سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :57

  

نل ۽ دمينتيءَ جي ملاقات

 

”پتا جي ۽ ماتا جي فرمان سان،

سندن مهرباني ۽ اِحسان سان،

.دمنتيءَ جو پورو اِرادو ٿيو،

۽ ”باهوڪ“ اُن وٽ اُمالڪ پڳو،

”ڏسڻ سان دمنتيءَ کي نَل نامدار،

ٿيو درد ۽ غم وچان بيقرار،

”اکين ۾ سندس آيو پاڻي تَري،

۽ دل ۾ سندس خوب آتش ٻَري،

”دمنتيءَ به نَل کي ڏسي ٿي دُکي،

نه آيس نظر هڪڙي ساعت سُکي،

”دمنتي اُها، جنهن جي حالت بُري،

ڪُٺو جنهن کي قربن جي قاتل ڇُري،

”سدا جنهن کي ”ڪاشايه وستر“ ڍڪيل،

سڄو جسم ميرو، لِٽون پڻ مُنجهيل،

”اُمالڪ ٿي ”باهوڪ“ جي روبرو،

ڪيائين نماڻي ٿي هيءُ گفتگو:

”ته ”باهوڪ، ٻُڌ منهنجو قصّو اِهو!

ڪڏهن تو به ڪو ڌرم ڄاڻو ڏٺو،

”جو بَن ۾ ڇڏي پنهنجي پتني وڃي،

۽ ڀيرو محبّت جو اُن کان ڀَڃي!

”اُها پتني، جا بَن ۾ بيحد اُداس،

سُتل ننڊ ۾، دل تي ڇانيل هراس،

.نه ڪو هوش اُن کي، ٿڪل ۽ ٽُٽل،

غمن جي ستايل، ڏکن جي ڏَڌل،

”اُنهيءَ پاڪ راجا بنا اهڙو ڪم،

ڪندو ڪير ٻيو شخص، رب جو قسم!

”اُنهيءَ نل سندي ننڍپڻ کان ڀَلا،

ڪئي آهه مون اهڙي ڪهڙي خطا؟

”ويو مون کي رڻ پٽ ۾ هيڪل ڇڏي،

ننڊايل کي ناحق غمن ۾ گڏي،

ڇڏيم ديوتائن کي جنهن جي ڪري،

سويمبر ۾ اُن کي لڳايم ڳري،

”رهيس هر گهڙي اُن جي فرمان ۾،

سنديس سڪ سمايم سدا جان ۾،

”ڏنم ڌيءَ پُٽ اُن سڄڻ کي ڄڻي،

اَسان جون اُهي ڪير ڳالهيون ڳڻي،

.ڀلا ڪيئن ٿيو منهنجو اهڙو تياڳ؟

عنايت ڪيو نل ڇو ناحق نڀاڳ؟

”جو اَگني ۽ اِندر جي آڏو اَچي،

ٿيو پنهنجي دعويٰ ۾ سورهه سخي،

”چيائين ته ”مان توکي سچ ٿو چوان،

سدا جاءِ دل ۾ ٿو توکي ڏيان!

”اَٿم ساه جيسين بدن ۾ سڄڻ!

ڪندس سير سڪ جي چمن ۾ سڄڻ!

”مرڻ تائين توسان محبّت ڪندس،

سدا پنهنجي ثابت صداقت ڪندس“
”اهو اَڄ ڪٿي آهه تنهنجو وچن؟

ڀُلائي ڇڏيو تو سڪ جو سُخن؟

”ڪري ڳالهه اهڙي دمنتي غريب،

ڏکن جي ستايل ڏڌَل، بدنصيب،

اکين مان وهايائين پاڻي گهڻو،

سڄڻ کي ڏسي، ٿي اَياڻي گهڻو،

”دمنتيءَ جون ڪاريون ۽ ڳاڙهيون اکيون،

ڇڏي رت جا ڳوڙها آڇيون ٿي بَکيون،

”ڏسي اُن جي حالت ٿيو نل اُداس،

ويس ڇانئجي دل تي ڏاڍو هراس،

”چيائين ته ”ڀيمي“ نه دلگير ٿي!

