سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :23

نه ڪر پرديس ۾ بيمار، منهنجي ساه جا وارث!

ڪڏهن مون کان نه ٿي بيزار، منهنجي ساه جا وارث!

نه تون مونکي وساري ڇڏ، ڌڪاري ڇڏ نه ماري ڇڏ،

فقط تنهنجو اٿم آڌار، منهنجي ساه جا وارث!

ڪيم دل تنهنجي ۾ جايون، ڌڪارڻ جون نه ڪر وايون،

بنائي ڇڏ هِنئين جو هار، منهنجي ساه جا وارث!

جي ڪارنهن سان ٿو هٿ ڀرجي ته اُن کي ڪين ٿو وڍجي،

تڙي ڇڏ ڪين هي بَدڪار، منهنجي ساه جا وارث!

ڪندين جي بي وطن مون کي، نه ڪو ڏيندو ڪفن مون کي،

ڪِٿي تنهنجو ڪندس ديدار؟ منهنجي ساه جا وارث!

پرين! بس تنهنجي پياس آهي، سدائين دِل اُداس آهي،

جِيڻ منهنجو ٿيو دُشواري، منهنجي ساه جا وارث!

سفر ۾ آههِ دُشواري، ڪيو بدحال بيماري،

ٻُڌان تنهنجي ڪِٿي گفتار، منهنجي ساه جا وارث!

”رشيد“ آخر مَري ويندو، اکين آڏو ٽري ويندو،

وِنگو تنهنجو نه ٿيندو وار، منهنجي ساه جا وارث!

 

{


 

مون کي سيني سان لڳائي، وجهه محبَت ۾ نه وِٿِ.

ساه جو وارث بَنائي، وجهه محبّت ۾ نه وِٿِ.

دل محبت ۾ پروئي، تو ڏنيون پَٽ جون ڳنڍيون،

دل جو دل سان پيچ پائي، وجهه محبّت ۾ نه وِٿِ.

پاڻ ۾ هڪ ٿي چُڪاسين، وار جو ويڇو نه آهي،

نينهن کي  نانگو نچائي، وجهه محبّت ۾ نه وِٿِ.

عشق جو اُستاد بنجي، سڪ سندو ڏيئي سبَق،

درد جو دفتر پَڙهائي، وجهه محبّت ۾ نه وِٿِ.

هِن وفا جي راه ۾، پُٺتي هَٽي هرگز نه وَڃ،

هر قدم اڳتي وڌائي، وجهه محبت ۾ نه وِٿِ.

مون ڇڏيو تنهنجي ڪري ڪم ڪار کي، گهر ٻار کي،

مون کي پنهنجي گهُر گهُرائي، وجهه محبت ۾ نه وِٿِ.

دل جو بنجي دوست دائم، رک تون قائم دوستي،

دوستيءَ جا وڻ وڄائي، وجهه محبّت ۾ نه وِٿِ.

نينهن جو نواب ٿي، دل جي رياست ۾ ”رشيد“،

سِڪَ سنديون ماڙيون اَڏائي، وجهه محبّت ۾ نه وِٿِ.

 

{


 

غم ۾ ڀل دانهون ڪَري، ڪهڙو مسافر جو علاج؟

بي ڪفن ٿي ڀَل مَري، ڪهڙو مسافر جو علاج؟

بي اثَر آهي دوا، آهي جڏهن دلبر خفا،

سڀ ٿيو مون کان پَري، ڪهڙو مسافر جو علاج؟

تو بُري وائي ڪئي، ڏاڍو ٿي ڏاڍائي ڪئي،

دل ۾ ٿي آتش ٻَري، ڪهڙو مسافر جو علاج؟

ڪئَن مٺا تنهنجي سَري، ڪاوڙ ڪيئه مون سان وري،

ڪين ٿي منهنجي سَري، ڪهڙو مسافر جو علاج؟

ڪئن مٺا تنهنجي سَري، ڪاوڙ ڪيئه مون سان وري،

ڪين ٿي منهنجي سَري، ڪهڙو مسافر جو علاج؟

اڄ ڪُلهي ڪانڌي ڪٿي؟ تنهنجا پرين! پانڌي ڪٿي؟

مَن ٿو ڳڻتين ۾ ڳَري، ڪهڙو مسافر جو علاج؟

ڀَل هجي پويون سفر، بيشڪ پوي ڦاٽي جگر،

ڀَل وجهان ڏونگر ڏري، ڪهڙو مسافر جو علاج؟

ڀَل جُدائيءَ ۾ جلان، قربان ڪاوڙ تان وڃان،

وجهه مَڇي وانگر تري، ڪهڙو مسافر جو علاج؟

اڄ ”رشيد“ آئي قضا، پرياد آهي دلربا،

هٿ اکين تي ڪو ڌري، ڪهڙو مسافر جو علاج؟

 

{

 

روئندڙ اکيون توکي ڏسن، پيارا پرين هاڻي ته اَچ.

باغن ۾ ڏس گل ٿا ٽِڙن، پيارا پرين هاڻي ته اَچ.

واٽون نهاريان ٿو سڄڻ، تن مَن کي ڳاريان ٿو سڄڻ،

غم ڪين ٿا دل مان وڃن، پيارا پرين هاڻي ته اَچ.

اَچ باغ ۾ باتيون ڪريون، مِٺڙيون مُلاقاتيون ڪريون.

دل خوش ٿئي، دُشمن سَڙن، پيارا پرين هاڻي ته اَچ.

