سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :29

 

 (7)

ٿيو جيئَن قهر ڪلهوڙن جو ساري سنڌ ۾ جاري،

رهي قائم نه ميرن جي ڪا عزت ۽ نه سَرداري،

ويو خانِ قلات آڏو هلي بجار هيڪاري،

ڏيان لشڪر ٿو مان توکي ڏني هي خان دلداري.

مگر مير بجار اُن وَٽ تَحمل ڌاري ڳالهايو،

سَنڀاري سنڌ سهڻيءَ کي بلوچيءَ ۾ هي فرمايو.

(8)

مني واجا مَني آقا! مَن اَشتو بندگي لوٺان،

نه رَندان شاهيءِ ديما، نه من موتءِ گُرا ٿُڙسان،

نه ڇِي سُودي اگر گپٿا، خَران ني جاگها گوخان،

شُمئي فوجان ني دَستا، مَن حُنِ سنڌيان ريشان،

بلوچ اَستان، بلڇان ني بِراسان مِير بجاران،

سَزق بان سنڌ ناما اي دُعا دَر بارگہ داران.

(9)

سڀن غازين جو غازي، صبغت الله شاهه پاڳارو،

شهيدِ، سنڌ بنجي، ٿي چڪو مقصد ۾ سوڀارو،

پياريو غازين کي تنهن غزا جو جام جالارو،

وريو هن جي ئي صدقي آهه پاڪستان جو وارو،

پڇيو ڪنهن ”جنگ جهيڙي کانسواءِ انگريز ڪيئن ويندا؟“

چيائين: ”جيڪي جيئرا سي اوهانکي پاڻ ڏس ڏيندا“.

(10)

ٿيو هر چالبازيءَ ۾ جڏهن انگريز سوڀارو،

سِکن جو ٿي چڪو پنجاب ۾ اِقبال موچارو،

تڏهن غيرت ۾ آيو پير حزب الله پاڳارو،

ڪيو جنهن جنگ آزاديءَ جو روشن سنڌ ۾ تارو،

مُسلمان کي مارائڻ ٿيو انگريز کي سنهنجو،

ڪَرايو هِند جي غازي، تعارت سنڌ ۾ پَنهنجو!

(11)

مجهـﻶ کهتـﻶ هين سيد احمد آيا هون بريلي سـﻶ،

بچاؤ سندهه کي راني کو يورپ کي سهيلي سـﻶ،

پهنکارون سي بهگاؤ نحس ناگن کو حويلي سي،

مسلمانو! اڻهاؤ فائده اس رُت رنگيلي سـﻶ،

حرون کي فوج فوراً پير گوڻهه، امروٽ سي نکـلـﻶ،

جنازه ميري ميت کا بهي بالاکوٽ سي نکلـﻶ-

(12)

لڳي ميرن کي گهر مان، ٿي عَيان پنهنجن جي غداري،

گِدو مل جهڙا هِندو ٿي چُڪا ڌارين جا پرچاري،

ٿِيا سازش ۾ سَرگردان، بَنائي چور بازاري،

تڏهن انگريز حِرفت سان، سَموري سِنڌ والاري،

اُٿيو هڪ سِنڌ جو شهه زور شيدي هوش و حشمت سان،

اُنهيءَ هوشو ڪئي للڪار، سِنڌين کي صداقت سان.

(13)

اُٿو اي سنڌ دي سورهيه! اِهو ڀورا ڀَڄا ڇوڙون،

قَسم کا ڪَر وِڙهون تي جان دي بازي لڳا ڇوڙون،

جو هِن غدار اُنهان ڪون ڏينهن دي تاري ڏِکا ڇوڙون،

جِٿان دِيدان نه پهچن، بس! اُٿان واڳان وَلا ڇوڙون،

نه سهڻي سنڌ دي دامن اُتي ايجها ڌٻالَيسون،

نه ڏيسون سِنڌڙي انگريز ڪون، توڙي جو مَر وَيسون.

(14)

اُٿيو هڪ سنڌڙيءَ جو شير ۽ نعرو لڳايائين،

”دٻي جي جنگ ۾ انگريز کي ٽوٽا چٻايائين،

نه جيسين قيد ٿيو، تيسين ڀليل ڀورا ڀڄايائين،

هٽيو پٺتي نه هرگز پر قدم اڳتي وڌايائين،

لڳائي جنگ جي ميدان ۾ ان جان جي بازي،

ڪڍيا پنهنجي زبان مان نيٺ هي الفاظ ان غازي.

(15)

بڻيا جو سنڌڙي دا شير، او هرگز نه ڊڀ کاسي،

وطن دي ڪاڻ مرويسي يا کاسي قيد ڦاسي،

اڳون تي ويسي ڌوڪيندا نه پڇتي مول ول آسي،

نهين غم توڙي سهڻي سنڌ ٿي ويسي الهه راسي،

اهو ڀي ڏينهن آسي، جو وطن آزاد ٿي ويسي،

انهان ڀوريان دي بيدادي صفا برباد ٿي ويسي.

