سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :42

 

 

™   منظوم قصو

™   منظوم ڊرامو

 

منظوم افسانو

 

”قصو سسئي پنهون“

 

ڪنهن زماني جي ٿا ماڻهو ڳالهه ڪن

۽ لکڻ وارا هيءُ قصو لکن

هڪڙو ٻانڀڻ مال سان مشهور هو

سڪ هئي اولاد جي تنهن کي مُدام

اُن جي گهر واريءَ سندو ”مُنڌر“ هو نام

نيٺ پيريءَ ۾ ٿيو راضي خدا

هڪ نياڻيءَ جي ٿين نعمت عطا

سونهن ۾ جا بي بها گوهر هئي

چوڏهينءَ جي چنڊ کان بهتر هئي

پرستاري مان ٿيو پيدا هي رنگ

ڪنهن مسلمان سان ٿي رهندو هن جو انگ

بس! انهيءَ شهرت ۽ بدنامي وچان

نائون ۽ منڌر، وڏي افسوس سان

بي بها موتيءَ کي پيتيءَ ۾ وڌو

۽ ڪيو درياءَ جي لهرين ۾ ڦٽو

ٿي قضا اهڙي انهيءَ صندوق جي

جو اچي ڀنڀور جي ڀرسان پڳي

هو اتي ڌوٻي محمد مالدار

معتبر ماڻهن ۾ هو جنهن جو شمار

ان جي هٿ هيٺان لکن جو مال هو

پنج سو ڪاريگرن ڪم ٿي ڪيو

ڪين هو طالب هُو ڪنهن امداد جو

جي سڪايل هو ته بس اولاد جو

جيئن ٿيو پيتيءَ جو دريا مان گذر

تئن ڪئي ڪاريگرن ان تي نظر

جهٽ ڪڍي آيا اهي ٻانهون هڻي

۽ ويا استاد پنهنجي وٽ کڻي

جيئن انهيءَ صندوق جو تالو لٿو

تئن انهيءَ مان ٻار هڪ ظاهر ٿيو

خوش ٿيو ڌوٻي اها نينگر ڏسي

۽ ٿيس اولاد جي بيحد خوشي

گود ۾ ان کي کڻي گهر ڏي هليو

۽ مٿس ”سسئي“ اچي نالو رکيو

ان جي سُندر زال بيحد شاد ٿي

۽ ٻنهي جو گهر ويو آباد ٿي

ان جون ساهيڙيون ليا پائڻ لڳيون

۽ خوشيءَ مان گيت پڻ ڳائڻ لڳيون.

.......

نيٺ سسئي کي جواني ٿي نصيب

حسن جي ڄڻ راڄڌاني ٿي نصيب

عاشقن جي دل کي تڙڦائي وڌو

نينهن جا نيزا هڻي گهائي وڌو

لک انهيءَ مورت تي مستانا ٿيا

حُسن جي آتش تي پروانا ٿيا

ايئن بڻيو هن لاءِ دل وارن جو ميڙ

چنڊ جي چوڌاري جئن تارن جو ميڙ

هيءَ انهيءَ ڌوٻيءَ جي دل جو ٺار ٿي

۽ سندس اکڙين سندو آڌار ٿي

خوش رکيو ڌوٻيءَ ٿي ان کي رات ڏينهن

۽ وَسايائين مٿس دولت جو مينهن

باغ هڪ هِن واسطي بنجي ويو

۽ منجهس محلات پڻ اڏجي ويو

باغ ۾ سسئي سدا آندي بهار

گڏ وٺي آئي سهيلين جي قطار

دُور تائين حسن ۾ مشهور ٿي

ڪيترا عاشق هليا مجبور ٿي

.......