جو ڪلهه ٿيو وسري وڃي، ڏک  دل منجهان نڪري وڃي،

اَڄ ڪي ٿين تازا وچن پيارا پرين هاڻي ته اَچ.

مون کان جڏهن آهين پَري، هڪ باه ٿي دل ۾ ٻري،

صدمن جا بادل ٿا وسن، پيارا پرين هاڻي ته اچ.

رستن تي بيهان ٿو اَچي، ٿيندي نه ڪا تو سان ڪچي،

قربان توتان تَن ۽ من پيارا پرين هاڻي ته اچ.

تن تات تنهنجي ٿو ڪري، من بات تنهنجي ٿو ڪري،

دنيا جو وجهه ڪم ڪار ٻَن پيارا پرين هاڻي ته اَچ.

آهي ”رشيد“ آزار ۾ دلدار تنهنجي پيار ۾،

وچڙيون ٽنگون هٿ ٿا ڏڪن پيارا پرين هاڻي ته اَچ.

 

{

 

اچ ته پرچي گڏ گذاريون، راز محرم ٿي نه رنج.

ڪين هڪٻئي کي وِساريون، راز محرم ٿي نه رنج.

ڪنهن جو ڇو رايو رکون؟ ڏکڙا ڏِسون، بُڇڙا ٿيون،

ڪجهه ته حالت کي سُڌاريون، راز محرم ٿي نه رنج.

پاڻ ۾ جهڳڙو هجي، ڪنهن کي نه اُن جي ڪَل پوي،

دل جو دل ۾ باه ٻاريون، راز محرم ٿي نه رنج.

ڄاڻ نڪتو پنهنجو دم، رکجي سڀاڻي تي نه ڪم،

اَڄ جو اڄ وٺجن بهاريون، راز محرم ٿي نه رنج.

دُشمنيءَ کان ماٺ ڪن، دُشمن دهلجي سڀ وڃن،

عرش تي آهون اُٿاريون، راز محرم ٿي نه رنج.

سُک اسان جو ڇو کسن، دشمن مٿي مٿي تي ڇو چڙهن؟

جان ڇو ڳڻتين ۾ ڳاريون، راز محرم ٿي نه رنج.

وٺ ”رشيد احمد“ جي دل، اُن سان تون مِل اُن سان تون کِل،

دُور ڪر سڀ بيقراريون، راز محرم ٿي نه رنج.

 

{


 

جدا توکان رهي جاني! رُئڻ وارا ڪندا ڪيئَن چُپ!

مَري سو وار ٿي فاني، مَرڻ وارا ڪندا ڪيئَن چُپ!

جَلي تو دوست جي غم ۾، رهي هر وقت ماتم ۾.

ڏسي ڏک ۽ پريشاني، جَلڻ وارا ڪندا ڪيئَن چُپ!

ڌڪارڻ سان نه مان ٽرندس، اَچي تنهنجي اڳيان مَرندس.

مِٺا محبوب لاثاني، مِلڻ وارا ڪندا ڪيئَن چُپ!

ڪري مِٺڙيون مُلاقاتيون، بَرابر باغ ۾ باتيون.

محبّت جي ٻَڌي ڳاني، گهمڻ وارا ڪندا ڪيئَن چُپ!

يقين آهي تون ماريندين، ڌِڪاريندين، وساريندين.

ڀَلي هڻ قرب جي ڪاني، ڪُهڻ وارا ڪندا ڪيئَن چُپ!

نه هڻ نوڪر کي تون ٺوڪر، سگهو خيرات ڏي دلبر!

ڪندس مان در جي درباني، پنڻ وارا ڪندا ڪيئَن چُپ!

ڏِسي پرديس جا چارا، ٻَڌي ڳڻتين سَندا ڳارا،

پِرائي نينهن ناداني، ڳَرڻ وارا ڪندا ڪيئَن چُپ!

”رشيد“ اَهنجو هجي در وٽ، اَچڻ اُن کي نه ڏي گهر وٽ.

نه ڏي پاڻي، نه ڏي ماني، اَچڻ وارا ڪندا ڪيئَن چُپ!

 

{


 

سَوين دفتر ڪيم ڪارا، لکيم قربن ڀَريا ڪاغذ.

رُنم راتيون ڳڻيم تارا، لکيم قربن ڀَريا ڪاغذ.

رهي تو وٽ ڪيم زاري، مِلي آخر نه دلداري،

مِٺا محبوب موچارا، لکيم قربن ڀَريا ڪاغذ.

اُهوئي مان ڏکيو اَهنجو، ڪيو پنهنجن کي تو پنهنجو،

پيا ڳڻتين جا ڳل ڳارا، لکيم قربن ڀَريا ڪاغذ.

نه وسرن ٿيون اُهي باتيون، اُهي مِٺڙيون مُلاقاتيون،

اُها ساوڪ ٻَنيون ٻارا، لکيم قربن ڀَريا ڪاغذ.

هَلي آيس مِٺا تو وٽ، وڃايم حوصلا تو وٽ،

وَسايم تنهنجا اوتارا، لکيم قربن ڀَريا ڪاغذ.

ڪيا بدحال بيماري، نه ڏيکاريم ڪا بيزاري،

ڪيم وارن پٺيان وارا، لکيم قربن ڀَريا ڪاغذ.

وڃايم سُک سياري ۾، مُصيبت جي نطاري ۾،

وَڌي سردي ڄميا پارا، لکيم قربن ڀَريا ڪاغذ.

