سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :27

  

پاڪستان جو نئون آئين

 

ڇو نه ٿيندي صبر جي ساري نئين آئين ۾،

آهه ايوبي عملداري نئين آئين ۾.

آهه زرداريءَ جي همواري نئين آئين ۾،

ٿي چڪي نابود ناداري نئين آئين ۾.

خوش رهن ڀل هيج مان هاري نئين آئين ۾،

ناهه ڪا ظالم زمينداري نئين آئين ۾.

ان گهڻو ارزان ٿي رهندو، سهج مان ٿيندو سڪار،

راس ايندا هر ۽ پاڃاري نئين آئين ۾.

ڏک هليا ويندا، سکيا ڏسبا سچا سانگي وري،

دوست ڏيندو پاڻ دلداري نئين آئين ۾.

مشڪون آسان ٿينديون، ڏرت لهندا ڏيهه تان،

پيش ايندي ڪين دشواري نئين آئين ۾.

عيش ۽ آرام جي هوندي هميشه زندگي،

ڪو به رهندو ڪين آزاري، نئين آئين ۾.

ملڪ ۾ هوندو نه ڪو بيداد نگريءَ جو نشان،

عدل ٿيندو هر جڳهه جاري، نئين آئين ۾.

دور خوشحاليءَ جو آيو آهه ۽ ايندو اڃا،

ڪين رهندي بک ۽ بيماري نئين آئين ۾.

هر جڳهه ڏسبو وري ايمانداريءَ جو عروج،

ڪين هلندي چور بازراري نئين آئين ۾.

عدل ۽ انصاف جون ٿينديون رهاڻيون راڄ ۾،

ظلم جي رهندي نه پاٿاري نئين آئين ۾.

حڪم جي بنياد قائم ٿي چڪو جمهورتي،

سوڙهه هوندي ڪين سرڪاري نئين آئين ۾.

پاڪ گلشن ۾ وري آزاد آهن بلبليون،

بند پڃرن ۾ ٿيا ماري نئين آئين ۾.

جن لٽيو ٿي ظلم بيدريءَ سان ملت جو مفاد،

ڌڪ لڳو تن کي ئي ڪاپاري نئين آئين ۾.

بغض، نفرت ۽ ڪدورت جو ٿيو اڄ خاتمو،

آهه سڪ جي فوج سوڀاري نئين آئين ۾.

ڪار سان سڀڪو لڳو ۽ ڪارخانو ويو ڦري،

ڪين ڏسجي ٿي ڪا بيڪاري نئين آئين ۾.

جي ٿي آيا بيڪس وٽ، ڏاڍ، مان ڏاڪا ٻڌي،

تن جي ٻولي هوندي ٻاجهاري نئين آئين ۾.

جن رکيو ٿي پنهنجي سر تي ظلم جي زينت جو تاج،

آهه تن جي ڳل ۾ ڳٽ ڳاري نئين آئين ۾.

درد جا دفتر ڊٺا ۽ غفلتون غائب ٿيون،

آهه هر نقطي ۾ بيداري نئين آئين ۾.

آهه هر جا حق پسندي، آهه هر جا حق حلال،

ناهه رشوت ۽ رياڪاري نئين آئين ۾.

بي ريائيءَ سان پوي ٿو حق پلئه مظلوم کي،

طمع جي ناهي طلبگاري نئين آئين ۾.

پيڙهه پختي ٿي چڪي بس، عدل ۽ انصاف جي،

امن جي ٿي رهندي اوساري نئين آئين ۾.

عدل، حق، انصاف ۽ ايمان پنهنجو شان آهه،

شل رهي قائم هي چؤياري نئين آئين ۾.

خود غرض ٿي، جن ڪيو برباد پنهنجي قوم کي،

ٿي قيامت تن سندي ڪاري نئين آئين ۾.

مينهن رحمت جو وسي ٿو، مهر مان موجون ڪري،

ڄاڻ ٿي ٿر بر ۾ گلذاري نئين آئين ۾.

صلح ۽ سک سانت سان هوندا سکيا پنهنجا سڄڻ،

ڪين هوندو ڪو به تڪراري نئين آئين ۾.

هي حڪومت آهه حق گوئيءَ جي، حق گوئي سان هل،

ڪم نه ايندي ڪا اداڪاري نئين آئين ۾.

منزلون طئي ڪر تکائيءَ سان ترقيءَ جون وري،

ڏي ڇڏي تون سست رفتاري نئين آئين ۾.