بُري تنهنجي آهي نه تقدير ٿي،

”حڪومت ٿي گِروي ۽ آيو نڀاڳ،

ڪيو مون جو توکي اَجايو تياڳ،

”اُنهيءَ ۾ نه آهي ڪو منهنجو قصور،

اِنهيءَ ڳالهه کي سمجهه تون سچ ضرور،

”اُهو ڏوهه آهي ڪِليءَ جو سڄو،

اِهو ظلم سارو اُنهيءَ کان ٿيو،

”گذاريو ٿي جنهن وقت تو جهنگ ۾،

مصيبت ۽ دردن سندي رنگ ۾،

”ڪيو غم ٿي مون لاءِ تو رات ڏينهن،

اکين مان وَسايو ٿي ڳوڙهن جو مينهن،

”هئينءَ ڌرم جي درد ۾ مبتلا،

ڪئي تو ڪليءَ کي تڏهن بددعا،

”اِنهيءَ بددعا کان لڳو هُو سڙڻ،

سندس ساه ۾ هڪ لڳو مچ ٻرڻ،

”سدا جسم منهنجي ۾ جلندو رهيو،

دکيل باه جي مثل دکندو رهيو،

”اُدم سان جڏهن مون مصيبت سٺي،

تڏهن اُن ڪليءَ جي وڃي هار ٿي،

.سگهڙ خير واري، نه ڪر ڪو خيال،

اِجهو دور ٿيندو ٻنهي تان وبال!

”سو ظالم ويو نيٺ مون کي ڇڏي،

ويون سازشون اُن جن ازخود لڏي،

”اُنهيءَ بعد تو لاءِ، سهڻي سچار،

رَسيس شهر تنهنجي ۾ ٿي بيقرار،

”انهيءَ کان سواءِ آهه ٻيو ڪونه ڪم،

فقط دل ۾ تنهنجو ئي ڌاريان ٿو غم،

”ڇڏي اهڙي لَڇڻن ڀَري اِستري،

ڪندس هٿ محبت جي ڪهڙي پري؟

”فقط تنهنجو آهيان پريمي ڀَتار،

نه توکان وڌيڪ آهه ڪنهن جو به پيار!

”ٻڌان ٿو ڪيو ڀيم فرمان آهه،

اِنهيءَ ڳالهه جو من کي اَرمان آهه،

”سڄي جڳ ۾ قاصد ٿا اُن جا گهمن،

۽ هر هڪ جي آڏو ٿا چوندا وتن،

”ته ”آهي دمنتيءَ جي مرضي وَري،

اِجهو ڪنهن جي ٿيندي وڃي اِستري!“

”رتوپرن جيئن ڳالهه اهڙي ٻڌي،

اُمالڪ هتي آيو آهي هلي!

”ٻڌي وير نَل جي اِها وارتا،

دمنتيءَ ادب جا ٻئي هٿ ٻڌا،

”چيائين ته ”راجا سدا ڪامياب!

ڪريو وسوسا دُور دل مان شتاب!

”ڇڏيم ديوتائون به تنهنجي ڪري،

ٿيس تنهنجي، توکي لڳايم ڳري،

”فقط تو سڄڻ جي گهائڻ جي لاءِ،

هتي پنهنجي فرقت گهٽائڻ جي لاءِ،

”برهمڻ، جي منهنجي پتا جا هئا،

ڏهن ئي دَشائن ۾ آهن ويا،

”پڙهن گيت منهنجو ٿا هر ديس ۾،

پڇائين توکي ٿا پَرديس ۾،

”اُنهن مان برهمڻ هو پرڻاند نام،

سچائي هئي جنهن مٿان ٿي تمام،

”اِها آگيا اُن خوشيءَ سان مَڃي،

سگهو ديس ”ڪوسل“ ۾ پهتو وڃي،

”رتوپرن جو جيئن سلامي ٿيو،

اُتي تو سڄڻ کي به اِيندو ڏٺو،

”پڙهيو گيت اُن منهنجو تو وٽ اچي،

ٻڌايائين توکي حقيقت سچي،

”ڏنو گيت جو تو به عُمدو جواب،

ٻُڌڻ سان ٿيو دل تي نازل عذاب،

”مهاراج“ باقي حقيقت ٻُڌو!