”رشيد“ اکڙيون رهيون آتيون، پکي بَنجي ڪيم لاتيون،

ڏنم تو ڏانهن لامارا، لکيم قربن ڀَريا ڪاغذ،

 

{


 

مرڻ جي وقت مُنهن مون کان مَٽائين ڀَل مٽائي ڇڏ.

جليل جي لاش کي ويتر جَلائين ڀَل جلائي ڇڏ.

نه مان اَغيار جو ٿيندس، مَري تنهنجي پُٺيان ويندس،

اگر دَر پنهنجي تان هاڻي تَڙائين ڀَل تڙائي ڇڏ.

لنگهن ڀَل ڏينهن ۽ راتيون نه ڪر ڀَل باغ ۾ باتيون،

قدم هن راه تان هاڻي هَٽائين ڀَل هَٽائي ڇڏ.

ڀَلي صدقو ٿي سيڻن تي، مٺن ڀائن ۽ ڀيڻن تي،

رُليل کي رنج جي رڻ ۾ رُلائين ڀَل رُلائين ڇڏ.

فقط توسان گڏ رهندس نه غيرن جا سِتم سهندس،

ڀَريل بندوق سان مونکي اُڏائين ڀَل اُڏائي ڇڏ.

رهي دل ۾ نه غم هاڻي، چُمان تنهنجا قدم هاڻي،

اگر سر منهنجو دُشمن کان وڍائين ڀَل وڍائي ڇڏ.

ڏي پنهنجي قول کي پاڻي، اَچي سنگت ۾ ٿي ساڻي،

جي نازڪ نينهن کي دَر در نچائين ڀَل نچائي ڇڏ.

زمانو سازگار آهي، وري آيو بهار آهي،

”رشيد احمد“ کي سيني سان لڳائين ڀَل لڳائي ڇڏ.

 

{


 

دفترِ عشق ۾ عجيبن جي،

نينهن وارن جا آهن نامِ نِلا.

هڪ ٻئي ساڻ هوڏ جو هر دم،

ڏس مُلاڦو ڪجن ٿا ڄڻ ڪِه ٻِلا.

شيخ جي! شوخ و شنگ ڇو ٿو ٿئين؟

سڻ ته توکي سڻايان تنهنجا بِلا.

يار عنقا صفت نه هٿ ايندس،

ڪو ڪڍي ڪوه قاف ۾ جي چِلا.

صاف مهبا مان اَڄ ته اي ساقَي!

ڏي ڀري مونکي تون دليون ۽ دلا.

سر تي سُونهيم ٿي ڪلاهِ نمد،

ڪين گهرجي ٿو مونکي تاج طلا.

قلب مان تون ڪڍج ڪدورت کي،

دل جي هن آرسي کي ڏي تون جِلا.

عرض اردو زبان ۾ آءٌ ٿو ڪريان،

”ساقيا! ساغرِ شراب پِلا“.

ماه رو مهربان اَڄ اِيندو،

منهنجي دل کي ته آههِ ٿي تسلا.

 

{

ڪريان لک وار شڪرانا، نياپا يار جا آيا.

ٻَڌايا عشق ڳل ڳانا، نياپا يار جا آيا.

سڄڻ آخر سڄڻ آهي، ڇڏيندو ساٿ ڪيئَن منهنجو؟

نه ٿيندا پنهنجا بيگانا، نياپا يار جا آيا.

وڃان دلدار دلبر وٽ، لهي مَن درد دوريءَ جو،

پِيان اُلفت جا پيمانا، نياپا يار جا آيا.

سڄڻ جي راه تان لنگهندي ڪريان وِک وِک تي مان سجدو،

بنايان ڇو نه بتخانا، نياپا يار جا آيا.

ٻري هڪ باه ٿي دل ۾، سڙي ويندس، مَري ويندس،

پچن ٿا نيٺ پروانا، نياپا يار جا آيا.

ٻري هڪ باه ٿي دل ۾، سڙي ويندس، مَري ويندس،

پچن ٿا نيٺ پروانا، نياپا يار جا آيا.

جدا ٿي پنهنجي جانيرليس رستا، ٿيس جوڳي،

اڏيم هر جاتِي خسخانا، نياپا يار جا آيا.

زمانو ڀل هجي دشمن، مگر دلدار دلبر کان،

نه ٿيندا دور ديوانا، نياپا يار جا آيا.

اُٿي اڌ ويلي جو، جدائيءَ ۾ ٿا ڪن دانهون،

نه ڪن ٿا ماٺ مستانا، نياپا يار جا آيا.

دکيل دل کي اي ”لاشاري“ ڏيان اڄ ڇو نه دلداري،

لکان اُلفت جا افسانا، نياپا يار جا آيا.

 

{

جا دِل رنجور نُورِ عشق سان معمور آههِ،

چشمِ بينا واسطي، سا سا جلوه گاهِ طور آههِ

عشق جنهن سان ٿو رکان، سو آههِ چشمن کان لِڪل،

مان ته اُن وٽ ٿو رهان، ليڪن هُو مون کان دُور آههِ.

تنهنجي نالي تان جي لَک جانيون ڪيم صدقي، ته ڇا،

ساه سمجهي، ساه گهورڻ، اڳ ۾ ئي دستور آههِ.

ڪجهه خدا ڪارڻ به چئو، ايڏو ڏمر جي وڃ نه يار!

تنهنجو عاشق پاڻ پنهنجي دل هٿان مجبور آههِ.

بس! اُهو ئي آههِ جوهر، جنهن جڳهه چاهيو ڏسو،

ڪنهن جڳهه تي نار آهي، ڪنهن جڳهه تي نُور آههِ.