راه ۾ توکي متان ڪي خار پيرن ۾ چڀن،

هر قدم تي رک تون هشياري نئين آئين ۾.

اي ”رشيد“ آهي ملي توکي ”نئين هڪ ”زندگي“

لک لهي ڇو ڪين ”لاشاري“ نئين آئين ۾.

 

{

 

نئون دَور آيو

 

(1)

فَلڪ خُوب ڌرتيءَ کي تايو تَپايو،

وطن پاڪ کي پڻ لُٽيو ۽ لَڄايو،

غريبن سَندو خُون، ناحق وَهايو،

خُدا اوچتو اَبرِ رحمت وَسايو،

سَڄي مُلڪ ۾ پيو، عَدالت جو پايو،

نئون دَور آيو، نئون دَور آيو.

(2)

عدالت سَندو نام، جِئَن خاڪ ٿي ويو،

وَطن جو نظارو اَلمناڪ ٿي ويو،

مُجاهد اُٿيو هڪ ۽ بيباڪ ٿي ويو،

هو آيو ۽ پاڪ آستَان پَاڪ ٿي ويو،

سِڪندر جي شاهي، وڃي سِر لِڪَايو،

نئون دَور آيو، نئون دَور آيو.

(3)

جو هو خواب، سو هاڻي آهي حقيقت،

غريبن ۽ هيڻن جي آئي حُڪومت،

پَليدن جي سِر تي، ٿي نازل مُصيبت،

وَطن پاڪ پنهنجو، بَڻيو رشڪِ جنّت،

اُمِيدن جي حُورن به هي گيت ڳايو،

نئون دَور آيو، نئون دُور آيو.

(4)

تَڙيل ظالمن جا، نه اَڄ تَخت آهن،

نَڪي ”ميٽروپول“ ۾ مَست آهن،

نَه سي راڄ آهن، نه سي وقت آهن،

بَڻيا پنهنجي پستيءَ ۾ خود پَست آهن،

خُدا تن کي ڪيڏو نه آهي لَڄايو،

نئون دَور آيو، نئون دَور آيو.

(5)

سياست جي بَگهڙن حُڪومت هَلائي،

وڏي پيٽ وارن، وزارت هَلائي،

لَکن ۽ ڪِروڙن جي رِشوت هَلائي،

سِمِگلنگ ڪرڻ سان، تِجارت هلائي،

خُدا تن سندو ٻُوٿ، ڀِت سان لڳايو،

نئون دَور آيو، نئون دَور آيو.

(6)

ٺهي ويئي آخر نصيبن جي دُنيا،

عَجب رنگ واري، عَجيبن جي دُنيا،

اَميرن جي بَدران غريبن جي دُنيا،

رَذيلن جي بدران، شريفن جي دُنيا،

زماني به اَڄ رنگ پنهنجو مَٽايو،

نئون دَور آيو، نئون دَور آيو.

 

 

(7)

بڻي آههِ هارين جي تقدير عالي،

ٻَني پنهنجي جان پاڻ سَڏجن ٿا والي،

وڏيرن جي ظلمن جي ٿي، پائمالي،

نه رهندو غريبن سَندو پيٽ خالي،

ڪريو خُوب محنت، جهَجهو اَن اُپايو،

نئون دَور آيو، نئون دَور آيو.

(8)

غريبن جي دل تان لٿو غم جو گهيرو،

ڦِريو ڳوٺ وارن جي قسمت جو ڦيرو،

بَڻي تن جي پئنچات، ساجهر سَويرو،

نه اِيندي، پوليس ۽ نه وِڙهندو وَڏيرو،

خُدا تن کي ٿاڻن وَڃڻ کان بَچايو،

نئون دَور آيو، نئون دَور آيو.

(9)

تَپيدار، ڪوٽار، مُنشي، سِپاهي،

هَلائي ٿي رِشوت جي جن بادشاهي،

اُنهن تي به نازل ٿي آخر تباهي،

ٿيا لَڄ وِچان خود، دَيانت ڏي راهي،

خُدا تن کي حَيوان مان، اِنسان بنايو،

نئون دَور آيو، نئون دَور آيو.

 

 

(10)

ٿِيون بَند ڳوٺن ۾ چوريون چڪاريون،

وڏيرن کان وِسريون پُراڻيون پَٿاريون،

ٽُٽيون چور آفيسرن جون به ياريون،

لڳيون عدل جون جهنگ جهَر ۾ بَهاريون،

خُدا شِينهن ٻَڪريءَ کي اَڄ گڏ چَرايو،

نئون دَور آيو، نئون دَور آيو.