اَوهان لاءِ مون آهه ڇا ڇا ڪيو

”اوهان جي اَچڻ لاءِ سوچيم اُپاءُ،

اِنهيءَ ۾ نه هرگز ڪو آهي وڌاءُ،

”اوهان کان سوا ڪير اهڙي ڪري!

جو هڪ ڏينهن ۾ پنڌ ايڏو هَڻي!

”نه اهڙي شجاعت ڪو حاصل ڪندو،

سڄا چار سو ڪوهه منزل ڪندو!

”نه گهوڙن جو رٿ ڪو هلائي ٿو اِئين،

نه هڪ ڏينهن ۾ ڪو رسائي ٿو اِئين،

”چوان سچ ٿي، اي پرٿويءَ جا پتي،

نه توسان ڪئي آهه مون ڪا ڪَچي،

”وڏيءَ سڪ مان تنهنجي ٿي پيرين پوان،

۽ سَو وار تنهنجو قسم ٿي کڻان!

”نه توسان ڪيو آهه مون ڪو ستم،

نه توکي ڪو جڳ ۾ ڏنو ڏک اَٿم،

”جو ساکي سَڀن ساهوارن سَندو،

سڄي جڳ کي هردم ڏسي ٿو اُهو،

”هي وايو جڳت ۾ گهمي ٿو سدا،

ڪئي مون نه ڪا تنهنجي آهي خطا!

”جي مون پاپ توسان ڪيو ڪو هجي،

ته پرور سگهو ساه منهنجوڪڍي!

”اِنهيءَ ريت ڪرڻن ڀريل آفتاب،

ڪري جڳ تي ٿو روشني لاجواب،

”جو سورج جي نالي سان ڀڳوان آهه،

سڄي خلق تي اُن جو اِحسان آهه،

”اُهو ساه منهنجو اُمالڪ ڪڍي،

جي مون پاپ توتي ڪيو ڪو هجي!

”جو ”هرمَن“ جو آهي بڻيو ديوتا،

سڀن ساهوارن ۾ روشن صفا،

”سڏن چندرما اُن کي ٿا خاص و عام،

۽ ساکي ٿو سڏجي سڀن جو مُدام.

”اُهو ساه منهنجو اُمالڪ ڪڍي،

جي مُون پاپ توتي ڪيو هجي!

”اِهي چندرما، سورج ۽ هي هوا،

جي سڏجن ٿا ٽيئي سچا ديوتا،

”هلن جن جي صدقي ٿا ٽيئي جهان،

اُنهن کان سوا آهه، جڳ جو زيان،

اُنهن منهنجي آهي ڪئي رهبري،

اُهي توکي ڏيندا سچي شاهدي،

”چيم جيڪڏهن توکي ڪوڙا سخن،

اِهي ديوتا ساه منهنجو ڪڍن!

”دمنتيءَ جڏهن ڳالهه پري ڪئي،

هَوا اُڀ منجهان صاف ٻولڻ لڳي-

”چيائين ته ”نل، توکي چونديس ضرور،

دمنتيءَ جو اِن ۾ نه آهي قصور،

”اِهو آهي سچ، ٻڌ تون دانا دلير!

اِنهيءَ ۾ نه ڏسجي ٿو ڪو ڦند ڦير!

”ٿيا ختم ٽي سال آهن سڄا،

دمنتيءَ جو محفوظ آهي حيا،

”خزانو اَٿس سيل جو برقرار،

سندس پت رکي آهه پروردگار،

”سدا اُن جي ساکي ۽ رکپال مان،

پروڙيان ٿي اُن جو سڄو حال مان،

”اَچڻ لاءِ تنهنجي، نه آهي وڌاءُ،

سويمبر جو ڳولي ڪڍيو اُن اُپاءُ،

انهيءَ لاءِ تو ۾ ئي هو دَم فقط،

ڪيو توئي مڙسيءَ سندو ڪم فقط،

”اِنهيءَ ريت رَٿ کي هلائي ٿو ڪير؟

هتي ڏينهن هڪ رسائي ۾ ٿو ڪير؟

”دمنتيءَ جو حق هاڻي تو تي ٿيو،

مناسب مِلڻ اُن سان توکي ٿيو،

”اُنهيءَ تي به حق آهه توسان ملڻ،

۽ هر حال ۾ تنهنجو رايو رکڻ،

”اِنهيءَ ڳالهه ۾ شڪ نه هرگز تون آڻ،

تون پتنيءَ سان گڏ رهه ۽ اُن کي سڃاڻ!

