سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :47

 

 

دمينتيءَ جي سويمبر جي تياري

”جڏهن ڳالهه راجا سکين کان ٻڌي،

ويو غم جي دريا ۾ سارو ٻڏي،

”اُٿي پنهنجي ڌيءُ ڏانهن آيو شتاب،

گهريائين اَچي اهڙي غم جو جواب،

”دمنتيءَ مگر ڪجهه نه واتان ڪُڇيو،

رهي ماٺ ۾ جو راجا پُڃيو،

”ٿيو ان جو راجا تي بيحد اَثر،

سَڄي ڳالهه سمجهي ويو سَربَسر،

”پروڙيائين هِن نينهن جي ناز کي،

ويو سمجهي هن عشق جي راز کي،

”چيائين ”اهو آهه منهنجو قصور،

سويمبر دمنتيءَ جو سڏجي ضرور،

”اِهو ئي سندس غم جو آهي علاج،

انهيءَ سان ئي من سڌري بگڙيل مزاج،

”جي پنهنجي رضا ساڻ شادي ڪندي،

ته آباد عشرت جي گادي ڪندي،

”وڏو وَءُ جو پهتو وهيءَ تي شتاب،

جڳائي سندس هاڻي شادي شتاب،

”اِهو سوچي آيو هو دربار ۾،

ڪري فيصلو پنهنجي ويچار ۾،

”هئا جي به راجا پري کان پري،

انهن کي لکيائين هيءُ ظاهر ڪري:

”اوهان کي خوشيءَ مان ٿي دعوت ڪجي،

۽ ٿي مشتهر هيءَ حقيقت ڪجي،

”ته ودرڀ جي واديءَ ۾ سنبهي اچو،

دمنتيءَ جو سهڻو سويمبر پسو،

”ڌڻي ديش جا ۽ بهادر جوان،

چُٽيو پنهنجي قسمت جا نازڪ نشان،

”ٻُڌي ڀيم راجا سندي آگيا،

اَچي سڀ سويمبر تي حاضر ٿيا،

”وڌو در تي گهوڙن اَچي ڪڙڪڙاٽ،

ڏنو اوچتو مست هاٿين به ڦاٽ،

”رسيا جنهن جڳهه تي رسالا لُڏي،

اُتان جي امالڪ ٿي ڌرتي ڌُڏي،

گُلن جا کڻي هار راهي ٿيا،

ڍڪي زرهه سورهيه سپاهي ٿيا،

”هليا تن جي آڏو جهلي آرسيون،

پڙهيون پرت وارن جون جن پارسيون،

”ٿئي ڀيم تن سان نه ڇو سازباز،

جڏهن اُن جو دست ڪرم هو دراز،

”هئا جيڪي مهمان راجا وڏا،

بجا شڪر آندا اُنهن ڀيم جا،

”سندن قدر، عزت مطابق ٿيو،

سندن درجو دولت مطابق ٿيو،

”ٿيا خوش هي مهمان نوازي ڏسي،

ڏنو داد تن سرفرازي ڏسي،

”رهائش جو اعليٰ ٿيو انتطام،

ضرورت ٿي سڀني جي پوري تمام،

”پڌاريا اچي خاص ايوان ۾،

نئين جان پيئي سندن جان ۾،

”اتي ٿا ڇڏيون هن سماچار کي،

ڏسون هاڻي اِندر جي دربار کي.“

 

 

راجا اِندر جي دربار

”رشي هو سُرن ۾ اُچو ۽ اُتم،

سدا اُن جو اڳرو هو جڳ ۾ قدم،

”هئا اُن جا اعليٰ سڀن کان اُصول،

ڪئي پيروي اُن جي هرهڪ قبول،

”صداقت ۾ سڀني جو سردار هو،

بڻيو نام ۾ ”نادر“ نِروار هو،

”گهُمي ديس پرديس مان اوچتو،

اچي لوڪ اِندر ۾ حاضر ٿيو،

”ڏٺائين اکين سان اَچي ديوراج،

ڀريائين دعائن جو اُن وٽ خراج،

”اچي ويٺو اِندر جي دربار ۾،

محبّت ۽ عشرت جي گلزار ۾،

”رشي اُن سان ٻيا پڻ هئا بيشمار،

سڀن تان ٿي اِندر جي محفل نثار،

”اُنهن جي ته اوّل ۾ پوڄا هلي،

تواضع سندن ٿي ڀلي کان ڀلي،

”اُنهيءَ بعد اِندر به ڦيري خيال،

پڇيو ويهي ساري زماني جو حال،

”پڇيائين ضعيفن جو سارو بيان،

ڏکن ۽ سُکن جو سڄو داستان،

”چيو نادر اُن کي ته .اي ديوتا،

دَياوان، مالڪ سَڄي ملڪ جا!

