجي ديد ڪيو آ ديوانو،

منهنجو حال بڻيو مستانو،

تنهنجي عشق ٻڌايو ڳانو،

ڏاج ڏکن جو سنڀاريان ڙي الا.

مونکي رات ڏينهان دلگيري،

اُٿي پهريم پوش فقيري،

ڏاڍو حال بڻيو آ زهيري،

آهَن سان اُڀَ ڏاريان ڙي اَلا.

ڌڻي بخش غريب ”لاشاري“،

لڳو سوز فراق بيماري،

ڏيندو پير باهو دلداري،

طرف چناب نِهاريان ڙي الا.

(3)

قمر شمس تنهنجا سَلامي محمدؐ،

ساري جڳ ۾ تنهنجو نه ثاني محمدؐ.

مٿي فَلڪ توکي سڏايو خداوند،

مليو تاج توکي نوراني محمدؐ.

مُزمل ۾ موليٰ ساراهيو آ توکي،

اِهو اسم عاليٰ قراني محمدؐ.

سڳورا سونهارا آهن مرد خاصا،

ڏِٺي چاهه مان جن پيشاني محمدؐ.

ٽڪر چنڊ ٿيئڙو اشاري آڱر سان،

پٿر موم ٿيئڙا زباني محمدؐ.

ناهي ڪم بشر جو وڃڻ لا مڪاني،

اڳيان تنهنجي بلڪل آساني محمدؐ.

ڌڻي بخش عاصي سَڏائي ”لاشاري“،

ذميوار ٿيندو حقاني محمدؐ.

(4)

لوري لڳي جند جان ۾، هئي هئي پنهل ويئڙو پَري،

فِڪر و فَهم ويئڙا هلي، منهنجي جان جناب سان رَلي،

ويئي بُوند بحرن ۾ مِلي، بيتاب ٿيس منجهه هڪ ذري.

ديدار ڏي توکي چوان، مدهوش ٿيس هڪ ديد سان،

ڪاڏي وَڃان ڪئين ڪيان، ٿو ساههَ ساعت ۾ ڏري.

تو تان ٿيان صدقو صنم، ويڙهي اچين ڦيرين قدم،

دائم ڪرين لطف و ڪرم، گولو گرامي ٿو مري.

ڌڻي بخش دامنگير ٿيو، حامي ته باهو پير ٿيو،

سيني ”لاشاري“ چير ٿيو، شل دوست مون پنهنجو ڪري.


 

(5)

شهر مديني ماڳ کان، قسمت ڪيئڙو بند.

دام شيطاني آههِ، ڦاسايو، درد محبت آههِ ستايو،

ڦـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــير فِــــــــــــــــــــــــــــــــــڪر ۽ ڦـــــــــــــــــــــــــــــــــند.

آهي نه وانگي واٽ اڙانگي، مونکي ته رولي ويئڙم سانگي،

پـــــــــــــــــــــــــــــير پـــــــــــــــــــــــــــــــــڇايان پـــــــــــــــــــــــــــــــــــنڌ.

جان ”لاشاري“ آهي آزاري، درد محبت سوز بيماري،

ڦـــــــــــــــــــــــــــــــــــــير نـــــــــــــــــــــــــه پـــــــــــــــــــــــوئتي ڪـــــــــــــــــــنڌ.

رمز ”ڌڻي بخش“ ڪين وساريون، پير باهو جي شوق منجهارون،

جـــــــــــــــــــــــــــوڙيم مـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــصرع چــــــــــــــــــــــــــــــند.

(6)

حيران ٿيا تنهنجي ڏسڻ لئي شمس تارا ۽ قمر.

جلوو حقيقي يار جو آيو حُسن مونکي نظر.

رُخ مصفا يار جو تنهنجي لطافت ڇا چوان،

آ نظارو خوب نوري نام عالي مشتهر.

هن سَرو قد سير گلشن جو ڪيو ٿي جنهن گهڙي،

هر شجر ٿيئڙو سلامي خشڪ توڙي با ثمر.

ويو لهي تنهن دم بِلاشڪ بي حجابي جو نقاب،

چنڊ تي بيشڪ ڄماييءِ مهر عاليٰ خوبتر.

آهيان سائل دست تنهنجي کان پيان جامِ شراب،

نه وِساريان تنهنجي محبت روز شب شام و سحر.