ڇا تجاهل، ڇا تغافل، ڇا تبسم، ڇا غرور،

سڀ ٿيا فطرت ۾ اُن جي جنهن کان هو مجبور آههِ.

ميڪده سان واسطو ڪهڙ ”رشيدِ زار“ کي؟

يار جي مَيگون نِگاهن سان جڏهن مخمور آههِ.

 

{

ڇو وري آهي محبت جو ڏُڪر حاصل ٿيو،

مِهر جي اکڙين ۾، ڪلفت جو ڪَٽر حاصل ٿيو.

مفلسيءَ جي زندگي ۽ موت ۾ ڇا فرق آههِ،

زندگيءَ ۾ موت جو آهي پَٿر حاصل ٿيو.

سبز باغن مان حڪومت جي، غريبن کي ڀَلا،

ڪو ٺِڪر حاصل ٿيو يا ڪو ڀِتر حاصل ٿيو؟

يومِ آزاديءَ تي هر مظلوم کي چوندي ٻُڌم،

مون کي اڄ پنهنجي محبت جو ثمر حاصل ٿيو.

آههِ ساڳيو آسمان، ساڳي زمين مظلوم لاءِ،

ناههِ شايد اُن اَثر حاصل ٿيو.

قوم جي دولت جو ڇو اِحساس تن کي ٿو ٿئي،

جن کي مزدورن جي محنت جو پگهر حاصل ٿيو.

جنهن کي گهر سمجهين ٿو، سو هڪ آههِ مانجهاندي جو ماڳ،

ڇا سفر ۾ ڪنهن مُسافر کي به گهر حاصل ٿيو.

جن غريبن جون جَلايون جهوپڙيون، تن کي به نيٺ،

رنگ محلن جي بجا، ڪارو ڪَلر حاصل ٿيو.

ڪنهن جڳهه آرام سان ويهي رهڻ ممڪن نه آههِ،

هر گهڙي آهي زماني کي سَفر حاصل ٿيو.

آههِ سڀ ۾ ساه ساڳيو، پر فقط ڪم ڪار لاءِ،

ڪنهن کي ٿي بازار حاصل، ڪنهن کي گهر حاصل ٿيو.

 

{

نه آهي تاب تارن ۾، مِٺو محبوب گهر آيو.

گذاري دل بهارن ۾، مِٺو محبوب گهر آيو.

هوائون مشڪبار آهن، صدائون سازگار آهن،

نشو آهي نظارن ۾، مٺو محبوب گهر آيو.

خبر دل کي هئي دل جي، نزاڪت ڏي تون محفل جي،

کليون ڳالهيون اِشارن ۾، مٺو محبوب گهر آيو.

نه خواب آهي نه جاڳ آهي، کليو اَڄ منهنجو ڀاڳ آهي،

پرين پَڌرو هزارن ۾، مِٺو محبوب گهر آيو.

دِلين ۾ دلڪشي آئي، چمن ۾ تازگي آئي،

اکيون آهن خُمارن ۾، مِٺو محبوب گهر آيو.

سڄڻ سردار تان صدقي، سچي سينگار تان صدقي،

ڏيئي وَر پنهنجي وارن ۾، مٺو محبوب گهر آيو.

 

{


 

شاعري هن وقت خالي فن ٿيو ڇا ٿي پيو.

دل جي جذبن کان جي ڪو بدظن ٿيو ڇا ٿي پيو.

مان اکين جي خون سان پوکيان ٿو اُميدن جا گل،

منهنجي قسمت جو فنا گلشن ٿيو ڇا ٿي پيو.

عرش تي دل جي رسائي آههِ ۽ رهندي ضرور،

خاڪ ۾ پنهنجو اگر مدفن ٿيو ڇا ٿي پيو.

چنڊ بنجي رات جي اوندهه اُجارڻ ٿو گهران،

جيڪڏهن دُنيا جو سج روشن ٿيو ڇا ٿي پيو.

منهنجي قسمت ۾ ٿي اوندهه، ڪيئَن چوان اُڀري ٿو سج،

جيڪڏهن ارض و سما روشن ٿيو ڇا ٿي پيو.

جيڪڏهن ڪم ظرف اهل فن ٿيو، ڇا ٿي پيو؟

ڪو چوي ”ٿُوهر ڦري چندن ٿيو“، ڇا ٿي پيو؟

پنهنجو پنهنجو ذائقو ۽ پنهنجي پنهنجي بُوءِ آهه،

اَڪ جي ڀرسان جيڪڏهن سُوسن ٿيو، ڇا ٿي پيو؟

آههِ سو اِنسان، جو اِنسانيت کي ڪم اَچي،

ڪو بشر اَخلاق ۾ اَحسن ٿيو ڇا ٿي پيو.

شل نه ڪو اِنسان ڪنهن اِنسان جو دُشمن ٿئي،

آسمان پنهنجو اگر دُشمن ٿيو ڇا ٿي پيو.

زندگي ۾ ئي اَسين آهيون سراسر لامڪان،

لامڪان پنهنجو اگر مسڪن ٿيو ڇاٿي پيو.

مفلسي انعام پنهنجو، ڌن- ڌڻي ڌاريا بڻيا،

پاڻ تان صدقو رڳو تن من ٿيو، ڇاٿي پيو؟

باغ ۾ رهندي به بلبل لاءِ ڪا خوشبو نه آههِ،

جيڪڏهن بَرپٽ ڦِري گلشن ٿيو ڇا ٿي پيو.