”اسين سروپرڪار آهيون سُکي،

اسان مان نه آهي ڪو هرگز دکي،

”تو اِندر جو دنيا ڪري ٿي سلام،

”مگهون“ ۽ ”وڀو“ آهه تنهنجو ئي نام،

”تون هر هنڌ حاضر ۽ سگهه جو ڌڻي،

صفت تنهنجي اهڙي سڀن کي وڻي،

”ٿيو جن جو دنيا ۾ راجا لقب،

اُهي خوش ڏٺم ڪين، آهي عجب-

”اُنهن مان به هر هڪ گذاري ٿو شاد،

نه آهي سندن ملڪ ۾ ڪو فساد.

”ٻُڌي نارد جو اهڙو نادر ڪلام،

پيو وسوسو دل ۾ اِندر کي جام،

”وڏيءَ سگهه جو مالڪ اُهو بادشاه،

ڪيو ”ورتراسور“ کي جنهن تباه،

”پڇيو نارد کان اُن ته ”اَي ڌرم پال،

گياني سچائيءَ سندا بيمثال!

”خبر ڏي ته آهن سي راجا ڪٿي،

نه ڪن سر جو سانگو سي جوڌا ڪٿي،

”اگر جسم ڀالن جو بنجي نشان،

ڪڏهن جنگ کان منهن نه موڙن جوان،

”وڏي چاه مان جي حياتي ڇڏين،

نه جوهر ڪڏهن پنهنجو ذاتي ڇڏين،

”جي مون وانگي سڀ ڪجهه لٽائي ڇڏين،

اُميدون گهڻن جون پڄائي ڇڏين،

”نه آهن سي کتري وڏا جنگجو،

نه محفل ۾ منهنجي ٿا ڪن گفتگو،

”گهڻا ڏينهن گذري اُنهن کي ويا،

نه دربار منهنجي ۾ پيدا ٿيا،

”رهيو پرٿويءَ تي نه ننگ پال اڄ،

پيو تن جي صحبت جو ڇو ڪال اڄ؟

”نه بنجن ٿا مون وٽ سي مهمان ڇو،

وَسائن ٿا منهنجو نه ايوان ڇو؟

”سگهو نارد ڏي تون اِنهيءَ جو جواب،

ٿئي دل منجهان دور جئن اضطراب!

”چيو نارد ”منهنجا مگهون باڪمال!

اَوهين ڇو ٿا دل ۾ ڪريو ڪو خيال!

”ٻڌايان اوهان کي ٿو ساري خبر،

ته ڇو ڪين راجا اَچن ٿا نظر،

”سڏن جنهن کي ٿا ڀيم، ودرڀ ڌڻي،

نياڻي سندس آهي سندر گهڻي،

”دمنتيءَ جي نالي سان مشهور آهه،

نه انسان آهي، مگر حور آهه،

سڀن سندرين کي اَٿس شهه ڏني،

سندس سونهن کان سونهن سورج پِني،

”ٻڌي ڇڏ تون شنڪر اِها ماجرا،

ٿيو آهي مشهور هيءُ جا بجا-

”سويمبر دمنتيءَ جو تيار آهه،

”ٽڙيا ڄڻ ته ودرڀ ۾ باغ و بهار،

ٿين گڏ ٿا راجا ۽ ڪونڌر ڪمار،

”ڪيو مات تو ”ورتراسور“ کي،

مگر ڏس ته هيڪر اِنهيءَ حور کي!

”گهرن پرٿوي پال سڀ ٿا دعا

۽ دل ۾ ٿا اُميد ڌارِن اِها-

”اِهو لعل گوهر اسان کي ملي!

”دمنتيءَ جو نالو زبان تي اَٿن!

”اِنهيءَ وچ ۾ آيا اُه ديوتا،

جي هوندا زماني ۾ زنده سدا،

”صفت آهي تن جي اُتم لوڪپال“،

نه آهي زماني ۾ تن جو مِثال،

”ٿيو آهي مشهور جڳ ۾ مُدام،

”ورن“، ”يم“ ۽ ”اگني“ ۽ ”اِندر“ جو نام،

”پَڌاريا اِهي چار عالي مزاج،

ڏٺائون اکين سان اَچي ديوراج،

”ٻڌائون اَچي ”نادر“ جي گفتگو،

دِمنتيءَ جي دل ۾ ٿين جستجو،

”چيائون اُٿو هاڻي جلدي هَلون،

هلي اهڙو سُندر سويمبر ڏسون!

