سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :10

حضرت سلطان باهَوؒ

ڪئَن ڀَلا سمجهي بَشر توقير باهوؒ پير جي؟

عَرش تي آهي لکيل تحرير باهوؒ پير جي.

”ڪُنتُ ڪنٌزًا مَخٌفِياً“ جو آههِ باهوؒ بادشاه،

معرفت جو ملڪ هڪ جاگير باهوؒ پير جي.

پير باهوؒ جي مَحل کي جي اکيون کولي ڏسين،

آههِ ”سِدٌرَه“ جي مٿان تعمير باهوؒ پير جي.

قرب ڌاري، قلب ۾ قرآن جا نقطا ڏسي،

مدح ڪن ٿا، صاحبِ تفسير باهوؒ پير جي.

جيئن اکيون کولي، زماني ۾ ٿيس اِظهار مان،

ذره ذره ۾ ڏٺم، تصوير باهوؒ پير جي.

پاڻ اَول، پاڻ آخر، ظاهر و باطن به پاڻ،

ڪير ٿو سمجهي مگر تاخير باهوؒ پير جي.

رَب اڳيان پَردو هَٽيو جيئن قاب ۽ قوسين جو،

احمدِ مُرسل ٻُڌي، تقرير باهوؒ پير جي.

اِسمِ اعظم نام جنهن جو ۽ نگاهون ڪيميا،

ڇو نه سمجهان خاڪ کي اِڪسير باهوؒ پير جي.

ڪجهه نٿو سمجهان ته ڪاشي اههِ ”لاشاري فقير“

آههِ اکڙين جي اڳيان تنوير باهوؒ پير جي.

 

{


 

مخدوم حضرت شاه بلاول نوراني

جئي شاه بلاول نوراني جبل ۾.

عجب نور تنهنجو نوراني جبل ۾.

هزارين سوالي جبل ۾ اچن ٿا.

عليءَ جا قدم قرب وارا چمن ٿا.

هي رحمت جو چشمو وهي ٿو جبل ۾.

عجب نور تنهنجو نوراني جبل ۾.

تون ڪامل ولي تون هدايت جو حيلو،

تون ئي بي وسيلن جو آهين وسيلو،

محمدؐ جي صدقي ٿي حامي هڪل ۾،

عجب نور تنهنجو نوراني جبل ۾.

ڪرين دور مُشڪل دعا جي اثر سان،

بدلجي ٿي تقدير تنهنجي نظر سان،

هنيو آههِ حَق جو تو نعرو جبل ۾،

عجب نور تنهنجو نوراني جبل ۾.

سچن صابرن جي جبل ۾ خموشي،

گنهگار تو کان گهرن پرده پوشي،

اُميدون لکن جون پُڄائين ٿو پل ۾،

عجب نور تنهنجو نوراني جبل ۾.

تون بيشڪ غريبن جو غمخوار آهين،

سوا لک ولين جو سردار آهين،

نبيءَ جي نظر آهه تنهنجي محل ۾،

عجب نور تنهنجو نوراني جبل ۾.

ازل کان نيارا جبل جا نطارا،

رهن ٿا بهشتن ۾ لاهوت وارا،

خدا پاڪ جو آهه جلوو جبل ۾،

عجب نور تنهنجو نوراني جبل ۾.

ڀري ٿا اچن جي گناهن جي جهولي،

گهمي ٿي انهن سان فرشتن جي ٽولي،

محمدؐ جي مجلس ملي ٿي جبل ۾،

عجب نور تنهنجو نوراني جبل ۾.

نبي نوحء ٻيڙو جبل تي اُتاريو،

مصيبت ۾ تو فاطمهؓ کي پڪاريو،

علي جو کٽولو به تنهنجي جبل ۾.

عجب نور تنهنجو نوراني جبل ۾.

حقيقي هدايت جي تون راه آهين،

تون زنده هميشه جيئي شاه آهين،

سوين تنهنجا آهن سلامي جبل ۾،

عجب نور تنهنجو نوراني جبل ۾.

سچي دين تان سر وڍايو تو سائين،

عجب جهنگ ۾ رنگ لايو تو سائين،

جئي شاهه بلاول نوراني جبل ۾،

عجب نور تنهنجو نوراني جبل ۾.

 

{


 

قائدِ اعظم

اَسان جي ملڪ پاڪستان جو باني قائدِاعظم،

وقارِ ملڪ و ملت جي نشاني قائدِ اعظم.

اَثر جنهن تي نه هو هرگز، زماني جي هوائن جو،

ڪئي اُن بَحر ۾ پيدا رواني قائدِ اعظم.

فنا حُبِ وطن ۾ ٿي، بقا جو مُلڪ ماڻيائين،

عقيدو آههِ منهنجو، ناههِ فاني، قائدِ اعظم.

هئي جيئَن پيڪر آزادگي پوين پساهن ۾،

مسيحا ٿي ڏني اُن کي جواني، قائدِ اعظم.

چوان صد مرحبا، ملت جو محسن آهين تون بيشڪ،

سياست ۾ نه تنهنجو آههِ ثاني قائدِ اعظم.

