سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :19

 

 

(77)

تنهنجي نينهن ۾ ٿي نروار مِٺا،

ڪڏي ديس ڪڏي پرديس ڦِران.

منهنجو جيڻ ٿيو جنجال مِٺا،

هاڻي ناههِ حياتي جو حال مِٺا،

تنهنجي بره ڪيو بيمار مِٺا،

ديس ڪڏي پرديس ڦِران.

تنهنجي رُسڻ جا رڳڙا ياد اٿم،

تنهنجا جوش ۽ جهڳڙا ياد اٿم.

ڀَل ڏي تون سَزا سَووار مٺا!

ڪڏي ديس ڪڏي پرديس ڦران،

ڪهڙو آههِ ڪراچيءَ ۾ ڪال پيو،

مون کي ڏِسڻو اُڏيرو لال پيو،

ڪيو قسمت توکان ڌار مٺا!

ڪڏي ديس ڪَڏي پرديس ڦِران.

منهنجي دل جي آس نه ٽوڙ سڄڻ!

مون کان ڪين ڪڏهن مُنهن موڙ سڄڻ!

تنهنجو عشق ڪندس اظهار مٺا!

ڪڏي ديس ڪڏي پرديس ڦِران.

منهنجو ساه غمن ۾ نه نِڪري وڃي،

توکان تنهنجو ”رشيد“ نه وسري وڃي،

شل جلد ڪريان ديدار مٺا!

ڪڏي ديس ڪڏي پرديس ڦِران.

 

(78)

وَس آههِ تنهنجي مارين جيارين،

آخر حياتي ويندس گذاري.

آهين رُڳو تون محبوب پيارو،

گهُرجي اکين کي تنهنجو نظارو،

هٿ ڪين ڦِيرين، جي پيار وارو،

جَل ٿل جَلايان، آهون اُٿاري.

دلدار تو کان ڇو ڌار آهيان،

بيوس مُسافر بيمار آهيان،

مجبور آهيان لاچار آهيان،

تنهنجو ”رشيد“ اڄ، ڪنهن کي پُڪاري.

 


 

(79)

پياري پُنهون کي، دل ڇو وِساري.

جو دَم حياتي، روئندي گذاري.

منهنجا سُڃا اَڄ، اَيوان آهن،

مِهمان دل جا، اَرمان آهِن،

وِسريا نه تنهنجا اِحسان آهن،

جيئَري رَهان ٿي، تنهنجي سَهاري.

ٻَري باهِ دل ۾ آهون ڪريان ٿي،

دونهان دُکن ٿا دانهون ڪريان ٿي،

ڪُٺو قرب آهي ڪاهون ڪريان ٿي،

ڪيچي وڃن ٿا، ڪَرهل قطاري.

سڏڙا ڪريان ٿي، ساجن ٿي ساڻي،

ٿِيان تنهنجي گولي، ڀَريان تنهنجو پاڻي،

دل ٿي ”رشيد“ اڄ، بيوس نماڻي،

موهيو اکين کي، تنهنجي نظاري.

 

(80)

خالي هوت ڪري ويا، هنڌڙي اديون.

پُڇان ڪنهن کان پُنهل جا، پَنڌڙي اديون.

مٿان رات پئي، اَچي ڏينهن لَٿو،

ڪاهي ڪيچ هليا، جَت پنهنجو جَٿو،

هاڻي ناههِ ڏکن جو، مُنهن ۾ مَٿو،

ساڙي سُور ويا، سَنڌ سَنڌ ڙي اديون.

ڪامل ڪيچ ڌڻيءَ کي، ڪجهه ته چيم،

مَتان مُنهن تي چَڙهي ڪي مِهڻا ڏنم،

پنهنجي ٻاروچن، ههڙا حال ڪيم،

لنگهي ٻاجهه سندي ويا، ٻَنڌڙي اديون.

مَتان مُنهنجو پُنهون اُڃ بُک ۾ ويو،

ڇَڏي سيج سُکن جي ڏک ۾ ويو،

هَڻي تير ڪليجي ۽ ڪُک ۾ ويو،

هاڻي ڪهڙا ڪڍايان ڪنڌڙي اديون.

ريجهي ڪين ”رشيد“ رِهاڻ ڪيءِ،

جُدا پاڻوٽان پنهون پاڻ ڪيءِ،

اهڙو عشق ۽ اهڙا اَنڌڙي اديون.

(81)

ٿڌيءَ هير مَن ڪا مَليران اَچي.

ٺري دل نماڻي، حياتي بچي.

هُجان پنهنجي مارُو جي گولي غلام،

ڀِٽن ۾ ٿِئي منهنجو مَڙهه ۽ مقام،

اِنهيءَ رنگ ۾ روح منهنجو رَچي.

اِهو آههِ مارُن سان منهنجو رَچي.

ڍڪيندس نه لوئي بنا ڪو ڪفن،

سَدا پِرت ۾ منهنجو تَن مَن پچي.

ٿِيو ڇَا جي مُون ڏينهن ڏک جا ڏٺا،

وَسين خوش وطن ۾ تون مارو مٺا،

”رشيد“ آس تنهنجي ۾ نانگو نچي.

