سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:ڪلام فقير نواب

ولي محمد خان لغاري

صفحو :9

ڏسڻ ۾ معزز ۽ باوقار، عمر رسيده، عزتمند، ۽ اميري شان وارو، جنهن سان گڏ سندس شخصيت ۾ بلڪل فطري بلندي ۽ رحمدلي سمايل آهي. (1)

امير، خود کيس ’سنڌ جو وزيراعطم‘ تسليم ڪن ٿا، ۽ عزت ۽ عظمت ۾ خاص ٽالپور اميرن کان پوءِ ٻئي نمبر ليکين ٿا. اميرن جي نظام حڪومت ۾ سندس ذات هڪ خصوصي حيثيت رکي ٿي. هو پاڻ لغاري قبيلن جو اڳواڻ آهي، جن جي همت ۽ حمايت سان ٽالپور اميرن سنڌ فتح ڪئي. ازانسواءِ ذاتي طور هو اميرن جو نهايت وفادار ۽ لائق آفيسر ٿي رهيو آهي. نه فقط اميرن جو منجهس ڪُلي اعتبار آهي، مگر عجب اهو ته ان سان گڏ عوام کي به سندس واسطي عزت ۽ احترام آهي. هو داخلا معاملن ۾ اميرن جو. خاص مشير آهي...... (1)

ولي محمد خان هن وقت يقيني طور ستر (حقيقت ۾ اٺهتر) ورهين جو هوندو، ۽ خدشو اهو اهي ته سندس وفات نه فقط اميرن کي سندن لائق ترين خادم کان محروم ڪندي، مگر سنڌ جي عوام کي پڻ سندن مخلص ترين محافظ کان جدا ڪندي. نواب صاحب فارسي جو اعليٰ شاعر آهي، ۽ ان سان گڏ طب تي گهڻو ڪجهه لکيو اٿس، جنهنڪري کيس ”سنڌ جو حڪيم“ تسليم ڪيو وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ سندس هڪ ننڍو رسالو ”معالج الامراض“ قابل ذڪر آهي، ج و هن مير مراد علي خان جي نالي سان تاليف ڪيو آهي (2)

نواب ولي محمد خان جي صحت تمام سٺي هئي، انهيءَ ڪري باوجود پيريءَ جي هو جسماني توڙي ذهني طور جوان هو. 1243هه/1827هه ۾ سندس عمر اٺهتر ورهيه هئي،مگر ڊاڪٽر جيمس برنس کيس ستر ورهين جو سمجهيو. ٻئي سال جمادي الثاني 1244هه/1828ع ۾ مير ڪرم علي خان وفات ڪئي ۽ کانئس پوءِ وڏو مکيه امير مير مراد علي خان ٿيو، جنهن جو نواب ولي محمد خان سان ساڳيو قرب، قائم رهيو. باوجود وڏي عمر جي نواب صاحب ’وزيراعظم‘ جي حيثيت ۾ حيدراباد ۾ صلاح مشوري جا فرائض به انجام ڏيندو رهيو ته لاڙڪاڻي-دادو پرڳڻي جي انتظام کي به سنڀاليندو رهيو.

        وفات:  مير ڪرم علي خان جي وفات کان ٽي سال کن پوءِ نواب صاحب لاڙڪاڻي ۾ هو، جو اتي ذي قعده 1247هه/1832ع ۾ وفات ڪيائين، ۽ في الحال سندس نعش کي پڻ امانت طور اتي ئي سندس باغ ۾ دفنايو ويو، ۽ مٿان ’تجر‘ ٺهرائي وئي. اهو باغ پوءِ ’تجر باغ‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. لاڙڪاڻي ۾ سندس نالي سان ڪوٽ، کوهه، باغ، عدالتگاهه، لشڪر گاهه ۽ ٻيون جايون زمينون انگريزن جي اوائلي دؤر تائين موجود ۽ محفوظ هيون. سندس عارضي خوابگاهه ۽ متصل ايراضي ٽي سؤ کن ايڪڙ هئي، جنهن ۾ هن وقت سيئو بازار، ڍڪ بازار ۽ لوهار بازار شامل آهن. نواب صاحب جو کوهه، ڪوٽ، مير باغ ۽ ميرن جو ديرو سنه 1930ع تائين موجود هئا. افسوس جو نواب صاحب جي آثارن کي تاريخي يادگار طور محفوظ نه ڪيو ويو ۽ ڪن هلنديءَ وارن هندن آسپاس واري زمين تي قبضو ڪري، اهي آثار ختم ڪري ڇڏيا (1)