”محمد“ ۽ ”عليءَ“ جي نام سان آهين نمايان تون،

”جناحِ قوم“، جانِ ملڪ، جاني قائدِ اعظم.

چِٽيا تو قوم جي دل تي، جي آهن چِٽ محبت جا،

چِٽيا هوندا نه سي بهزاد و ماني، قائدِ اعظم.

کنيو حق جو عَلَم اُن وقت تو هٿ ۾، جڏهن هرجا،

رهي ٿي حق پرستن جي گِراني، قائدِ اعظم.

رَهي ڇو ڪين بار آور شجر، تنهنجي قيادت جو،

ڏني اُن کي تو عمرِ جاوداني، قائدِ اعظم.

جڏهن آهين تون پنهنجي قوم جو هڪ رهنما ڪامل،

رهي ڇو ڪين تنهنجو ڏيهه ڏاني، قائدِ اعظم.

ڊسمبر ۾ ٿئين پيدا، وطن وارن کي حاصل ٿي،

مسيحائي وطن جي پاسباني، قائدِ اعظم.

”مسلمان بس، مسلمان آههِ“ هي آواز هو تنهنجو،

هنئي فرقه پرستن کي تو ڪاني، قائدِ اعظم.

هئي جا قوم خاڪستر، سدا دورِ غلاميءَ ۾،

ڏِنو اُن کي تو رُتبو آسماني، قائدِ اعظم.

وَسي شل تنهنجي تربت تي سَدا اَلله جي رحمت،

ڏِٺي سِين تنهنجي صدقي شادماني، قائدِ اعظم.

تون آهين محسنِ ملت، ٿيو جا، جي عقيدت سان،

”رشيد“ آهي ڪئي اَڄ مدح خواني، قائدِ اعظم.

 

{


 

قائدِاعظمؒ

 

وَيل قسمت وري واپس ورائي قائدِاعظم،

ٻُڏل ٻيڙي ڪِناري سان لڳائي قائدِاعظم.

بَنائي رات اونداهي، سهائي قائدِاعظم،

ڪئي ملت جي بيشڪ رهنمائي قائدِاعظم.

زماني ۾ ڪئي ظاهر سچائي قائدِاعظم،

حڪومت قوم جي دل تي هلائي قائدِاعظم.

مسلمانن گذاريو وقت ٿي پنهنجو غلاميءَ ۾،

خوشامد چاڪري، اڳ پوءِ، مِنت ۽ سلاميءَ ۾.

وَڌڻ تن کي ڏنو ٿي ڪين ڌارين نيڪناميءَ م،

ويا بدنام ٿيندا هر خرابيءَ ۾ ۽ خاميءَ ۾.

سندن ظاهر ڪئي جڳ ۾ اَڇائي قائدِاعظم.

ڪرائي غير کان تن جي جدائي قائدِاعظم.

وري تن جي دلين ۾ اوچتو اِيمان پيدا ٿيو،

تنزل مان ترقيءَ جو سَچو سامان پيدا ٿيو.

خموشيءَ مان نئون هڪ جوش ۽ جولان پيدا ٿيو.

ڪئي پنهنجن جي بيشڪ پُٺڀرائي قائدِاعظم.

زماني ۾ ڪئي محنت سَجائي قائدِاعظم.

وَري اُجڙيل گلستان ۾، نئين هڪ تازگي آئي،

جتي اونده هئي، اُن هنڌ ڊوڙي روشني آئي،

گهڻو جنهن دُور ٿي گهاريو، اُها قسمت وري آئي.

جِتي هڪ موت ڇانيل هو، اُتي هڪ زندگي آئي.

قيادت جي ڪئي ڄڻ حق اَدائي قائداعظم.

اَسان جي جان غيرن کان ڇَڏائي قائدِاعظم.

زمينِ پاڪ اُن مرد جي ڄڻ مهرباني ٿي،

وطن ۽ قوم تي اُن مرد جي ڄڻ مهرباني ٿي،

اُنهيءَ جي ذات سان مسرور پنهنجي زندگاني ٿي.

اُنهيءَ جي ڪوششن سان آههِ حاصل ڪامراني ٿي،

ڪئي حق جي صدا سان همنوائي قائدِاعظم.

حقيقت جي سَچي ٻولي ٻڌائي قائدِاعظم.

وري اهڙيءَ طرح جڳ کي جِياري ڪير ٿو اڄڪلهه؟

وري ملت جي قسمت کي سنواري ڪير ٿو اڄڪلهه؟

اٻوجهن جا وري آتڻ اُجاري ڪير ٿو اڄڪلهه؟

وري اهڙي مجاهد کي وِساري ڪير ٿو اڄڪلهه؟

رهيو هيڻن جو هَردم حال ڀائي قائدِاعظم،

بُرن سان پڻ ڪئي چوکي چلائي قائدِاعظم.

جهادِ زندگاني ويو ڏسي هر هڪ سپاهيءَ کي،

سَچو رهبر هو، رهبر ٿي، ڏسي ويو راه راهيءَ کي.

ڀُلايائين نه ساري زندگي يادِ الاهيءَ کي،

مٽايائين ترقيءَ ۾ تنزل کي تباهيءَ کي.