ڪيچ جو والي جو آري ڄام هو

تنهن جو دنيا ۾ نمايان نام هو

ذات اُن جي کي سڏيائون ٿي بلوچ

فطرتاً حاصل هيس ويچار سوچ

هڪ پنهون نالي سندس فرزند هو

حسن جو حاڪم هو ۽ دلبند هو

ان جڏهين تعريف سسئي جي ٻڌي

اڻ ڏٺي ان جي مٿس دل ٿي چري

قافلو مڪران مان ڪاهي هليو

آسرو سر ساه تان لاهي هليو

مشڪ ۽ عنبر جي انبارن سان گڏ

شوق مان ڀنڀور ۾ وارد ٿيڳ

باغ جي ڀَر ۾ اچي ديرو ڪيو

جئن ٻڌي سسئي انهن هوتن جي هُوءِ

۽ انهيءَ سرهاڻ جي پهتس جو بُوءِ

عطر جو سودو ڪرڻ ڊوڙي هلي

دل ڏيڻ ۽ دل ڦرڻ ڊوڙي هلي

جئن ٻنهي هڪ ٻئي جي صورت کي ڏٺو

روز اول واري مورت کي ڏٺو

بس ويون اکڙيون اُمالڪ چار ٿي

عشق هر هڪ جو ويو اظهار ٿي

ڳالهه سسئي سان ڪئي ڪيچي کري

مان وڃان في الحال ٿو واپس وري

چند ڏينهن ۾ وري ايندس شتاب

پاڻ ۾ شادي ڪنداسين بي حجاب

پر چيو سسئي ته اي منهنجا سڄڻ!

توکي گهرجي ڪينڪي واپس ورڻ

آهين منهنجي ساه جو تون ئي ڌڻي

تون سڄڻ – مان تنهنجي پيرن جي پَڻي

بس ٻئي هڪ ٻئي کي پرچائڻ لڳا

ساز ڇيڙي گيت پڻ ڳائڻ لڳا

.......

نيٺ سسئي جي پنهونءَ سان ٿي صلاح

ٿي وڃي هاڻي سگهو پنهنجو نڪاح

هل تون منهنجي پيءُ اڳيان ڌوٻي سڏاءِ

۽ بلوچ ذات کان ان کي لڪاءِ

ڇو جو ڌوٻين ۾ اهو دستور آهه

پنهنجو رشتو پاڻ ۾ منظور آهه

ڪين ڌارين سان ڳنڍن ٿا مائٽي

ان ۾ سمجهن ٿا صفا بي عزتي

تون جي مون سان چاهين ٿو شادي ڪرڻ

تنهنجو ڪم آهي وڃي ڪپڙا ڌوئڻ

جئن پنهونءَ کي پنهنجي سسئي هو چيو

تيئن وڃي هن حال ڌوٻي سان ڪيو

آزمودي لاءِ اُن ڌوٻيءَ شتاب

هئن چيو پياري پنهونءَ کي بي حجاب

کيپ ڌوئي اچ ته مان توکي ڏسان

بس! اها پرک تنهنجي ٿو وٺان

تنهن تي جيئن ڪپڙا ڌوئڻ آيو پنهون

پاڻ کي ڏک ۾ وجهڻ آيو پنهون

تئن پيس نازڪ هٿن ۾ لک لڦون

۽ لٽن مان ڪيتريون اڳڙيون ٿيون

جئن لٽا ڦاٽا ٿيو ڪيچي ملول

۽ ڪيائين پنهنجي بدبختي قبول

پر سگهو سسئي کان دلداري مليس

هئن ڪيو سسئي، ڦاٽل تِهه هئا

تن ۾ هن مهرن وجهڻ سان وَس ڪيا

مالڪن کي خير سان ڪپڙا مليا

۽ اهي مهرون ڏسي سڀ چپ رهيا

ڪنهن وٽان هرگز شڪايت ڪانه ٿي

ڪا پنهونءَ جي لاءِ دِقت ڪانه ٿي

جيئن پنهون پنهنجو ڪيو پورو اُصول

سڱ ڏيڻ ڌوٻي ڪيو هڪدم قبول

عاشقن جي دل جو اُميدون پڳيون

۽ ٿي شاديءَ رات شرنايون وڳيون

.......