ناڪام آهين ڇو ”لاشاري“ دل بَحسرت مضطرب،

ٿي ”ڌڻي بخشا“ مُيسر ڏات ازلي ڪا مگر.

(7)

شل کيت ڏسان هڪواري، ڪر ڄام عمر لڄ داري.

مارن خاطر روز رڙانٿي، ٿيا نير اکين کون جاري.

مان ته مارن جي مارو منهنجا پر آهيان قسمت ماري.

چاهه منجهارون ڇيلا چاريان اها ڇانگ وٺي مان ساري.

بستر باليٰ ڪين وڻن ٿا آ ريت پٽن جي پياري.

بخش خطايون پاڪ ڌڻي تون ٿيو عاجز مرد ”لاشاري“.

(8)

ٻُڌي فرياد ٿي حامي، سخي سلطان يا باهو.

تنهنجو خادم ٿيو ڪسريٰ بڻيو شائق حسن بصريٰ.

سُبحٰنَ الذِي يَسٌريٰ، آهي تنهنجو شان يا باهو.

هجيئي خطرو گناهه وارو، پَڪڙ مرشد چناهه وارو،

آهي صاحب پناهه وارو، مَلَڪ مستان يا باهو.

تون آن باهو تو ۾ ياهو، پڙهن صَحرا به هو باهو،

شجر حيوان ۽ آهو، پَريون غلمان يا باهو.

”لاشاري“ غور ڪر وحدت، اسم باهو جي ڏس زينت،

ڌڻي بخشا ٿيو ثابت، فخر ايمان يا باهو.

(9)

تنهنجي در جو دلبر گداگر سڏايان، نبي ۽ علي جو ثناگر سڏايان.

آهيان سگ قديمي ٿي حالت نديمي،

تنهنجو نينهن نُوري نشابر ڪمايان.

دنيا لئي فِديائي نه بڻ تون شيدائي،

گهڙي ۽ پلڪ جو مُسافر سَڏايان.

ڪري باهه ڀڙڪا ڏاڍا داٻ دڙڪا،

انهيءَ ماڻهپي کون زناور سَڏايان.

ڪريٿو ”لاشاري“ ڌڻي بخش زاري،

هاڻي ڪم عقل ڪم اڪابر سَڏايان.

(10)

ڪر ماڙ مون تي سلطان باهو،

منهنجي مشڪل ڪر آسان باهو.

عاليٰ شان سڳورو بيان ڪيان،

تنهنجي محل اڳيان قربان ٿيان.

مٺي محبت ۾ ڳري جان ڏيان،

آهيان خادم سگ دربان باهو.

آهي ذات وحدت باهو پيراندر،

غمناق ڦران ٿو اُڪير اندر،

سنڌ، ڪابل ۽ ڪشمير اندر،

هر وقت ڦري فرمان باهو.

فرزند نبي سڏيو پاڻ آهي،

مليو رتبو شاهه سلطان آهي،

منهنجو ساهه ماندو، تنهنجي ڪاڻ آهي،

اَلٌحمدُ پڙهان ڪيڏو شان باهو.

منهنجو شاهه باهو لڄپال سدا،

بڻيا چور قطب ابدال سدا،

تنهنجي محبت ڏي آهي خيال سدا،

ڏي تون شاهه سخي مونکي دان باهو.

فقير ”لاشاري“ ڏي غور ڪريو،

ماندو مفت مري فِلفَور ڪريو،

تنهنجي دست آهي، جهڙي طَور ڪريو.

”ڌڻي بخش“ ڦِري نادان باهو.

(11)

ڏهٽا محمد مِير جا آ سان جنجو شاهي،

ڪربل اندر ڪهايا فرمان ٿيو اِلهيٰ.

افضل پدر اُنهنجو حيدر ڪرار آهي،

زهرا تنهنجي والده مرسل سندي آ ڄائي.

احمد جي آل پياري ڪربل ڪئي تياري،

جهولو گهليو خزان جو گلشن اندر تباهي.

سهڻن جي دِل اُداسي پيارا هليا پياسي،

حورن مٿي هندورن عاليٰ جڳهه بڻائي.

بر فلڪ سڀ ملائڪ روئن حسين خاطر،

جن و بشر پڪارن در آب روئي ماهي.

کنڀ لال ڪيا ڪبوتر، اُڏري هليو مديني،

دِلبند مصطفيٰ جو عقبيٰ ڏي ٿيو آ راهي.