ڏسي راهِ عمل ۾ پڻ تِکائي قائدِاعظم،

ڪئي اِظهار پنهنجي پيشوائي قائدِاعظم.

{

 

 

پرنس ڪريم آغا خان

 

1-      مرحبا، صد مرحبا، صد مرحبا، آغا ڪريم!

حق پرست و حق نما، حق آشنا آغا ڪريم!

2-     مرحبا فخرِ محمد مرحبا ابنِ علي،

مرحبا، آلِ علي المرتضيٰ آغا ڪريم.

3-     جد امجد تنهنجو محسن آههِ پاڪستان جو،

ٿي تون پاڪستان ۾ ئي جلوه نما آغا ڪريم!

4-     جد امجد تنهنجي جو مولد ڪراچي شهر آهه،

ڇو نه پاڪستان جو سڏجين پيشوا آغا ڪريم.

5-      قوم پنهنجي کي تو سيکاريو شهادت جو سبق،

آهين تون نور حسين المجتبيٰ آغا ڪريم!

6-     تو اُخوت جي سبق سان قوم پنهنجيءَ مان ڪيو،

فرقه بنديءَ جي تعصب کي فنا آغا ڪريم!

7-     هر جماعت خانهء ۾ جمهوريت واحد مثال،

عالمِ جمهور جو تون رهنما آغا ڪريم!

8-     مشرق و مغرب کي تون يڪسان ٿو بخشين روشني،

ڇو نه توکي ڪوٺجي شمس الهديٰ آغا ڪريم.

9-     بارشِ رحمت وسائين ٿو اي رحمت جا سحاب،

توتي آهي سايِهء رب العليٰ آغا ڪريم!

10-    صرف اِسماعيلي فرقه جو نه تون آهين امام،

توتي هر مسلم ٿو ڏسجي جان فدا آغا ڪريم!

 

11-    تنهنجي آمد سان کُليو هرجا مسلمانن جو ڀاڳ،

قوم مسلم لاءِ تون ظلِ حُدا آغا ڪريم!

12-    علم جي دولت ڏيڻ آئين تون پاڪستان کي،

تون ئي آهين علم لئي ابرِ سخا آغا ڪريم!

13-    جا هئي بلڪل حقيقت سا لکي آهي ”رشيد“،

ناههِ ڪا بيجا خوشامد يا ثنا آغا ڪريم!

{


 

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

تمهيد

 

ڏي ڀري ساقي! پيالو زهر جو،

زندگيءَ جو دم گذري قهر جو،

ڪين گهرجي مون کي جامِ زندگي.

زندگي مون لاءِ ٿي شرمندگي.

زندگي جنهن جو دوائن تي گذر،

زندگي جنهن تي سُڃائيءَ جو اَثر،

زندگيءَ جي لاءِ لازم ٿي دَوا،

۽ سڃائي جي به ناهي اِنتها،

جي ڪريان محنت، مِلي اُن جو نه ڦَل،

سَڏ ڪرڻ جي دُور ٿو ڊوڙي اَجل،

زندگيءَ جي ختم ٿي هرڪا خوشي.

زندگي اهڙيءَ کان بهتر خودڪشي،

ڇا ضرورت، جو پيان جامِ سخن؟

ناههِ اڄڪلهه قدَر وا انعامِ سخن،

اَڄ ٿي اُن محمود کي ڳولي نظر،

هجوِ فردوسي ڪري جنهن تي اَثر،

پر زَمانو آههِ بلڪل بيحيا،

هِجو جو اُن تي اَثر ڪهڙو ڀَلا؟

ڇو نه قسمت جي ٿئي هر راه رد،

هي زمانو آههِ جويائي حَسَد،

هي زمانو مون کي مارڻ ٿو گهري،

قبر ۾ زنده سمهارڻ ٿو گهري،

منهنجي جوهر کي لِڪائڻ هِن جو ڪم،

منهنجو ڪنهن محفل ۾ نالو ٿو اَچي،

نارِ نمرودي ۾ ڄڻ هي ٿو پَچي،

مڪربازيءَ سان زمانو سَر بلند،

حق جي ڪلمي کان زبان يارن جي بَند،

آههِ سڀ ڪنهن کي فقط پنهنجو مَفاد،

هِن زماني سان سڀن جو اِتحاد،

ڪوبه ساٿي ناههِ مُون مظلوم جو،

دوست سڀڪو هِن زماني شوم جو،

دل ته چاهي ٿي لِکان لکها ڪتاب،

شعر جا دَريا وَهايان بيحساب،

شوق مان لکجي وڃن بيسا ختا،

شاعرانِ سنڌ جا لک تذڪرا،

پر زمانو ڪين چاهي ٿو ڪڏهن،

غم سُڃائيءَ جو نه لاهي ٿو ڪڏهن،

دمڪشيءَ ۾ نيٺ دَم ٿيندو فرار،

پَر زماني کي نه ڏيندو ڪو مَيار،

ان جي هوندي مون تي اَصلي فرض آهه،

جنهن ڏني هي ڏات، اُن جو قرض آههِ

ڪجهه نمونو شعر پنهنجي جو ڇڏيان،

ڌوڙ ۾ سازش زماني جي گڏيان،

مَن مرڻ کان بعد ڪو ساري کڻي،

قبر تي مَن ڪو ڏيو ٻاري کڻي،

تنهنڪري اِن سلسلي ۾ بيگمان،

هڪڙي شاعر جي سوانح ٿو لکان،

آههِ جو شاعر حڪيمِ لاجواب،

سنڌ جي علم و اَدب جو آفتاب،

مون کان اُن جي ننڍپڻ جو حال ٻُڌ،

مختصر لفظن ۾ قيل و قال ٻُڌ،

{


 