ائين پنهون ڌوٻيءَ جي گهر گهارڻ لڳو

ساه سسئي تان سدا وارڻ لڳو

ديس پنهنجي جو ويس وسري خيال

ٿي رهيو ڌوٻين جي ڌنڌي سان نهال

هڪ پنهونءَ جو ڀاءُ چنرو ڄام هو

جنهن پنهونءَ سان گڏ هو آندو قافلو

تنهن کي ههڙي حال تي ڪاوڙ لڳي

۽ سندس دل ۾ گهڻي غيرت اُٿي

تنهن چيو هر هر پنهونءَ کي بي حجاب

هل هلون پنهنجي وطن موٽي شتاب

پر پنهون ان کي ٻڌائي سڀ کري

چئي نه هلندس ديس پنهنجي ڏي وري

هاڻي منهنجو ديس هي ڀنڀور آهه

جنهن جڳه سسئي جي سڪ جو زور آهه

ڪيچ ڇا ۽ ڪيچ وارا ڇا ڪندس

۽ سندن سهڻا نظارا ڇا ڪندس

هاڻي سسئي آهه منهنجي زندگي

۽ ٿيو ان کي ڇڏڻ شرمندگي

جئن پنهونءَ جي پيءَ کي هيءَ پهتي خبر

موت کي ويجهو ٿيو تئن سر بسر

ٽن پٽن کي سڏ ڪيائين ان گهڙي

۽ چيائين تن کي هيئن روئي رڙي

بس پنهون منهنجو وٺي مون وٽ اچو

جي اٿوَ منهنجي جيئڻ جو اَٺسٺو

هوت، چنرو، نوت زور آور جوان

ڏاڍ مڙسي جا هئا جن ۾ نشان

سي سگهو ڀنڀور ڏي ڪاهي هليا

سازشون اڳ ۾ گهڻيون ٺاهي هليا

سڀ پنهونءَ جي در تي آيا چاه مان

۽ مٺيون ڳالهيون ڪيائون ٺاه مان

تن کي سسئي بيعدت عزت ڏني

سڪ منجهان تن کي گهڻي راحت ڏني

خوب مهماني ڪيائين رات ڏينهن

۽ انهن کي سُک ڏنائين رات ڏينهن

نيٺ هڪڙي رات مجلس گرم ٿي

خوب کاڌائون ۽ پيتائون شراب

ٿي چڪو غافل پنهون پڻ بي حساب

گم ٿيس نشي ۾ سڀ هوش و حواس

ننڊ جي غلبي ڪيو ان کي اداس

ننڊ سسئي کي به آئي اوچتو

۽ ڪيو ڏيرن اتي ان کي ڦٽو

اُٺ مٿان جڪڙي هليا پيارو پنهون

ڍنگ سان پڪڙي هليا پيارو پنهون

سور سان سسئي کي سينگاري هليا

باه هڪ ڀنڀور ۾ ٻاري هليا

.......