بخشين ڌڻي سڳورا، منهنجا گناهه سَارا،

محبت آهي ”لاشاري“ لون لون اندر سمائي.

(12)

چوان چاهه منجهان توکي شاهه باهو،

منهنجا سُور سڀيئي لاهه باهو.

تنهنجي محبت ۾ بڻيو چُور آهيان،

تنهنجي عشق اندر ڀرپور آهيان،

تنهنجي صحبت لاءِ مجبور آهيان،

ناهي توکان سوا مون کي واهه باهو.

ماندو مفت مران ٿو جيار کڻي،

پنهنجي صورت پاڪ ڏيکار کڻي،

مونکي جام وصل جو پيار کڻي،

آهين وحدت جو درياهه باهو.

روئان نير هنجون نٿي يار جدا،

تنهنجي ڪاڻ ڳران دِلدار سدا،

جند جان ڪيان لک وار فدا،

منهنجي بگڙيل قسمت ٺاهه باهو.

ڪري عرض ”لاشاري“ شاد ڪريو،

ڌڻي بخش چوي اِمداد ڪريو،

لاڳا نفس سندا برباد ڪريو،

تو کون ڌار ناهي ٻيو راهه باهو.

(13)

ووڙيان ڏونگر وارو پنڌ اديون.

ڏسان خان پنهل جو رَند اديون.

هَٿون باز اڏاميو، هوت ڪيم دِل بَند اديون.

مانَ پسان تدبير سان، هوت پنهل جو هنڌ اديون.

واٽ اڙانگي خوف جي، چور هڻي ويا سنڌ اديون.

ڌڻي بخش ”لاشاري“ آهيان، جوڙيم مصرع چند اديون.

 

(14)

ڪئي يار ٻاروچل جلدي، اڄ ڪيچ تياري آ.

وئين هوت قطاري ڪَرهل دل جان آزاري آ.

از خود خمار اندر حاصل ڪيم جدائي،

نڪي سور ڏين ٿا ساهي، من مونجهه مونجهاري آ.

عاجز نڀاڳ ماري ڏونگر ٿي روز ووڙي،

ور جلد ٻاروچل سائين، دِل سوز جي ماري آ.

ڀانيان قيام ڪاري، دلبر بغير تنهنجي.

هڪ يار وڇوڙي ماريو، ٻي منزل باري آ.

مونکي پياس محبت، تنهنجي مدام آهي،

ڌڻي بخش ڦِري ٿو، بيتاب ”لاشاري“ آ.

(15)

ڪور مُلان تون پاڻ جو آهين، مونکي مارين ڇو.

راز اَنا الحق پاڻ پڪاري، سُولي چاڙهَيئون سو.

حرف حڪايت ڪين سڃاڻين، اکرئين ڦاسين ٿو.

مُوتُوٌ معنيٰ سمجهه بِلاشڪ، راتيو ڏينهان رو.

عِلم منجهان ڪئين عالم عابد، فيض نه پاتائون ڪو.

ڄاڻ ڌڻي بخش يار ”لاشاري“، واقف راز نه ٻيو.

(16)

نڪا اقرار جي خواهش، نڪو اِنڪار سان مطلب.

نڪا شابش کپي دِلبر، نڪو ڦٽڪار سان مطلب.

تنما ٿو رکان دل ۾ رُخ زيبا سندي دِلبر،

نه ڪا عقبيٰ سندي خواهش نه ڪو سنسار سان مطلب.

صنم شيدا ڦِران تو لئي، تنهنجو شائق چوايان ٿو،

نڪا آرام جي خواهش، نڪو آزار سان مطلب.

نه مان هندو نه مان مسلم، نِرالي چال جو قائل،

نڪي تسبيح خوان آهيان، نڪو زنار سان مطلب.

ملي ازلي مونکي نعمت سدا ان جو آهيان شاڪر،

نڪا خواهش سندي ڪَمتر، نڪو بسيار سان مطلب.

دلم خستہ ڌڻي بخشيا ”لاشاري“ جان بلب هاڻي،

نڪا ٻولي وڻي ٻي جي نڪو آهي پيار سان مطلب.

(17)

شان تنهنجو آ گرامي يا علي حيدر ڪرار.

پاڪ محمدؐ جو برادر خاص دلدل جو سوار.

ٿيو تولد شاهزادو باصفا ڪعبي اندر،

شاههِ مردان شير يزدان قوتِ پروردگار.