        سندس فرزند نواب احمد خان پوءِ پنهنجي نوابي واري دؤر ۾، سندس نعش لاڙڪاڻي مان کڻائي مير صاحبن جي رضا موجب اچي حيدرآباد ۾ دفنايو ۽ مٿان قبو ٺهرايو. اهو قبو ميان سرفراز جي قبي کان ڪجهه فاصلي تي اتر طرف موجود آهي، جنهن جي چوڌاري اڳ ڪافي زمين وقف هئي. اندر هڪ قبر نواب صاحب جي آهي، جنهن تي پيراندي کان هيٺيان الفاظ ڪَند ٿيل آهن:

وفات يافت نواب مرحوم

ولي محمد خان لغاري

تاريخ ماه ذي قعده روز شنبہ 1247هه

 

        ڪنهن وقت هن مقبره جي چوڌاري پررونق باغيچو هو ۽ زمين وقف بر اولاد هئي. پر وچ ۾ ڪجهه وقت سنڌ جي هن اعليٰ شخصيت ۽ محب وطن جو مقبره خسته حالي ۾ هو. جنهن جي مرامت سندس اولاد نئين سر ڪرائي آهي.

        فارسي زبان جو شاعر: نواب ولي محمد خان فارسي زبان جو قادر الڪلام شاعر هو. سندس تخلص ’ولي‘ هو. سندس چيل شعر جي ذخيري مان هڪ ديوان، ٻه ساقي ناما ۽ هڪ ’هيِرنامو‘ موجود آهن، جن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته نواب صاحب کي فارسي زبان ۽ ان جي اصطلاحن تي عبور هو. اهل زبان وانگر شعر چيو اٿس. سندس ڪلام عروض جي غلطين کان آجو آهي (1)

        (الف) ديوان ولي : ديوان ولي ۾ ڪم از ڪم 243 نظم شامل آهن، جن مان اڪثر غزل اآهن ۽ هڪ ٻه منقبتون ۽ ترجيح بند آهن. ديوان ’ولي‘ سنه 1222هه (1807ع) ۾ مرتب ٿيو:

مصرع تاريخ ’ديوان ولي

گفت هاتف ”جا بجا بادا چراغ

ان وقت نواب ولي محمد خان جي عمر 57 سال کن هئي. ڀانئجي ٿو ته نواب صاحب جي جواني وارو وقت عملي زندگي جي آزمائش ۾ صرف ٿيو ۽ شعر دير سان چيائين. ديوان جي شروعات هن غزل سان ٿئي ٿي:

الـٰهي جوهر آرا ساز شمشير زبانم را

چو خورشيد درخشان کن در نظم بيانم را

ديوان جو آخري غزل هيءُ آهي:

اي نازنين دلربا راحت روان کيستي

بردي زمن آرام را آرام جان کيستي

ولي“ پنهنجا ڪافي غزل ”حافظ“ جي رديف ۽ ڪافين ۾ چيا آهن. مجموعي طور سان سندس ڪلام تي روايتي رنگ غالب آهي، مگر ان هوندي به ديوان ۾ جا بجا چيدا اشعار ملن ٿا:

تار ستار نيست کہ بازش کني درست
اين تار دوستي ست کہ بسيار ناز کست
.
                        —

ساقي شکن اياغ بلورين کہ سنگ سخت
گل رافگن بہ گل کہ لب يار ناز کست
.
                        —

خاک گشتيم بکوي تو سرفراز شديم
خاک درديده کہ اوخاک کف پاي تونيست
.
                        —

سامان اگر چہ در سفرِ عشق مشکل است
مارا غم تو شام و سحر زادراه شد
.
                        —

آهوئ چشم ترا صيدِ نظر خواهم کرد
دامءِ تسخير ترا آهِ سحر خواهم کرد
.
                        —

عقد پروين بسر چرخ چوتابان ديدم
رشتہء گوهر داندانءِ تو يادم آمد
دوش صياد بيفگند غزالي بخدنگ
ناوک غمزہء مزگان تو يادم آمد
.

