سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :52

پَچان ٿي پرينءَ کي پسڻ لاءِ مان!

”حقيقت اِها آهه بلڪل سچي،

منجهس ڪوڙ آهي نه هڪڙي رتي!

انهيءَ لاءِ اَڄ ٿي بَنن ۾ ڦِران،

تلاون، ندين، برپٽن ۾ ڦِران،

”اُنهيءَ لاءِ جهاڳيان ٿي جاڙا جبل،

ٿيس قرب اُن جي ۾ گهائل ڪُٺل:

”اُهو نل، جو هڪ گوڏ ۾ ٿو گهمي،

قدم جنهن سندا ٿي نحوست چمي،

”اُهو مرد مانجهي دلاور دلير،

لڙاين ۾ هر وقت سڏجي ٿو شير،

”اُنهيءَ جي ٿي هن هنڌ ڳولا ڪريان،

غمن جا ڳچيءَ ۾ ٿي چولا ڪريان:

”سوامي سچا، ڪا ٻُڌايو خبر!

اوهان کان پُڇان ٿي اِهو سربسر-

”ڪي آيو هجي نَل نشڌ جو ڌڻي،

متان هن سُٺي سهڻي بَن ۾ کڻي!

”ٻُڌو اي برهمڻ اِها التجا!

ڪريان ٿي اوهان کان اِها ئي پڇا!

”رُليس اُن سڄڻ لاءِ سنسان ۾،

ڏٺم ڏک ڀيانڪ بيابان ۾،

”جتي شينهن، چيتا مرون بيشمار،

گهرن ماس ماڻهوءَ جو ٿا بار بار،

”قدم ٿي رکان اَڄ اُنهيءَ جهنگ ۾،

نه فتح آهه تقدير جي جنگ ۾،

”اِنهيءَ لاءِ آهي مون کي نل جو پيو،

”مليو جي نه محبوب ڪنهن ڏينهن، جو،

هنيو رات نعرو نه جي نينهن جو،

”ڪنديس ختم پنهنجي حياتي صفا،

ڪنديس جسم کان روح پنهنجو جدا،

”وڃي سک وهيڻو ڪنديس پاڻ کي،

ڇڏي هن زماني جي ڇڪتاڻ کي!

”نه گهرجي سڄڻ کان سوا زندگي،

اِها زندگي آهه شرمندگي!

”ڪيو دوست جي درد مون کي فنا،

مصيبت ۾ آهيان سدا مُبتلا،

”اَلاجي اَڃا ڪهڙي حالت ٿئي،

مصيبت تي نازل مصيبت ٿئي!

”اَڪيلي ٿي اِئين رت رُني بدنصيب،

اِها ڀيم نندني، دمنتي غريب:

”ڏسي رڻ ۾ هن کي صفا بي اَجهو،

ڀلارن بزرگن اُمالڪ چيو،

”ته ”اي خير واري، سگهڙ ۽ سَتي!

عجب ڏات توکي ملي حسن جي،

”اکيون دل جون کولي ڏسون ٿا اسين،

۽ طاقت سان پنهنجي پَسون ٿا اسين،

”ته اِيندو اِجهو وقت سهڻو سُٺو،

خوشين سان ڀريل ۽ مبارڪ مٺو،

”اِهي درد ويندا سگهو مات ٿي،

۽ نل سان به ويندي ملاقات ٿي،

”تون حاصل ڪندينءَ جلد دل جو قرار،

نه ڏسندينءَ اکين سان غمن جو غبار!

”ٻڌي ڇڏ تون ڀيمي اِهو سربسر،

سدا ڌرم ورتين ۾ سورهيه سَٻر!

”ته دل تنهنجي جو جلد لهندو بُخار،

۽ ڏيندينءَ سگهو پنهنجو پيارو ڀتار!

”بنائي ٿو جو دشمنن کي پَڻي،

اُهو نل بهادر نشڌ جو ڌڻي،

”ڏسندينءَ تون اِي خير واري شتاب،

پَتي پنهنجو دشمن مٿان ڪامياب!