(16)

هي ستونجاه اَرڙهن سَو، جي سَنه جي آههِ آکاڻي،

هئي وِڪٽوريا جنهن وقت لنڊن ۾ مهاراڻي،

اُٿيا تِئن خانڳڙهه جا خان، پي پَيڪار جو پاڻي،

هو کوسو دلمراد اَول ۽ دَريا خان جکراڻي،

مُئا هي سنڌ جا غازي وڃي قيدِ فرنگ اندر،

چيائون جان جيڪب کي هي آزاديءَ جي جنگ اندر.

(17)

ٺڳيءَ سان جان جيڪب، ڀَل وَلي الله بَنجي وڃ،

ڏِئي جِرگا ۽ جاگيرون، دِلي دَرياه بَنجي وڃ،

ڀَلي گهوڙا ڀَڄائي، شهسوار ۽ شاه بَنجي وڃ،

مگر هِن ڳالهه مان هاڻي ئي تون آگاه بنجي وڃ،

اَسان جو روح مَحشر ۾ خدا وٽ ٿيندو فريادي،

ٿِيا جي خانڳڙهه جا خان، مَٽجي جيڪب آبادي.

(18)

حقيقت ۾ اِهي سورهيه، هئا اِسلام تان صدقي،

نه ڪنهن ديويءَ جا پوڄاري، نه سيتا رام تان صدقي،

ٿئي صبحِ وطن ٿو ڪيئن ڀَلا ڪنهن شام تان صدقي،

سَچا سنڌي ٿين ٿا پنهنجي ننگ و نام تان صدقي،

ٻُڌائي سچ ٿو ”لاشاري“ ٿئي ڀَل ڪنهن کي حَيراني،

اِهي سورهيه هئا سَچ پَچ ته پاڪستان جا باني.

(19)

بهادر آهه جو شاعر ڪندو سو رزم جون ٻوليون،

ڄٽن جي ميڙ ۾ ويهي نه چوندو ”ماهيا“ ”لوليون“،

طبيعت منهنجي ۾ آهن روان مهراڻ جون ڇوليون،

ڇڏيان ڇاڪاڻ مقصد کي ڇو کيڏان راند جو گوليون،

مخالف نعره بازي سان رهن ڀل مون سان تڪراري،

مري ويندس ته چوندي سنڌ: ”زنده باد لاشاري“.

{


 

باغي ٻيجل

(1)

دل چوي ٿي ”چنگ چوريان، چاه مان چارڻ ٿيان،

جوش مان جهوڙا ٻڌي جهومان، نِجو نارڻ ٿيان،

ساز ڇيڙيان درد جو ۽ قرب جو ڪارڻ ٿيان،

ڪنهن نه ڪنهن جي سوز ۽ غم جو ٻٽو ٻارڻ ٿيان“

پر غلط سر جي صدا، آهي اِهو مڱڻن جو ڪم،

مان گهران ٿو سنڌڙي، سنڌين جو جنهن سان آههِ دم.

(2)

مان ڇو ريجهايان اَڄوڪو راءُ پنهنجي راڳ سان،

ڇا وڃي اُن جو ڀلا منهنجي نڀاڳ ۽ ڀاڳ سان،

ڇو ڏجي پنهنجو نصيب اُن کي وطن جي واڳ سان،

اُن جا زهري کاڄ ڇو گڏجن، سلوڻي ساڳ سان،

دل جي راحت لاءِ بس! مهراڻ جون موجون کپن،

سنڌڙي سهڻيءَ جي سهڻي حسن جون فوجون کپن.

(3)

مان اُهو ٻيجل نه آهيان، جو ڪندس سر جو سوال،

پنهنجي عزت، پنهنجي عظمت جو، نه آڻيندس خيال،

ائين نه چوندس: مون کي گهرجي ڪين ٿو دولت ۽ مال،

غير جي اقبال سان پنهنجو نه آڻيندس زوال،

مون کي پنهنجي سنڌ جي عزت کپي، عظمت کپي،

اوج ۽ اِقبال سان گڏ مال ۽ دولت کپي.

 

(4)

ڇو ڪريان پنهنجا ڇڏي، پرديس وارن جو سلام،

دان جي لالچ ۾ ڪن سرمايه دارن جو سلام،

هڪڙو بت پوڄڻ ته ڇا، پر لک هزارن جو سلام،

ڪيترن فرعون ۽ قارون پارن جو سلام،

ٻن اُهو چارڻ جو خود چولي به وڪڻي غير وٽ،

پنهنجي دل جو درد ۽ ٻولي به وڪڻي غير وٽ.