(11)

مليون ٿي شيون جيڪي، بِالڪُل مَهانگيون،

لڳيون ٿي گهڻو هَٿ ڪرڻ ۾ اَڙانگيون،

خُدا جي ڪَرم سان، ٿِيون سَڀ سَهانگيون،

غريبن جي دَر تي، چڙهن ڇو نه دانگيون،

سُڪَر جو جڏهن مِينهن موليٰ وَسايو،

نئون دَور آيو، نئون دَور آيو.

(12)

کُلي ويا هَزارين نَوان ڪارخانا،

هَليا ويا حڪومت اڳينءَ جا بَهانا،

خوشيءَ جا ٿا مزدور ڳائن تَرانا،

سَڄي مُلڪ ۾ ٿا ڏِسون شادمانا،

ٿِيو بيوسيلن جو لايو سَجايو،

نئون دَور آيو، نئون دَور آيو.

 

 

(13)

ڇڏيا جن لکن جا ذَخِيرا لِڪائي،

ڪيا جن ٿي پَنجن مان پَندرهن وَڌائي،

وڌا نيٺ قُدرت، سي مُوذي مٽائي،

خُدا ڀَل ته اهڙا ڏُڪاريل ڏڪائي،

اِهو عرض عاصين جو آغا اَگهايو،

نئون دَور آيو، نئون دَور آيو.

(14)

ڪميشن مقررّ ٿي تعليم خاطر،

سچي دين و دانش جي تنظيم خاطر،

وطن، قوم و ملت جي تڪريم خاطر،

غَرض پنهنجي توقير و تعظيم خاطر،

اَچو، عِلم جي راه ۾ وِک وَڌايو،

نئون دَور آيو، نئون دَور آيو.

(15)

اَديبن جو اِفلاس رِڻ ۾ رُلي ويو،

صَدين جو سُتل بَخت، پَل ۾ کُلي ويو،

قلم زَر جي ڇولين ۾ گويا ڇُلي ويو،

حڪومت کان هَرجا، هي ڪوڪو هُلي ويو،

”اديبن جي عزّت ۽ عظمت وڌايو،

”نئون دَور آيو، نئون دَور آيو.“

 

(16)

”رشيد“ اَڄ نه نالو ٿو ٻُڌجي خِزان جو،

بَهار آههِ ضامن بَڻيو گُلستان جو،

ويو پَست ٿي حوصلو آسمان جو،

وَڌيو اَوج و اِقبال ”پاڪ آستان“ جو،

وطن پاڪ کي پاڪ بَنجي وسايو،

نئون دَور آيو، نئون دَور آيو.

 

{


 

مارشل – لاء جو قدم

(1)

ڇا چوان ڪهڙا سياستدان پاڪستان جا،

پنهنجي پنهنجي جاءِ تي سلطان پاڪستان جا،

لٺ کڻي بڻبا ويا، ارڪان پاڪستان جا،

مسئلا تن کان نه ٿيا آسان پاڪستان جا،

ٿيا جڏهن حيوان اِهي اِنسان پاڪستان جا،

گم ٿيا سڀ آسرا اِمڪان پاڪستان جا.

(2)

حڪمرانن جا ٿي گذريا عيش ۾ اِئَين ڏينهن رات،

ڄڻ رکيا ڪعبي ۾ آهن، لات، عزيٰ ۽ منات،

قوم ٿي هَر هَر ڏٺي ظلم و ستم جي واردات،

ڇا سماجي، ڇا سياسي، ڇا معاشي مشڪلات،

عدل کي اونڌو ڪري تن رهنمائي ٿي ڪئي،

وقت جو فرعون بنجي، ڄڻ خدائي ٿي ڪئي.

(3)

مڪر، رشوت ۽ خوشامد سان وَزارت ٿي مِلي،

چند ڏينهن ۽ مهينن جي حڪومت ٿي مِلي،

جي سُڃا سکڻا هئا، تن کي به طاقت ٿي مِلي،

هر نموني خود بخود گهر ويٺي دولت ٿي مِلي،

جي وزارت کان لٿا، سي يا ته اِسمگلر ٿيا،

يا ته پنهنجي چور بازاريءَ جا آفيسر ٿيا.

 

(4)

پاڻ ۾ وڙهندي اُنهن کي سال ڏهه گذري ويا،

قوم جا سڀ مسئلا، دل تان سندن وِسري ويا،

پارٽي بازيءَ ۾ ڪي اُجڙي ته ڪي اُسري ويا،

ڪيترا اِنسانيت جي حد وٽان نِڪري ويا،

ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪُهڻ تن لاءِ هڪڙو کيل هو،

چور هو آزاد ڀاڳئي لاءِ ڪارو جيل هو.