(82)

منهنجو ئي آههِ قصور جيڏيون.

مون نه سڄڻ کي ساه ۾ سانڍيو.

اکڙيون اڙايم ويس وڳي ۾،

دل نه پرويم سِڪ جي سڳي ۾،

ننڊ ڏنو ناسور جيڏيون،

مون نه سڄڻ کي ساه ۾ سانڍيو.

دُور وڃي ڇو دوست دِلاور

وِٿ نه هجي ڪا وار بَرابر،

دل جو اِهو دستور جيڏيون،

مُون نه سَڄڻ کي ساه ۾ سانڍيو.

پاڻ ”رشيد“ اَڙاءِ اَجل ۾،

ڪين ڪا هلندي جهنگ جبل ۾،

ڪنهن کي ڪريان مجبور جيڏيون،

مُون نه سڄڻ کي ساه ۾ سانڍيو.

(83)

رهندي نه سُومرين سان ماندي ملير واري.

ڪوٽن ۾ ڪين ٿيندي قربن ڪُٺل قراري.

بيداد کي ڇڏي هل، اِنصاف کي آڏي هَل،

مارُو ملاءِ مُونسان، آهيان فراق ماري.

رَستي ۾ ساه نڪري، ته به کيت ڪين وِسري،

آڏو هجي  اکين جي، سانگين سَندي سُواري.

توڙي مُون غم پِرايا، وڇڙيا مَلير ڄايا،

تنهنجي ”رشيد“ الفت، پَر ڪينڪي وِساري.

(84)

رَنج مِٽائي مينڌرا، موٽي مومل ماڻجي.

مـوٽي مومل ماڻجي، سوڍا سَڱ سُڃاڻجي.

اَچــــــــــــــجي اوتــــــــــــاري، ڪـــــــــاڪ ڪــــــــناري،

مَــــــــت نه مــــــــــــــــاري مـــــــــــــــوٽجي،

چاه جون چاليون، ڳجهڙيون ڳالهيون،

ڄـــــــــــــــــــاڻو بَــــــــــــــــنجي ڄــــــــــــــــــــــــاڻجي.

تنهنجون راتــــــــــــيون، تنهنجون تاتيون،

تــــــــــنهنجون بـــــــــــــاتيون اَڄ ڪِـــــــــــٿي،

دل ۾ دَر ۾، جـــــــــــــان جــــــــــگر ۾،

تـــــــــــــــــــار طـــــــــــــلب جـــــــــــــــي تاڻــــــــــــــــجي.

ڪـــــــــاڪ ڪــــــــنبائي، حُڪم هلائي،

پـــــــــــــــــــاند اَڙائـــــــــــــــي پـــــــــــــــيار جـــــــــــــو،

رمـــــــــــــــز ”رشــــــــــــــيدي“ شــــــــــــــوق شهيدي،

اکـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــڙين آڏو آڻــــــــــــــــــــــجي.

(85)

مونکي بره ڪيو بدنام اَديون.

هاڻي ڪهڙو ڪريان آرام اَديون.

واجب آهي، هوت جي ڳولا،

مَتان عِشق ڏِئي اِلزام اَديون.

هَنج مَنجهان مُون هوت وِڃايو،

مونکي ننڊ ڪيو ناڪام اَديون.

دل ٿي ڄاڻي، دل جون ڳالهيون،

اِهو راز نه آهي عام اَديون.

نينهن نواب ”رشيد“ نرالو،

پُر پيتم عشق جو جام اَديون.

(86)

مومل سام محلن ۾، بره ڪيون ڪي باتيون.

بره ڪيون ڪي باتيون، قرب وهايون ڪاتيون.

راڻل اَڄ تو ڌاران، ڪاڪ ڏِسان ٿي ڪاري،

ڏِينهن ڏکن جا اُڀريا، رَنج ڀريل ٿيون راتيون.

ڪَنول لَتاڙي آيو، ڪاڪ ڪناري ڪُونڌر،

بُلبل ٿي باغن ۾، ڇو نه لَنوان مان لاتيون.

راز ڀريون رمزن جون، ڪنهن سان ڪنديس مان ڳالهيون،

دِلڙين لُٽي ويو دلبر، جانب پاتيون جهاتيون.

ڇو نه ”رشيد“ اُلفت ۾، نينهن نچائي نانگو،

ڪاڪ ڌڻي سي ٿيندا، ڇيهه ڪندا جي ڇاتيون.

(87)

مارُن ماڻهو موڪليو، وُٺڙا مِينهن ملير ۾.

وُٺڙا مِينهن ملير ۾، سانگي آيا سُڌير ۾.

ڪو غم ناهي ازلون آهي، انگ لکيل تقدير ۾،

مارُن ماڻهو موڪليو، وُٺڙا مِينهن ملير ۾.

ٿَر ۾ جو ويندو هڪدم اِيندو، هينئَڙو ٿڌڙيءَ هِير ۾،

مارُن ماڻهو موڪليو، وُٺڙا مِينهن ملير ۾.