رُڃ ڏسي، بَرپٽ مٿان، پاڻيءَ جو ڌوڪو ٿو ٿئي،

عارضي وعدن جو ائين درشن ٿيو، ڇا ٿي پيو؟

تنهنجو مقصد راه سان، تون راه سان رمندو ئي رَهه،

راه ۾ رهبر اگر رهزن ٿيو، ڇا ٿي پيو؟

زندگي هڪ ڇا هزارين رنگ ٿي ڌاري ”رشيد“

زندگيءَ کان تنهنجي ڪو بدظن ٿيو ڇا ٿي پيو.

 

{

منهنجي ديوانگي، دانائيءَ جي صورت آهي،

آئني جي به پٺيان نيٺ ڪدورت آهي.

نالهِء عرش رسا کي ڇو اچي دل تي رحم،

آسمان کي به زمين سان ڪا محبت آهي؟

حسن سان پيار ڪرڻ آهه سراسر ڌوڪو،

عشقبازيءَ جي ته انسان ۾ عادت آهي.

جي ڪندين قتل ته خود توکي ئي ٿيندي تڪليف،

ساه منهنجو ته سڄڻ، تنهنجي امانت آهي!

ڇو نه پوڄا ٿو ڪرين منهنجي، تون اي پيرِ فلڪ!

حسرتن جي ته سندم دل ۾ به تربت آهي.

جسمِ خاڪي جي ڪري، پاڻ کان نفرت ٿو ڪري،

ورنه انسان کي انسان سان الفت آهي،

جامِ عشرت کي نه غربت کان چڱو سمجهه ”رشيد“

ڇو ته تو لاءِ سندءِ خون ئي شربت آهي.

 

{

پرديس ۾ آهيان مگر دل ٿي گذاري ديس ۾،

ڀل ڪٿ به گذري زندگي، پر موت ماري ديس ۾.

ساٿي سڄڻ گڏجي رهن، پنهنجي وطن ۾ لک لهن،

شل ياد ۾ ڪنهن جي، نه ڪو ڪانگا اُڏاري ديس ۾.

جا دل رهي جهانگين سان گڏ، ساون سکين سانگين سان گڏ،

سا ڪئن ڀلا دانهون ڪري، آهون اٿاري ديس ۾.

منهنجو وطن آباد ٿيو، ڏک درد کان آزاد ٿيو،

سڀ رنج غم پرديس جا، وهندس وساري ديس ۾.

وڃ ديس تان واري سدا، ڏي دل کي دلداري سدا،

تون ويهه ”لاشاري“ سدا، آتڻ اجاري ديس ۾.

 

{

اي بلبلو، مبارڪ، آيو بهار، آيو،

آيو بهار آيو، دل کي قرار آيو.

 

آزادگيءَ جي حورن، سهرا خوشي جا ڳايا،

رضوان کڻي انهن لئي هيرن جا هار آيو.

 

ساقي اٿي خوشيءَ مان در ميڪده جا کوليا،

تحفي ۾ ميڪشن جي ڪيف و خمار آيو.

 

ٻهڪڻ لڳو وطن ۾، آزادگيءَ جو گلشن،

مرڪڻ لڳيون وفائون، اکڙين ۾ پيار آيو.

 

جنهن جي قدم قدم تان سو انقلاب صدقي،

”پاڪ آستان“ ۾ پيهي، سو شهسوار آيو.

 

{

خودشناسيءَ جي حقيقت ڪر تون پيدا پاڻ ۾،

موت کي منظور ڪر پر رهه نه ڪنهنجي ڪاڻ ۾.

عيش جو ڇا، غم جو طالب ٿي مگر ڪنهن وقت تي،

رات کي اُڻٽيهه ۾ ڏس چنڊ کي چانڊاڻ ۾.

دائمي سک جي پٺيان جڳ ۾ پگهر پنهنجو وهاءِ،

ٻِج اُهو ويندو سَڙي، رهندو نه جو آلاڻ ۾.

خون جي سيلاب سن سيراب ڪر اُجڙيل وطن،

تنهنجو ئي  دم موج آڻي ٿو سگهي مهراڻ ۾.

اُن خدا کان سُک گهرين ٿو، جنهن جي قدرت ٿي چوي،

زندگي اِنسان جي هردم هجي ڇڪتاڻ ۾.

باهه دکندي ئي رهي ٿي جا لڳي ٿي ڀاڻ ۾.

خود اسان جا زخم چاهن ٿا نه پنهنجن جي پٽي،

آههِ ماکيءَ کان به وڌ ميٺاج ڌارئي ٻاڻ ۾.

ايترو اِنسانيت جو خون اڳ آهي وُڙهو،

نوح جو طوفان سونهي ٿو اِنهيءَ رت ڇاڻ ۾.

غور ڪر  ڪيڏو ٿيو پنهنجي تمنائن جو خون،

ديس جي ساوڪ بدلجي ٿي وڃي ڳاڙهاڻ ۾.

ڇا اِنهيءَ بي غيرتيءَ کي اَڄ صداقت ٿا چون،

هَجَو پنهنجن جي ملايون غير جي واکاڻ ۾.

غير جي هٿ ۾ نه ڏي هٿ، سر ويو صدقي ٿيو،

خود ڪمال اِنسان هو آهي اِنهيءَ اُهڃاڻ ۾.

ٽوهه جي ڦل مان به آيو آههِ ڇانهينءَ جو سواد.

گم ٿي غدآرن جي دِل آ ڪُوڙ جي ڪَوڙاڻ ۾.

ڇو مترڪن جو رهين محتاج تون لوهار وٽ،

رُڪ ڀڃڻ چاهين ته سرکي جذب ڪر سانداڻ ۾.