(5)

سنڌ جا ٻيجل تون ڀَل، سرندو صداقت جو وڄاءِ،

اَمن ماڙين ۾ نه گهُر، لانڍين ۾ تنهنجي آههِ جاءِ،

اَڄ جي ”نارُ حَامِيَه“ کان تون ئي پنهنجن کي بچاءِ،

بره جو هيءُ بار باري، پنهنجي ئي سِر تي وساءِ،

هڪڙي سکڻي سر پٺيان، وڪڻي نه ڇڏ دردِ وطن،

غير کي اِنعام ۾ ڏي ڪين ”جناتِ عدن.“

(6)

ڪنهن ڏياچ اندر اگر ڏسجي ٿي اَڄ مردانگي،

توکي گهرجي اُن اڳيان ظاهر نه ڪر ديوانگي،

ڇڏ ٺلهي سر جي صدا، پيدا ڪر فرزانگي،

جي گهرڻ چاهين ته گهُر، ٻوليءَ سندي پروانگي،

سنڌڙي سورٺ جو جئَن نام و نشان زنده رهي،

”قوم زنده ٿي رهي، پر جي زبان زنده رهي.“

(7)

تند تنهنجيءَ کي جڳائي ٿو نه اَڄ نئڙت نياز،

آههِ سختيءَ جو زمانو، ڇيڙ ڪو سختيءَ جو ساز،

راز راجا جو نه گهُر ۽ ٿي نه ڪنهن وٽ سرفراز،

جي گهرين ٿو ڪارسازي، ٿيءُ تون پنهنجو ڪارساز،

ڪر نه ميراثين ۽ مڱڻن جي زماني ڏي نگاه،

آههِ اَڄ تنهنجو زمانو، آهين تون خود بادشاه.

(8)

رنگ محلن جي اڳيان پنهنجي وڄائين ڇو ٿو بين،

آههِ تنهنجو آسمان ۽ آههِ تنهنجي سرزمين،

جي هئا مڱڻا، اُهي سڏجن ٿا عالم جا اَمين،

تون به رک تازي تخيل جي مٿان زينت جي زين،

هڪڙي ئي اک ٻوٽ اندر عرش تي پَرواز ڪر،

پنهنجي ئي آواز سان پنهنجو تون سُرندو ساز ڪر.

(9)

تنهنجي فطرت ۾ ڪڏهن ٻئي جي ثناخواني نه آههِ،

هيءَ مڱڻهارپ سراسر ڪارِ اِنساني نه آههِ،

تنهنجي خودداريءَ کي زيبا، ڪنهن جي درباني نه آههِ،

جي تون جهونا ڳڙهه کي نغمن سان نَچائي ٿو سگهين،

حڪمران بنجي حڪومت پڻ هَلائي ٿو سگهين.

(10)

جي هجين راجا سَوَن کي سون ۾ توري ڇڏين،

مفلسن کي ڪين جهوريءَ ۾ ڪڏهن جهوري ڇڏين،

تون به حق جي راه ۾ سَو وار سِر گهوري ڇڏين،

وقت تي پنهنجي ڪلهن تان ماس پڻ ڪوري ڇڏين،

تون مگر مڱڻو ٿِئين، رُسوا ڪيو توکي ڪُماچ،

تخت تي ويهي، سخاوت ۾ ڪڍيو نالو ڏياچ.

(11)

اَڄ به دُنيا تنهنجي نالي کي لڄائڻ ٿي گهري،

هِڪ هُشيءَ تي ڪيترن جا سِر وڍائڻ ٿي گهُري،

تنهنجي سُرندي مان ئي پنهنجو ڪم ٽپائڻ ٿي گهري،

پر نه پنهنجي چال کي هرگز مٽائڻ ٿي گهري،

جي چڱو ڄاڻين ڀڃي ٽُڪرا ڪري ڇڏ ساز کي،

ورنه رهه پنهنجيءَ ۾ پورو، ٻُڌ نه ڪنهن آواز کي.

(12)

پنهنجي تون آواز سان، آوازِ حقاني ملاءِ،

ساز پنهنجي سان ٽٽل دل جي پريشاني مِلاءِ،

پنهنجي گيتن ۾ سراسر راز روحاني مِلاءِ،

پنهنجي درويشيءَ ۾ هيڪر شانِ سلطاني ملاءِ،

پوءِ ٿي ٻيجل ۽ بيشڪ چنگ چوري جنگ ڪر،

پنهنجي نغمن سان ئي دُنيا ۾ ڪي پيدا رنگ ڪر.

(13)

هيءَ زمين ڇا، آسمانن تي به رک پنهنجو قدم،

عرش کان هر فرش تائين کوڙ وحدت جو علم،

ڪر فضا راحت جي پيدا، دُور ڪر رنج و اَلم،

جڳ وهيڻو ڪين ٿي، پر جڳ کڻي تنهنجو قسم،

ساز تنهنجي ۾ ٿين پيدا ڪي سبحاني صفات،

تنهنجي نغمن سان لڳي گونجڻ سموري ڪائنات.