”اِنهيءَ تي روانا ٿيا چاه مان،

نه لاٿائون ڪا آس الله مان،

”هليا گڏجي اِندر مهاراج سان،

سڀن ديوتائن جي سرتاج سان،

”گهڻا گڏجي شيوڪ ۽ ٽهليا هليا،

پڌاريا سوارين ۾ نازن پليا،

”هليا ديس ودرڀ ڏي ڪاهي سگهو،

صداقت کي سينن ۾ ٺاهي سگهو!

 

نل جي راجا اِندر سان ملاقات

”ٻڌو ”ڪُنتي ماتا“ جا پترو ذرا،

سچن عاشقن جي سچي ماجرا!

”فراقي دمنتيءَ جو عاشق عجيب،

مها آتما نل هنئين جو حبيب،

”ٻڌائين ته راجا ٿا ڪاهي وڃن،

وڃي ديس ودرڀ ۾ گڏ ٿا ٿين،

”ڏنو عشق و اُلفت نه اُن کي قرار،

ٿيو پنهنجي گهوڙي تي جلدي سوار،

”اتالي سان پنهنجي روانو ٿيو،

ڏسي اُن کي عاشق زمانو ٿيو،

”سندس سونهن آڏو هو سج شرمسار،

ٿيا ديوتائون به اُن تان نثار،

”مدن مورتيءَ جهڙو اُن جو بدن،

محبّت جو ميوو، خوشيءَ جو چمن،

”ڏسي اُن کي وسمي ويا لوڪپال،

وڃايائون عقل و خرد جا خيال،

”سوارين کي روڪي وڏيءَ آس مان،

لٿا ڄڻ ته ڌرتيءَ تي آڪاس مان،

”اچي نل کي هڪدم مخاطب ٿيا،

مٺا دل کي وڻندڙ هي گفتا چيا-

”ته، آهين نشڌ ديس جو تون ڌڻي،

اُتان جو سڏيون توکي اِندر کڻي،

”تون سچ لاءِ زنده رهين ٿو بجا،

۽ سر ساه سچ تان ڪرين ٿو فِدا،

”تون اِنسان اعليٰ ٿو سڏجين جڏهن،

مدد ڪا اسان جي به ڪر تون تڏهن،

”خوشيءَ مان اَسان جو ٿي قاصد شتاب،

ته مقصد ۾ پنهنجي ٿيون ڪامياب!

”ٻڌو اهل ڀارت“ هي منهنجو سخن،

ڏنو نَل اُنهن کي جوابي وچن،

”ٻڌي هٿ ادب جا پڇيائين اِهو:

اوهين ڪير آهيو، ڪٿي ٿا وڃو؟

”اوهان مان اُهو ڪير آهي جوان،

جو مون کي بنائي ٿو غم جو نشان؟

”ٿيان اُن جو قاصد، اهو ڪهڙو ڪم؟

رکان ڪهڙي واديءَ ۾ آخر قدم؟

”سگهو پنهنجو مطلب ٻڌايو کڻي،

ڪندس اُن کي پورو ٿو ڄاڻي ڌڻي!

”اِهو نيشد اِندر“(1) پرايو جواب:

نه ڪر تون اسان کان ڪڏهن ڪو حجاب،

”اَمر ڄاڻ راجا اسان کي سدا،

اسان جي ٿي دنيا کان دُنيا جدا،

”وسائيسون ڌرتي دمنتيءَ جي لاءِ،

نه اي نيشد اِندر اسان سان ڦٽاءِ!

”متان دل ۾ پنهنجي رکين ڳالهه ڪا،

تعارف اسان جو ٻڌي ڇڏ ذرا:

”سڏي مون کي اِندر ٿي دُنيا سڄي،

ٿيو منهنجي عظمت اڳيان سج لڄي،

”سڏن ديو اگني ٿا هن کي مدام،

ٿيو هن سندو ورن وير آهه نام،

”هي يم آهه جيڪو ڪڍي ساه ٿو،

اَجل سان بڇي هجر جي باه ٿو،

”اسان تي ذرا دستِ شفقت تون ڌر،

اسان جي دمنتيءَ اڳيان ڳالهه ڪر،

”وڃي چئو اچن تو ڏي ٿا خوشخصال،

مها اِندر آهي ۽ ٻيا لوڪپال،

”اچن ٿا فقط تنهنجي ديدار لاءِ،

نه ٻئي ڪنهن زماني جي ڪم ڪار لاءِ،

”ڪندا توکي پنهنجو اچي بي حجاب،

ورن يم ۽ اگني ۽ شنڪر شتاب،

”انهن مان تون هڪ ديوتا ڪر پسند،

ڦٽي ڪر محبّت جي هڪ تي ڪمند،

اُنهيءَ سان نه ڪا هوڏ هستي هلاءِ،

”جڏهن نل هي اِندر جو گفتو ٻڌو،

تڏهن هٿ ٻڌي، اُن اڳيان هيئن چيو:

”ڌڻيءَ جا سڳورا ڪا کميا ڪريو،

نه مون تي اِهو ظلم بيجا ڪريو!