”اُهو سڀني ظلمن کان لهندو نجات،

۽ حاصل ڪندو پنهنجون ساڳيون صفات،

”يگانو ٿي رتننن ۾ رهندو سدا،

وڏو اَوج دنيا ۾ لهندو سدا،

”ڪندو راڄ حاصل ۽ جاه و حشم،

اِنهيءَ ساڳي نگريءَ ۾ بنجي اُتم،

”ڪندو پنهنجي ويرين کي مغلوب جلد،

درويشين کي ماري ۽ مرعوب جلد،

ڪندو دور پنهنجي عزيزن جو غم،

رعيت جي هيڻن ضعيفن جو غم،

”مددگار ٿيندو سڄي راڄ جو،

ڪندو نام پنهنجي کي روشن سگهو،

”بزرگن جي ان ريت ٻولي ٻُڌي،

انهيءَ راڄ ڪنيا تسلي لَڌي،

”دلاسي وهيڻي ٿي راڻي وري،

اُها نَل جي پياري سُلڇڻن ڀري،

”اِنهيءَ بعد سي نيڪ ’خو نيڪنام،

ڪيو هوم اگنيءَ ۾ جن صبح شام،

”ويا جلد غائب ٿي ڦيري نظر،

۽ خالي ٿيا آشرم سَربسر،

”دمنتيءَ، جا نازڪبدن نازنين،

ٿيو جنهن جو سهرو سچو ”ويرسين“،

”ڏٺو رنگ اهڙو جو حيرت ڀريو،

تعجب ۽ اَچرج ۽ عبرت ڀريو،

”ته هڪدم ٿيس دل ۾ پيدا هراس،

۽ ٻولڻ لڳي پاڻ سان ٿي اُداس:

”مون سپنو ڏٺو ڇا ۽ هي ڇا ٿيو؟

سڄو کيل ڇو پل ۾ بگڙي ويو؟

”ڪٿي سي بزرگ ۽ ڪٿي آشرم؟

ڪٿي تن جا آهن دلاسا ۽ دم؟

ڪٿي تن جا منڊل ڪٿي صورتون،

ڪٿي تن جون من موهڻيون مورتون؟

”سندن محفلون شور و غوغا ڪٿي؟

رجن سان ڀريل پاڪ دريا ڪٿي؟

”ڪئي جن ٿي دل خوش، سي آسڻ ڪٿي؟

اُهي گل ۽ مکڙيون ڀريل وڻ ڪٿي؟“

دمينتيءَ جو وڻ اڳيان روئڻ

”اُها ڀيم پتري ۽ مِٺ مرڪڻي،

اِنهيءَ ريت برپٽ ۾ ششدر بَڻي،

”دمنتي دلاور، سُلڇڻي سچار،

گهڻيءَ دير تائين رُني زار زار،

”لڳي غم وچان خوب سُڏڪا ڀرڻ،

ڇڏي رت جا ڳوڙها ۽ آهون ڪرڻ،

”نماڻيءَ ندوريءَ وڃايو قرار،

ڪيائين گهڻو ياد پنهنجو ڀتار،

”جدائيءَ ۾ بنجي رُئڻهار ڪي،

وڃي هڪڙي ٻئي هنڌ سڏڪڻ لڳي،

”ڏٺائين اُتي هڪ زبردست وڻ،

اُچو ۽ ڊگهو، سهڻو ۽ سخت وڻ،

”جو بَن ۾ پَنن سان هو جونجهاريل،

۽ گل ڦل هئا اُن ۾ بيحد لڳل،

”پکين گيت ڳايا ٿي اُن ۾ هزار،

۽ هِردي کي حاصل ٿيو ٿي قرار،

”ڏسي اُن کي اُن ڏانهن ڊوڙي شتاب،

۽ اُن کي چيائين اچي بي حجاب-

ته ”وه واه هن بن سندو شان تون،

گلن سان سدا سوڀياوان تون!

”جڏهن تون گلن جا ٿو ڳهڻا وجهين،

ته گويا ٿو ڏونگر جو راجا لڳين!

”پريءَ جهڙي پهرين ٿو پوشاڪ تون،

نظر ٿو اچين حُسن جي هاڪ تون!

”سگهو ڏي تون مون کي اِهو ڏس پتو،

ته ڪو منهنجي نل وير کي تو ڏٺو؟

”اُهو نَل، دمنتيءَ جو پيارو پَتي،

ٿيس هجر جنهن جي ۾ اڄ بي مَتي،

”ڪري دشمنن کي جو پل ۾ ٿو ناس،

ڪڍي دوستن مان ٿو ڊپ ۽ هراس،

”ڊڄي ٿو نه ڪنهن کان سو جوڌو جوان،

چُٽي سوڀ جا ٿو سدائين نشان،

اُهو منهنجو محبوب تو ڪو ڏٺو؟

سچو وير مالڪ نشڌ ديس جو،

”اُهو بن ۾ آيل ۽ نازڪبدن،

سُلڇڻو، سڀاڳو ۽ شيرين سخن،

”ٻَڌل جنهن کي اڌ گوڏ آهي فقط،

سندس غم سندي لوڏ آهي فقط:

”اُتم وڻ، تون ڪر مون تي پنهنجو ڪرم!