(5)

بس، برائي نام هو اِسلاميه جمهوريه،

هر طرح ناڪام هو اِسلاميه جمهوريه،

دين تي اِلزام هو اِسلاميه جمهوريه،

جابجا بدنام هو اِسلاميه جمهوريه،

هر جڳهه اَڏبا ويا ٿي مڪر سازيءَ جا اَڏا،

مسجدن آڏو هئا بهتان بازيءَ جا اَڏا.

(6)

نيٺ اچڻو هو اُنهيءَ الله جي رحمت ۾ جوش،

درد مندن جي دلين، هيڻن سندي حالت ۾ جوش،

جيئن ڪيون آهون غريبن، آيو تيئن قدرت ۾ جوش،

يعني پاڪستان اندر فوج جي طاقت ۾ جوش،

صبر جو پيمانو خود ايّوب کان لبريز ٿيو،

سَرپرستي قوم جي ۾ مرد مؤمن تيز ٿيو.

 

 

(7)

هِن مجاهد رات هڪ ۾ سِلسلو ٺاهي وِڌو،

ظلم وارو ڪوٽ هڪ نعرو هڻي ڊاهي وِڌو،

ازدهائن کي به چيٿاڙي وِڌو ڳاهي وِڌو،

قوم تان سالن جو غم هڪ لحظي ۾ لاهي وِڌو،

هِن بچائي فڪر سان توقير پاڪستان جِي،

”مارشل-لاء“ سان ڦري تقدير پاڪستان جي.

(8)

اَڄ ڪِٿي آهي پُراڻي فرقه بندي قوم ۾،

خود نمائي، خود روي ۽ خود پسندي قوم ۾،

خير سان پيدا ٿي اڄ ساڳي بلندي قوم ۾،

ويو زوال، آئي وري اِقبال مندي قوم ۾،

سُنّي ۽ شيعه وغيره جا ٿيا جهڳڙا فضول،

هڪ ٿيو اِسلام ۽ قرآن خالق ۽ رسول.

(9)

چور، رشوت خور، ظالم، موٽرن وارا ڪِٿي،

بدديانت، خود غرض، عصمت جا وڻجارا ڪٿي،

بدمعاشن جا اَجها، دل جا ڪُڌا ڪارا ڪٿي،

بيڪسن جي لاش تي اڄ تن جا لامارا ڪٿي؟

عيش گاهن ۾ سندن دولت جون درديليون ڪٿي،

رنگ محلن ۾ اُهي رستن جون رنگيليون ڪٿي؟

 

 

(10)

ڪِٿ جوارين جا اَڏا، چورن جون پاٿاريون ڪِٿي،

جيب ڪترن، بدمعاشن جون سي بازاريون ڪِٿي،

ڳوٺ ڳوٺ اندر، لفنگن جون ٻِٽيون ٻاريون ڪٿي،

خون ۽ ڌاڙن سنديون ظالم زمينداريون ڪٿي،

هر جڳهه اڄ اَمن آهي، هر جڳهه آرام آههِ،

عدل ۽ اِنصاف جو گهر گهر رَسيو پيغام آههِ.

(11)

جِت هيون چوريون چڪاريون، اَڄ اُتي آرام آههِ،

جِت هو بدينيءَ جو مرڪز، اَڄ اُتي اِسلام آههِ،

آههِ مظلومن جو ڏينهن ۽ ظالمن جي شام آههِ،

کنڊ، اَن،گيهه، گوشت، ڪپڙو هر جڳهه تي جام آههِ،
جي هيون اَڻ لَڀ شيون اَڄ سي به سَستيون ٿي ويون،

چور بازاريءَ جون چَٽ هَستيون ۽ مَستيون ٿي ويون.

(12)

جيڪي اِسمگلر هئا، تن لئي قيامت ٿي وئي،

دُور پاڪستان تان ساري مصيبت ٿي وئي،

گڏ خزاني ۾ ڪروڙن جيڏي دولت ٿي وئي،

غير ملڪن سان اڳي کان وَڌ تجارت ٿي وئي،

خير سان آيو معاشي زندگيءَ ۾ اِنقلاب،

مُلڪ آسودو ٿيو، اُڀريو خوشيءَ جو آفتاب.