ناهي ثاني شاهه تنهنجو هن سڄي سنسار ۾،

لافَتيٰ اِلا علي لا سَيف اِلا ذُوالفقَار.

روز محشر ۾ بِلاشڪ تون عَلم بردار آن،

يَا عَلِي الُمرٌتضيٰ مشڪل ڪُشَا لَيل و نِهار.

بڻ نه غافل روز شب بلڪل ڌڻي بخشا فَقِير،

ڪر ”لاشاري“ يادگيري ٿِي سدائين ڪامگار.

 

(18)

هي تمنا آهي دِل ۾ ٻڌج منهنجي التجا.

شل دفن ٿئي لاش منهنجو ڪوئي دلبر خوش لقا.

جان بلب آهيان اُداسي، موت جي ٿيس عنقريب،

تنهنجي خاطر جان ڳاريم، ٿيو آهيان توتي فِدا.

مضطرف آهيان مدامي، ٿو ڏسان رنج والم،

ڪر مٺا نظر عنايت، معاف ڪر منهنجي خطا.

مُوٌتُوٌ قِبٌلَ اَنٌ تَمُوٌتُوٌ، سمجهه معنيٰ بي خبر،

ڇا ڪندو هي موت مونکي، جان کان آهيان جدا.

تنهنجي گلشن جي اندر، عاجز اُداسي بي ثمر،

لاهه منهنجي پياس پيارل، قرب ڪر بي انتها.

ڪر ”لاشاري“ آهه زاري، دان گهر دِلدار کان،

اي ڌڻي بخشا هميشہ ماٺ ڪر عاجز گدا.

(19)

ڏاڍي مونجهه لڳي دِلدار جي، نانگو نينهن ڪيم.

نانگو نينهن ڪيم، سهڻا، جهولي عشق جهليم.

غفلت وارو مَعاملو، سارو پيش پَيم.

عشق اُلانبو، لائيو، سارو هوش وَيم.

سور سوغاتون، يار جون، چشمن تي ته کنيم.

محبت ماري آهيان، قسمت کي ته چيم.

عشق ”لاشاري“ جان ۾، ڌڻي بخش دلير ٿيم.


 

(20)

رانجهن ڪئي دِل باند، منهنجي جان سڙي آ.

جان سڙي آ، ديد اڙي آ، رانجهن ڪئي ......

رانجهن مينهون چاري ٻيلي، آءُ ته کيڏون راند،

هـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــاڻي ويــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــل ٽــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــري آ،

ويل ٽري آ، خلق مِڙي آ، رانجهن ڪئي دل ......

روزرِهاڻيون يار ڪيان مان، ڪين ڏسان ٿي واند،

هـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــاڻي هــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــوت هــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــلي آ،

هوت هلي آ، يار ڦِري آ، رانجهن ...............

رانجهن خاطر هير نماڻي، پائي ڳچي ڳل پاند،

هـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــاڻي پـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــار چــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــڙهي آ،

پار چڙهي آ، سوز ڀري آ، رانجهن .................

واهه ڌڻي بخش ذات ”لاشاري“ پير باهو جو سماند،

عـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــالي جـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــاءِ جُــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــڙي آ،

جاءِ جُڙي آ، لام لڙي آ، رانجهن ...................

عشق اُلانبو، لائيو، سارو هوش وَيم.

 

(21)

اِهي نيڻ وهن ٿا نير اديون،

منهنجي حالت آههِ زهير اديون.

ديدن آههِ شهيد ڪيو، چاقو سان ڏنائون چير اديون.

سور ڏولاوا ڏاج ٿيا، روز ڦران دِل گير اديون.

ماندو ماريءِ مونجهه ۾، مجلس آ کنڊ کير اديون.

ڌڻي بخش ”لاشاري“ آسرو، ڏيندم باهو پير اديون.

(22)

اي دل نواز دلبر ڏي قيد کان رهائي.

مجبور ٿيو مجرم، عاجز ۽ پُر خطائي.

ويا لڪي شمس و قمر، رُخ مُنور کي ڏسي،

حيران ٿيا ملائڪ، غلمان ٿيا شيدائي.

خوب روئي سير گلشن جو ڪيو پئي جنهن گهڙي،

شجرن پئي سِر نِوايو، بلبل بڻي فدائي.