(14)

ڇا جو مڱڻو تون ته آهين ڏيهه جو ڏاتار اَڄ،

تنهنجي دم سان ٿو هلي، دُنيا جو ڪاروبار اَڄ،

پنهنجي ذهنيت مِٽائي، ڪجهه ته ٿيءُ نروار اَڄ،

پنهنجي هٿ سان وَڍ قدامت پنهنجيءَ جو ڪاپار اَڄ،

ڇيڙ عالم دوستيءَ جو ساز  ويهي صبح و شام،

ڇو جو اَڄ اِنسان ڪنهن اِنسان جو ناهي غلام.

(15)

سڀني قومن کي تون پنهنجي ڀائپيءَ ۾ ڪر شمار،

ڇا جو اڄ ڪمزور مفلس، ڇا جو موٽو مالدار،

آههِ عزت جو فقط انسانيت تي انحصار،

اهڙو نصب العين ڪر دنيا ۾ بيشڪ آشڪار،

پيش ڪر جڳ ۾ نظريو تون ”سچل سرمست“ جو،

ٿي خدا پنهنجي خودي ۽ پنهنجي تخت ۽ بخت جو.

(16)

تنهنجي ئي ايثار سان، انسانيت جي آهه عيد،

تنهنجي دم سان ٿيندي استبداد جي مٽي پليد،

عام جي حق لاءِ هڻ تون نعره ”هل من مزيد“،

غم نه ڪر تنهنجا ٿي رهندا ٻانهن ٻيلي لک ”رشيد“

”راڄ شاهي“ جو هينئر مشڪل نه آهي اختتام،

ساز تنهنجي سان بدلبو، سنڌ جو بگڙيل نظام.

{


 

هاريءَ کي هدايت

 

جي تون منظور ڪندين منهنجي هدايت هاري!

توتي الله ڪندو پاڻ عنايت هاري!

هڪ ڪڻي مان ٿو گهڻو بنجي، خدا تي رک،

رائگان تنهنجي، ڪڏهن ويندي نه محنت هاري!

تنهنجي محنت سان زمانو ته فلڪ تي پهتو،

تنهنجي برباد ڀلا آهه ڇو قسمت هاري؟

جيڪڏهن پاڻ سڃاڻي، تو سڌاري حالت،

تنهنجي سر تي نه ڪڏهن ايندي مصيبت هاري!

”پاڻ زنده جي رهو، زنده ٻين کي به رکو،“

زندگانيءَ جي اها آهه حقيقت هاري!

تو بنا ڪير زماني ۾ رهي ٿو زنده؟

آهه دنيا کي فقط تنهنجي ضرورت هاري!

سنڌ ۾ تو نه سکيو، ڪوبه زراعت جو هنر،

تنهنجا پنهنجا ئي ٿا ڪن، تنهنجي شڪايت هاري!

حال تنهنجي تي ٿو هر حال ۾ افسوس ٿئي،

ايترو ان ۽ اڃا تنهنجي نه پورت هاري؟

ملڪ ۽ قوم جو سينگار تون آهين بيشڪ،

تون ئي پيدا ٿو ڪرين ديس جي دولت هاري!

بخت بيدار ڪندين، تون ئي وطن پنهنجي جو،

قوم جي دور ڪندين، تون ئي نحوست هاري!

اڄ ٽريڪٽر ٿا کپن، ان جي گهڻائي خاطر،

هر هلائڻ ۾ هينئر آهه هلاڪت هاري!

مرتبو تنهنجو زماني ۾ گهڻو آهه بلند،

ڪر نه پيدا تون زماني ۾ خجالت هاري!

پوک پوکڻ جي هنر ۾ به وڏي ڄاڻ کپي،

علم پڙهه، ناهه چڱي اهڙي جهالت هاري!

پنهنجي الله کي ڪر ياد ۽ الحاد کي ڇڏ،

دور مذهب کان رهڻ آهه حماقت هاري!

پيٽ جي لاءِ ڇو الله به ياد نه آهه؟

ڇو خريدين ٿو قيامت ۾ ضلالت هاري؟

پنهنجي محنت تي گذرڻ ۽ نه ٻئي تي ڀارڻ،

آهه مشهور اها تنهنجي ديانت هاري!

قوم و ملت کي رکي پاڪ وطن ۾ محفوظ،

تون ئي تعمير ڪندين پنهنجي عمارت هاري!

جان آهين تون سڄي قوم جي ۽ جسمِ وطن،

ديس جو روح چوان، تنهنجي زراعت هاري!

تنهنجي دم سان ئي هلي، ملڪ جو چرخو سارو،

تون زراعت سان هلائين ٿو تجارت هاري!

صلح ۽ سانت سان هل پنهنجي وطن ۾ هردم،

تنهنجي ڪنهن سان به هجي ڪين عداوت هاري!

خون تنهنجي سان انهن کي ٿو کپي ملڪ جو راڄ،

خود غرض ڇو نه ڪندا اهڙي شرارت هاري؟

ان جا انبار ته پيدا ٿو ڪرين تون ليڪن،

پوک پوکڻ جي هجي توکي هنر جو به خيال،

گهر جي هنرن ۾ هجي خاص نفاست هاري!