”اَڃا ڳالهه وايوُ نه پوري ڪئي،

ته اُڀ مان ٿي بارش جي ظاهر خوشي،

”ٿڌيءَ هِير پنهنجا نقارا هنيا،

خوشيءَ مان ڪيو ناچ هر ديوتا!“

 

نل جو اصلي روپ ۾ اچڻ

 

”جڏهن نَل عجب جهڙي حالت ڏٺي،

تڏهن اُن جو سارو ويو شڪ لهي،

”اُنهيءَ بعد جي راز وارا وَڳا،

ڏنا، ”راج ڪر ڪوٽڪ“ اُن کي هئا،

”سي پهريائين پنهنجي بدن تي شتاب،

۽ مقصد ۾ پنهنجي ٿيو ڪامياب،

”سندس روپ اَصلوڪو ظاهر ٿيو،

نصيبن ۾ پنهنجي هو ماهر ٿيو!

”دمنتي، جا سهڻي سڀاڳي، سچار،

پتيءَ لاءِ پنهنجي هئي بيقرار،

”ڏسي روپ اَصليءَ ۾ پيارو پَتي،

ڪري اُن کي ڀاڪر ۾ روئڻ لڳي!

”ڪيو نل به ڏاڍو دمنتيءَ کي پيار،

وڌائينس ڀاڪر ٻٽا بار بار!

”کڻي ڌيءُ ۽ پُٽ کي ڀريو بود ۾،

وهاريائين تن کي کڻي گود ۾!

”دمنتي، اُها جيڪا سُهڻي سچار،

ڊگها وار اُن جا، نزاڪت جو هار،

”رکي نل جي ڇاتيءَ تي پنهنجو مَٿو،

روئڻ سان وڏو رنگ ويهي ڪيو!

”گهڻا درد و غم مان کنيائين پساه،

سندس دل منجهان نڪتي هڪ سرد آه!

”انهيءَ ريت اُن نيشڌ عالي وقار،

اُتم پرش، شهه زور ۽ نامدار،

دمنتيءَ کي ڀاڪر ۾ پنهنجي ڪيو،

۽ غم کان ٿي مجبور روئڻ لڳو-

”دمنتي، اُها جيڪا نازڪ بدن،

سدا کل مکڻي، سيم تن، خوش دَهن!

”اِنهيءَ ريت ماتا دمنتيءَ سندي،

حقيقت سڄي وير نَل جي ٻُڌي،

”ٻُڌايائين قصّو سَڄو پيار مان،

جڏهن ڀيم راجا اِنهيءَ تي جواب،

ته ”مون کي ٿي آهي خوشي بي حساب،

”سُڀاڻي سويرو ڪندس جئن سنان،

ته اڳ ۾ ڪندس پنهنجي پيارن جو ڌيان،

”دمنتيءَ کي نل سان ڏسڻ ٿو گهران،

ٻنهي ساڻ گڏجي ملڻ ٿو گهران!

”هُتي وير نل ۽ دمنتيءَ دلير،

ڪئي رات پوري، مٿان ٿي سوير،

”سڄي رات ويهي رهاڻيون ڪيون،

اکيون روئندي روئندي نماڻيون ڪيون،

”ڏکيا ڏينهن بَن ۾ جي گذري چڪا،

ٻُڌايائون تن جي سڄي ماجرا،

”اُنهن سک ٿي هڪ ٻئي جو هردم گهريو،

سدائين ٿي سڪ ۾ سندن چِت چُريو،

”مليا صبح جو ڀيم خوش نام سان،

گذارڻ لڳا گهر ۾ آرام سان،

جدائيءَ جا پورا ٿيا چار سال،

دمنتيءَ جو نل سان تڏهن ٿيو وصال،

”پتيءَ سان جڏهن پنهنجي پَتني ملي،

تڏهن دل ۾ خوش ٿي، خوشيءَ مان کِلي،

.سندس من اِنهيءَ ريت خوش پيو ٿئي،

سُڪل پوک پاڻيءَ ساڻ جئن ٿي ٽڙي!