نه غم آهه توکي، ۽ مان پُر اَلم،

”سچو نام پنهنجو تون نروار ڪر،

سگهو دور دل مان هي آزار ڪر!“

 

دمينتيءَ جو هڪڙي قافلي سان گڏجڻ

”اِنهيءَ ريت وڻ کي هي زاري ڪري،

۽ ياداشت دردن جي تازي ڪري،

”هلي اڳتي ڀيمي ۽ سندري سَٻر،

ڏٺائين هزارين پٽيون ۽ پَڌر،

”وڏي هڪڙي برپٽ ڏي ڪاهي هلي،

ڏکن جي اڳيان سينو ساهي هلي،

”ڏٺائين هزارين وڻن جي قطار،

سوين وهڪرا ۽ نيون بيشمار،

”نظارن ڀريا ۽ نرالا جبل،

مِرن جو هو جنهن جاءِ ميڙو متل،

”هئي هر قدم تي پکين جي پڪار،

ڏرون ڏونگرن جون به چيلهون هزار،

”نديون پنهنجي دهشت ۾ اَڌ ڀوت صاف،

منجهس شيشي وانگي هو پاڻي شفاف-

”اِنهيءَ ريت هي ڀيم پتري غريب،

زماني ڪيو جنهن جو اُونڌو نصيب،

”پتي پنهنجو هر جاءِ ڳولڻ لڳي،

محبّت جون ٻوليون به ٻولڻ لڳي،

”گهڻو پنڌ اڳتي دمنتي هلي،

اُها لاڏلي، جا ڏکن ۾ پلي،

”وڏو هڪڙو آيس اٽالو نظر،

رَٿن سان هئا جنهن ۾ هاٿي سٻر،

”گهڻا اُن ۾ گهوڙا به تازي هئا،

جي کٽندا هَوا کان جي بازي هئا،

”اُنهيءَ جي اُتر، هڪ هو دريا روان،

سندس روح پرور نظارو چوان!

”ڪشادو سندس پيٽ، پاڻي شفاف،

هئا ڪُن به قهري منجهس صاف صاف!

”وڪوڙيل مٿس نيٽ جا وڻ هئا،

”ڪرونچن“ ۽ ”ڪِروڙين“ جا آسڻ هئا،

”ڪئي لات ٿي اُن جڳهه بار بار،

”چڪرواڪ“ نالي پکين بيشمار،

”هيون ڪيتريون اُن نديءَ ۾ مڇيون،

هئا جام سيسار، واڳون ڪُميون،

”هئي اُن ۾ ٻيٽن جي سهڻي قطار،

ڪجي ڇا نزاڪت جو اُن جي شمار!

”اُها نل جي پتني ۽ نازڪبدن،

سگهڙ، سونهن واري ۽ شيرين سخن،

”ڍڪيل اَڌ بدن، وار پکڙيل ٽڙيل،

ڀريل ڌوڙ سان بت، غمن ۾ اَڙيل،

”سڄاڻڻ وٽان شڪل ٻاهر صفا،

غمن ۾ وڪوڙيل ۽ ششدر صفا!

”ڏکويل نهوڙيل سُڪي ۽ ڦِڪي،

ڀلا منهن جي ميراڻ ڪئن ٿي لِڪي!

”ڏٺائين اَٽالو، ته ڊوڙي شتاب،

وڃي ويجهو ماڻهن جي ٿي بي حجاب،

”ويا ڪيترا اُن کي ڏسندي ڀڄي،

ويو عقل تن جو سراسر کڄي،

”وٺي ڪيترن خوب دانهون ڪيون،

اُڀيون ڪن وڙهڻ جون نگاهون ڪيون،

”کِليا ڪي، ته ڪن خوب نفرت ڪئي،

ڪئي ڪن دَيا، ڪن ملامت ڪئي،

”ڪئي ڪن اَچي نيٺ اُن کان پڇا،

ته تون ڪير آهين پري پارسا!

”محبت ٿي ڪنهن جي رکين جان ۾،

۽ ڳولين ٿي ڪنهن کي بيابان ۾؟

”ڏسي توکي آهيون اسين سڀ اُداس،

۽ پيدا ٿيو آهه دل ۾ هراس،

”اسان کي اِها تون خبر ڏي کري،

ته آهين تون ماڻهو يا جن يا پري؟

”متان آهين راڻي تون هن بَن سندي،

۽ مکڙي محبت جي گلشن سندي!

”متان آهين پربت سندي مُهه جبين،

متان ديوتائن ۾ ديوي حسين!