”اوهان جهڙي مقصد تي آهيو پٺيان،

اُهو آهه هر وقت منهنجي اڳيان!

”انهيءَ لاءِ مان ڪيئن ٿو قاصد ٿيان،

اِهو ظلم ڪيئن ٿو اوهان جو سَهان!

”ٿيو اهڙو ڪو بوالهوس بوالعجب،

جو ڪنهن زال جي دل ۾ ڌاري طلب،

”وري ڪيئن ٿو غيرت جو قاصد ٿئي،

ڀلا ڪيئن ٿو بيغيرتيءَ ۾ جئي!

”اوهان جي ڪري ڪيئن ڇڏي زال کي،

کڻان سر تي ڪيئن پاڻ جنجال کي!

”تڏهن ديوتائن اُمالڪ چيو-

ته اي نيشڌ، تو هي وچن جو ڪيو،

”ڦِري ڪين وڃ اڳ ۾ وعدو ڪري،

اَسان جو هي ڪم ڪر ته تن من ٺري،

”اُٿي نيشڌ! هڪ پَل نه تون دير ڪر،

اُميدون اسان جون نه تون زير ڪر!“

نل جو ديوتائن جي مدد سان دمينتيءَ وٽ پهچڻ

”ڏنن نيشڌ تنهن تي وري هيءُ جواب،

ته ”اَي ديوتا، سدا ڪامياب!

”دمينتيءَ جو ٻڌجي ٿو جو راج گهر،

رهي اُن تي پهرو ٿو شام و سحر،

”پکي پَر نه هرگز ٿو ماري سگهي،

نڪي سج ٿو اُن ڏي نهاري سگهي،

”اُتي ڪيئن ٿي منهنجي رسائي ٿئي،

اُتي ڪيئن ٿي هٿ جي صفائي ٿئي!

”چيو تنهن تي شنڪر، ”نه ڪر تون خيال،

اُتي پهچي ويندين، نه ڪر تون خيال،

چيو نل ته ”جيڪا اوهان جي رضا،

اوهان تان ٿيو منهنجو سڀ ڪجهه فدا!“

”اِتي ديوتائون ٿيا خوش اَپر،

رسايائون نَل کي دمنتيءَ جي گهر،

”ڏٺي نل وڃي خوبصورت ڪنوار،

زماني جا سڀ حسن جنهن تان نثار،

”سندس جسم چمڪيو ٿي پئي نور سان،

غلط اُن کي ڀيٽڻ ٿيو حور سان،

”هئي ناز پرور ۽ ناز ڪبدن،

سنهيءَ چيلهه واري ۽ شيرين دهن،

”اکيون اُن جون ڪاريون ۽ ڪامل شباب،

لَڄي مُنهن مبارڪ اڳيان ماهتاب،

”سهيلين جو چوگرد گهيرو لڳل،

ڪنيزن جو هر وقت ڦيرو لڳل،

”عجب حسن ودرڀ ڪماريءَ جو هو،

عجب خلق هن ماه پاريءَ جو هو،

”ڏسي اُن کي مُک ۽ جادونگار

ڪيو عشق نَل کي اڃا بيقرار،

”مگر جوش کي هن دٻائي ڇڏيو،

پچڻ دل جو دل ۾ پچائي ڇڏيو!

”سَکين نل جي سهڻي جو صورت ڏٺي،

سندس ماهتابي جو مورت ڏٺي،

”وين گم ٿي هڪ پل ۾ هوش و حواس،

ٿين دل ۾ پيدا زياده هراس،

”دهلجي اُٿيون پنهنجون جايون ڇڏي،

ويون هن زماني منجهان ڄڻ لڏي،

”دليون جذب تن جون ٿيون پيار ۾،

ويون غرق ٿي سوچ ويچار ۾،

”اگر هوش تن کان ڇڏائي ويو،

نه سَنمک ٿي ڪنهن هڪ به گفتو ڪيو،

”مگر مَن ۾ سڀني چيو: ”واه واه!

اِهو آهه ڪو حُسن جو بادشاه،

”ڏسو سونهن هن جي ۽ صورت ڏسو،

مها آتما جي هي مُورت ڏسو،

”سندس دٻدٻو ۽ تجمل ڏسو،

وري اُن جو صبر ۽ تحمّل ڏسو،

”پکي آهي يا آهي ڪو ديوتا،

متان ديوتائن جو، نغمه سَرا!