چشمن کي ڪهڙي طاقت، ڏسنديون جمال تنهنجو،

جيڪر ڏسن اوهانکي پروا نه آهي ڪائي.

رُخ زيبا سندي دل ۾ تمنا ٿو رکان دل ۾،

نه فردوس جي ضرورت، نه دنيا جي آشنائي.

خستہ دِل آهي ”لاشاري“ روز شب شام و سحر.

ڪر راز کي نه فاش، ڌڻي بخش سمجهه جائي.

(23)

اڄ قاصد آيو جاني جو، جهڙو واقف راز نهاني جو.

نيڻ کنيون ٿي روز نهاريان، ڀاڳ وَري شل ٻانهي جو.

مونجهه مونجهاري خوب ستايل، غفلت ۽ غلطاني جو.

عشق اندر ۾ دوڌ دکايو، حال بڻيو حيراني جو.

محرم راز نه آهي ڪوئي، نام ٿيو ناداني جو.

واهه ڌڻي بخش يار ”لاشاري“، واصف يار لاثاني جو.

 

(24)

عرب جا والي شاههَ، منهنجو سوز سڪايو ساهه.

سوز سڪايو ساهه، سهڻا ڪونه سجهي ٻي راهه.

(22)

جام محبت جلد پياريو، ٻاريو عشق آڙاهه،

دوست دلاسو جلد ڏي، مير ٿجانءِ همراهه.

بيڪس بيوس روز ڦرين ٿو، نفس جا لاڳا لاهه،

موٽ نه پوئتي مرد ٿي، طرف مديني ڪاهه.

آهي ”لاشاري“ منزل باري ثابت شوق ويساهه،

آس ته باهو پير جي، غير جون پوڙيون ڊاهه.

ڌڻي بخش چوي ٿو مونجهه مونجهاري، يار ڏجانءِ دِلجاهه،

داخل احمد ڄام جي، اندر فوج سپاهه.

(25)

ڀَلا جيڏيون عيد مَلهايان، راڻل ٿيندم راضي.

راڻل ٿيندم راضي، مرشد ٿيندم راضي.

عشق حقيقي راڻل وارو، چاڙهيم رنگ مجازي.

عشق ڪمائڻ پاڻ جلائڻ، آهي اوکي بازي.

ريجهي راڻو ڪين پڇايان، مفتي ملان قاضي.

نانگو آهي نينهن بڻايو، خواري آيم تازي.

نام ڌڻي بخش ذات ”لاشاري“، ڪندو هر دم آزي.

دوست دلاسو جلد ڏي، مير ٿجانءِ همراهه.

(26)

مقدّر جهلي نيا عليءَ شير ڄايا

ڇڏي ويا مدينو ڏکيا ڏينهن آيا

سڏي ساٿ سارو هليا جوان ڪاهي،

بڻيو ڪم قضا جو ڏنائون سيس لاهي،

صغيرن پڪاريو، سمر پئي ڪُهايا.

قيامت کون ڏاڍو ڏکيو ڏينهن آيو،

پکين ۽ حيوانن ڏاڍو روڄ لايو،

ڦڙا آسمان ٿي، رت جا وسايا.

مديني م ماتم ڪري آل ساري،

سنڀاري حسينڻ روئي ڀيڻ پياري،

تنهنجي درد دل ۾، ڳجها تير لايا.

ڌڻي بخش دل ۾، لڳا تير ڪاري،

لاشاري هميشہ هَنجون نِير جاري،

جگر جان باقي، هجر ٿي جَلايا.

(27)

يَا عَلِي الٌمُرتَضيٰ ٻڌ عاجز جي زاري،

عاجز جي زاري ته حضرت قسمت جي ماري.

حضرت علي پُڪاران، سَاعت اندر سنڀاران،

تنهنجون وڄايم تَاران، من مونجهه آ مونجهاري.

حيدر علي گِرامي، شمس و قمر سلامي،

روزي جَزا جو حامي، ٿيا نير هميشہ جاري.

نه سَاهه تي اَباور، جلدي ڏسيو دِلاور،

ڪَافي ڪليد جَا وَر، رستي توحيد واري.

فرياد هن فقير جي، ڌڻي بخش چئي دِلگير جي،

مان گولي باهو پير جي، ذاڪر بڻيو ”لاشاري“.

(28)

جن جو سايو سر منهنجي تي، ساهه ساڙيون ويا وطن.