”اَسين سام تنهنجي پياسين اچي،

ڌڻيءَ لڳ سگهو ڪر اَسان سان سچي،

”اَسان کي ته ديوي اَچين ٿي نظر،

سدا پاڪدامن، سياڻي، سٻر،

”اَسان جا تون دک درد سڀ دور ڪر،

اَسان جو اِهو عرض منظور ڪر،

”هتان هي سڄو ساٿ سُک سان هلي،

وڃي پنهنجي منزل تي جلدي پڄي،

”غمن آهه دل ۾ وڌو وَلولو،

نه ڇو تون اسان جو ڪرين ٿي ڀلو؟

”اِتي راج ڪنيا دمنتي دلير،

نه جنهن جي صداقت ۾ ڪو ڦند ڦير،

”وڇوڙي جي پيڙيل، غمن جو شڪار،

ڪيو جنهن کي برباد ڀُورل ڀتار،

ٻُڌي ساٿ وارن جو خاصو خطاب،

ڏنائين محبت وچان هيءَ جواب:

”سَچا ساٿ وارا، سچا ساربان،

سچا ٻار، زالون ۽ پير و جوان!

”سچا مرد سورهيه، سچا نيڪ ذات،

ٻُڌو منهنجي غم جي سڄي واردات!

”ٿيو ڇو اجايو ٿا شڪ جو شڪار!

ڪريو مون کي ماڻهن ۾ ماڻهو شمار:

”زماني جي ماڻهن ۾ آهيان ڄمي،

پدر، مڙس، سهرو ٿيا آدمي،

”ڪيو آهه تقدير تن من شڪار،

هِتي رڻ ۾ ڳوليان ٿي پنهنجو ڀَتار،

”پتا منهنجو سڏجي ٿو ودرڀ ڌڻي،

ڏني اِيشور اُن کي عزت گهڻي،

”نشڌ جو ڌڻي آهه منهنجو ڀتار،

مَهاوير، خوش بخت، نَل نامدار،

”اُنهي جي ٿي هن هنڌ ڳولا ڪريان،

غمن جا ٿي منظور رولا ڪريان،

”اُهو مرد مهندار، سورهيه سَٻر،

هجي مَن اوهان کي ڪا اُن جي خبر!

”ڏيو مون کي منهنجي پرينءَ جو پَتو،

مليو مَن اوهان سان هجي اوچتو!

ڪٿي آهه منهنجو اُهو مرد شير،

ڪري دشمنن کي ٿو جو پَل ۾ زير؟

”ڪٿي آهه محبوب منٺار نل،

شجاعت شرافت ۾ نروار نل؟

”آڳيوان اُن ساٿ جي کان جواب،

مليو ناز پرور کي بلڪل شتاب،

”وڌي آيو اڳوان نالي ”شچي“،

چيو اُن دمنتيءَ کي ويجهو اَچي-

”ته ”اي پاڪدامن سگهڙ پارسا!

ٻُڌايان ٿو توکي سڄي ماجرا:

”هجين شل سلامت تون مِٺ مرڪڻي،

رکي شاد آباد توکي ڌڻي!

”ٿيس قافلي هن جو سالار مان،

نِيان ٿو سَڀن کي ٿي، نروار مان،

”مگر ڳالهه ٻُڌ منهنجي اي نازنين،

گل اندام، مِٺ مرڪڻي مهه جبين!

”نه نَل نالي ماڻهو مون آهي ڏٺو،

نه اُن جو پڇيو ڪنهن اڳي ڏس پتو،

”اَچون ٿا اسين هِن بيابان مان،

بلائن جي جاين ۽ سنسار مان،

”گهڻا شينهن پاڏا ۽ رڇ ٿا ڏسون،

گدڙ، نانگ، هاٿي، هرڻ ٿا پسون،

”مگر ڪوبه ڏسجي نه ٿو آدمي،

فقط تون ئي آئِينءَ لُڏي ۽ لَمي،

”مني ڀدر“ ۽ ”يڪش“ راجا جئي!

اسان تي اُهو شال پَرسن ٿئي-

”اُنهيءَ ”يڪش“ راجا جو آهي قسم،

ته تنهنجي اڳيان سڀ چيو سچ اَٿم!

”آڳيوان جي هيءَ ٻُڌي ماجرا،

دمنتيءَ اُنهيءَ کان ڪئي هيءَ پڇا-

”ته ”هيءُ ساٿ هاڻي ٿو ڪاڏي وڃي؟

ڪڏهن هن جڳهه کان ٿو ڀيرو ڀڃي؟

”اڳيوان تنهن تي ڏنو هيءُ جواب،

ته ”اي راڄ راڻي، سُگهڙ ڪامياب!