”غرض ڪيترا پَهه پچائڻ لڳيون،

چڪين عقل جو ماس کائڻ لڳيون،

”نه سهڻين جي سڌ ٻڌ سلامت رهي،

نه گفتار جي تن کي طاقت رهي،

”ٿين حُسن ڏسندي خطا حوصلا،

ڏندن سان سندس چپ اُمالڪ لڳا،

”وين پل ۾ رُخصت ٿي صبر و قرار،

ٿيون دل ۾ ڏاڍيون اچي شرمسار.

”دمنتي وسامي، مگر دل جهلي،

اڳيان نل جي مرڪي خوشيءَ مان هلي،

”ڪيائين وڏي ناز سان گفتگو،

۽ انداز سان نَل جي ٿي روبرو،

”چيائين ته سُهڻا سَنواريل، سلام!

ٿيو سونهن جو توتي بس اختتام!

”خدا توکي پيدا ڪيو پيار لاءِ،

ڀلا ڪير آهين اُمالڪ ٻڌاءِ!

”سچي ڳالهه ڪر ديوتائن ۾ وير،

رسايو هتي توکي ڪنهن جي اُڪير!

”جڏهن تنهنجو معصوم چهرو ڏٺم،

تڏهن دل ۾ پيدا هي خواهش ٿيم-

”ڪريان ڇو نه معلوم تنهنجو نشان،

خدا واسطي کول پنهنجي زبان!

”ڦري مون تي پهرو ٿو شام و سحر،

۽ راجا جي پڻ آهي ڪرڙي نظر،

”هتي ڪيئن تون پهتين، سگهو سچ ٻُڌاءِ،

لڪي ڪيئن تون آئين، نه مون کان لڪاءِ!

”جڏهن ماٺِ ودرڀ ڪماريءَ ڪئي،

تڏهن نل به گفتار جاري ڪئي،

”چيائين ته ”اي روح پرور سلام!

رکيو منهنجي پيءُ ماءُ نل آهه نام-

”هتي ديوتائن جو قاصد ٿيس،

سندن حڪم سان پيش تنهنجي پيس،

”اِهي يَم ۽ اگني ۽ شنڪر، ورن،

مڙئي توکي پنهنجو ڪرڻ ٿا گهرن،

”نه اي سُندري تن کي سڪ ۾ سڪاءِ،

پَتي تن مان هڪڙو تون پنهنجو بناءِ!

”پڌاريس هتي تن جي پرتاپ سان،

نوازيو اُنهن تنهنجي ميلاپ سان،

”ٿي خوش بخت مون تنهنجو جلوو ڏٺو،

نه ڪنهن هڪ هتي مون کي اِيندو ڏٺو،

”نه روڪي سگهي مون کي ڪا جهل ۽ پل،

نه مون تي ڪئي ڪنهن محافظ هڪل،

”نظر ٿو اچي تنهنجو منهن ماهتاب،

خدا واسطي ڪر نه مون کان حجاب!

”اُتم سرن مون کي روانو ڪيو،

جو مقصد هو منهنجو سو ظاهر ڪيو،

”اِنهيءَ بعد جو تنهنجي دل ۾ اچي،

اُهو ڪر تن من کي راحت رسي،

”دمنتيءَ چيو: ديوتائون بجا،

ٿيو ساه سر منهنجو تن تان فدا،

”اُنهن کي ته هردم نمسڪار آهه،

مگر منهنجو تو سان ئي بس پيار آهه!

چيو نل کي مرڪي دمنتيءَ دلير،

ٿيان تنهنجي پتني اکيون ڪين ڦير!

”مهاراج آهين، ته ڪر ڪو ڪرم،

چمان ڇو نه چشمن سان تنهنجا قدم!

”ڀلا تنهنجي مان ڪهڙي خدمت ڪريان،

مَٿو تنهنجي شرنن ۾ پنهنجو ڌريان!

سندم جان، تن من ۽ ڌن تنهنجو آهه!

حياتيءَ جو سارو چَمن تنهنجو آهه!

”مها پرش، تون بيوفائي نه ڪر،

ٿيان تنهنجي پتني جُدائي نه ڪر!

”تون پَرٿا جو پارٿ، پري ڪين وڃ،

ڪڻاهيءَ ۾ دل کي تَري ڪين وڃ!

”جڏهن هنج کان مون ٻڌي گفتگو،

تڏهن کان ٿي ديدار جي جستجو!

”فراقن ڦَٽيو، باه دل ۾ دکي،

وڪوڙيو غمن، ڪين آهيان سُکي!