تخت طائوسي جي لالچ تي ڀلا کٽ ڇو ڇڏيون،

ريشمي نهوار گڏجي ٿي نه مڃ جي واڻ ۾.

فڪر ناهي تنهنجي اوندهه ۽ آڇائي غير جي،

ماڻڪي اک جي به روشن ٿي رهي ڪاراڻ ۾.

هن زبان بندي جي عالم ۾ زبانداني ڪٿي،

لوهه توڙي سون جو قدر آههِ ساڳيو کاڻ ۾.

حسرتن جي آههِ پيمائش ڪٿي پهتي ”رشيد“،

بس ڪڻي گهٽ آهه ڪا هن زندگيءَ جي ماڻ ۾.

 

{


 

چمن آهي چمن صحرا ۾ برگ و بار پيدا ڪر،

خزان جي دور هوندي رنگت گلزار پيدا ڪر.

اها آه و فغان گل، دل ۾ نوڪِ خار پيدا ڪر.

زمين جي ذره ذره کي جي سمجهين جلوهء رنگين،

اکين ۾ اعتبارِ عشق جو اسرار پيدا ڪر.

صدا گنبد بنجي آهِ دل گر دل جي ئي اندر،

ته هر هڪ گوشهءِ دل مان درو ديوار پيدا ڪر.

زمين و آسمان زيرو زبر ٿيندا جلي ويندا،

نه آهِ آتشين ۾ قوتِ اِظهار پيدا ڪر.

ٿئي زائل هميشه لاءِ هست ونيست جو جهڳڙو،

نه اول صورت انڪار ۾ اقرار پيدا ڪر.

پراڻي ڪج روي پنهنجي فلڪ خونخواري ڇڏ هاڻي،

جي بسمل ٿو ڪرين مون کي نئين تلوار پيدا ڪر.

 

{

تجليء نظر سان تون ڪليم الله ٿي اي دل!

سهارو برق جو وٺ حسرتِ ديدار پيدا ڪر.

زماني تي ڀنڀلجي ڪين ڇڏ احساسِ خودداري،

پراڻي وضع ۾ بيشڪ نئون ڪردار پيدا ڪر.

زبان سان ڪجهه نه چئو محفوظ ڪر دل کي نگاهن سان،

خوشي ۾ ئي تون لذتِ گفتار پيدا ڪر.

نه آهي قدر ان گل جو، جو ڪنهن گلشن اندر آهي،

وڪامي جي وڃي يوسف ته ڪا بازار پيدا ڪر.

گل و بلبل جو قصو ڇڏ نه دل ڦاساءِ زلفن ۾،

”فدائي قوم ٿي ۽ جذبهء ايثار پيدا ڪر“.

”رشيد“ آهين ته پروازِ تخيل سان فلڪ تي وڃ،

ستارن جي لڙين مان رشتهِء اشعار پيدا ڪر.

 

{

نگاهِ غير ۾ آهيون قصو وار اڃا

نه آهي پنهنجي خطائن جو ڪو شمار اڃا

ڏسون ٿا قوم جي غيرت به مُستعار اڃا

نه آهي پنهنجي ارادن تي اختيار اڃا

عطا فقط ٿي اميرن کي آهي آزادي

غلام آهي غريبن جو وار وار اڃا

اُهوئي ظلم وڏيرن جو ۽ اُهي هاري،

اُهائي بک ۽ اهو فڪرِ روزگار اڃا.

بگهڙ جي مثل هُو والي رڍن جا ٿا بنجن

ٿئي ٿو ختم انهن جو نه اقتدار اڃا

کسن ٿا جيڪي اديبن کان سون سيني جو

ڏئي انهن کي حڪومت به ٿي هزار اڃا

ٽڪي جي ٽول تي ڏينداسين هار هيرن جو!

خيالِ غير ۾ آهيون اسين ڪي ٻار اڃا.

اهائي زيست ٿو ديوانو سمجهي بار اڃا

مليو نه گر شب افلاڪ کان قرار اڃا

ڏسان ٿو امن جي عالم ۾ انتشار اڃا

اچي ڪو موٽي حوادث جو دور قسمت ۾

غمن جو آههِ نه دل تان لٿو غبار اڃا

چمن جو آههِ قبضو ٿيو خزان آئي

طلب ڇو قيدِ قفس ۾ ڪجي بهار اڃا

متان خزان نه هجي ڪا لڪل گلن ۾ جو

”بهار آهي چمن کي نه سازگار اڃا“

ڏسين ٿو روز قيامت تون پنهنجي لاءِ

ڪرين ٿو وعدهِ فردا تي اعتبار اڃا

ڪنداسين خون ته خارن ۾ آشڪار اڃا

ٿئي ٿو دشت ۾ پيدا نه لالازار اڃا

ڀري ڏي پير مغان جامِ خوشگوار اڃا

جو تشنه لَب ٿا گهمن تنهنجا باده خوار اڃا

زمين ڇڏي نه وڃو چنڊ تي ستم وارا

ڪندؤَ وڌيڪ وڃي ان کي داغ دار اڃا

نه آهي ساٿ مقدر نه دوستن جي مدد

”رشيد“ آهي زماني ۾ بيقرار اڃا

 

{

مان ڇو چوان ته بيڪسي مون وٽ متان اچي،

اِنسان جي ئي سِر تي ٿو بارِ گران اچي.

هُو ڏس وجود تنهنجي جي عظمت ڏِسي ڪري،

سجدو ڪرڻ زمين تي ٿو آسمان اچي.