ننڍپڻ جو احوال

سال تيرهن سَو سندو آغاز هو،

رحمتِ اِيزد سندو ڪو راز هو،

شهر سيوهڻ ۾ جِتي شهباز لال،

خير سان ڄائو اُتي هڪ نَونهال،

مشتهر فتح محمد نام سان.

پيار مان جعفر جي عرفِ عام سان،

پير جئَن پاتائين پنجين سال ۾.

تِئن سوين سوين خوبيون وَڌيون هِن لال ۾،

پنهنجي والد وٽ پڙهيائين فارسي،

۽ لکڻ جي مَشق ڪاغذ تي ڪئي،

ويو بنا معنيٰ ”ڪريما“ کي پَڙهي،

فارسيءَ جي پهرين ڏاڪي مان چڙهي،

بعد ۾ معنيٰ پڙهڻ سمجهڻ لڳو،

هڪ مهيني ۾ ”ڪريما“ پي ويو.

شهر جي ويجهو چَنن جو ڳوٺ هو،

جنهن ۾ هڪ عالم سڳورو هو ڀَلو،

نام ۾ ظاهر ”محمد“ جو ”غُمر“،

علم جي اَفلاڪ جو روشن قمر،

مدرسي ۾ اُن جي ويو هي گلبدن،

هو جِتي اَول کان پڙهيائين ”گلستان“،

يعني ”سعديءَ“ جي فصاحت جو نشان،

مولوي صاحب هو عالمِ پاڪباز،

اُن سندو فتح محمد تي هو راز،

اُن جي والد جو عقيدتمند هو،

تنهنڪري اُن مان گهڻو خورسند هو.

مولوي صاحب جو هڪ عُمدو هو باغ،

سَير سان جنهن جي مِٽيا ٿي دِل جا داغ،

اُن ۾ هو فتح محمد جو گُذر،

ڏينهن سارو اُن ۾ ٿيندو هو بَسر،

خوب ميوا کائي، ٿيندو شاد هو،

هر طرح خوشحال ۽ آزاد هو،

گلستان ۾ ”گلستان“ پڙهندو رهيو،

ختم ٻن سالن سندو ميعاد ٿيو.

عُمر جا يارهن ورهيه گذري ويا،

پيش آيا مَرحلا تقدير جا،

رَب ڪيو فتح محمد کي يتيم،

ويو هليو والد سندو لطفِ عظيم،

اُن سَندو جيڪو برادر هو ڪَلان،

نام ۾ ظاهر ”محمد جو زمان“،

اُن کي حاصل هو ”خليفي“ جو لقب،

پنهنجي پيءُ وانگر خصائل ۾ عجب،

ڀائرن کي تنهن سنڀاليو چاه سان.

کين سانڍيائين سدائين ساه سان،

شل هجي راضي مَٿس ربُ الڪريم،

۽ ڪري اُن کي عطا اَجرِ عظيم!

جيئن ٿيو ”فتح محمد“ خوش بيان،

چوڏهن سالن سندو ڪامل جوان،

تِئن چيو اُن کي هي مولانا عُمر:

”تون چَنن جي ڳوٺ کي تبديل ڪر،

”تعلقي ميهڙ طرف ڪر تون نگاه،

آهه اُن ۾ ڳوٺ هڪ ”پيروز شاه“،

”اُن ۾ عالم ٿو رهي عالي مَقام،

جنهن سندو آهي ”عطاءالله“ نام،

”اُن وٽان حاصل وڃي تعليم ڪر،

زندگيءَ ۾ ڪجهه عيان تنظيم ڪر،.

مشورو دل سان مَڃي استاد جو،

تعلقي ميهڙ ڏي هي راهي ٿيو،

مدرسي ۾ ٿي چُڪو داخل شتاب،

ٿيو ”گلستان“ ۾ وري شامل شتاب،

بعد ۾ ٿوري پڙهيائين ”بوستان“،

دَر ”زليخا“ بازغہ“ وارو بيان،

هڪڙي ڀيري هفتي جي موڪل وَٺي،

ڳوٺ پنهنجي ۾ سِگهو پهتو اَچي،

اَتفاقي ڳالهه ڪا اهڙي بَڻي،

جو ويس ماحول سيوهڻ جو وَڻي،

هڪڙي هفتي مان ٻه هفتا ٿي ويا،

مدرسي ۾ ويو گهڻي تاخير سان،

پنهنجي نازڪ طبع جي تاثير سان،

ننڍپڻ کان هن جو نازڪ هو مزاج،

داٻ دڙڪو ڪين هو هن جو علاج،

هُو سَدا طالب رهيو ٿي پيار جو،

صُلح ۽ سُک سانت جي وهنوار جو،

ڪين مولانا ڪيو هِن کي معاف،

۽ ذرا شوخيءَ وٽان هي ڪجهه چيو:

”ڇو ڀَلا تو ڏينهن لاتا ايترا،

۽ سبق ناغا ڪرايا ايترا.“

بس، اِنهيءَ تي رنج ۾ آيو سڄڻ،

موڪليائين خط برادر ڏي شتاب،

۽ ٿيو مقصد ۾ پنهنجي ڪامياب،

ڳوٺ مان نوڪر روانو ٿي چُڪو،

نامِ نامي جنهن سندو ”عُثمان“ هو،

خط کڻي آيو خليفي جو شتاب،

مولوي صاحب پڙهيو سو بيحجاب،

”هن لکيو: ”ڇوڪر پڙهڻ چاهي نه ٿو،

”ڳوٺ تنهنجي ۾ رهڻ چاهي نه ٿو،

”مِهر مان تون اُن کي رُخصت ڪر کڻي،

خرّم و خندان رکي توکي ڌڻي!“

خط پڙهي اُستاد سڀ سمجهي ويو،

۽ خوشيءَ مان هن کي جهَٽ رُخصت ڪيو،

جِئَن ڇڏيو هِن نيڪ دل، پيروز شاه،

۽ رکيائين مدرسي ٻئي ڏي نگاه،

”بوبڪن“ جي شهر ۾ اهلِ وقوف،

عالم و فاضل هو هڪ عبدالرَؤف،

جنهن جو هو ”بختارپور“ اصلي وَطن،

علم جو آباد هو اُن وٽ چَمن،

اُن جي خدمت ۾ رهيو هي نوجوان،

۽ لڳو تعليم کي صَد شوق سان،

هِن ”بهائي صرف“ جهٽ پورو ڪيو،

پوءِ ”تعليماتِ جامع“ کي لڳو،

اُن زماني جو سندس تون حال ٻُڌ،

۽ سندس پنهنجا سَچا اقوال ٻُڌ،

ڳالهه پنهنجي ٿو لِکي هڪ رات جي،

پنهنجي فائق فِڪر ۽ اوقات جي،

هن چيو: ”مان ٿو ڏِسان هڪ رات خواب،

”خواب اهڙو، جو حقيقت جو جواب،

”تنهن ۾ ميلو ٿو ڏِسان شهباز جو،

هڪ نئون رونشو، نئين انداز جو،

منهنجي هٿ ”سعديءَ“ جي آهي ”گلستان“،

۽ پڙهان ٿو اُن کي بيحد چاهه مان،

”بابي درويشيءَ“ ۾ مونجهارو ڏِٺم،

۽ پُڇڻ ڌاران نه ڪو چارو ڏٺم،

اهڙي عالم جي ضرورت ٿي گهڻي،

جو انهيءَ عُقدي کي سُلجهائي کڻي،

اوچتو هڪ پير مرد آيو نظر،

شڪل جو سهڻو بزرگ وبا خبر،

هو ڍڪيل ان کي فقيراڻو وڳو،

ان جو چولو ٿي چَتن وارو لڳو،

ان جي چهري مان ٿي اِئين ظاهر ٿيو،

آههِ، ڪو عالم ۽ فاضل دين جو،

مون ڪيو هڪدم وڃي ان جو سلام،

۽ ڪيم ان سان ادب مان هي ڪلام،

هن ”گلستان“ ۾ هي مشڪل آههِ باب،

حَل طلب ان جو ڪريان ٿو اي جناب!

ان ”گلستان“ کي کڻي هٿ ۾ جهليو،

۽ پڙهي ان شعر کي بيحد کليو،

پارسي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ لڳو،

مون کي نُڪتو نُڪتو سمجهائڻ لڳو،

ڇا چوان ان جي فصاحت ڇا چوان؟

ڇا چوان، ان جي بَلاغت ڇا چوان،

خوش بيانيءَ جو هو بحري بي ڪران،

ان جي هر هڪ لفظ مان حڪمت عيان،

علم اُن جي تي ويس حيران ٿي،

سوچ ۽ ويچار ۾ غلطان ٿي،

نيٺ پنهنجي دِل کي جهَلي ٿورو ڪُڇيم،

۽ ادب مان اُن سندو نالو پُڇيم،

اُن وراڻيو پيار مان شيرين سخن،

”سعديءِ  شيراز هستم جانِ من!

”مون اتي هڪدم سندس هٿ کي چُميو،

اک کُلي ۽ ننڊ جو غَلبو هَٽيو،

”دل کي ڪيفيت ٿي طاري بيحساب،

شعر جي ٿي مشق جاري بيحساب،

”شعر پويان شعر خود ٺهندو ويو،

مَن جو مُونجهارو سَڄو لهندو ويو،

”شاعريءَ جا دَر ويا سارا کُلي،

مَن ويو جذبن جي مَوجن ۾ ڇُلي،

في البديهي شعر تي قدرت لڌم،

اُن لسان الغيب کان نُدرت لَڌم،

”فارسيءَ ۾ شعر ٺاهيم بينظير،

۽ ٿيس ظاهر تخلص ۾ ”صغير“،

ٿي عيان جنبش دلِ بيتاب ۾،

شاعري مون کي عطا ٿي خواب ۾.“

{

 

مرزا قليچ بيگ

 

خوش فهم، خوش خطاب هو، مرزا قليچ بيگ

شعرا جو انتخاب هو، مرزا قليچ بيگ

عالم انهيءَ زمانه جا، تارا هئا تمام،

سڀني ۾ آفتاب هو، مرزا قليچ بيگ.