”ذرا مون تي اَي وير ويچار ڪر،

کسي دل نه دل دل وٽان ڌار ڪر!

”ڪٺا هن جڳهه تي جي راجا ٿيا،

بهادر، جوان مرد، جوڌا ٿيا-

”اُهي سڀ سڄڻ تنهنجي ديدار لاءِ،

قسم تنهنجو، ٻئي ڪنهن نه ڪم ڪار لاءِ!

”تون ڏاتار، سِر ساه جو آسرو،

سوا تنهنجي، منهنجو نه دنيا ۾ ڪو!

”جي مون کي تڙائي ڇڏيندين، مٺا!

مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندين، مٺا!

مرڻ ڪين شرنن ۾ ڏيندين اگر،

جدا مون کان جاني تون ٿيندين اگر-

”مرڻ واسطي راه پيدا ڪنديس!

جلڻ لاءِ آڙاه پيدا ڪنديس!

”ٻڏڻ کان به مون کي نه رهندو ڪو ڀَو،

۽ ڦاهيءَ کي پنهنجو ڪنديس آسرو!

”ٻڌي اهڙو ودرڀ ڪماريءَ جو ٻول،

چيو نل ته ”ڦورو اِهو ڪين ڦول!

”ڇڏي ايڏي سڪ جا سچا لوڪپال،

فقط ڇو ٿي مون ڏانهن ڦيرين خيال-

”اُهي لڪپال ۽ مها آتما،

نه جن کان جُدا آهه پرماتما!

”ٿيان ڌوڙ، جي تن جي قدمن جي مان،

نه لائق ٿيس اِن جي، سچ ٿو چوان،

”کپي توکي تن سان محبّت ڪرڻ،

اُنهن تي ئي من پنهنجو موهي ڇڏڻ،

”ذرا غور سان ٻڌ تون نازڪبدن،

نزاڪت ۾ نروار شيرين دهن-

”ٿيو ديوتائن جي جيڪو خلاف،

اَجل اُن جو ويري ٿيو صاف صاف،

”سڀن جي رکي لڄ، سچو نيم ڪر،

اُتم سرن مان چونڊ هڪڙي کي وَر،

”پراپت وڃي ديوتائن کي ٿي،

”اِها سيج ۽ هار، زيور ۽ زر،

اَچن تن جي خدمت ۾ هردم نظر:

”ڀلا ڪير آهي اُها بي مَتي،

نه اگني کي پنهنجو بنائي پَتي،

”ٿيو ديوتائن ۾ جيڪو اُتم،

بَڻي پرٿوي اُن جو هڪڙو قدم،

اُهو ديوتائن جو روزي رَسان،

اُنهيءَ سان تڳي ٿو هي سارو جهان:

”ڀَلا ڪير آهي اُها بي شناس،

ڪندي ڪين يم جي محبّت کي راس،

”ٿيو جنهن جي سيکت جو سڀني کي ڊپ،

ٿيو ڌرم ورتڻ جو جيون کي کپ:

”ڳري ڪير آهي اُها مَن مندي،

نه ڌرماتما کي جا پنهنجو ڪندي!

”مهيندر مَها آتما، ديو راج،

پَتي جنهن جو بنجي، اُها خوش مزاج!

”هجن توڙي انسان ۽ ديوتا،

رهن اُن جي فرمان ۾ ٿا سدا،

”اگر ڪو اُنهيءَ سان مهاڏو اڏي،

اَٽي وانگي بس اُن کي ڳوهي ڇڏي:

”ڪدورت کي ڪر پنهنجي دل مان صفا،

اَجايو نه ڪر ديوتائون خفا!

”ورڻ ديو سڏجي ٿو جو لوڪ پال،

پتي اُن کي ڪر، آهه جو پر جلال:

”اگر دوست مون کي ٿي پنهنجو سڏين،

نه دل مان ٿي منهنجي محبّت ڪڍين،

”ته منهنجو اِهو عرض جلدي اگهاءِ،

وڃي نينهن ڪنهن ديوتا سان لڳاءِ!

”ٻُڌو نيشڌ جو جيئن دمنتيءَ وچن،

پگهرجي ويو اُن جو سارو بدن،

”اکين اُن جي حسرت منجهان رت رنو،

ڪِريو قهر جو ڄڻ ته اُن تي ڪنو،

”چيائين ته ”اي پرٿويءَ جا پَتي،

محبّت ۾ بيشڪ ٿيس بي متي!

”ٿيو ديوتائن تان هي سر نثار،

مگر منهنجو آهين فقط تون ڀَتار!

”حياتيءَ جو تون آهين بس اِنتخاب،

نه ٿينديس ڪڏهن غير سان هم رڪاب!