”وڃي ٿو اِهو ساٿ واپار لاءِ،

تجارت جي نفعي ۽ وهنوار لاءِ،

”ٻڌڻ ۾ ٿو ”چيدوجي“ راجا اچي،

مهاپرش اُن کي ٿو سڀڪو سڏي،

”هو آهي سگهارو سٻاجهو سَتي،

جهُڪي بخت ٿو ان جي در تي اَچي،

”وڃون ٿا سندس دلگهرئي ديس ۾،

روانا ٿي وڻجار ڪي ويس ۾،

”ٿيو جلد هاڻي روانو هتان-

اِها ڳالهه مان توکي سچ ٿو چوان.“

 

قافلي تي اوچتي مصيبت

”ٻُڌي اُن اَڳيوان جا هي وچن،

اُها ناز پرور ۽ نازڪبدن،

”پريشان، بدحال، بيحد اُداس،

هئي جنهن کي پياري پَتيءَ جي پياس،

”نهوڙيل، نماڻي، سان نازن پَلي،

اُنهيءَ ساٿ سان جلد گڏجي هلي،

”ٻه ٽي ڏينهن منزل ۾ تن کي لڳا،

اَچي هڪ مهاگهور بَن ۾ پُڳا،

”ڏٺائون اُتي هڪ ڪشادو تلاءُ،

نطارن جو مرڪز، - نه آهي وڌاءُ!

”ڪپن تي سندس گاه ڪاٺيون هيون،

سندس وچ ۾ لهرون به ماٺيون هيون،

”گلن ۽ ڦلن سان هو ڀرپور هو،

ڏسڻ اُن جو، چشمن کي منظور هو،

”هئا اُن ۾ ”نانا پکي“ بيشمار،

سدا دل کي تن جي وڻي ٿي پُڪار،

”مٺو اُن جو پاڻي، سوادي ۽ صاف،

نظر آيو ٿي آئيني کان شفاف،

”ٿڪل وهٽ، ساٿي به ساڻا هئا،

ٿيا پنڌ سببان نماڻا هئا،

”سڀن دل ۾ سوچيو ته ”منزل ڪجي،

هِتي ڇو نه آرام حاصل ڪجي-

”اِهو دل ۾ سوچي هو بَن ۾ گهڙيا،

اڳيوان سوڌا خوشيءَ مان ٽِڙيا،

”ڪنارو جو سُندر سٺو ٿي لڳو،

اُنهيءَ تي مها ساٿ واسو ڪيو،

”جڏهن شام کان پوءِ اَڌ رات ٿي،

خموشيءَ جو سينگار ظلمات ٿي،

”ٿڪل ساٿ بيوس ٿي ليٽي پيو،

ٺريل رات کي ننڊ پنهنجو ڪيو،

”تڏهن اوچتو آيو هاٿين جو ڌڻ،

مهابن جي جهُرڻي تي پاڻي پيڻ،

”اُنهن پنهنجي چشمن تي ساٿي ڏٺا،

ٻَڌل ساٿ جا اُٺ ۽ هاٿي ڏٺا،

”ٿيا مست ساٿين کي مارڻ جي لاءِ،

۽ ڊوڙيا تکا هُل اُٿارڻ جي لاءِ،

”هلان تن جي، پربت پگهارڻ لڳي،

تکائي سندن باه ٻارڻ لڳي،

”رڙيون تن جون اُڀ تائين گونجڻ لڳيون،

پهاڙن جون چوٽيون دهلجڻ لڳيون،

”منجهايائون ساٿين جون واهون تمام،

ٿيون بَن سنديون بند راهون تمام،

”نه ٽاري اُنهن کان هي آفت تلاءَ،

ڏني موت کان ڪين مُهلت تلاءَ،

”ويو بنجي آرام بدران اَجل،

ٿيو عيش و عشرت ۾ پيدا خلل،

”هزارن کي هاٿين لتاڙي ڇڏيو،

سڄو ساٿ پَل ۾ اُجاڙي ڇڏيو،

”ڪي ڌرتيءَ تي ڦٿڪيا ڪَري هاءِ هاءِ!

ڪي ڊوڙيا وٺي، سر بچائڻ جي لاءِ،

”نڌڻڪا ٿي ڪي لاش بنجي ڪِريا،

پريشان بنجي ڪي بَن ۾ ڦِريا،

”لڪا بَن جي جهمٽين ۾ ڪي قربدار،

ٿيا ننڊ جي اَنڌ جو ڪي شڪار،

”چُڀيا ڪن جي سينن ۾ هاٿين جا ڏند،

ڪيا ڪن جا سُونڊين جدا بند بند،

”ڪيو ڪن کي هاٿين جي پيرن پَڻي،

مصيبت تي اهڙي مصيبت بڻي،

”گهڻا اُٺ ۽ گهوڙا، پيادا مئا،

گهڻن پل ۾ هڪٻئي کي ماري وڌو،

گهڻن هوش جو گهر ٻُهاري وڌو،

”گهڻا پٽ مٿان مورڇا ٿي ڪِريا،

اُٿاريائون آهون بڻيا، سر ڦريا،

”چڙهيا ڪي وڻن تي ڇڏيائون زمين،

ٿيا ڀَؤ وچان لاش ڪيئي حَسين،

”مَڙهن وانگي ڌرتيءَ تي ڍيري ٿيا،

اُهي پنهنجو ڄڻ پاڻ ويري ٿيا-

”اِنهيءَ ريت اَي منهنجا راجن رئيس!