جيئن جو آڌيءَ رات جو آيو نڀاڳ

ننڊ مان سسئي نماڻي ٿي سجاڳ

تئن ڏٺاين پنهنجي اوتاري ۾ سڃ

شهر، بازارين، گسن چارن ۾ سڃ

بس! چيائين، هاڻي تون هاڙهي ڏي هل

ٿي نه ڪُوڙي ۽ سچي ڪنهن سان نه سل

پنهنجي ور جو آسرو هرگز نه لاه

لڪ لنگهي هل ۽ پٺيان ڪيچين جي ڪاه

گڏ ٿيا ماڻهو اچي ڀنڀور جا

۽ سڀن حيلا هلايا زور جا

ماءُ موٽڻ واسطي ان کي چيو

ان جي ساهيڙين به ڏاڍو وَس ڪيو

پر چيو سسئي ورڻ واريون وَرو

مان جبل جو پاڻ تانگهيندس ترو

اي ورن واريون! وڃو هڪدم وري

ڳالهه ٻڌجي ٿي وڇوڙي جي ڳري

سا هتان نڪري هلي ڏونگر ڏري

جنهن جي دل ۾ باه ٿي ٻر بَر ٻري

منهنجي جيجل! هاڻي مون کي جهل نه پاءِ

ڀل ته جوڳياڻي ٿيان جانب جي لاءِ

ايئن چيو سسئي ۽ جهٽ ڪاهي هلي

پنهنجي هستيءَ کي صفا ڊاهي هلي

ڪنجرو ڦاٽل ڪلهي ۾ ان وڌو

۽ ڇڪي سُورن سندو سندرو ٻڌو

بس! اُٺن جو پير کڻندي ٿي وئي

۽ پنهونءَ جو نام وٺندي ٿي وئي

پٻ جبل وٽ جيئن ويس ماشا ڦِري

اُڃ ۽ ٿڪ سببان اچي پٽ تي ڪري

ان هنڌان چشمو ڦٽو هڪ ناگهان

جو اڃا تائين اُتي موجود آهه

۽ حقيقي عشق جو مقصود آهه

سسئي پاڻي پيتو آئي هوش ۾

۽ وري اڳتي ٿي راهي جوش ۾

شوق مان ڪاهي هلي وڻڪار ڏي

ڪيچ جي والي مٺي منٺار ڏي

پير پٿرن ۾ پٿون اُن جا ٿيا

گم ٿيا ڪيچين سندا ڏس ۽ پتا

نئين اُٿل کاڌي چڙهيو پاڻي شتاب

۽ ٿيو سسئي تي هڪ نازل عذاب

راه کان ڀِٽڪي اڳيان آيس جبل

هوت کي هَر هَر ڪيائين ٿي هڪل

عاجزيءَ سان خوب ليلائڻ لڳي

درد مان هڪ گيت پڻ ڳائڻ لڳي

.......

ايل پنهوار ان کي هڪ آيو نظر

سيگهه مان ان کان پڇيائين سر بسر

اي ادا! توکان پڇان ٿي ڏس پَتو

ڪيئن ڏٺيءِ منهنجي پنهونءَ جو قافلو؟

ايل پنهوار اهڙي عورت ڏٺي

من کي موهيندڙ مٺي مورت ڏٺي

مست ديوانو ٿيو ۽ بي خبر

۽ ڪيائين هن سسئيءَ ڏي بد نظر

هيئن چيو سسئي ته ٻڌ پنهوار ڀاءُ

اُڃ وچان آهيان گهڻو لاچار ڀاءُ

کير ڍُڪ اڳ ۾ خدا ڪارڻ پيار

بعد ۾ مون ڏانهن تون بيشڪ نهار

ايل پنهوار ان تي ڏاڍو خوش ٿيو

کير آڻڻ کاءِ جهٽ ڊوڙي ويو

پاڻ کي سسئي جو جوکي ۾ ڏٺو

ياد آيس پنهنجي قسمت جو چٽو

رب اڳيان هڪدم هنجون هارڻ لڳي

پنهنجي خالق کي ڪيائين هيءُ سوال

زور آهي تنهنجي قدرت جو ڪمال

بي وسيليءَ جو وسيلو ٿيءُ خدا

دور ڪر مون کان اها بَرَ جي بلا

مان گناهن سان ڀَريل غفار تون

منهنجو پردو رک سچا ستار! تون

هن دعا پوري ڪئي ڦاٽو جبل

۽ ٿيس هن ريت هڪ غيبي هڪل

”آءُ تون اندر سگهو سسئي! هلي

خودبخود توکي پنهون ويندو ملي“

گم ٿي سسئ بند تيئن ڏونگر ٿيو

هڪ چُنيءَ جو پاند بس رهجي ويو

ايل پنهوار ان تي پڇتايو گهڻو

قبر هڪ پٿرن جي ٺاهيائين شتاب

۽ ڪيائين اُن تي زاريون بي حساب

بس! مجاور ٿي اتي گهارڻ لڳو

شام ٿينديئي ڏيو ٻارڻ لڳو.

.......