 

(13)

اڄ نه پنهنجي فرض کان آهي ڪڏهن غافل پوليس،

”مارشل – لا“ کان ڪڏهن ڏسجي نه ٿي ڪاهل پوليس،

فوج سان گڏ ڪم ڪندي اڄ ٿي چڪي قابل پوليس،

ڄڻ ديانت کي ڪيو مَس مَس وڃي حاصِل پوليس،

شڪر ٿيو ڏنڊي ۽ رشوت جو زمانو ويو هليو،

بي حيائيءَ ۽ رسائيءَ جو بهانو ويو هليو.

(14)

موٽرون، لاريون، بَسون اڄ قاعدي سان ٿيون هلن،

ڪين ٿيون ٽڪرائجن ۽ ڪين ٿيون ڊوڙن ڊُڪن،

پنهنجي هر اِسٽاپ تي جيئَن ٿيون اچي بيهي رهن،

تِئن قطارن جون قطارون قاعدي سان ٿيون چڙهن،

هر قدم، هر رستي، هَر سَودي تي ڏسجي ٿي قطار،

شهريت جا قاعدا، ٿيندا وڃن ٿا آشڪار.

(15)

صاف سُٿرو آههِ هر رستو، صَفا بازار آههِ،

هر محلوّ، ڳوٺ، شيشي مثل جلوه دار آههِ،

تندرست ۽ چست هر عورت، ٻُڍو ۽ ٻار آههِ،

قوم پنهنجي فرض کي آهي سُڃاتو خود بخود،

مرتبو ۽ مان پنهنجو آههِ ڄاتو خود بخود.

 

(16)

اي ”رشيد“ اڄ شاه جو هي بيت ٿا هر جا چون:

”حڪم بادل کي ٿيو، ڪي ساٺ سارنگ جا ڪجن،

”اڄ وِڄون آيون وسڻ ۽ مينهن ٽهه ٽهه ٿا ٽِمن،

”جن لهي ميڙيو مهانگو، اڄ اُهي هٿ ٿا هڻن،

”ٿي ڍُڪا پنجن منجهان پندرهن، وَرق اِيئَن ٿا ورن،

”شل اُهي ڏيهن منجهان موذي ڏڪاريا سڀ مَرن.

 

(انفارميشن ڊپارٽمينٽ مغربي پاڪستان، ڪراچي جي فرمائش موجب لکيو ويو)

 

{

 

پاڪ جمهوريت جي برڪت

 

وڏيرو الهه بخش ڪشمور جو،

وڏو زور ان مرد شه زور جو،

زمينن جو مالڪ ڌڻن جو ڌڻي،

رهي ان جي گهر ۾ ٿي دولت گهڻي،

مگر هو وڏي درجي جو هڪ بخيل،

رقم گڏ ڪرڻ لئي رهيو ٿي عليل،

سوا لک روپيا ان جي موڙي مڏي،

هئس ديگ ڌرتيءَ ۾ پوري ڇڏي،

ڀريو ماڻ ان جو ڪيائين وفات،

ملي موت کان ڪين ان کي نجات،

سندس پٽ ۽ پوٽا سڃا ٿي ويا،

زماني برا حال تن جا ڪيا،

الهه بخش پوٽو الهه بخش جو،

سڃائيءَ جي عالم ۾ پلجڻ لڳو،

چڱو، ٿي گهڻيون هن چڱايون ڪيون،

غريبيءَ جي هوندي ڀلايون ڪيون.

پيو ”پاڪ جمهوريت“ جو قيام،

ٿيو ان جو ممبر هي عالي مقام،

سندس بخت زورن ۾ آيو جڏهن،

نظر رات جو خواب آيس تڏهن،

ڏٺائين ته ڏاڏو الهه بخش خان،

ڪري ڏک وٽان ٿو هي ان سان بيان!

”ٻچا، اُٿ، سگهو وڃ ۽ پٺتي نه موٽ،

وڃي گهر سندي ڏاکڻي ڪنڊ کوٽ،

اتي ديگ دنيا جي ايندءِ نظر،

ڪڍي ان کي لله خيرات ڪر،

انهيءَ مان تون ٺهراءِ هڪ اسپتال،

لهي مون تان من آخرت جو وبال؟،

وصيت مطابق عمل ٿي ويو،

۽ مرحوم جو روح راضي ٿيو.