نحوست ڪئي تن جي حالت خسيس:

”سَڄي ساٿ جو مال لُٽجي ويو،

گهڻي ڀاڱي نقصان اُن جو ٿيو،

”ڪيو تن کي هاٿين جي ٽولي تباه،

رهي ڪين باقي خوشين جي ڪا راه،

”ٿيو گوڙا اهڙو ۽ هُل بيشمار،

جو ”ٽي لوڪ“ ڊپ ۾ ٿيا بيقرار،

”هزارن ٿي گهوڙا ڙي گهوڙا ڪئي،

”اڙي، ڪو بچائي، بچائي اچي!

”اڙي باه ڙي باه، هو هاءِ هاءِ،

اڙي، جلد ڊوڙو بچائڻ جي لاءِ!

”اڙي: هاءِ رتنن جون ڳٺڙيون ويون!

اڙي، هاءِ سي ڇڙ و ڇڙ ٿي پيون!

”ڪريو تن کي سوگهو ڙي سوگهو ڪريو!

اِنهيءَ ڌن کي ڇو ڌوڙ ۾ ٿا ڌريو؟

”وٺايو اچي ٻيلي، ڇو ٿا ڀڄو!

اِهو ڌَن ته هڪجهڙو سَڀ جو ٿيو!

”اڙي ڇو نٿا منهنجون دانهون ٻُڌو؟

پُڪاريان ٿو، پر ٿا نه آهون ٻڌو؟

”ڊڄو ڪين، ويندي مصيبت ٽري،

چوان ٿو اوهان کي وَري ۽ وَري!

”اِهي واڪ جن کي چيا ٿي ويا،

اُهي خوف ڊپ کان ڀڳا ٿي ويا،

”دمنتي اِهو گوڙ جيئن ٿي ٻڌو،

گهڻو خوف دل ۾ ٿي اُن کي ٿيو،

”اُمالڪ ڪِري پٽ تي بيهوش ٿي،

فضا اُن جي حالت تي خاموش ٿي،

”جڏهن ساٿ وارن وٽان ڀَو لٿو،

سندن پيٽ ۾ ساه پئجي ويو،

”تڏهن اوچتو ٿي دمنتي سجاڳ،

ڏٺائين اکين سان نحوست نڀاڳ،

”پَدم وانگي جنهن جون اکيون ٿي ٻَريون،

ٿيون اُن کي درپيش ڳالهيون ڳريون،

”ڏٺائين ڀيانڪ نطارو اِهو،

پيو لوڪ ساري ۾ هڪ ٿرٿلو،

”نه اهڙو اڳي هن ڏٺو حال هو،

بهرحال هن لاءِ جنجال هو،

”ڏڪي ڀؤ وچان هٿ اکين تي رکي،

کنيائين ٿڌو ساه، ٿي وائڙي!“

 

قافلي وارن جو مشورو

”جي ساٿي بچيا، سي ٿيا سڀ ڪٺا،

اِها ڳالهه هڪٻئي ۾ چورڻ لڳا-

”ته آهي اِهو ڪنهن جي ڪرمن جو ڦل؟

جو آيو نصيبن ۾ آهي خلل!

”ڏسڻ ۾ اسان جي ٿي غفلت اچي،

نه غفلت بنا ٿي مصيبت اچي،

”اسان آهه پوري نه پوڄا ڪئي،

مهاجس، مهاڳڻ ”مڻي ڀدر“ جي،

”متان آهه نازل اسان تي ٿيو،

”شريمان پرڀوءَ“ جو ناراضپو!

”جو يڪشن مٿان ٿو حڪومت ڪري،

۽ بگڙڻ تي ٿو آفتن ۾ وجهي:

”حقيقت ۾ جو ڪجهه ڏسون ٿا اِهو،

نصيبن جو ڦل آهه اُلٽو ٿيو،

”ستارا متان پنهنجا بگڙي ويا،

مقدر سندا باغ اُجڙي ويا!

”بهرحال اِن ريت چئجي کڻي،

اِها ڳالهه مالڪ کي آهي وڻي!