تو ته ڪوڏر ۽ ڪهاڙي سان جبل ٿي ڏاريا،

چئو ڪٿي آهه اڳوڻي اها طاقت هاري؟

سنڌ سهڻيءَ کي دعا آهه ڪئي لعل لطيف،

تنهنجي ئي دم سان هجي سنڌ سلامت هاري!

تنهنجو ئي زور هلائي ٿو سڄي دنيا کي،

تو بنا آهه زماني جي هلاڪت هاري!

ان گهڻو آهه ته ڌن جي به نٿي کوٽ رهي،

بس! ترقي جي اها آهه علامت هاري!

تنهنجي نالي جي هجي دل ۾ جڳهه هر ڪنهن وٽ،

ذاتِ انسان جي ڪر اهڙي تون خدمت هاري!

تنهنجو ڪم آهه صدا محنت ۽ بيداري جو،

توکي سونهي نٿي هر حال ۾ غفلت هاري!

اڳ ۾ ڪر پنهنجي سڌاري ۽ ترقيءَ جو خيال،

پوءِ ڏس تون خدا پاڪ جي قدرت هاري!

جيڪي چوڻو هو، چيو آهه گهڻو توکي ”رشيد“،

ٻي ڀلا ڪهڙي ڪندو توکي نصيحت هاري!

 

{

 

متارا ملاح

 

مرحبا مرد مڻيادار متارا ملاح!

دلگهريا دوست ۽ دلدار ملاح!

صدق و غيرت جا علمدار متارا ملاح!

قوم جي آس ۽ آڌار متارا ملاح!

ديس تان ساه ڇڏڻ وارا سچا، هي سرويچ،

سڪ جي ساڻيهه جا سالار متارا ملاح!

ڇو نه سي ظلم جي ڌرتيءَ کي ڇڏيندا چيري،

جي سمنڊن کان لنگهيا پار متارا ملاح!

مورڙي وانگي ڇڏيندا نه هو مانگر مڇ کي،

اَڄ ٿيا خوب خبردار متارا ملاح!

جن کي پاتار ۾ موتي ٿا محبت جا ملن،

ڇو نه ڪن قبضي ۾ بازار متارا ملاح!

رب ڏنا جن جي هٿان ملڪ کي ماڻڪ موتي،

ڏِس سچائيءَ جا خريدار متارا ملاح!

غير کان ڪين ٻڏڻ ڏينداسون پنهنجو ٻيڙو،

ڪن ٿا هي قوم سان اِقرار متارا ملاح!

ٿي رهي پاڪ وري، پنهنجي ڪلاچيءَ جو ڪن،

ڪن ٿا گوشه ۾ هي گفتار متارا ملاح!

اڄ وري جنگ جهازن سان لتاڙي ٿا اچن،

چين، جاپان ۽ ملبار متارا ملاح!

جن جي تعريف ڪئي پاڻ سچي شاه لطيف،

اڄ ٿين ڇو نه سي بيدار متارا ملاح.

جن جي تعريف ڪئي پاڻ سچي شاه لطيف،

اڄ ٿين ڇو نه سي بيدار متارا ملاح.

پاڻ غربت ۾ رهي، ڪن ٿا اميريءَ کي اَسير،

ڇونه هيڻن جي لهن سار، متارا ملاح.

صلح ۽ اَمن ازل کان ئي سندن شيوو آه،

ڪن نٿا ڪنهن سان به تڪرار متارا ملاح.

هر مسلمان کي سمجهن ٿا، سڳو ڀاءُ اُهي،

ڇا مهاجر ۽ ڇا انصار، متارا ملاح.

ڏيل ڏاڍن جا اُهي ڇو نه ڇڏيندا ڏاري،

جي سمنڊن تي ٿا ڪن وار، متارا ملاح.

مرد اڻ موٽ کي شاباش، جو ”ڄاموٽ عمر“

جنهن جي الفت جا طلبگار متارا ملاح.

”ناخدا“ نالي سان اُن ٺاهي، هي پبليڪيشن،

جئن پڙهن پنهنجي هي اخبار متارا ملاح.

”ناخدا“ جنهن جو هي ڄاموٽ عمر، ايڊيٽر،

اڄ ٻڌن تنهنجي ٿا للڪار متارا ملاح.

”ناخدا“ آئي، ويا سور سون سالن جا،

ڇو ڏسن هاڻي ڪو آزار متارا ملاح.

”ناخدا“ آئي ڀلي، مينهن محبت جو وسي،

ڪن بيابان کي گلزار متارا ملاح.

ڏس تون منهوڙي، ڪياماڙي ۽ بابا ڀٽ تي،

سنڌ جي سونهن ۽ سينگار متارا ملاح.

شمس پير آههِ اُنهن جي ئي ترقيءَ جو شمس،

ٿي چڪا اوج ۾ اظهار متارا ملاح.

آهِ قبضي ۾ هوا تن جي ”هوابندر“ تي،

ڏس سمنڊن جا هي اسرار متارا ملاح.