”نچڻ ڪاميابي لڳي بار بار،

سندس دل جي گلشن ۾ آئي بهار!

”جڏهن چنڊ سونهي ٿو چانڊاڻ سان،

ٿئي رات ٿي پُر نه ڪاراڻ سان،

”اِنهيءَ ريت اُڀريو اُميدن جو چنڊ،

ملي ويو دمنتيءَ کي اُلفت جو وَنڊ!

ملي پنهنجي نل سان گهڻو شاد ٿي،

ويس رنج ۽ درد برباد ٿي!

”سدائين خوشيءَ ۾ گذارڻ لڳي،

ڏِيو ڪاميابيءَ جو ٻارڻ لڳي!

”اُٿيو صبح سان وير نل نامدار،

ڪري غُسل پاتائين سينگار هار،

”ڍَڪي ويس عمدا، دمنتيَ وٺي،

ويو ڀيم راجا جي آڏو هلي،

”هليو پنهنجي سَهري جو درشن ڪرڻ،

حقيقت ٻُڌائڻ، دعائون پِنڻ،

”ڪيو اُن کي ويندي نمسڪار نل،

بڻيو اُن جي محفل جو سينگار نل،

”دمنتي به ڏاڍي اَدب سان ملي،

اَچي پنهنجي والد جي پيرين پئي،

”جهليو نل جو هَٿ ڀيم عالي وقار،

ويهاريائين ڀَر ۾ ڪري قرب پيار،

”سڳي پُٽ مثل اُن کي ڀانئڻ لڳو،

پُٺيءَ تي سندس هٿ گهمائڻ لڳو.

”اِنهيءَ ريت نل ۽ دمنتي دلير،

رکيو ڀيم جي مهربانين ۾ پير،

”پتاپنهنجي جي گهر گذارڻ لڳا،

اڳيان درد ۽ غم وسارڻ لڳا،

”لڌو نيشڌ سهري جو پنهنجي ڪرم،

۽ حاصل ٿيس اوج عزت اُتم،

”ڪئي نل به اُن جي غلامي قبول،

سندس آگيا ۽ سَلامي قبول،

”اِنهيءَ ريت جيئن شهر وارن ڏٺو،

ته ودرڀ ۾ نل آهه ظاهِر ٿيو،

”نل آيو! نل آيو! پُڪارڻ لڳا،

وڏو شور  هُل اُٿارڻ لڳا،

”بنايائون جهنڊا ۽ جهنڊيون هزار،

ڪيائون سڄي شهر کي شاندار،

”ٿيا صاف رستا ۽ ڇڻڪار ٿي،

ويا گُل به رستن جو سينگار ٿي،

”دَرن تي لڳا لک گلن جا ڇُڳا،

۽ مندر به گلزار بنجي پيا،

”سڄي خلق اوڏانهن هڪدم ڀڳي،

ٿيڻ ديوتائن جي پوڄا لڳي.“

 

رتوپرن جي نل کان معذرت، ۽ وطن

ڏانهن روانگي

 

”ٻڌو جو رتوپرن قصّو اِهو،

ته ”باهوڪ“ دراصل نل پاڻ هو،

”ته پرسن ٿيو پنهنجي دل ۾ تمام،

گهرايائين نل کي، ڪيائين سلام،

”لڳو اُن وٽان هو معافي گهرڻ،

چيائين ته ”نل، واه تنهنجو لڪڻ!

”ڪيو آهه تو مون کي ڪيئن شرمسار،

ٿئي دل ۾ اَرمان ٿو بار بار!،

”رتوپرن راجا سَخا جو ڏِيو،

سدا چِتر ۽ مِتر ڄاڻو اُهو،

”چيائين وري نل کي مُرڪي شتاب،

ته ”مون کي ٿي آهي خوشي بيحساب!

”اَوهين پنهنجي پتنيءَ سان آهيو مليا،

۽ خوش ٿي سندس گهر ۾ آهيو رهيا،

”مبارڪ اوهان کي ٿو اِن تي چوان!

گهڻو پنهنجي دل ۾ ٿو پَرسن ٿيان!

”پُڇان سچ ٿو، نل پرٿويءَ جا پَتي!