واٽ ويندي جيئن ٿيو ڪيچي سُجاڳ

تيئن ڏٺائين پاڻ تي ظاهر نڀاڳ

پاڻ کي اُٺ تي صفا جڪڙيل ڏٺو

ڍنگ سان سسئي وٽان وڇڙيل ڏٺو

دل ۾ ڏاڍا خار آيس بار بار

ڀائرن سان جٺ ڪيائين بي شمار

بر ٻَڌل هو ڪينڪي ان کان پڳو

نيٺ پنهنجي پيءَ اڳيان حاضر ٿيو

جيئن نظربندي ۾ هُو گهارڻ لڳو

تيئن سراسر پاڻ کي ڳارڻ لڳو

موت کي ويجهو ٿيو نڪتس ٿي ساه

رحم آيو ان تي آريءَ ڄام کي

۽ سڏايائين پنهون خوش نام کي

چاه مان ان کي چيائين وڃ شتاب

ٿيءُ ڀلي مقصد ۾ پنهنجي ڪامياب

پنهنجي سسئي کي وٺي واپس تون اچ

ڀل خوشيءَ مان ٽڙ ۽ ٿي نروار نچ

ڀائرن سان گڏ پنهون ڪاهي هليو

ڄڻ پڇاڙيءَ جو سفر ٺاهي هليو

قبر کان سسئي جي لانگهائو ٿيو

دوست جي ديدن جو واجهائو ٿيو

جيئن چُنيءَ جو پاند هو ظاهر صفا

تيئن اُٿيس دل ۾ هزارين وسوسا

پڪ ٿيس سسئي جي قبر آهي ضرور

جي نه لهندس هن جڳہ منهنجو قصور

بس ڏٺائين اوچتو ٻڪرار کي

هن سڄي قصي جي واقف ڪار کي

تنهن ٻڌايو هن کي ويهي سڀ بيان

درد ۽ غم جو سمورو داستان

هن چيو آئي هئي هڪ دلفگار

جنهن پڪاريو ٿي پنهونءَ کي بار بار

بس وئي هڪدم سندس سڪ ۾ مري

هن جي آهن سان پيو ڏونگر ڏري

جيئن پنهونءَ جي ڪن تي پهتي هيءَ خبر

تيئن سندس زخمي ٿي دل ڦاٽو جگر

سود آه ان پنهنجي اندر مان ڀري

قبر ڦاٽي ۽ پيو ڏونگر ڏري

بس! پنهون اُن قبر ۾ داخل ٿيو

۽ وڃي سسئي سان گڏ شامل ٿيو

رنگ جنت کي ٻئي لائڻ لڳا

شوق مان هڪ گيت پڻ ڳائڻ لڳا.

 

{

 

مومل - راڻو

(منظوم ناٽڪ)

پهريون منظر

(راڻي کي مومل ڏي وڃڻ ۾ دير ٿي وئي آهي، هو اُٺ کي جلدي جلدي هڪليندو ٿو وڃي ۽ اُن سان ڳالهائيندو به ٿو وڃي.)

 

تڪڙو تڪڙو کڻ تون پنهنجو هر قدم،

ڪين ويرم ڪر ڪنهين پر، هڪڙو دَم،

وک وَڌائيندو هليو هل، ڪر نه دير،

پهچڻو آهي پَري، ڏيکار پير.

هاڻ ڏِس سج آههِ غائب ٿي ويو،

پنهنجي سهڻيءَ جي وڃي، ڀاڪر پيو.

رات ڪاري ٿي اِجها نچندي اَچي،

ٿي اَنڌاري جي اِجها ٻيگهي مَچي.

اَڄ خبر ناهي جو دل آهي اُداس،

ڪيئَن خوشي ٿيندي وڃي آهسته ناس،

جلد هَل جئَن پنهنجي دلبر سان مِلان،

غم غلط دل جو ڪريان، خوش ٿي کِلان.

 

(راڻو تلاءَ جي ڪناري اُٺ کي جهڪائي پاڻي پي رهيو آهي. ان تلاءَ جي ڪناري چند ٻڪرار پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ راڻو اُنهن جون ڳالهيون ٻُڌي رهيو آهي.)

هڪ ٻڪرار:

عشق جو شل ٿي وڃي خانو خراب،

جنهن رلايا دربدر شاه ۽ نواب.

عشق ڇا هي؟ آههِ ڄڻ ڪارِي بَلا،

جنهن جا کاڌل ٿي وڃن ٿا لا دَوا.

عشق اهڙي ٿو دکائي دل ۾ باه،

عقل جنهن کان ٿو ٿئي سارو تباه،

عشق اهڙو ڪيف ور آهي شراب،

عقل کي پَل ۾ ڪري ٿو جو خراب،

عشق هڪ درياه، سو ڀي موجزن،

سُور جا جِت ٿا سَوين واڳون سُڄن،

آ گريزانٌ عشق کان سارو جهان،

۽ فرشتا ڀي چون ٿا ”اَلامان“

هاءِ، ويچارو مگر آدم غريب

عشق کي سمجهڻ لڳو پنهنجو نصيب

هر کجي ويو جهٽ هَوا جي دام تي.