ميدانِ شاعريءَ ۾ هو شهه زور، شهه سوار

سنڌيءَ جو هم رڪاب هو، مرزا قليچ بيگ.

مشڪِ سخن ۾ خاص نه موضوع هو سندس

هر فن ۾ لاجواب هو، مرزا قليچ بيگ

ٻين جي ادب جو قرض به سمجهائين پنهنجو قرض

ٻوليءَ جو آب و تاب، مرزا قليچ بيگ.

سنڌي ادب جي باغ ۾، سرهاڻ هو ته هيءُ

گويا گلِ گلاب هو، مرزا قليچ بيگ

سنڌيءَ جي رسمِ خط ۾ به هن جو وڏو هٿ

جوڙيو سڄو نصاب هو، مرزا قليچ بيگ.

بيشڪ ”لغت قديم“ و ”لطيفي لغات“ سان

سنڌي لغت جو باب هو، مرزا قليچ بيگ.

ڇا شاهه جو رسالو ۽ ٻيا ڏيڍ سو ڪتاب

سڀني ۾  انقلاب هو، مرزا قليچ بيگ.

احساسِ ڪمتري جو به سنڌين جي منهن وٽان

لاٿو سڄو حجاب هو، مرزا قليچ بيگ.

تحقيق نظم و نثر و فصاحت جي نشه ۾

دو آتشو شراب هو، مرزا قليچ بيگ.

ظاهر ۾ هو امير ته باطن ۾ هو فقير

تعليم ”بوتراب“ هو، مرزا قليچ بيگ.

بختِ ”همايون“ اُن جو، ۽ ”نادر“ نصيب ۾

قسمت ۾ ڪامياب هو، مرزا قليچ بيگ.

”افضل“ هو ان جو حڪم، ته ”اجمل“ هو ان جو شان،

خوبين ۾ لاجواب هو، مرزا قليچ بيگ.

ڇا هن جي زندگيءَ تي ڪبو تبصرو ”رشيد“

قدرت جو هڪ ڪتاب هو، مرزا قليچ بيگ.

{


 

ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ

(ڀٽائيؒ جي رسالي جو پهريون يورپين مرتب ۽ ناشر)

 

عجب جرمنيءَ جو جوان ٽرمپ صاحب،

رهيو سنڌ تي مهربان ٽرمپ صاحب.

هو سنڌيءَ سندو سائبان ٽرمپ صاحب،

ادب جو اڏيو آسمان ٽرمپ صاحب.

سندس عدل احسان سنڌيءَ تي آهي،

عجب جو فصيح اللسان ٽرمپ صاحب.

لکيو هن ئي سنڌي زبان جو، گرامر،

بنيو علم جو ارمغان ٽرمپ صاحب.

لکيو گرچا ”واٿن“ به سنڌي گرامر،

مگر آههِ گوهرِ غران ٽرمپ صاحب.

”فريئر“ بنايا روفِ تهجي،

سڌاري سنواري زبان ٽرمپ صاحب.

لکي ڊڪشنري ”شرٽ صاحب“ به عمدي،

مگر آهه سنڌيءَ جو شان ٽرمپ صاحب.

سڏيان ڇو نه سنڌين جو استاد ان کي،

هو سنڌيءَ سندو پاسبان ٽرمپ صاحب.

سکيو اڄ کان سئو سال اڳ جيڪو سنڌي،

اهو آهه فخرِ زمان ٽرمپ صاحب

هئي اڳ ۾ سنڌي زبان زنده، ليڪن،

ڪئي ان جي وسعت بيان ٽرمپ صاحب

سڃاتو اسان ”شاه“ کي ان جي صدقي،

بلاشڪ هو اهلِ زبان ٽرمپ صاحب.

ڀٽائيءَ جي برحق سوانح لکيائين

سڏيو ان کي عالمِ عيان ٽرمپ صاحب.

”لپسيا“ جو شهر آهه هڪ جرمنيءَ ۾

اُتي پهتو خلد آشيان ٽرمپ صاحب.

”رسالو“ ڇپيو ”شاهه“ جو، جرمنيءَ ۾،

ڪيو گڏ هي گنج گران ٽرمپ صاحب.

نه سنڌيءَ تي مغلن ڪئي مهرباني،

مگر ان جي شاهِ جهان ٽرمپ صاحب.

ڪراچي! تون سنڌي ادب جو گلستان،

بڻيو تو سندو باغبان ٽرمپ صاحب.

نه اڄ ان جو هڪ يادگار آهه تو ۾.

لکيا تنهنجا لک داستان ٽرمپ صاحب.