نينهن نواب ”رشيد“ نرالو، عالم جنهن جي اُڪير ۾،

مارُن ماڻهو موڪليو، وُٺڙا مِينهن ملير ۾.

(88)

آهيان روز ازل کان، ٻانهي ٻاروچل جي.

پايان خاڪ اکين ۾، جيڪا واٽ پُنهل جي.

ذات بلوچ تي ساه به صدقي، گولي سندن سڏايان،

ڪُٽنب قبيلا مِٽ ۽ مائٽ، گهوري ڇو نه گهمايان،

توڙي ڏير ڏيئي ويا، جهوري جهنگ جبَل جي.

ڇو نه ڇڏيان مان ٽوڙي هاڻي، شهر ڀنڀور جو ناتو،

آههِ جڏهن مُون هوت پُنهون جو بَر ۾ پير سُڃاتو،

مَرنديس مُحب جي آڏو، ڪانهي ڪاڻ اَجل جي.

گُم ٿي مُونکان واٽ وندر جي، بَر ۾ ڦِران ٿي ڀُلجي،

ماسُ مِرن کي ٿيندو حاصل رِڻ ۾ وينديس رُلجي،

ڪاڏي ڪيچ جو والي، ڪاڏي ڪُوڪ ڪُٺل جي.

نينهن نواب سَڏائي، اُن ۾ نام ”رشيد“ نرالو،

ڪيچ ڌڻين جي قرب ۾ ڪڙجي، ڪَڍ تون خوب ڪشالو،

هوندي لوڪ ۾ ڳولا، تنهنجي هاڪ هَڪل جي.

(89)

ڪهڙو ڪجي اَرمان، هيڪل مُونکي هوت ڇڏي ويا.

جن کي ڏِنيون مُون جيءَ ۾ جايون،

مُونسان ڪيون تن ڪين چَڱايون،

جن کي سڏيم مهمان، گوندر ۾ سي رات گڏي ويا.

بَختن منهنجن ڪين ڀَڙايو،

پاڻ مُون پنهنجو هوت وڃايو.

ننڊ ڪيو نادان، بار بلوچ اُٺن تي لَڏي ويا.

آهن اَڄ ڪلهه دُشمن ديسي.

پنهنجا ڪين ٿِيا پَرديسي،

دل کي ڪري ويران، پکڙا پنهنجا بَر ۾ اَڏي ويا.

سَسئي بنجي سُور پرايم،

جان ڪيم قربان، سِڪ مان مونکي سيڻ سڏي ويا.

(90)

تنهنجون واٽون ٿي واجهايان.

ڪنهن کي حال ڏکن جو ٻُڌايان.

تنهنجي بره بَڇي بيماري،

ٿيو خون اکين مان جاري،

اَچي دلبر ڏي دلداري،

پيئي ويڄ طبيب پُڇايان.

پرديس ويو منهنجو پيارو،

ڏنو بخت نه هرگز وارو،

هاڻي ڳوليان ڪنهنجو سهارو،

وڃي ڪنهن سان دل وندرايان.

ڪڍان عشق ۾ ڇو نه ڪَشالو،

ٿِئي نام ”رشيد“ نِرالو،

ڏسان ڪيچ ڌڻين جو اَٽالو،

وِجهي پاند  پُنهون پَرچايان.

 

(91)

ساري ساه ٿو مُنهنجو سَنگهارن کي.

اِنهن ٿاريچن ٿَر وارن کي.

سُهڻو مُلڪ مَلير جو آههِ مِٺو،

نه ڪو ڏوٿين جهڙو مُون ڏِينهن ڏِٺو،

منهنجي باب لِکيو تقدير چِٽو،

مَن ڪا ٻاجهه پَوي ٻَڪرارن کي.

پنهنجو مارُو مِٺو منٺار چوان،

غمخوار چوان دلدار چوان،

سهڻين سينگين جو سِينگار چوان،

ڏِسي حيراني ٿي هزارن کي.

مَن مارُو مِٺو اِمداد ڪري،

اَچي دردمندن جو داد ڪري،

تنهنجو راز ”رشيد“ ٿو ياد ڪري،

ڏسان ٿر جي صاف نظارن کي.

 

(92)

مِٺو مارُن جو، آهي ماڳ اديون.

ڏِسان ڏوٿيئَڙا، کُلي ڀاڳ اديون.

موليٰ مُلڪ منهنجو ته مَلير ڪيو،

قابو ڪوٽن ۾ تقدير ڪيو،

آتو سانگيئڙن جي اُڪير ڪيو،

لڳو ويڙهيچن جو ويراڳ اديون.

ماري مارُن جو مونکي روز مَرم،

تنهنجي سيج تي رکنديس ڪين قدم،

ڪندو قادر مُونتي پنهنجو ڪَرم،

ڏِيندو ڏاتر ڪين ڏهاڳ اَديون.

خوش کيت جي خاص خيال ڪيو،

مونکي رمز ”رشيد“ نهال ڪيو،

سِڪ مارن جي مَن لال ڪيو،

ٻَن ميندي، پان مُساڳ اديون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org