۽ ڌٻو پنهنجي هنيائين نام تي.

 

ٻيو ٻڪرار:

نانءُ عورت جو نه وٺ منهنجي اڳيان،

آ سچي جنهن جي نه اُلفت ۽ زبان،

نانءُ عورت جو صحيح آهي فريب،

مَرد کي پاڳل بَنائي، ڏِئي ٿي ريب،

آههِ اُلفت تنهن جي بس، رُڃ جي مِثال،

ڪونه جنهن مان پاڻي پي ٿِئي ٿو نهال،

تنهن جي اُلفت ڄڻ ته پاڻيءَ تي حباب،

ٿِي حياتي ختم ٿئي، جنهن جي شتاب،

حيف آهي مَردَ جي ان حال تي،

دِل ڏِئي ويهي ٿو، تِرڪ ۽ تال تي.

ٽيون ٻڪرار:

اڳ به مَردن کي هيو ڌوڪو نصيب،

۽ هينئر ڀي ڌوڪو کائي ٿو غريب.

پهريون ٻڪرار:

رحم راڻي جي اَچي ٿو حال تي،

جو ڀُليو مومل جي حَذّ ۽ خال تِي.

هي ٿو پنڌن ۾ رهي پُورو سَدا.

نانؤ مومل آ وِڌو ٻئي تي جُدا.

راڻو:

هاءِ! هيءَ ڪهڙي حڪايت ٿو ٻُڌان؟

ڪوڙ آهي يا حقيقت ٿو سُڻان؟

ها! هي ڪهڙو نه قاتل زَهر آههِ؟

جنهن ڪيو منهنجي خوشيءَ سان قهر آههِ.

جو ڪنن منهنجن ٻُڌو سَڀ ڪوڙ آههِ،

ڳالهه اهڙيءَ ۾ سمايل ڌوڙ آههِ.

منهنجي مومل آ نه اهڙي بيوفا،

پنهنجي سوڍي سان ڪندي جيڪا جَفا،

آههِ ليڪن دل تي ڪهڙو اِعتبار؟

جا مَري ٿي ۽ جِئي ٿي بار بار.

ڇا، سندس اُلفت جو ڪوڙو آ قسم؟

جيڪو مون سان هوءَ کڻي ٿي دَمبدم.

ڇا ٻڌان اُن جو هي پيمانِ وفا؟

پُرزا پُرزا آ ڪيو سَنگِ جَفا.

ٻيو منظر

(مومل جو محل – مومل، سُومل، ناتر ۽ ٻانهيون ويٺيون آهن ۽ مومل راڻي جي نه اچڻ سبب اُداس اهي.)

ناتر:

گهوري تنهنجي نانءَ تان ٻانهي وڃي،

هر قدم تي سِر ڪري صَدقي اَچي،

شل نه ڏک جو ڏينهن ڪو توتي اچي!

ڪين ڪوسو واءُ ڪو توکي لڳي!

شل، رهي تنهنجي چمن کان دُور غم،

شل، خوشيءَ سان تون ٽِڙين پئي دمبدم،

ڇا سبب آهي؟ جو گهٽندڙ چنڊ جان،

مُنهن لٿل ٿي ماهرو! تنهنجو پسان.

چئو، اي منهنجي سهڻي سانئڻ مهربان!

توکي ڳڻتين ۾ ڏِسي ٿي ناتوان.

مومل:

منهنجي مِٺڙي نيڪ ناتر! ڇا چوان؟

پنهنجي غم مان ڪريان ڪهڙو بيان؟

صُبح کان ٿي منهنجي ڏائي اک ڦري،

بس، خدا اَڄ خير جيجل! پيو ڪَري،

ڇو اَلائي دل ٿي اڄ وهندي وڃي؟

ڪين ٿي جيڪا چوڻ منهنجو مڃي.