{

 

سنڌو نديءَ جو ساڻيهه

(1)

رات مون ڪنهن آس تي ٻاريو اميدن جو چراغ

ننڊ ۾ ڪثرت ڪرايو، نوش وحدت جو اياغ

من جي موجن مان ٿي اجڙيل دل اُمالڪ باغ باغ

خواب جي عالم ۾ حاصل ٿي چڪو سڪ جو سراغ

ياد م ”مهراڻ“ جي چمڪيا جڏهن سيني جا داغ

تئن هماليه جي مٿان پهتو وڃي منهنجو دماغ

(2)

جئن پڳس ايڏي بلندي تي ته گهٻرائڻ لڳس

پنهنجي پستي ڏي نهاري خوب شرمائڻ لڳس

هٿ کڻي واڪا ڪري ڊوڙي ڌڪا کائڻ لڳس

هر طرف پنهنجي وطن جي لاءِ واجهائڻ لڳس

سوز غم منهنجو خيالي جسم پگهرايو کڻي

روح کي هڪ وهڪري وٽ ترت پهچايو کڻي

(3)

وهڪرو وحدت جو مونکي پاڻ سان ڪاهي هليو

جنهن جبل جک ٿي هنئي تنهن کي ٽڪي ڊاهي هليو

هر دوئي جو زنگ پنهنجي قلب تان لاهي هليو

اتحادي رنگ موجن ۾ گڏي ٺاهي هليو

ڄڻ ته منهنجو روح هو جنت جي ٿڌڙي هير ۾

لڪ لنگهي ڏونگر ڏري پهتس اچي ڪشمير ۾.

 

(4)

هي اهو ڪشمير جنهن تي پنهنجي ماضيءَ جو مدار

هي اهو ڪشمير جو پنهنجي سلف جو يادگار

هي اهو ڪشمير جنهن جو اڄ وطن کي انتظار

هي اهو ڪشمير جنهن تان ساهه سر پنهنجو نثار

مون کي ان ڪشمير ۾ آيا رڳو پنهنجا نظر

پنهنجي ٻولي پنهنجي ٽولي پنهنجو گهر پنهنجو پڌر.

(5)

هڪ طرف خواجه حبيب الله ڪامل جو ڪلام

ٻئي طرف محمود گاميءَ جي سخن جو احترام

يعني هڪ سڏجي ٿو حافظ ٻيو نظامي نيڪ نام

هر طرف آهي عيان ساڳيو تصوف جو مقام

وهڪري کي تن وٽان پيغام وحدت جو مليو

مون کي پڻ پنهنجن وٽان تمغو محبت جو مليو.

(6)

وهڪري کي ان جڳهه تان نيٺ ٿي پنهنجن جي ڇڪ

هڪ طرف پنجاب پيارو ٻئي طرف سرحد جي سڪ

هر جڳهه پنهنجا ئي پنهنجا سڀ ڏٺم هڪ ٻئي ۾ هڪ

بي حجاب الفت تنين جي ناهه ڪنهن حالت ۾ لڪ

مون سڀن کي هڪ ڏٺو اوصاف ۾ اطوار ۾

رنگ ۾ ۽ ڍنگ ۾ رفتار ۾ گفتار ۾.

 

 

(7)

وه سخي سلطان باهو پير حق، حق جو ولي

وه بهاءُ الدين ملتاني قلندر بو علي

واهه وا بابا بُلا شاهه ۽ فريدڻ جي ڳلي

موج بنجي تن سان رند رمز گڏ منهنجي هلي

نيٺ پهتاسون اچي پنهنجن جي شاهي شور وٽ

يعني شاهي واهه جي منهن قرب جي ڪشمور وٽ

(8)

وهڪري مان آيو شاهي واهه جئن جولان ۾

خير سان پهتو وڃي جهٽ پٽ بلوچستان ۾

ائين سکر کان کيرٿر اُسته محمد خان ۾

هن مِٺي پاڻيءَ ڪيو ميٺاڄ هر ايوان ۾

ڇو نه پنهنجي ملڪ جي مهرو محبت کي ڏسون

ڇو نه گڏ وحدت سان گڏ هڪڙي اخوت کي ڏسون.

(9)

بس اتان نعرو ٻڌم حضرت ڀٽائي گهوٽ جو

سنڌڙي جي لعل ۽ مخدوم نوح اڻ موٽ جو

شہ عنايت پير پاڳاري جي ڪامل ڪوٽ جو

بي خوديءَ اندر سچل سائين جي چوکي چوٽ جو

جئن مٺو ميدان آيو تيز ٿيو تئن وهڪرو

نيٺ پهچايائين مون کي لاڙ کان ڪجهه اڳڀرو.