بادِ خزان جو خير ته اُڏري چمن منجهان،

اي برق! توڏي خود ٿو سندم آشيان اچي.

بُلبل ته ذبح ٿيندو گلن جو به خير ناهه،

صياد سان گڏيو ٿو وري باغبان اچي.

ڀَل معتقد ”نظامي“ و ”جاميءَ“ جو ٿي مگر،

تقليد شاعريءَ ۾ ٿي جدت ڪٿان اچي؟

منزل آهي تنهنجي خاتمي جو، ٿو وڄي جرس،

توکي ڏسڻ جي لاءِ نٿو ڪاروان اچي.

پڃري ڀڄڻ سان پاڻ اُڏامي ٿو مرغِ زيست،

هٿ ۾ کنيو اَجل نه ٿو تير و  ڪَمان اَچي.

وِسري وڃي ٿو وقتِ معين هِتي اَچي،

اِنسان ڏانهن موت نٿو ناگهان اچي.

بهتر ته آههِ باه لڳايان چمن کي پاڻ،

جيئَن ٿو سڏيان بهار کي، تيئَن خزان اچي.

 

{

دل جي دُنيا جي ته ظاهر ۾ تباهي آهي،

سچ پڇو، منهنجي مٿان فضلِ الاهي آهي.

زندگي آهه، جي ساٿين جي پٺيان سانباهو،

موت پڻ طول مسافات جي ساهي آهي.

زندگي ڪيئَن ٿي اچي، ڪيئَن ٿي ٺهي، ڪيئَن ٿي ڊهي؟

بس! ڪٿي چوٽ تي چاڙهي ته ڪٿي لاهي آهي

جا ڪڏهن خوش ٿي کلي ۽ ٿي ڪڏهن رت روئي،

اهڙي دنيا کي چئو ٿا ته هو ڏاهي آهي؟

منهنجي ديدن ۾ نمايان ٿا رهن ڪون و مڪان،

دوست منهنجي جي اها دُور نگاهي آهي.

تنهنجي اُلفت جو سهارو ٿو جياري ورنه،

منهنجو دنيا ۾ نه اوهي نڪو واهي آهي.

تو بنا ڪيئَن ٿو رهي، غير جو مسڪن من ۾؟

دل جي مسند ته مون تو لاءِ ٺاهي آهي.

فخر آزادگي منهنجي کي ئي آزادن تي،

عشق تنهنجي جي گلي منهنجي ۾ ڦاهي آهي.

دل، جي خاموش رهي فڪر محبت ۾، غلط!

اصل کان راهِ وفا تنهنجي ۾ راهي آهي.

واءُ جيڏانهن لڳي، ڪيئَن ٿو ڏيان پٺ اوڏانهن؟

شوق تنهنجي ۾ ئي مون شاه جي شاهي آهي.

مان ته ڪاوڙ نه ڪندس، ڀل ته زمانو بگڙي،

ٻاجهه تنهنجي سان اها ٻار، مون ڳاهي آهي.

تنهنجي جلوي کي ڏسي، رنگ سڃاڻڻ کان رهيس،

منهنجي نظرن ۾ سفيدي نه سياهي آهي.

ڇو نه خودداري ۽ مرضيءَ جو سڏائي مختار؟

هيءُ ”رشيد“ اصل کان موليٰ جو سپاهي آهي.

 

{

لاچار آههِ مفلس، نادار آههِ مفلس

نادار آههِ مفلس، لاچار آههِ مفلس

بيزار آههِ مفلس، دُنيا جي زندگي کان

دُنيا جي زندگي کان، بيزار آههِ مفلس

پينار آههِ مفلس، فاقه ڪشي جي سببان

فاقه ڪشيءَ جي سببان پينار آههِ مفلس

سردار آههِ مفلس، هردم مصيبتن جو

هردم مصيبتن جو، سردار آههِ مفلس

بدڪار آههِ مفلس، زردار جي نظر ۾

زردار جي نظر ۾، بدڪار آههِ مفلس

گلزار آههِ مفلس، هل هائي بيڪسي جو

گل هائي بيڪسي جو گلزار آههِ مفلس

بيمار آههِ مفلس، اِفلاس جي مرض جو

اِفلاس جي مرض جو بيمار آههِ مفلس

حقدار آههِ مفلس، اِمداد جو ”رشيد“ اَڄ،

اِمداد جو ”رشيد“ اَڄ حقدار آههِ مفلس.

 

{

آهيان مون پنهنجي يار کان ٿيو بدگمان ڪٿي،

گل جي گلا ۾ کولي ٿي بلبل زبان ڪٿي.

دل جا بخار دل ۾ رهن ٿا نِهان ڪٿي،

بارن ۾ لڪندو، خون ڪٿي زعفران ڪٿي.

هوندو نه غم سان اُنس ٿيو شادمان ڪٿي،

جي کائجي نه هار، ٿبو ڪامران ڪٿي.

ذڪرِ رُموزِ دل کي ڪيان اڄ عيان ڪٿي،

اي يار ڏسجي ڪوبه نه ٿو رازدان ڪٿي.

آهي جبينِ عشق کي گسجڻ جي آرزو،

تو لا مڪان جو آههِ مگر آستان ڪٿي.

باشندهِء عدم سان نه ڪر وعدهِء وِصال،

پنهنجي وطن ۾ آههِ زمان و مڪان ڪٿي.

تنهنجي ئي خالِ هند جي صدقي تڳي ٿو پيو،

قائم رهي ها ورنه هي هندستان ڪٿي.