اڏيو توکي جن  تو انهن کي وساريو،

رکيو تو اکين کان نِهان ٽرمپ صاحب.

اُها قوم، جا پنهنجا محسن وساري،

سڏي ان کي ٿو مرده جان، ٽرمپ صاحب.

”فريئر“ سندو حال، جيئن آهه تو ۾،

گهري تيئن ٿو حق تو وٽان ٽرمپ صاحب.

سِگهو ”ٽرمپ اڪيڊمي“ ٿئي تو ۾ قائم،

ٿي خلد ۾ شاد مان ٽرمپ صاحب.

ڪجي ”شاه“ جو ترجمو جرمنيءَ ۾،

هو جنهن شاه جو ترجمان ٽرمپ صاحب.

رهي نقش ان جي محبت دلين ۾،

هو سنڌين سندو جانِ جان ٽرمپ صاحب.

اسان جي صداقت سندو اي ڪراچي!

وٺڻ ٿو گهري امتحان ٽرمپ صاحب.

مڃون ڇو نه احسان ”مائي شمل“ جا،

سندس هموطن، همزبان ٽرمپ صاحب.

سندس آئي محسن سڃاتاسين پنهنجا،

اچي ياد ويو ناگهان ٽرمپ صاحب.

ڇهين ماه اپريل ٿي ان جي ورسي،

ٿيو آشنا سنڌ سان ٽرمپ صاحب.

”رشيد“ اڄ نه ڇو قدر ان جو ڪريان مان،

هو سنڌيءَ سندو قدردان ٽرمپ صاحب.

{

 

ڊاڪٽر سورلي ڏانهن سنيهو

 

سنڌ جي وادي نه ڇو تو کي سنڀاري سورلي؟

تو ڇڏيو سنڌي ادب جو سج اُڀاري سورلي!

ڇو نه تون هوندين ڀٽائيءَ جي پَناري سورلي!

تو ڇڏيو ان جي رسالي کي سَنواري سورلي!

تو ڇڏيو سنڌيءَ سندو نالو اُجاري سورلي!

تنهنجو هي احسان ٿو دل کي ڌتاري سورلي!

ڄڻ ڀٽائيءَ سان وئين گڏجي گذاري سورلي!

پيار مان دل ٿي سدا تو کي پُڪاري سورلي!

ڀٽ ڌڻيءَ جي ڏيهه ڏي اچ واڳ واري سورلي!

دم مسيحائيءَ جو تو ۾ تون ئي سنڌيءَ جو سڄڻ!

ڇڏ جڏي جيءَ کي وري جودؤن جياري سورلي!

آهه سنڌيءَ لاءِ سرمو تنهنجي اکرن جو اُجار،

ڇو نه تنهنجو عڪس اکڙين ۾ اُتاري سورلي!

ائين لکيا تو شاه جي بيتن جا سونهري وَرق،

سون کي جيئن ٿو ڪو سونارو پَگهاري سورلي!

تو غلاميءَ ۾ به آزاديءَ جو درس آهه ڏنو،

نااُميديءَ کي وئين کڏ ۾ سمهاري سورلي!

شاه کي دنيا جي اعليٰ شاعرن مان تو ڳڻيو،

تون وئين انصاف جو ميدان ماري سورلي!

تو کي يورپ جو نئون سنڌي آهي بَجا،

تو ڇڏيون آهن دليون سنڌين جون ٺاري سورلي!

ڄڻ ته تون مشرق جو سج مغرب منجهان روشن ڪيو،

تو ڇڏي پاڻيءَ ۾ گويا باه ٻاري سورلي!

موڪلي ٿو اڄ نياپو تو ڏي لاکيڻو لطيف،

دل وٽان ان کي نه ڇڏ هرگز وساري سورلي!

ڪر سِگهو ڀٽ شاه جي ميڙي تي ڀيرو ڀيڄ مان،

قرب مان اَچ قافلو پنهنجو قطاري سورلي!

تو کي لکڻي آههِ ٻيهر سنڌڙيءَ جي سرگذشت،

ڏات شل تو کي وري ڏاتر ڏياري سورلي!

يعني لک هاڻوڪي سنڌيءَ تي نئون جامِ ڪتاب،

وَڃ نفاست سان وري اُن کي نکاري سورلي!

ڀيٽ سنڌيءَ کي ڀٽائيءَ جي اڳين ماحول سان،

پنهنجي ساڃهه ساڻ وڃ اُن کي سُڌاري سورلي!

ڏي ”نئين“ هڪ ”زندگي“ سنڌيءَ کي جيئن سنڌي چون.

موڪليو تحفو اسان ڏي نامياري سورلي!

منتقل ڪر انگلش شاه جو سارو ڪلام،

سنڌ واسين کي نه ڇڏ ڳڻتين ۾ ڳاري سورلي!

لک ڀٽائيءَ جي رسالي جو سَڄو شرح و بيان،

ڇڏ نه ڪنهن نُطقي کي هرگز اَڌ ۾ ٽاري سورلي!

ڳالهه اَڻپوريءَ کي پورو ڪر ته پورائو ٿئي،

طالبن جو تو کي تَن مَن ٿو تنواري سورلي!