        مخدوم ابراهيم خليل ٺٽوي پنهنجي تذڪره تڪملة مقالات الشعراء“ ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي (1)۽ کيس ”امارت پائگاه هشمت دستگاه، امير ڪبير سرڪار تالپران، وزير رفيع دولت آشيان، ڪامگار مدار آفتاب امارت، ماهتاب وزارت، صاحب شوڪت و شان“ جي خطابن سان ياد ڪيو آهي. سندس تصنيف مان فارسي ديوان ۽ ”خرد نامہ“ جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ پڻ سندس فارسي اشعار جو انتخاب ڏنو آهي، جن مان هڪ هي غزل آهي:

آهوئ چشم ترا شير زيان مي دانند

                        نوک مزگان ترا، تير کمان مي دانند
از خمار مئي چشمِ
تو همہ باده کشان

                        ساغر چشم ترا، پير مغان مي دانن
نخل بندانِ رياضِ تو چو
قمري بچمن

                        قد رعناي ترا، سروِ چمنان مي دانند
موشگافان
خرد پيشہء پرکار تميز

                        کمرِ چستِ ترا، موئ ميان مي دانن
آهوان ختن و طره کشايانِ خطا

                        زلفِ مخکين ترا، دام جهان مي دانند
من چرا از نظر شوخءِ تو شوري فگنم

 

 

نرگس مست ترا، باده کشان مي دانند
طوطيء پستہ دهانِ تو
خوشي دارد

                        غمزه و ناز تگرا، نطق زبان مي دانند
خوبرويانِ خطا و ختن و چين و چگل

                        لب يا قوت ترا، قوت روان مي دانند
        رازِ طبع تو، نهان چند بماندز ”ولي

        زانکہ فکرِ تو خودمند عيان مي دانن.

        (ب) ساقي ناما: ديوان جي هڪ آڳاٽي ۽ معتبر نسخي جي پويان ’ولي‘ جا ٻه مختصر ’ساقي ناما‘ ضم ڪيل آهن. پهريون ديوان جي آخري غزل بعد هن طرح شروع ٿئي ٿو:

   ”مغني بيا چنگ را سازن

                چو بلبل زبان را خوش آواز کن.“

هن ۾ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي مختصر مدح بعد، مير غلام علي خان جي تعريف ۾ مدحيه اشعار تفصيل سان چيل آهن:

گرفتي زرگدن کشان باج را
ببردي ز عباسيان تاج را
ز چنگ تو ترسنده شيرّ زيان
ز رزم تو لرزنده پيل دمان
همائ فلڪ صيد دامِ تو شد
نگين سلاطين بنام تو شد
ترا نام کردند افلاکيان
غلام علي بادشاهه جهان —الخ
.

هن ”ساقي نامہ جي آخر ۾ ”ديوان جي تاريخ“ جو قطعو ڏنل آهي:

 


(1) (ڊاڪٽر جيمس برنس: ’سنڌ جي دربار ڏسڻ جو بيان‘ اينڊنبرو، 1831ع، صه 42.

(1) ايضاً، ص ص 106-107

(2) ايضاً، ص ص 107-801

(1) نواب صاحب جي اولاد مان نواب خداداد خان مرحوم پهريون ۽ واحد شخص هو، جنهن 1929ع ۾ انهن آثارن جي حفاظت لاءِ تحرڪ هلايو. سندس ڪتابن ۾، نواب صاحب جي اولاد جي نالي سندس هڪ گذارش ’اشتهار‘ جي صورت ۾ اسان جي نظر مان گذري. اهو اشتهار 12 آگسٽ 1929ع جو لکيل اهي، جو پوءِ اخبار عالمگير مؤرخ 17 آگسٽ 1929ع ۾ ڇپيو. ان ۾ ڄاڻايل آهي ته نواب صاحب جي آثارن واري ايراضي تي واڻين چؤڌاري قبضو ڪيو، ۽ (غالباً نواب خداداد خان جي تحرڪ تي) آخر ڪليڪٽر حامد علي 17 آگسٽ 1929ع تي گلاب سنگهه کي منع نامو ڏنو ته ’لوهر بازار‘ جي آمهون سامهون نواب مرحوم جي ڪنهن آثار واري جاءِ کي نه ڊهرائي. 10 آڪٽوبر 1929ع تي نواب خداداد خان انهن آثارن جي حفاظت ۽ مرمت پنهنجي طرفان ڪرائي، جنهن تي پنج سؤ روپيا خرچ ٿيا.

(1) غور سان مطالعو ڪندي انهيءَ نتيجي تي پهچجي ٿو، باقي ڪتابت جون ڪوتاهيون ڪاتبن جي ذمي آهن.

(1) مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، ص ص 622-224، نمبر (78-ولي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org