”اُنهن مان هئا جيڪي جوڌا جوان،

ٿيو هو سندن مائٽن جو زيان،

”اُهي شوخ بنجي پُڪارڻ لڳا،

گهڻي چڙ وچان باه ٻارڻ لڳا-

”ته ”اي دوستو ڳالهه پنهنجي ٻُڌو!

گهڻو غور سڀ گڏجي اُن تي ڪيو،

”مهاساٿ ۾ آهه جا ڇوڪري،

ٻه ٽي ڏينهن ٿيندا، جو آئي هئي،

”نماڻي، پريشان، سُندر بڻي،

ڪيو جنهن اسان کي هو پنهنجو کڻي،

”اُنهيءَ آهه سارو وڌو هي وڳوڙ،

اِهو آهه ڪرمن جو اُن جي نچوڙ،

”اُها راڪسڻ آهه بڇڙي بَلا،

بچائي اُنهيءَ کان ته پرماتما!

”اُها آهه منحوس آفت جي جان،

اِنهيءَ پاپ جو آهه اُن تي گمان،

”ڪَريو اِن حقيقت جو اِقرار سڀ،

اَجايا ٿيا غور ويچار سڀ،

”هينئر جي اسان کي اُها هٿ اَچي،

هَٿن مان اسان جي نه هرگز بچي!

”ڪيو آهه اُن ساٿ ساري کي ناس،

اُها آهه رهزن، رُليل، بي قياس

”هوءَ راڪاس آهي ۽ پاپڻ پليد،

ڪيو آهه ان ساٿ پنهنجو شهيد،

”سندس مُنهن ۾ اَڄ ڌوڙ ٺاهي وجهون،

هَڻون اُن کي ڪانا ۽ ڪاٺيون، مُڪون،

”وَٺون اُن جي هر حال ۾ جان اَڄ،

دلين جا ڪڍون پنهنجي اَرمان اڄ.“

 

دمينتيءَ جو قافلي وارن وٽان لڪي ڀڄڻ،

۽ رستي ۾ هڪ ٻن برهمڻن سان گڏجڻ

دمني پري کان ٻڌو هي ڪلام،

ڇڏائي ويس ساه باقي تمام،

”اُٿي جهنگ برپٽ ڏي هڪدم ڀڳي،

اَچي ساه ۽ سر جي اُن کي لڳي،

”لڄي ۽ دکي ٿي، ورايس هراس،

بَنايس اِنهيءَ چؤ پچؤ دل اُداس،

چيائين: ”اهو دل ۾ سوچي وٺان،

سبب ظلم اِنهيءَ جو متان مان هجان!

”اِنهيءَ لاءِ توبهه پُڪارڻ لڳي،

”چيائين ته ”افسوس، ڪهڙي خبر!

ته داتا جو ڪو آهه، مون تي ڏمر:

”سکن کان سراسر ٿي ڏسجان پري،

نه ڪلياڻ ٿو ڪو به منهنجو ڪري،

”نه سمجهان ٿي ڏسجي ٿو ڪهڙو خلل!

مليو آهه ڪهڙي ڪرم جو هي ڦل!

”سُجهي ٿي ته مون کي نه ڪا ماجرا،

نه وير آهه ڪنهن سان، ٿو ڄاڻي خدا!

”ڏکويم نه ڪنهن کي به ڪنهن قسم سان،

زبان سان، عمل سان، نڪي جسم سان،

”جڏهن پنهنجي ڀانيان ٿي حالت اِها،

تڏهن آهه ڪهڙي عمل جي سزا؟

”حقيقت سچي آهه رب جو قسم،

جنم جو وڏو پاپ ڪڙڪيو اٿم!

”نه ڪنهن ظلم دنيا ۾ اهڙو ڏٺو،

جو اَڻ ٽر ستم مون کي حاصل ٿيو،

”کسائي چڪو راڄ منهنجو ڀَتار،

ملي آهه پنهنجن وٽان اُن کي هار،

”ٿيس پنهنجي پياري پتيءَ کان جدا،

کسِي منهنجي جوڙي به مون کان قضا،

”ٿيس بي وسيلِي، ڏکن ۾ ڏريل،

رليس بن اُنهيءَ ۾، جو نانگن ڀريل!

”اِنهيءَ ريت جي ساٿ وارا هئا،

بچيل موت کان بي سهارا هئا،

”روانا ٿي نڪتا، سي ٻئي ڏينهن جو،

ڪندا وسوسو موت جي مينهن جو،

”ڪيو غم سڀن پنهنجي هڏ پوست جو،

پدر جو ۽ مادر جو ۽ دوست جو،

”لڳي هيڏي ”ويدرڀي“ ماتم ڪرڻ،

سڄو جسم پنهنجو ڏکن ۾ ڏرڻ،

چيائين ته ”ڪهڙو ڪيو مون قصور،

جو ازخود ٿيو آفتن جو ظهور؟

”بيابان رڻ ۾ ٿيس هيڪلي،

جنن جي اَچي مون کي ٽولي ملي،

”مگر منهنجي قسمت جو خانو خراب،

جو هاٿين ڪيو تن تي نازل عذاب!