ساهه ساڙيون ويا وطن، لا باهه ٻاريون ويا وطن.

آس منهنجي کي وڃائي، چاهه مون ويئڙا ڇڏي،

حال هيڻو ٿيو بلاشڪ، جان ڳاريون ويا وطن.

ياد ڳالهيون ٿو ڪيان مان، روز شب دِلدار جون،

ڏيئي جدائي يار مونکي، مُفت ماريون ويا وطن.

دِل سِڪي ديدار لئي، ٻيو پُور تنهنجا ٿا پَون،

وڃي تون سَڙ سِڪايل، هي پڪاريون ويا وطن،

نه وِساريان يار تنهنجي،هِن شڪر گفتار کي،

درد محبت جو دُکائي، دِل آزاريون ويا وطن.

ڪونهي محرم راز منهنجو تو ڌاران ڌڻي بخش چئي،

ڪانه ماري ويا ”لاشاري“، هت بيهاريون ويا وطن.

(29)

مجنُون بڻائين ٿو مونکي ته مجنُون بڻائين.

محبت سندو هن باب ۾ مضمون بڻائين.

ويهي محفل غير ۾ تون دِل جلائين ٿو مٺا،

ٿو ڦٽيل زخمن مٿي تون لوڻ ٻرڪائين مٺا.

ماريو دردِ محبت بار جدا.

جنبش ابرو سان جاني ٿو ڪري ٽڪرا جگر،

چاڪ ٿئي ٿو آهه منهنجي کان هي دامانِ سَحر،

منزل عشق جي ا دُشوار جُدا.

ناز جي خنجر کان دِلکي، ٿيو بچائڻ مشڪلات،

ناهي سو کي هي حقيقت، ڇا پُڇين ٿو واردات،

آهي عشق جي عاليٰ سرڪار سدا،

سر تي سٺم سختيون هجر، ويتر ڏٺم رنج والم،

ناز سان ماريائين ”لاشاري“ عشق جو آهي قَسم،

ڌڻي بخش سندو دِلدار جُدا.

(31)

ڏٺم رات محبوب منٺار پنهنجو.

ڪيم اِلتجا هي ڏي ديدار پنهنجو.

نه ٿي دُور مُونکان ڀُلائج نه دِل کان،

پاڙج پرت وارو ته اِقرار پنهنجو.

ڪونهي راز محرم سوا تنهنجي سهڻا،

سڏيم توکي دِلٺار دلِدار پنهنجو.

چوان چاهه مان چال تنهنجي عجائب،

حُسن مونکي دم دم ته ڏيکار پنهنجو.

تنهنجو يار ثاني نه آدم ملائڪ،

ڀايان خاڪ چشمن جو سينگار پنهنجو.

ڌڻي بخش ٿورا سوين يار مونتي،

لاشاري سڏيو آههِ مختار پنهنجو.


 

(32)

سخي پير باهو ڪرين ماڙ منهنجي.

بهتر ڀلاري آ دربار تنهنجي.

ملائڪ مدامي پڙهن نام تنهنجو،

ڀُلي ويو صبر هوش آرام منهنجو.

حمايت ڪجانءِ هوت هڪوار منهنجي.

هو باهو پڙهن روزُ خمرا هميشہ،

مٺا مور کائن ٿا گهُمرا هميشہ،

آ سهڻي محل ۾ ته مزار تنهنجي.

عاليٰ شان تنهنجو آهي شاهه باهو،

نه آهي تفاوت تو ۾ ذات باهو،

ڪيءِ چور بڇڙا به واصل خدا سان،

مِهر ڪر اِنهيءَ ريت عاجز گدا سان،

سخاوت سندي آههِ سرڪار تنهنجي.

ڌڻي بخش آيو پائي پاند در ۾،

”لاشاري“ کي لوري آ دِلدار تنهنجي.

(33)

آهي ته ماندو ساهه، مور، مير محمد ڄام لئي،

ڪئين مان گهاريان واٽ نِهاريان، محمد ايندو لهندم ساران،

شــــــــــــــــــــــــــــــــــــان مــــــــــــــــــــــــــــزمل شــــــــــــــــــــاهه، مــــــــــــــــــــور.