دل تي ڇو ويٺو اِهو آ وسوسو،

اَڄ ڪو ٿيڻو آههِ مون کان ڪم ڪَسو،

ٿي پريشاني وڃي وڌندي سَندم،

هاءِ! حيراني وڃي وڌندي سَندم،

مون ڏِٺو ڪلهه رات اهڙو خواب آ،

جنهن ڪيو بيحال ۽ بيتاب آ،

جنهن جي ڳڻتيءَ کان دماغ آهي خراب.

زندگي منهنجي بڻي، جنهن کان عذاب،

خواب ۾ طوطو ۽ مينا مون ڏِٺا،

هئا گهڻا جن کي محبت جا نَشا،

روح هڪ هو، توڻي قالب تن جا ڌار،

ساه هڪ ٻئي تان ڪيائون ٿي نثار،

اوچتو ئي اوچتو هڪڙي شَرير،

سنگدل، بيرحم، ظالم، بي ضمير،

زور سان پَٿرّ جو ڪيو تن تي نشان،

هاءِ ڀينر! ڇا ٿيو، پوءِ ڇا چوان؟

طوطي مينا کي ڇڏي پرواز ڪيو.

بيوفائيءَ جو اِئين آغاز ڪيو.

سُومل:

ڀيڻ! ڳهلي ٿي ڏِسڻ ۾ تون اَچين

مَن وِيا ڪَل خواب تي ڇو ٿي ڪرين؟

خواب ڀي ڪڏهن ڪو نڪتو آ سچو؟

سَچ نه ثابت ٿيندو ڪڏهين ڀي ڪَچو.

وَهم کي اَي ڀيڻ! وِجهه تون کڏ کڻي،

مِهر پنهنجيءَ سان پَنَہ ڏيندو ڌڻي،

مِٺڙي ناتر! ڪو ٻُڌائج اهڙو راڳ،

غم اَلم کي جو ڪري، جلدي تياڳ.

(ناتر ساز وڄائيندي گانو ڳائي ٿي)

ناتر:

ڇو نه آيو آ؟ ٻڌائج آسمان!

منهنجو راڻو، مينڌرو، مِٺڙو جوان،

روز اِيندو آههِ ساجهر اَڄ، مگر،

دير ڪئي هن آ، نه آهي ڪُجهه خبر،

ان جي آمد جي گهڙي وَئي آ ٽَري،

چو طرف شمعون ويون آهن بَري،

هونئن ته اِيندو آههِ هو ساجهر سوير،

اَڄ اَلائي ڇو ڪري ويٺو اَوير؟

روڪجي پيو آههِ، ڇا ڪنهن ڪار سان؟

يا، نه آيو آههِ ڪنهن لاچار کان!

ڇا، نه اِيندو منهنجو مٺڙو مِهربان،

جنهن جو نالو مون کي آ، وردِ زبان،

ڪنهن به حالت ۾ هو اَچڻو آ ضرور،

ترسندو ڪنهن ٻيءَ جڳهه ڪنهن پَر نه مُور،

چَنڊ آيو آ چڙهي، ڪيڏو مَٿي؟

ٽيڙو ڀي نِڪري ويا آهن پَري.

سُومل:

مان ته سمجهان ٿي، نه اِيندو راڻو اَڄ،

لاڏلي شايد ڪيو آ ماڻو اَڄ،

جي هُئس اچڻو، اَچي ها هو سَوير،

ڪِين ان ۾ ڪجهه ڪري ها اير ڦير،

ڏِس ڏِيا ڀي سڀ ويا آهن ٿي گل،

سانت آهي چؤطرف، ناهي ڪو غل،

آ جواني رات جي ڀي وئي لَڙي،

پر، اَڃا سوڍو نه آيو آ وَري،

ڏِس ته تارا ڀي ويا آهن ڇُپي،

چَنڊ تن سان آ وڃي پهتو ڀَڄي،

ڇڏ کڻي جيجل! اَجايو انتظار،

ڇو رهين ٿي منتظر ۽ بيقرار،

تون ۽ مان هل هاڻي آرامي ٿيون،

ڏينهن جو ڪجهه ٿَڪ ڀَڃون ۽ ننڊ ڪريون!

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org