 

 

(10)

مون چيو اي وهڪرا! توسان سدا صدقي وڃان

تنهنجو ۽ هن ملڪ جو نالو ٿو مان توکان پڇان

تون ته سنڌو آهين، پر وادي کي تنهنجي ڇا چوان؟

ڇا چوان ان قوم کي جنهن قوم سان گڏجي رهان

آهه هن واديءَ جي هر ذره ۾ بس تنهنجو ڪمال

مان ٻڌڻ چاهيان ٿو ڪجهه تاريخ تنهنجي جو مثال.

(11)

هن چيو هو ڏس هو پريان آهي عرب وارو سمنڊ

پنهنجي پياري مصطفيٰ جي پار جو پيارو سمنڊ

آهه در اسلام جو پهريون هي جالارو سمنڊ

ابن قاسم جو گواهه آهي اهو سارو سمنڊ

ملڪ منهنجو سنڌ هو سنڌو ندي منهنجو ئي نام

ابتدا منهنجي هماليه ۽ هو ديبل اختتام

(12)

هڪ ٿيا سڀ قاعدا هن ملڪ عالي شان جا

سنڌ ۽ پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جا

جسم سان وابسته جن عضوا ٿيا انسان جا

تئن جدا نالا نه آهن منهنجي هن ميدان جا

منهنجي نظرن ۾ بلوچستان جي تدبير هڪ

سنڌ ۽ پنجاب هڪ سرحد به هڪ ڪشمير هڪ

 

(13)

مون ۾ سڀ افغان آرائين ۽ زرداري به هڪ

هڪ ٿيا چانڊا ۽ مگسي رند لاشاري به هڪ

سڀ سما ۽ سومرا اعواڻ انصاري به هڪ

شر مهاجر ۽ بروهي هوت ديناري به هڪ

ناهه ڪو مون وٽ هينئر سنڌي ۽ پنجابي پٺاڻ

پاڪ ملڪ ۽ پاڪ ماڻهو پاڪ تون ذاتين کي ڄاڻ.

(14)

خير سان جاڳي اُٿيس هن خواب مان جئن اي ”رشيد“

تئن ڏٺم پنهنجي وطن ۾ جشن استقلالِ عيد

دور ڪلفت ٿي چڪي آيو وري دور جديد

رنگ وحدت جو ڏسي ڪثرت رهي بلڪل بعيد

سڀ مسلمان هڪ ٿيا بهرو مليو ايمان جو

هڪ ٿيو نقشو سڄي مغرب جي پاڪستان جو.

 

{

 

پاڪستان جو نئون دستوري دور

 

نئين سج سان نئين دُنيا، نئين تنوير پيدا ڪر،

پُراڻي مرتبي سان گڏ، نئين توقير پيدا ڪر،

ڇڏي ڏي نعره بازي، فڪر سان تعمير پيدا ڪر،

خموشيءَ ۾ ئي خود هڪ قوتِ تقرير پيدا ڪر،

حقيقت خود نظر اِيندي، نڪا تاخير پيدا ڪر،

فقط اِيمان جي دل پنهنجي ۾ تصوير پيدا ڪر،

نئين سر سوچ، اَڄ اغيار سان آخر گَڏيون ڪنهن کي؟

بلوچي، سرحدي، سنڌي ۽ پنجابي سَڏيون ڪنهن کي؟

بَنايون ڪنهن کي بنگالي، خوشامد سان اَڏيون ڪنهن کي؟

سڀن جو خون هڪ آهي، وِڙهون ڪنهن سان، ڇڏيون ڪنهن کي؟

سِڳا ڀائر سڃاڻي، نعرهِء، تڪبير پيدا ڪر،

اِنهيءَ وحدت جي رشتي جا، ڪي دامنگير پيدا ڪر.

{

 

منهنجو انقلابي دور

 

ياس و غم کان جُدائي، هن اڄوڪي دور ۾،

ٿي سُکن سان آشنائي، اِنقلابي دور ۾.

راس آئي قوم جي ٻيڙيءَ ٻُڏل کي وقت تي،

نا خدا جي ناخدائي، اِنقلابي دور ۾.

قوم خوش، مان خوش، مقدر جي ڪري مون کي اگر،

ناههِ غم کان واندڪائي، انقلابي دور ۾.

قوم تي آتش ته ٿي گلزار، ناهي فڪر، جو،

جان مون پنهنجي جلائي، انقلابي دور ۾.

مُلڪ خوش قسمت ۾، مان خوش حال گهاريان يا خُدا!