قسمت آهي قيد ڪرايو، ڀاڳن منهنجن ڪين ڀڙايو،

آهـــــــــــــــــــــــــــي ته ڪــــــــــــــــــــــــــهڙي واهه، مـــــــــــــــــــــــــــــــور،

اُمت محمد مير توهانجي، دائم دامنگير اوهانجي،

ســـــــــــــــــــــــــور ســـــــــــــــــــــــڀيئي لاهه، مــــــــــــــــــــــــــور.

منزل باري يار ”لاشاري“، جان آزاري آهي ساري،

مـــــــــــــــــــــــحبت ٻـــــــــــــــــــــاري بـــــــــــــــــــــــاهه، مــــــــــور.

بات ڌڻي بخش آهه بڻائي، پير باهو ڪئي آههِ ڀلائي،

يــــــــــــــــار ڏيــــــــــــــــــکاريو راهه، مـــــــــــــــــــــور.

(34)

مسڪن ماڳ مڪان لاهوتي، سير ڪيان سنسار سندو.

کڻ لاواري تيغ شتابي، ڦاڙ مغز مُردار سندو.

صمُٗ بُکٌمُٗ مهر لڳائيم، واقف ٿي اِسرار سندو.

صورت سيرت زيب مٽايو، قائل ٿي اِقرار سندو.

بار ملامت ڇو نه کڻين ٿو، ڪاهل ٿي نه ڪار سندو.

نام ڌڻي بخش ذات ”لاشاري“، خادم باهو يار سندو.

(35)

توتان ساهه ڪيم قربان کڻي،

ساڙيم عشق اندر دِل جان کڻي.

جِند جان اندر تنهنجي تار لڳي،

هڏ ماس ڳري مارون مار لڳي.

تنهنجي عشق سندي آ بازار لڳي،

تاڙي ڇاتيءَ ۾ مارييءِ ڪانُ کڻي.

اقرار ڪري ڇو اِنڪار ڪيءِ،

ڏيئي يار وڇوڙو بيمار ڪيءِ،

ٻيو سوغات مونڏي هي آزار ڪيءِ،

آئين سورن جو ته سامان کڻي.

آهي طلب ديدار جي يار مونکي.

اچي منهن مهتابي ڏيکار مونکي.

پنهنجي دِل کون سڄڻ نه وِسار مونکي،

تنهنجي محبت ڪيو مستان کڻي.

دِل درد کان واندي ناهي سدا،

ڪيان جان پنهنجي مان توتان فِدا.

روئان نير هنجون نٿي يار جُدا،

منهنجي مشڪل ڪر آسان کڻي.

ڌڻي بخش ”لاشاري“ جا ٻڌجانءِ سُخن،

جهڙو عشق اندر ٿيو پِير ڪهن.

ٿيندو يار اڳيان منهنجو گور ڪفن،

پوندو ضامن شاهه سلطان کڻي.

(36)

آهي عشق ڪيو قتلام، اُٿي تلوار کڻي.

عشق اويڙو جهولي پاريم،

پاڻ ٿيس بدنام، ڪيم اقرار کڻي.

ديدان ديدن سان مون لاتيون،

رات ڏِهاڙي شام، اچين دِلدار کڻي.

گلشن ساڙيو باد خزان جي،

آخر جي ته ڪلام، ڪرين گلزار کڻي.

پاڻ وڃايم هوش تمامي،

آهي عشق اِمام، ڪيانءِ لاچار کڻي.

نام ڌڻي بخش ذات ”لاشاري“،

پاڻ ٿيس گمنام، ڪجانءِ نروار کڻي.

(37)

وساري سڄڻ کي ٿيس بي خبر،

نِماڻي سان ڏاڍو ڪري ويا قهر.

نڀاڳي نِدوري ٿي دانهون ڪري،

پُڪاري پنهل کي ٿي آهون ڪري.

ڪيو ڏاڍ ڏيرن ڏنائون ڏک ڏمر.

پِٿون پير ٿيئڙا پئي ووڙيان جبل،

سڙي ساهه ويئڙو پڪاريان پنهل،

رحم ڪر گولي تي ڏاڍو آ سفر.

ڏونگر ڏير ڏاگهن ٽنهي ڏک ڏنا،

ڀايان قيام ڪاري تو دِلبر بنا،

محبت جو دل ۾ گهڻو ٿيو اثر.

ڇڏي بر  ۾ باندي هليو ڪيچ ويو،

نگاهن سان ماري هنيون پيچ ويو،

ڪيو قيد قسمت آهيان بي سمر.