”ادب سان ٻڌي هٿ، ڪري جوش مان،

۽ نڪري اُمالڪ وئي هوش مان،

”جڏهن هوش آيس، پيس تن ۾ تاب،

تڏهن اُن کي راجا ڏنو هي جواب:

”ته اي مالڪياڻي سندم ساه جي،

مڃي وڃ نصيحت مون بيواه جي!

”جڏهن ديوتائن جو قاصد ٿيس،

ته پڪ ڄاڻ تن وٽ وڪامي چُڪس،

”هلڻ قاصدن وانگي مون کي کپي،

رکان خواهشون پنهنجون ويڙهي ٺپي،

”ٻڌايان ٿو سچ توکي بَدرِ مُنير،

نه ڪو حُسن ۾ تنهنجو آهي نظير،

”وچن ديوتائن سان منهنجو ٿيو،

نه ڪنهن جهڙي تهڙي سان پالو پيو،

”ڀلا ڪيئن اُنهن سان ٿيان بيوفا،

سندن حڪم کي ڪيئن نه آڻيان بجا!

”انهيءَ ۾ نه آڻي سگهان ٿو ڪمي،

ڪندس وعدو پورو لُڏي ۽ لَمي،

”اَچي توکي اٽڪل اگر ڪا نظر،

ته ڪر مون تي ظاهر تون رشڪِ قمر!“

 

دمينتيءَ جو نل کي مشورو

”انهيءَ تي دمنتي رُني زار زار،

نظر آئي کل مُک منجهان بيقرار،

”اُگهي نيٺ ڳوڙها ڏنائين جواب،

ته اي نل نزاڪت ڀريا ماهتاب!

”تون نر اِيشور ڪر نه هرگز خيال،

نه دنيا ۾ ڪا ڳالهه آهي محال،

”سمجهيو آهه هڪ مون کي اڻ ٽر اُپاءُ،

پوي شال تنهنجي به دل کي پُڄاءُ،

”نه ڪا توتي ايندي اِنهيءَ ۾ ميار،

خبردار رهه منهنجا سورهيه سچار!

”ڪريان توکي واقف ٿي ٻڌ هي بيان،

اِهو ڄاڻ تون پنهنجو هڪ اِمتحان،

”سويمبر جتي منهنجو ٿيندو ڪٺو،

اُتي تون ۽ ٻيا ديوتائون اچو،

”اُنهن مان جو اِندر ٿو اڳرو سجهي،

اَوهان سان اُهو پڻ بلاشڪ اچي،

”تون نرايشور دور ڪر سڀ ملال،

جتي جمع ٿيندا اچي لوڪپال،

”اُنهن جي ڏٺي توکي مان ور ڪنديس،

قدم سڪ منجهان ڪين ٻاهر ڪنديس!

”خبردار، هشيار اي شيرِ نَر،

ڪڏهن ٿي نه هن ڳالهه کان بيخبر!

”انهيءَ راهِ تي رک قدم برقرار،

نه ڪا تو تي ايندي انهيءَ ۾ ميار!“

 

نل جو وري ديوتائن وٽ اچڻ ۽ کين

دمينتيءَ جو اڄو احوال ٻڌائڻ

”چوان سچ ٿو، ويشن جا پيارا پتي،

ڪئي ڳالهه پوري دمنتيءَ سچي،

”عمل اُن تي نل وير هڪدم ڪيو،

جو ودرڀ ڪُماريءَ جي واتان ٻڌو،

”اُتي پهتو پنهنجي جڳهه تان اُٿي،

جتي ديوتائن جي ٽولي هئي،

”مها ايشور ۽ سچا لوڪ پال،

ڏسي هن کي ايندو ٿيا سڀ نهال،

”پڇيائون ته ساري حقيقت ٻڌاءِ،

اَسان کان نه تر جيترو ڪجهه لڪاءِ،

”خبر ڏي تون راجا ته تو ڇا ڏٺو،

ڀلا توکي مِٺ مُرڪڻيءَ ڇا چيو؟

”دمنتيءَ جا اظهار ڪر داستان،

سگهو ٿيءُ، نه رک بند پنهنجي زبان!