نينهن ۾ تن جي نهوڙيل ٿي، هي ”نيٽي جيٽي“

پنهنجي نالي مان ئي نروار متارا ملاح.

وصف ۾ جن جي نه ڍاپي ٿو پيو ويسٽ وهارف،

ڏس اهي مرد مزيدار متارا ملاح.

”حيدري“، هاڪس بي، پرنور ٿي پيراڊائز،

ڏِس اُٿي خاص جفاڪار متارا ملاح.

ڏِس وڃي خير سان هڪوار کڏي، بغدادي ۾

ڪن ٿا خوش خلق ٿي کيڪار متارا ملاح.

کوٽ ڏسجي ٿي نڪا مهر جي ”ماريپور“ ۾

واه وا مرد وفادار متارا ملاح.

”ناخدا“ راز کي اظهار ڪندي رهندي ”رشيد“،

ڀل ته ڪن سوچ ۽ ويچار متارا ملاح.

 

{


 

سنڌ جا آبادگار!

 

ڪجهه ته دنيا ڏي نظر ڪر، سنڌ جا آبادگار!

آسمانن جو سفر ڪر، سنڌ جا آبادگار!

پوک پوکڻ جا طريقا ٻاهرين مدڪن کان سک،

سير ڪر، سهڻو سفر ڪر، سنڌ جا آبادگار!

ڇڏ غلاميءَ جو تصور بادشاهي پنهنجي ۾،

زندگي پنهنجي بسر ڪر، سنڌ جا آبادگار!

وقت آيو آهه تنهنجو، وقت پنهنجي کي سڃاڻ،

ڳالهه سڀڪا در گذر ڪر، سنڌ جا آبادگار!

زندگي آهي عمل سان، ڪر زراعت تي عمل،

پنهنجي قسمت ڪارگر ڪر، سنڌ جا آبادگار!

ڪي نيون آڻج مشينون، ان اپائڻ واسطي،

سبز تر سڀ جهنگ جهر ڪر، سنڌ جا آبادگار!

پوک ان حد کان زياده، ان کپي ٿو ملڪ کي،

ان منجهان افراط زر ڪر، سنڌ جي آبادگار!

کول دروازو تون پنهنجي عقل و حرفت جا تمام،

بند محنت جو نه در ڪر، سنڌ جا آبادگار!

”هيءَ ٻني تنهنجي وني“، تون مڙس ٿي ان کي سنڀار،

ياد هي هڪڙو اکر ڪر، سنڌ جا آبادگار!

ملڪ ڪر آباد ۽ جنت جي گلڙن کان وڌيڪ،

سرنهن، ڄانڀو ۽ مٽر ڪر، سنڌ جا آبادگار!

سم سڪائي، ڀاڻ ڏيئي، پوک چانور چاه مان،

سون جيئَن ڳاڙهو ڪلر ڪر، سنڌ جا آبادگار!

هر هلائي ڪين هاڻي سنڌ تون پنهنجا سڪاءِ،

اٿ، نئون پيدا هنر ڪر، سنڌ جا آبادگار!

کڻ ٽريڪٽر، وڍ سمورا لاهه، ۽ ڊاهج دڪيون،

صاف پٽ جهڙو پڌر ڪر، سنڌ جا آبادگار!

”هڪ ڪڻي مان ٿو ٿئي پيدا گهڻو“ اڻ کٽ اناج،

پاڻ ۾ پيدا اثر ڪر، سنڌ جا آبادگار!

باغ پوکڻ سان وڌي ٿي، سونهن هر ساڻيهه جي،

تون به ڪي پيدا ثمر ڪر، سنڌ جا آبادگار!

جهوپڙين ۾ ڇو جهرين ٿو؟ ڪجهه ته حالت کي سڌار،

محل ماڙين جهڙو گهر ڪر، سنڌ جا آبادگار!

ڪنهن ڀلا توکي چيو آهي ته تون چستي ڇڏي،

ائين ڍرا پنهنجا ڍڍر ڪر، سنڌ جا آبادگار!

ڪين ٿي بزدل، چويٿو صاف سچ توکي ”رشيد“،

شير جهڙو ڪو جگر ڪر، سنڌ جا آبادگار!

 

{

 

جيڪب آباد

 

ننڍپڻ منهنجي جا دلدار اي جيڪب آباد.

ڪر کلي مون کي تون کيڪار اي جيڪب آباد.

اڄ به تو ۾ ٿيا اِظهار اي جيڪب آباد.

تنهنجي اسلاف جا آثار اي جيڪب آباد.

تن بلوچن سان اٿم پيار اي جيڪب آباد.

جيڪي اڄ تنهنجا نگهدار اي جيڪب آباد.

جيڪي غيور ۽ خوددار اي جيڪب آباد.

سر فروشيءَ جا به سالار  اي جيڪب آباد.

سر مٿان ديس جي دستار اي جيڪب آباد.