ٻڌايو اِها ڳالهه مون کي سچي:

”جڏهن منهنجي گهر ۾ هُئين تون لڪل،

۽ ”باهوڪ“ نالي ۾ ظاهر ٿيل،

”تڏهن ڏک متان توکي پهتو هجي،

جڳائي ته اَڄ اُن کي، ظاهر ڪجي -

.اگر ڄاڻي واڻي ۽ نادان ٿي،

۽ پنهنجي حڪومت تي حيران ٿي،

”ڪيو آهه مون توتي ظلم و ستم،

ته اُن لاءِ بي اِنتها ڏک اَٿم!

”معافي ڏي اُن لاءِ مون کي شتاب،

ڪريان اِلتجا توکي ٿو بيحساب!

”چَيو نل ته ”راجا رتوپرن وير!

سدائين ٿو تن من کي بخشين سُڌير!

”ڪيو تو نه آهي ڪو مون تي ستم،

نه تنهنجو ڪو اَرمان دل ۾ اَٿم،

”اگر ظلم مونتي ٿئي ها به ڪو،

تو اُن لاءِ پڻ منهنجو هيءُ فرض هو،

”کلي توکي خوش ٿي معافي ڏيڻ،

۽ اُن لاءِ دل ۾ نه ڪو ڏک رکڻ،

”سبب توکي اُن جو ٻڌايان ٿو مان،

خوشي تنهنجي دل کي رسايان ٿو مان!

”هُئين منهنجو ساٿي تون هن کان اڳي،

”سڄڻ“ توکي هاڻي به دل ٿي سڏي!

”اَڃا مون کي اُميّد آهي اِها،

ته مون سان هميشه ڪندين تون وفا،

”سڳو ڀاءُ بنجي تون رهندين سدا،

خبر منهنجي ڏک سک ۾ لهندين سدا،

”چوان سچ ٿو راجن تون دل سان هنڊاءِ،

قدم راه اُلفت ۾ اڳتي وڌاءِ،

.رهيس تنهنجي گهر ۾ سدا شاد ٿي،

ويا رنج ۽ درد برباد ٿي،

”سدا سک ٿي ماڻيم نه ڪو ڏک اَٿم،

فقط ياد تنهنجو سدا سک اَٿم،

”نه اهڙو ڏٺم پنهنجي گهر ۾ به سُک،

نه ڪر منهنجي باري ۾ هرگز تون ڏک!

”رتوپرن تون پرٿويءَ جو پَتي،

ڪندس ڪين وعدي ۾ توسان ڪچي،

”مليو آشو وديا جو مون کي گيان،

ڪڍيم پنهنجو دنيا ۾ نالو نشان،

”اُهو علم تنهنجي اَمانت اَٿم،

نه اُن ۾ ڪئي ڪا خيانت اَٿم،

”اُهو توکي واپس ڏيڻ ٿو گهران،

وفا پنهنجو وعدو ڪرڻ ٿو گهران!

”رتوپرن کي نل جڏهن اِئين چيو،

تڏهن هُو به راضي اِنهيءَ تي ٿيو،

.سکيو آشو وديا سِگهو نل وٽان،

بڻيو اُن جو شاگرد اُلفت وچان،

”اُنهيءَ کان اِنهيءَ ريت نل نامور،

سکيو سڪ وڏيءَ مان ردايه اکر،

”رتوپرن کي ٿي اِنهيءَ تي خوشي،

کنيائين بجا نل جي ٻيو سارٿي،

”اَيُڌيا وطن ڏي روانو ٿيو،

سندس ياد جڳ ۾ فسانو ٿي.“

 

نل جو نشڌ ڏانهن واپس وڃن ۽ پشڪر سان

جوا کيڏي کانئس پنهنجو راڄ ۽ مال واپس وٺڻ

 

”رهيو ساهري گهر ۾ نل نامدار،

مهينو سڄو خوش ٿي ليل و نهار،

”لڳو بعد اُن جي اِجازت گهرڻ،

نشڌ ديس پنهنجي ڏي واپس ورڻ،

”سخي ڀيم خوش ٿي اِجازت ڏني،

وڃڻ لاءِ هر ڪا رعايت ڏني،

”اَڇو رَٿ ۽ پنجاه گهوڙا تکا،

۽ هاٿي به سورهن يا سترهن سُٺا،

”ڇهه سو مرد پيادل ڪي گهوڙيسوار،

سفر ۾ کنيا ساڻ نل نامدار،

”نشڌ ديس پنهنجي ڏي راهي ٿيو،

سَفر لاءِ سورهيه سپاهي ٿيو،

”تِکائي لڳي اُن جي ڌرتي وڍڻ،

اڊنبر فَلڪ کي لڳو شهه ڏيڻ،

”سگهو راڄڌانيءَ ۾ پهتو اَچي،

ٿيس ديس پنهنجي ۾ ڏاڍي خوشي.