”چيو نل ”اوهان جي ڪرم سان، جناب،

دمنتيءَ جي ڪمري ۾ پهتس شتاب،

”محل جوهو بلڪل ڪُشادو اَڱڻ،

نه مشڪل لڳو مون کي اُن ۾ وڃڻ،

”سپاهي هو پهري تي هڪڙو ٻڍو،

اَچي ننڊ اُن کي وئي اوچتو،

”اوهان جي ڪرم سان ۽ پرتاب سان،

ٿيس شاد مهوش جي ميلاپ سان،

”ويس راجپتريءَ جي آڏو سگهو،

محل ۾ نه ڪنهن مون کي گهڙندو ڏٺو،

”ڏٺيم ڪيتريون ئي سهيليون سکيون،

عجن سونهن واريون مَکيون ۽ چَکيون،

”اُنهن مون ڏي جنهن وقت ڦيري نظر،

ويو عقل تن کان ڀڄي سر بسر،

”تون ديو ايشور مون تي ڪر اعتبار،

وڃايو سکي پنهنجو صبر ۽ قرار،

”اُتم سَروَ، تون منهنجو ٻڌ داستان،

اِنهيءَ ۾ نه آهي ڪو وهم ۽ گمان،

”مون هردم اوهان جي وڪالت ڪئي،

۽ مقصد تي پنهنجي دلالت ڪئي،

”مگر هن اوهان جي نه هڪڙي ٻڌي،

۽ مون سان ٿي راضي رهي مُک مٺي!

”وري آهه هيئن اُن ڪُماريءَ چيو-

ته تون آهين ماڻهن ۾ مٽ شينهن جو،

”سويمبر جتي منهنجو ٿيندو ڪٺو،

اُتي تون ۽ ٻيا ديوتائون اچو،

”تون نرايشور دور ڪر سڀ ملال،

جتي جمع ٿيندا اچي لوڪ پال،

”اُنهن جي ڏٺي توکي مان ور ڪنديس،

قدم سڪ منجهان ڪين ٻاهر ڪنديس،

”مَهاٻاهو، ايندو نه توتي ڪو دوش،

کپي توکي سالم رکڻ پنهنجو هوش!

”ٻڌو ديوتائون، جو گذري چڪو،

سو قصو اوهان کي ٻڌايم سڄو،

”اُهين ديوتائن سندا تاجدار-

هزارين اسان جهڙا خذمتگذار،

”هجي جيڪا مرضي اوهان جي جناب،

اُنهيءَ کان نه ڪو آهه مون کي حجاب!“

 

دمينتيءَ جو سويمبر

”غرض وقت گذري ويو خير جو،

سويمبر جو سعيو اُمالڪ ٿيو،

”مبارڪ مهينو، مبارڪ گهڙي،

مبارڪ سويمبر جي تاريخ ٿي،

”سويمبر ۾ نعرا مڳا ڀيم جا،

اَچي پرٿوي پال سڀ گڏ ٿيا،

”جي راجا هئا عشق ۾ آشڪار،

دمنتيءَ جي نازڪ اَدا تان نثار،

”ٻڌي سڏ ڏنائون اچي حاضري،

هوا بنجي دعوت ۾ آيا ڦِري،

”بَبر شير ٻيلن ۾ جيئن ڪن گذر،

رَسيا بزم ۾ تيئن سڳورا سٻر،

”جي محفل ۾ ٿنڀا هئا زرنگار

جواهر جَڙيل خوشنما شاندار،

”اُنهن سان هڻي ٽيڪ ويٺا اچي،

ويو هڪ محبّت جو ميڙو مچي،

”گُلن جا ڍڪي هار، رشڪِ بدن،

۽ زيور سُنهري ڪري زيبِ تن،

”ڪنن ۾ وجهي پنهنجي ڪنڍلا ڪمار،

ٿيا آسڻن تي اَچي آشڪار،

”اها بزم اهڙي ته ٿي ڪامياب،

جو دنيا ۾ اُن جو نه هوندو جواب،

”ڏٺو اِيئن ٿي خوش ڪاميابيءَ جو ڪانگ،

رَهي جئن ٿو پاتال ۾ شيش نانگ،

”هيون پٽ تي چيتي سنديون اِيئن کلون،

هجن بن ۾ چيتن سنديون جيئن چُرون،

”سي سُندر سڀاويڪ راجا هئا،

هئا پنج- مٿ نانگ وانگي کَرا،

سندن منهن مبارڪ هو ڄڻ ماهتاب

جبين جو پسينو هو عرقِ گلاب،

”سندن نِرڙ، مُک ۽ ڀرون ۽ اکيون،

فلڪ تي هيون ڄڻ ته روشن ڪَتيون!

”اِتي آئي دانا دمنتي دلير،

رکيائين پَري بنجي محفل ۾ پير،

”جي راجا هئا تن لُٽايون دليون،

ٿين چرخ هڪڙيءَ گهڙيءَ ۾ اکيون،

”جڏهن اُن جو چمڪڻ لڳو اَنگ اَنگ،

”دليون آيون اُلفت جي پڙ ۾ تُري،

کُپي ويئي اَک، ڪين هرگز چُري!“


(1)  نل جو نالو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org