زيبِ تن شرم جي شلوار  اي جيڪب آباد.

صاحبِ ريشِ بلوچن جي ڪلهن تي قهري

ازدها مثل ڊگها وار اي جيڪب آباد.

دل سفيد آههِ ته پوشاڪ به پائن ٿا سفيد،

تنهنجا سرويچ هي سردار  اي جيڪب آباد.

شهسوارانِ بلوچ اڄ به انهيءَ شاه جا حُر،

جيڪو دلدل سندو هسوار اي جيڪب آباد.

جان ڏيئي نه لڄائن جي لوچي ڏاڙهي،

تو ۾ سي مير مڻيادار اي جيڪب آباد.

ايٽمي دور جي آڏو ٿا کڻن تنهنجا بلوچ،

هٿ ۾ ايمان جي تلوار اي جيڪب آباد.

”رند“ و ”لاشار“ جا اڄ تو ۾ اُهيئي فرزند،

جي همايون جا مددگار اي جيڪب آباد.

”اڄ“ به ”ابدالي“ و ”محمود“ جي ساٿين جا ڏس،

”خانڳڙهه“ پنهنجي ۾ آثار اي جيڪب آباد.

جنگِ آزاديءَ اول جا به غازي تنهنجا،

”کوسو“، ”جکراڻي“، عملدار اي جيڪب آباد.

”ڪوٽ بالا“ ۾ وڙهيا تنهنجا ”جمالي“ ۽ ”ڀيا“.

”سيد احمد“ جا ٿي غمخوار اي جيڪب آباد.

تنهنجي مِگسن جا رهيا تو ۾ ٿي ”يوسفِ ثاني“،

تون هئين مصر جي بازار اي جيڪب آباد.

تون سِرو سنڌ جو تو ۾ ئي سَچن جي ساري،

کوٽ جو تو ۾ نه وهنوار اي جيڪب آباد.

گندغان مرشي دي غيور همان زي ڊولا،

اي بلوچان ني تمن دار اي جيڪب آباد.

تيري وچ پنڊي و لاهور تي ملتان دي لوڪ،

تيري وچ دهني و پٺوار اي جيڪب آباد.

تيڏي وچ صاف اليندي هي سرائڪي ٻولي،

سڻ تون ڳالهين اِههي ڏون چار اي جيڪب آباد.

ڊير پختون خپل ڪار په رازي دلتا،

ز چمن ڪابل و قنڌار اي جيڪب آباد.

شاد هون ڊپٽي کمشنر سخي سجاد احمد،

جن کـﻶ دم سـﻶ هـﻶ يہ دربار اﻵ جيکب آباد.

اسپ و خر گاؤ مي بينم دراين جلسئهِ تو،

دم دگر اُشترِ رهوار اي جيڪب آباد.

سپٽمبر جي اِنهيءَ جنگ ۾ تو پڻ آڇيو،

ڏيڍ لک لشڪرِ جَرار اي جيڪب آباد.

تو ڏنا فنڊ دفاعي ۾ وطن پنهنجي کي،

سڀ کان وڌ درهم و دينار اي جيڪب آباد.

ڏي نه الحاد پرستن جي ترقيءَ کي فروخ،

ڪر قدامت کي به مسمار اي جيڪب آباد.

جسم پرديس ۾ پر روح گهمي ٿو تو ۾،

دل کان آهين نه ڪڏهن ڌار اي جيڪب آباد.

تون ڀلي ياد نه ڪر ڀُلجي به ”لاشاريءَ کي،

تو تان صدقي وڃان سو وار اي جيڪب آباد.

 

{

 

گلزار هالن جو

 

تصور ڪين ٿو ڀانيان ڪڏهن بيڪار هالن جو.

نظر فردوس کان وڌ ٿو اچي گلزار هالن جو.

ازل جي روز کان دل کي هو جئن آڌار هالن جو،

رهيس پنهنجي مسيحا لاءِ تئن بيمار هالن جو،

نه جهڙو تهڙو ٿو بنجي سگهي ميخوار هالن جو،

هجي ڪو رند جو سمجهي سگهي اسرار هالن جو.

فقط مخصوص طبقي کي نه سڏ حقدار هالن جو،

لڳائي سڀني کي سيني سان ٿو سردار هالن جو.

نه سمجهو مرتبو گهٽ نيٺ گل جو هم نشين آهيان،

چڀيل دل پنهنجي ۾ بهتر ٿو سمجهان خار هالن جو.

ٿيس ان جي ڪرم سان مان سڪندر کان به بالاتر،

سڏيندس ڪينڪي مان پاڻ کي پينار هالن جو.

رهان ٿو دور دلبر کان نه آهي جاءِ قدمن ۾،

کڻي محشر ۾ نيندس پاڻ سان آزار هالن جو.

لکين مفلس غني آهن رموزِ ڪيف و مستي کان،

ٿيو سارو زمانو آهه اڄ سرشار هالن جو.

”رشيدِ“ زار جو پيغام ٻُڌ اي طالب الموليٰ!