”اِنهيءَ ريت نَل وير هردم حَسين،

پدر جنهن جو مشهور هو ويرسين،

”جڏهن راڄڌانيءَ ۾ پنهنجي پڳو،

تڏهن اڳ ۾ پشڪر جي دَر تي ويو،

”چيائين ته ”پشڪر تون تيار ٿي!

خبر ٿي، اَڄ خبردار ٿي!

”وري اَڄ نئين سر جُوا ٿا ڪريون،

منجهيل ڳالهه بلڪل صفا ٿا ڪريون،

”گهڻو مڙس ٿي ڌَن ڪمايو اَٿم،

وري پاڻ کي ڪجهه بنايو اَٿم،

”اُهو ڌن سڄو داءُ ۾ ٿو رکان،

دمنتي به اُن ۾ اُتر ٿو ڏيان،

”وري داءَ ۾ راڄ پنهنجو تون رک،

نه وجهه هاڻي پشڪر ٻيائيءَ ۾ ٻَک،

”سچو ۽ پڪو آهه منهنجو خيال،

نه ڪر ڪوڙ ڄاڻي تون وايون بَتال،

”جوا ۾ وڃي هڪڙو اَڄ پاس ٿي،

وڃي داءَ هڪڙي ۾ ڪم راس ٿي،

”حياتي به ٿا داءَ ۾ پڻ رکون،

جو هارائي اُن جو اُتي دم ڪڍون!

”اُتم ڌرم هرگز نٿو ليکجي،

جو ڪنهن ٻئي جو حق صاف ضايع ڪجي،

”جوا ۾ کٽي وڃجي ڌن، راڄ، مال،

۽ نازل ڪجي اُن جي سر تي وَبال،

”وري موقعو ڪين اُن کي ڏجي،

جوا جي نه بازي اُنهيءَ سان ڪجي،

”اِهو ڌرم تي داغ آهي صفا،

اِهو ظلم هرگز نه آهي رَوا،

”جوا جو نه ٿو جي اِرادو رکين،

نه تڪليف اِيڏي سَهي ٿو سگهين،

”ته رک شرط، هرگز نه تون تنگ ڪر،

هَلي رَٿ ۾ چڙهه ۽ سگهو جنگ ڪر،

”مري ويندين تون، يا ڪندين مون کي ناس،

لهي راڄ ساري جو پوندو هِراس،

”حڪومت ٿي ڪل جو ڪرم ڀوڳڻو،

لکيو پنهنجي قسمت سندو لوڙڻو،

”ڪندا راڄ آيا هتي ايترا،

ڏسين اُڀ ۾ تارا ٿو تون جيترا،

”بهادر نه گيدي ٿو بنجي مري،

حڪومت ٿو هَٿ ڪنهن به حيلي ڪري،

”وڏن جو اِهو خاص فرمان آهه،

حڪومت پٺيان هر ڪو حيران آهه،

”جوا لاءِ پيشڪر تون تيّار ٿي!

اُٿي يُڌ م کڻ ڌنش، هشيار ٿي!

”ٻنهي مان تون هڪ ڪم ڪري ڇڏ بحال،

اَجايون نه ڪر پنهنجون وايون بَتال!“

”جڏهن نل جي واتان هي پشڪر ٻڌو،

تڏهن پنهنجي دل ۾ هي سوچڻ لڳو:

”اَوَس سوڀ مون کي ئي ٿيندي نصيب،

پُڄي ٿو ڪٿي مون کي هيءُ نل غريب!

”اِنهيءَ لاءِ کلندي ڏنو هن جواب،

ته نَل، ڳالهه منهنجي تون ڪن ڪر شتاب!