مئي مَتي مهراڻ ۾ ميهار ٿو تو کي سڏي،

صدق مان توکي وري سهڻي ٿي ساري سورلي!

مارئيءَ جي ملڪ ۾ موٽي ڪي واهوندا وراءِ،

من پَلر تنهنجي هٿان پرور پياري سورلي!

اچ بُري ڀنڀور کي پياري پنهون جو ڏي پتو،

سوزِ سسئي وري ڏونگر ٿي ڏاري سورلي!

مامرو سارو پروڙي ڪر چنيسر کي چِتاءُ،

لاڏلي ليلا ڇو ويٺي راند هاري سورلي؟

آههِ ساري ڪاڪ ڪاري ويو هليو راڻن جو راڄ،

مينڌري جي مونجهه مومل کي ٿي ماري سورلي!

سر سخاوت ۾ اڳي ڏيئي ڇڏيو آهي ڏياج،

سونهن سورٺ جي رهي ڪنهن جي سهاري سورلي!

ڪر وري ٻيهر نمايان نوريءَ جو نياز،

ڪيمپ کوڙي ويهه ڪينجهر جي ڪناري سورلي!

اچ سگهو تون سنڌڙيءَ ۾، تنهنجو ”لاشاري رشيد“،

تنهنجي درشن لاءِ ٿو واٽون نهاري سورلي!

 

{

 

ڊاڪٽر دائود پوٽو

 

ڪير هو جنهن کي سڏيون ٿا عالمن جو آفتاب،

ڪير هو جنهن کي ڏيون ٿا مرد مؤمن جو خطاب.

ڪير هو جنهن جي سڄي ساراه ٿا سمجهون ثواب،

ڪنهن جي شخصيت هئي، سنڌي ادب ۾ لاجواب.

ڇو نه ان جي نانءُ تان دنيا سڄي شيدا ٿئي،

ڊاڪٽر دائود پوٽو ٿو ڪٿان پيدا ٿئي.

جنهن يتيميءَ ۾ کٽون واڻيون فقط تعليم لاءِ،

جنهن ڪڏهن عهدو نه ماڻيو پنهنجي ڪنهن تعظيم لاءِ،

جنهن ڪمايو ٿي يتيمن ۾ ڪرڻ تقسيم لاءِ،

هو فقط زنده رهيو سنڌين سندي تنظيم لاءِ.

قوم جو خادم اسان جو ڇو نه اڄ آقا ٿئي،

ڊاڪٽر دائود پوٽو ٿو ڪٿان پيدا ٿئي.

پنهنجي نالي ۾ وڏو، پر ٻارڙن سان ٻار هو،

هو سچو انسان هن کي سادگيءَ سان پيار هو.

رعب، آڪڙ، هٺ وڏائيءَ کان صفا بيزار هو،

بيڪسن جو ڀرجهلو، همدرد ۽ غمخوار هو،

ڇو نه اُن جي ياد ۾ دل پنهنجي سَو ٽڪرا ٿئي،

ڊاڪٽر دائود پوٽو ٿو ڪِٿان پيدا ٿئي.

ڪير شاگردن تي اهڙو آههِ اڄڪلهه مهربان،

موڪلي مخفي وظيفا پينشن پنهنجي منجهان.

ڪير آهي جيڪو اُستادن جو بنجي رازدان،

ڪير آهي جيڪو نالائق نوازي ناز مان.

سنڌ سونهاريءَ ۾ اهڙو ڪير ٿو داتا ٿئي.

ڊاڪٽر دائود پوٽو ٿو ڪِٿان پيدا ٿئي.

جنهن جا سرها گل ادب ۾ اڄ به ٿا سرهاڻ ڪن،

چنڊ وانگي جنهن جا گفتا اڄ به ٿا چانڊاڻ ڪن،

جنهن جا نڪتا اڄ ٿا طاهر علم جا اُهڃاڻ ڪن،

جنهن جا جذبا دل ۾ اُلفت جي ٿا پيدا کاڻ ڪن.

ڇو نه اُن جي روح تي راضي سدا موليٰ ٿئي،

ڊاڪٽر دائود پوٽو ٿو ڪِٿان پيدا ٿئي.

آههِ جنت کان مقدس شهر ٽلٽيءَ جي زمين،

علم ۽ اخلاق جو پيدا ٿيو جنهن ۾ امين،

ڇو نه ٿيندي اُن جي روحاني ڪشش اڄ دل نشين،

جنهن کي آخر تائين هو الله اڪبر تي يقين،

اُن سندي تعريف اڄ هرگز نٿي بيجا ٿئي،

ڊاڪٽر دائود پوٽو ٿو ڪِٿان پيدا ٿئي.

هي دعا عاجز جي ٿيندي پاڪ پرور وٽ قبول،

بخش اُن کي راز روحاني ڪندو حضرت رسول،

علم وارا سڀ قبوليندا سندس علمي اُصول،

ڪين رهندا اڄ سندس احباب دُنيا ۾ ملول،

جو سندس شاگرد سو بي خوف بي پروا ٿئي،

ڊاڪٽر دائود پوٽو ٿو ڪِٿان پيدا ٿئي.

{

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org