ڏس مون وفا ڪئي ته تون آئين جفا کان باز،

ڪارِ ثواب ٿئي ٿو ڀَلا رائگان ڪٿي.

توڙي شبِ وصال ۾ ٿين سَو هزار سال،

ٿئي ختم ٿو فراق جو شرح و بيان ڪٿي.

بادِ ستم اُڏائي عدم کان به وئي پري،

وٺندو الائي منهنجو فلڪ اِمتحان ڪٿي.

شمس و قمر به نيٺ اچن ٿا زوال هيٺ،

جڳ ۾ ٿو جاوِدان رهي حسنِ بتان ڪٿي.

زنده ڇڏيندو مونکي نه هِجر فراقِ يار،

شهباز ٿيندو مرغ تي آ مهربان ڪٿي.

جي ٿو فَلڪ جلي ته جلڻ ڏيوس مَر جلي،

مونکان ٿئي ٿو هجر ۾ ضبطِ فغان ڪٿي.

بحرِ خوشي نه بنجي ٿو رت جو ڦڙو ڪڏهن،

اي دِل! بنايان توکي ٿو مون رازدان ڪٿي.

منهنجي ئي اِنڪسار اڳيان آههِ سَرنِون،

ورنه جهڪي ٿو پيشِ زمين آسمان ڪٿي.

ساڳيو چَمن ۽ ڏسجي ٿي ساڳي فَضا مگر.

بادِ صبا ٻُڌاءِ سندم آشيان ڪٿي.

پنهنجي نه ٿيڻي آهيِ ڪڏهن مستعار شئي،

نيجهه ٿئي ٿي دولتِ عمرِ روان ڪٿي.

اهلِ غرور ڪئَن ٿا ڇڏن حرصِ سيم و زر،

ڳچي ڌٻڻ ۾ ڊوڙي ٿو پيلِ دمان ڪِٿي.

انصاف ئي بنايو هُيس محترم، جي نه ته،

لائق هو احترام جي نوشيروان ڪٿي.

رهندس عَروسِ نظم جو زيور ٿي بعدِ مرگ،

بي ڪار ٿين ٿا فيل سندا اُستخوان ڪٿي.

آخر ڪٿي جهان ۾ وٺجي وڃي اَجهو،

ڳاري ٿي توکي ڪنهنجي ڪشش، ورنه اي ”رشيد“،

هن عمر ۾ ٿا پير ٿين نوجوان ڪٿي.

 

{

تصادم حسرتن جو آهه، فڪرن جو ٽڪر آهي،

محبت ۽ عداوت جو نڪو ڪنهن تي اثر آهي.

نظر ڌوڪو ٿي کائي، جو لٿل ڄاڻيون ٿا اڀريل کي،

سڏيون ٿا شام جنهن کي، سو حقيقت ۾ سحر آهي.

الف جي ابتدا کان آهه اول دردِ دل منهنجو،

ٻڌايو ڇا لکان، ڪهڙو الف کان اڳ اکر آهي؟

ستارا، چنڊ، سج پنهنجو لتاڙيل پيچرو آهن،

اڃا عرشِ معلي کان پري پنهنجي نظر آهي.

ازل آيو، ابد ايندو، ڪروڙين مرحلا ڏسبا،

اڃا چئو ٿا هي پنهنجي پنهنجي حياتي دم گذر آهي!

هئين تون ماڳ مانجهاندي جو، تو ۾ دم گذاريوسين،

اتي رهه جسم، جو پنهنجو اڃا اڳتي سفر آهي.

عمل صورت ٿا بدلائن، هو يڪسان آهه سڀڪنهن سان،

نڪو ڪنهن تي ڪرم آهي، نڪو ڪنهن تي ڏمر آهي.

”رشيد“ ائين ڪين چئو، هو آهه سهڻو ۽ هي بدصورت،

سڏن ٿا حسن جنهن کي، سو فقط حسنِ نظر آهي.

 

{

مان زماني جي چال ٿو سمجهان،

پاڻ کي هڪ خيال ٿو سمجهان.

زندگيءَ جا ڏسي هزارين رنگ،

موت کي پڻ محال ٿو سمجهان.

ڪنهن حقيقت جي انتها سمجهڻ،

محض هڪڙو خيال ٿو سمجهان.

جنهن کي چشمن چڱو چيو، تنهنکي،

حسن، جلوو، جامل ٿو سمجهان.

رشڪ و بعض و حسد ۽ ڪبر و غرور،

اجتماعي جلال ٿو سمجهان.

عرض مان پاڻ ٿو ٺهي جوهر،

ڪين منهنجو نه ڪر تون استقبال،

مان ته ماضيءَ کي حال ٿو سمجهان.

آسمانن جا ڏيل ڪيئن ڏاريان؟

دل ۾ گهٽ اشتعال ٿو سمجهان.

پاڻ جهڙن اڳيان جهڪي جڳ ۾،

پاڻ کي پائمال ٿو سمجهان.

ڇو ڏيان ڪنهن کي، پاڻ ئي سهندس،

غم کي پنهنجو ئي مال ٿو سمجهان.

ڏک ڏسان ٿو، نه ڪنهنجو سک ٿو کسيان،

اي ڀلا! تنهنجو ڀال ٿو سمجهان.

عشق آهي تتي ٿڌيءَ جو ميل،

هجر ۾ ئي وصال ٿو سمجهان.

ڪو سهارو رهيو نه آهه ”رشيد“،

زندگيءَ کي وبال ٿو سمجهان.

 

{

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org