”جوا لاءِ تو گڏ ڪيو آهه مال،

اِنهيءَ کي ٿو سمجهان سڳورو خيال،

”ٿيو ختم هاڻي دمنتيءَ جو پاپ،

ڪندو ناس ڪنهن کي نه اُن جو سراپ،

”دمنتيءَ سميت آهين زنده اَڃا،

اَجل توکي آهي ڇڏيو هڪ لڱا،

”کُٽيءَ تنهنجي جو آهي هاڻي ظهور،

دمنتي ۽ ڌَن مون ڏي ايندا ضرور،

”ڪندس نيٺ حاصل هيءَ پياري پَري،

اُها ٿيندي منهنجي اِجهو اِستري،

”سڌو سرڳ ۾، ”اَپسرا“ ٿي وڃي،

سلامي ٿي اِندر جي هردم ڀَري،

”ڪندي اِئين دمنتي به منهنجو سلام،

زبان تي سندس هوندو منهنجو ئي نام،

”نه نَل تنهنجون ڳالهيون وساريون ٿي مان،

مگر تنهنجون واٽون نهاريون ٿي مان،

”جي کيڏان ٿو مان دُشمنن سان جُوا،

اَچن ڪين ٿا مون کي اُن ۾ مَزا،

.اِنهيءَ لاءِ اُن ۾ ته هلڻي نه آهه،

دمنتي ڪڏهن مون کي مِلڻي نه آهه،

”مگر آهه اُميد مون کي اِها،

ڪندس هٿ دمنتي، پري پارسا،

”۽ کٽندس اُها مهه لقا، مهه جبين،

۽ جڳ چوندو مون کي سدا آفرين!

”ٿيو منهنجي من ۾ دمنتيءَ جو گهر،

نه اُن کان سوا آهه ٻي ڪا پچر!

”جڏهن اهڙي بڪواس پشڪر ڪئي،

تڏهن نيشڌ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي،

”اُٿيو اُن نڀاڳي سندو سر وَڍڻ،

زماني ۾ اُن کي نه جيئرو ڇڏڻ،

”اکيون پهنجون رت وانگي ڳاڙهيون ڪري،

ويو هوش کان پنهنجي نڪري پري،

”کلي ٿورو، اُن کي چيائين شتاب،

ته ”پشڪر“ اِجهو تو تي آيو عذاب!

”ڪرين ڇو ٿو بڙ بڙ اَجائي اڳي!

ڪرين ڇو ٿو ثابت صفائي اڳي!

”نه جي ساه تنهنجو ڪڍان، ڪئن ڪندين؟

کٽڻ بعد بڙ بڙ ڏسان ڪئن ڪندين؟

ڪيو صبر نَل ۽ ويو نرم ٿي،

جوا جي اَچي خوب چَڪري لڳي،

”ٿيو داءُ هڪڙي سان نل ڪامياب،

۽ پشڪر تي آيو اُمالڪ عذاب،

”وئي اُن جي دولت صفا جيتجي،

۽ نل جي حوالي ٿيس زندگي،

”اِنهيءَ ريت پُشڪر کي جيتي شتاب،

کلي نيشڌ اُن کي چيو بيحجاب:

.اِهو راڄ منهنجو ۽ منهنجو هو ڌن،

ڏسان منهنجا دشمن ڪٿي ٿا رهن

”بڻيو نيچ راجا تون آهين صفا،

ٻڌايان ٿو توکي سڄي ماجرا،

”ڏسي ڪين سگهندين دمنتيءَ کي تون،

نه رسندين ڪڏهن نيڪ بختيءَ کي تون،

”تون ٻارن ٻچن سوڌو آهين غلام،

ٻَڌل منهنجي قبضي ۾ رهندين مُدام،

”اڳي منهنجي جيڪا هئي هار ٿي،

اُنهيءَ ۾ به توکي نه طاقت هئي،

”ڪِليءَ جي هئي سڀ خطا ۽ دغا،

نه تو آهه ڄاتي اِها ماجرا،

”تون نادان آهين ۽ ڄاڻين نه ٿو،

اِها رمز هرگز سڃاڻين نه ٿو،

”مڙهيان ڏوهه ڪئن ٻئي جو توتي ڀلا؟

اِها ٿيندي منهنجي سراسر خطا،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org