”حقيقت ۾ آهي اَڃا ڏک گهڻو،

جو اِن بعد جڳ ۾ اَٿم ڀوڳڻو،

”وڏن جي هي چوڻي ٿو سڀڪو چوي-

ته ”ڏينهن پني نيٺ سڀڪو مَري“:

”پُنا ڏينهن منهنجا نه آهن اَڃا،

اَڃا زنده رهڻو اَٿم هڪ لڱا،

”اِنهيءَ لاءِ هاٿين جي دک کان بچيس،

نه تن جي لتاڙڻ جي سببان مُيس،

”هتي جو به جڳ ۾ ٿو زنده رهي،

بنا ڏوهه اُن کي نه ٿو ڏک رسي،

”مگر مون ته ٻالڪ اوسٿا وٽان،

نه آهي رکيو بغض ڪنهن شخص سان،

”ڏنم ڪين ڏک ڪنهن کي، ڪنهن قسم سان،

زبان سان، عمل سان، نڪي جسم سان،

”اِنهيءَ هوندي دک آهه مون کي رسيو،

مقدر سڄو عيش آهي کسيو،

”لڳي ٿِي اچي مون کي دل سان اِها،

۽ سمجهان ٿي بلڪل سچي ماجرا:

”سويمبر هو جنهن ڏينهن منهنجو بحال،

هئا گڏ اُتي ديوتا لوڪ پال،

”اُنهن کان گذارڻ لڳيس مان پَري،

ڪيو ترڪ تن کي مون نَل جي ڪري،

”اُنهن جو ئي ڏسجي ٿو ناراضپو،

جو اهڙو اَٿم دُک پراپت ٿيو،

”دمنتيءَ اِنهيءَ ريت دانهون ڪيون،

رُني لُڙڪ رت جا ۽ آهون ڪيون:

”بچيا موت کان جيڪي باقي هئا،

برهمڻ سچا مرد اُن ساٿ جا،

”اُنهن سان اُمالڪ هيءَ گڏجي هلي،

مصيبت جي واديءَ ۾ اَڏجي هلي،

”چوان سچ ٿو اي بادشاهن ۾ شينهن!

ڪيو اُن کي نروار اِن ريت نينهن.“

 

دمينتيءَ جو چيدو راجا جي

شهر ۾ اچي رهڻ

”اِنهي ريت سا چنڊ کان وڌ حسين،

گل اندام، نازڪ بدن، نازنين،

”گهڻا ڏينهن پنڌن ۾ ڳهندي هلي،

سفر جا سوين سُور سهندي هلي،

”گِهڙي نيٺ هڪ شهر ۾ شام جو،

سهارو مليو اُن کي آرام جو،

”پريشان حالت سندس ڇا لڳي!

ڍڪيل اُن کي اَڌ ڪپڙو هو جسم تي،

”اُهو شهر ”چيدوجي“ راجا جو هو،

هو دنيا ۾ شُهرو سندس نام جو،

”جڏهن شهر ۾ هيءَ نماڻي گهڙي،

مصيبت زده، درد هاڻِي گِهڙي،

”تڏهن بُت هو اُن جو سُڪل ۽ ڳريل،

ڇُڙيل وار اُن جا ڌڌڙ سان ڀريل،

”چرين وانگي بلڪل هلڻ اُن جو هو،

عجب مان سڄي شهر اُن کي ڏٺو،

”ڀڳا شهر ساري سندا ڇوڪرا،

اچي ٿي ڪا ڏائڻ پُڪارڻ لڳا!

”اُنهن شهر ۾ هن کي گهڙندي ڏٺو،

ته رونشو اُنهن کي اَچي هٿ لڳو،

”پٺيان اُن جي ڊوڙيا قطارون ڪري،

هنيائون ڀتر اُن کي، جهوليون ڀري،

”اِنهيءَ ريت هوءَ خوب گهٻرائجي،

اَچي راج مندر جي آڏو پڳي،

”اُتان کيس ماڙيءَ مٿان اوچتو،

پريشان راجا جي ماتا ڏٺو،

”سڏي پنهنجي ٻانهيءَ کي اُن هيءُ چيو:

وٺي اَچ اِنهيءَ کي تون مون وٽ سگهو!

”ڏسڻ ۾ ٿي هيءَ ڪا دکياري اَچي،

آجهي لاءِ صدما ٿي سهندي وتي،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org