رنج و غم کان ڏي رهائي، اَنقلابي دور ۾.

شال ڪو همدرد جاڳي ورنه همدرديءَ جي لاءِ،

خلق ساري مُن پُڇائي، اِنقلابي دور ۾.

جان جي بازي لڳايم، ساه جي ڇڪتاڻ سان،

مُون ئي اڳتي وِک وڌائي، اِنقلابي دور ۾.

مُون اَدب جي خدمتن ۾ موت وڻڄيو، ڪيئَن چوان؟

”پنهنجي مُوڙي مُون ڦُرائي، اِنقلابي دور ۾.

{

 

پاڪستان جي تعمير

 

اڄ ڪٿي آهن اُهي معمار پاڪستان ۾.

دين سان هو جن جو بيحد پيار پاڪستان ۾.

اَڄ ڪٿي آهن اُهي مانجهي مجاهد ملڪ جا،

جن ڪئي دشمن اڳيان للڪار پاڪستان ۾.

جي ٿيا ٿي قوم تان قربان اڄ شايد اُهي،

ٿي چڪا دولت جا دعويدار پاڪستان ۾.

قائدِاعظم جون آهن ڪوششون اڄ رائگان،

بوالهوس چاهين ٿا ڦرمار پاڪستان ۾.

مذهب اِسلام ڪن ٿا جذب سوشل اِزم ۾؟

ڏي تون جمهوري علمبردار پاڪستان ۾.

رنگ و بو ۽ نسل جي ويڇن ورهايو قوم کي،

ڪو مهاجر آههِ ڪو انصار پاڪستان ۾.

رهبرن ذاتي غرض سان، هٿ ڪيو جئَن اِقتدار،

تئَن تباهي جا اُٿيا آثار پاڪستان ۾.

صرف لاديني جي سببان منتشر آهن خيال،

آهه هر هڪ فرد ڄڻ بيمار پاڪستان ۾.

ڪاش! اڄ مسلم جو دُشمن آههِ مُسلم ملڪ ۾،

ڀائپيءَ جو ناههِ ڪو وهنوار پاڪستان ۾.

بس اجهو وارو وريو، آيو بهارِ بي خزان،

ڪو ترقي جي ڏسي رفتار پاڪستان ۾.

 

ڄاڻ آيو آيو راڄ جمهوري، بچيا ٿورا ڪي ڏينهن،

سبز تر ٿيندو وري گلزار پاڪستان ۾،

جاودان هوندو بهارن سان ڀريل هي گلستان،

بغض جو رهندو نه هرگز خار پاڪستان ۾.

ڪين رهندو شامتِ اعمال جو ماتم ڪڏهن،

عيد هوندي هر گهڙي هر وار پاڪستان ۾.

قوم جو هر فرد ٿي رهندو مجاهد ملڪ جو،

ٿي چڪو ميدان اڄ هموار پاڪستان ۾.

جيڪڏهن قرآن جي تعليم تي ٿيندو عمل،

ڪين رهندو پاڻ ۾ تڪرار پاڪستان ۾.

هي ٺلها نعرا ته آهن اِشتراڪي سازشون،

اڄ ٿو گهرجي، جذبهِء ايثار پاڪستان ۾.

جوهرِ اِيمان سان ڪر خاتمو اِلحاد جو،

بس نه ڪو هڪڙو رهي مُردار پاڪستان ۾.

زندگي پنهنجي ڪريان ٿو وقف پنهنجي قوم لاءِ،

ڪر اِهو دِل سان سچو اِقرار پاڪستان ۾.

تون فقط آهين مسلمان، صِدق دل سان ڪر سگهو،

ڪفر ۽ اِلحاد جو اِنڪار پاڪستان ۾.

هند ڏي تن کي اُماڻي ڇڏ، جي سنڌي روپ ۾،

ڏاهريت جو ٿا ڪن پرچار پاڪستان ۾.

ڪر دوباره جنتِ اسلام سان آباد مُلڪ،

حورِ آزاديءَ جو ڏس سينگار پاڪستان ۾.

 

عشقِ آزادي جو سمجهين جيڪڏهن مفهوم تون،

آههِ پنهنجو دلگهريو دلدار پاڪستان ۾.

پنهنجي قوميت ۽ يڪ جهتي سان رهه تون سر بلند،

تون ئي آهين قوم جو آڌار پاڪستان ۾.

غير جي افڪار ۾ ڦاسي نه لاشاري ”رشيد“،

شل هجي آزاد ۽ مختار پاڪستان ۾.

 

{

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org