ڌڻي بخش ”لاشاري“چويٿو سدا،

شهر ڪيچ مونکي ڏيکارج خدا،

هاسي پور ۾ ويهي بڻايم بهَر.

(38)

نيڻون نير ته جاري، نيزاري پنهل ڪا لاڄ پَوَئي.

سور ڏولاوا منزل باري، قيام ٻُجهي ڪاري،

نيزاري پنهل ڪا لاڄ پويئي.

ڪر هل هوت قطاري هليو، ڪيچ ڪيَئِين تياري،

نيزاري، پنهل ڪا لاڄ پويئي.

واٽ اڙانگي اوکيون چاڙهيون، قسمت جي ماري،

نيزاري پنهل ڪا لاڄ پويئي.

شهر ڀنڀور سان ناهي دعويٰ، جُوءِ پسان پياري،

نيزاري پنهل ڪا لاڄ پويئي.

واهه ڌڻي بخش بات بڻاييءِ، عاجز يار ”لاشاري“،

نيزاري پنهل ڪا لاڄ پويئي.

(39)

اِنهيءَ آڱر اِشاري سان، بيهاري وئين مٺا جاني.

ڳجهايل راز مان رانديون، ڏيکاري وئين مٺا جاني.

مَري تنهنجي محبت ۾، بڻيا انَوار جا سوالي،

تمنا خاص پوري ٿي، جياري وئين مٺا جاني.

سونهاري ديس جا ديسي، مَري مُردار ٿي ويئڙا،

مگر پرديس جا ڪارا، اُجاري وئين مٺا جاني.

بڻي هم راز من منهنجا، رهاڻيون ٿي ڪَيَئون توسان.

مگر جامِ زهر تنکي، پياري وئين مٺا جاني.

بَغلگيري بڻيا تنهنجا، سدا گلشن سندا مالي،

مٿي نيزي ٽنگي سِرڙو، اُتاري وئين مٺا جاني.

ڌڻي بخشا نه ٿي ماندو، رَهين خاموش ”لاشاري“،

سبق سارو صبر وارو، سيکاري وئين مٺا جاني.

(40)

بڻي مجنون مثل چريو پائي ڪفني گدا ٿيندس.

اڳيان روضي محمد جي وڃي بيشڪ فِدا ٿيندس.

ذڪر هو هو مٿي ڪنگرن ڪندم دمدم مثل مثل بلبل،

محبت دار فاني جي ڇڏي دعوا جُدا ٿيندس.

پائي خرقو فقيري جو ٿيندس جوڳين سان هم صحبت،

وڄائي نينهن جي مُرلي وڃي سرهو سَدا ٿيندس.

تمنا ٿو رکان دل ۾ هُجان ميڙي محمد جي،

هوندس جي اِنتها در جي وڃي منجهه اِبتدا ٿيندس.

بِلاشڪ آب ڪوثر جو مونکي مدني پياريندو،

ٿيندو روزِ جزا شافعي ٻانهو نورالهديٰ ٿيندس.

ڌڻي بخشا ثنا گوئي ڪري مرسل محمدؐ جي،

وٺي دامن ”لاشاري“ چئي، مصفا يا خدا ٿيندس.

(41)

سڏاءِ مونکي مديني ڏي، محمد پاڪ يا مدني،

وڃان اُڏري ڇَڏي سِنڌڙي، وٺان روضي سندي ڪنڊڙِي،

اُتي نڪري وڃي جندڙي، ڦران غمناڪ يا مدني.

گناهن سان ڀريو آهيان، خرابت ۾ کريو آهيان،

اندر اُلفت چريو آهيان، چمِڪن ٿا چاڪ يا مدني.

سڪندر شاهه ۽ دارا، تنهنجا خادم بڻيا سارا،

بشر جن و شمس تارا، بڻيا مشتاق يا مدني.

رسالتمآب تون آقا، تنهنجو افضل پدر ماتا،

آهيان پينو تون آ داتا، تنهنجي ٿي هاڪ يا مدني.

”لاشاري“ يار جون ڳالهيون، سدا دِل ۾ ڏيان جايون،

ڌڻي بخشا اکئين پايون، سڳورِي خاڪ يا مدني.


 


(1)  رشيد احمد لاشاري جو پيدائشي نالو ڌڻي بخش لاشاري ۽ تخلص ”گدا“ به آهي. ڏسو صفحو نمبر 582 ڪلام رشيد“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org