نڀايو زندگي، جلدي ڪندس ديدار هالن جو.

{

 

روزانه ”مهراڻ“ ڪراچي

 

اَچ ته مان توکي ٻڌايان آههِ ڇا مهراڻ ۾؟

آههِ ڪهڙي ڳالهه، ڪهڙي ماجرا مهراڻ ۾؟

ناههِ ڪا لُنڊي خوشامد يا ثنا مهراڻ ۾،

نا وري بيجا شڪايت ۽ گِلا مهراڻ ۾.

آهِ حَق گوئي صداقت جا بجا مهراڻ ۾،

ڏِس تون باطل جي نشانن کي خطا مهراڻ ۾.

ساه سِر ڀَل ٿي وڃي بلڪل فنا مهراڻ ۾،

پنهنجي ٻوليءَ کي مگر آهي بَقا مهراڻ ۾.

هَڻ محبت مان ٽُٻي فڪرِ رسا! مهراڻ ۾“

ڳول قسمت جا ڪي دُرِ بي بها مهراڻ ۾.

ڏِس هلي تقدير جو شيشو صَفا مهراڻ ۾،

ڄڻ ته ٿا ڏيکارجن ارض و سما مهراڻ ۾.

ڀَل لڳي طوفان، واچوڙو، هَوا مهراڻ ۾،

توکي لهوارو لُڙهڻ ناهي روا مهراڻ ۾.

ٿي توڪل سان سَراسر آشنا مهراڻ ۾،

خودبخود ويندو مِلي ناخدا مهراڻ ۾.

ڏِس اِجهو ڏسجي ٿو هڪ مردِ خدا مهراڻ ۾،

قوم جي قسمت جو ڪامل رهنما مهراڻ ۾.

شاهِ مردان، شاهِ ثاني، پير پاڳارو پرين،

يعني سهڻي سنڌڙيءَ جي سوڀيا مهراڻ ۾.

ابرِ رحمت آههِ آلِ رحمته للعالمين،

مِهر جا موتي ٿو اُڇلائي سَدا مهراڻ ۾.

رمز روحاني منجهس روضي ڌڻيءَ واري رکيل،

حزبِ حزب الله جو ٿيو جلو نما مهراڻ ۾.

صبغت الله جي شجاعت هِن مجاهد مرد ۾،

آههِ ٿي زنده انهيءَ جي ذات سان ٻيهر وري،

سنڌ جي تهذيب ۽ مهر وفا مهراڻ ۾.

سنڌ واسين جي دلين ۾ جئَن ٿي مايوسي وَڌي،

تِئَن نوان پيدا ٿين ٿا، آسرا مهراڻ ۾،

ڏِس ته مظلومن جو ڪيئَن لکجي ٿو رنگين داستان،

ڄڻ ته لُڙهندو ٿو اچي رنگِ حِنا مهراڻ ۾.

آههِ زنده، زنده رهندي سنڌ جي سنڌي زبان،

ڇو جو ناهي زندگيءَ جي اِنتها مهراڻ ۾.

قوم جي تاريخ جا اَوراق هِن ۾ آشڪار،

سنڌ جي علم و ادب جي اِرتقا مهراڻ ۾.

ناههِ هِن مهراڻ ۾ هرگز سِماهي موج ڪا،

روز پسجن ٿا سوين موتي سَچا مهراڻ ۾.

ڇا اِها گهٽ آههِ نعمت، جو ٿا روزانو ٻڌون،

دهريت جي دَور ۾ ذِڪرِ خدا مهراڻ ۾،

نڪته دانن جا به هِت نڪتا ٿين ٿا بي نقاب،

ڇپجي ٿي تنقيد بلڪل بي رِيا مِهراڻ ۾.

سِج وٽان جئَن روشني زائل ٿئي، ممڪن نه آههِ،

سِنڌڙيءَ کي تِئَن نه تون ڏسندين جُدا مهراڻ ۾.

سنڌ جا آهن نمايان شاعر ۽ عالم اديب،

ڏِس سندن رنگين اَدا، رنگين نَوا مِهراڻ ۾.

ڊاڪٽر سنڌي زبان جو پاسبان، بانڪو بلوچ،

ڏِس سندس تحرير ۽ طرزِ اَدا مهراڻ ۾.

آههِ هو سنڌي ادب جي آسمان جو آفتاب،

ڏِس تون اُن جي علم جي روشن ضيا مهراڻ ۾.

شوميءِ قسمت، جو اُن جي فضل کان آهيان پَري،

دُور هوندي ٿو ڪريان دل سان دُعا مهراڻ ۾.

جيستائين آههِ گردش ۾ فلڪ تسين ٻَرن،

سِنڌ سونهاري سندا روشن ڏيا مهراڻ ۾.

ڀَل ڪو جويائي حَسد توکي بُرو سمجهي ”رشيد“،

پنهنجي قوميت جو ڪر تون حَق اَدا مهراڻ ۾.

 

{

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org