سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:ڪلام فقير نواب

ولي محمد خان لغاري

 صفحو :24

 

مرثيه نمبر 1- فقير نواب ولي محمد لغاري

(1)

ڏسي آل جي تون حالت ڪر داد يا رسول،

ٿي ڪربلا قيامت ڪر داد يا رسول،

ڪوفين ڇڏي رسالت ڪر داد يا رسول،

ظاهر ٿي جهالت ڪر داد يارسول.

(2)

جن ظلم جي سبب ڪري دعوا ڇڏي وطن

هجرت قبول ڪيائون ڏئي ديس دشمنن،

هاڻي ڏي مدد تن کي سرور سندي امن،

ٿئي دفع هي هلاڪت ڪر داد يا رسول.

 

(3)

ڪوفي ڪُتا ڦِري ويا دنيا تي ڏيئي دين،

وڃي لعنتي يزيد سان شامل ٿيا باليقين،

موهيا دنيا جي لالچ ٿيا سرخرو آمين،

تن تي وِجهه ڪا شامت ڪر داد يارسول.

 

(4)

هن ڪربلا جي حال جي ٻڌ مير ماجرا،

ڪوفين لکي گهرايا دل جي رکي دغا،

لاخوف ٿيا سڀيئي ملعون بي حيا،

اصلئون هُين عداوت ڪر داد يا رسول.

 

(5)

آيو امام مسلم جڏهين ڪوفين جي پيش،

ٿيا ڪين ڪي پليد تهين جا نياز ڪيش،

ڪوٺي ڪٺائون تنهن کي موجب رضا قريش،

وسري وِين قيامت ڪر داد يارسول.

 

(6)

جڏهن هُئي سندن ڏاڏي علي جي حڪومتا،

تڏهن ڪوفي شامي هوا سڀ تابع مير جا،

سفيان جي بنياد جي نِيَت نه هئي صفا،

هاڻي ٿي پين شڪايت ڪر داد يارسول.

 

(7)

هو اصل هاشمين سان بَني اَمين جو وير،

رکندا ها دل ۾ دائم حاسد اهوئي غير،

حق جي طرف مدد هُئي شامل بَه علي شير،

اِنَّا فَتَحنا آيت ڪر داد يارسول.

 

(8)

سڀئي امام زادا معصوم تو سندا،

جن جي صفت قرآن ۾ ياسين هـــل اُتيٰ،

تن رهي رضا تي راضي سر تي سٺي جفا،

مانجهي رسيا شهادت ڪر داد يارسول.

 

(9)

ٻاهتر ڄڻا امام سان هئا امتي سچا،

سرها ٿي سر ڏئي ويا محشر جو ٿين بچا،

پوندي تنين جي خون جي سر ڪوفين هچا،

ڪندو حق سندي عدالت ڪر داد يا رسول.

 

(10)

آل عِيا جو قافلو قسمت ٿو ڪاهجي،

حرمن سميت شام طرف ٿو سنباهجي،

هي بار قيدين تؤن ڪنهن طور لاهجي،

شامين جي ڏس شرارت ڪر داد يا رسول.

 

(11)

دنيا جو جَيفَةً آهي القاب ڪو خدا،

طالب جي تنهن دنيا جا سي ڪين ڪندا وفا،

ٿيندن عذاب نازل يوم القيامتا،

ويا سڀ ڇڏي رفاقت ڪر داد يا رسول.

 

(12)

ويرين حسين جو ڌڙ جڏهن سِر کئون ڪيو جدا،

تڏهن عام ٿي قيامت منجهه آرض في السماء،

ماتام مومنن تي ٿيو فرض سنتا،

جنهن جو روئڻ عبادت ڪر داد يا رسول

 

(13)

اين زياد ڪوفي جي لشڪر کي ڪيو تيار،

بني هاشمين جو طرف ڇڏي ٿيا يزيد پار،

ويو وقت تِن قضا ٿي ٿيا مفت سڀ خوار،

ٻڌي ساري هي حڪايت ڪر داد يارسول.

 

(14)

ٿيو نيزي سر سوار شہ ساتر الغيوب،

سو ماهتاب سڀني ستارن سان ٿيو غروب،

حق جي رضا قضا تي صابر ٿيو في القلوب،

جنهن ڪانه ڪئي ڪرامت ڪر داد يارسول.

 

(15)

آهي معاويه جي پٽ کي دنيا سندو غرور،

هن هاشمين جي طرف جو هر ڪونه ڪو قصور،

بي ڏوهه جيڪي ماريا سي داخل ٿيا حضور،

حاصل ٿين هدايت ڪر داد يارسول.

 

(16)

هن امتحان جو جڏهن حق فيصلو ڪندو،

روز جزا ۾ ٿيندو ڪوڙن سچن سندو

ڪُل ئي طرف يزيد جو اُتي هوندو شرمندو،

حاصل ٿين ذلالت ڪر داد يارسول.

 

(17)

تون ٿي وسيلو سرور هن حال ۾ اچي،

اولاد تي علي جي آهي مَچ پيو مَچي،

ڪيڏي ڪري حسين سان ويا لعني ڪچي،

حامي تون ٿي حمايت ڪر داد يا رسول.

 

(18)

عمر ابن سعد سگ کي مرجات ڪانه پئي،

وٺي زور يزيد کان ان دنيا ٿي گڏ ڪئي،

بيدين کي چڱائي توڙي چُڪا سڀ چئي،

مڙيو ڪين هو نهايت ڪر داد يا رسول.

 

(19)

ماتم هي ڪربلا جو جيڪي نٿا رکن،

ٿي طرف آمين جي بي شريعتي چون،

افسوس تن جي حال ٿا شبهات ۾ پون،

دائمؤن وِيَن امانت ڪر داد يا رسول.

 

(20)

هاڻي سڻ سوال منهنجو تون ڪربلا جا مير،

ڪر فوج ۾ تون داخل نالو سندم فقير،

هن دور بي بقا ۾ ثابت رهي مون سير،

جيئري ڏي ڪا بشارت ڪر داد يارسول.

 

(21)

آهي ولي محمّد تو در سندو غلام،

اولاد سان امن ۾ رکج تنهن کي يا امام،

ڏي حب پنهنجي تنهن کي يا سيدَا مَدام

يا شافعِ شفاعت ڪر داد يارسول.

 

 

 

 

 

 

مرثيه در شان شهدائي ڪربلا

فقير نواب ولي محمد خان لغاري صوفي

(1)

ٿيو ڪربلا جو ماتم ساري جهان ۾،

جن و بشر تي لازم هر خاص عام ۾،

حورن ڪيا ويس ڪارا جنت مڪان ۾،

مَلڪن حشر مچايو ٻُڌي هن بيان ۾.

جيڪي ڪندا هي ماتم حسنين جو متدام،
                تن جي صفت ۾ آهي صد آفرين تمام.

 

(2)

حق ڪئي خراب ظاهر باطون ۾ فريق،

جا وئي ڇڏي امام جي بعيت سندي طريق،

دولت ڏسي يزيد جي لعنت ۾ ٿيا رفيق،

تن تي خدا رسول نه ٿيندو ڪڏهن شفيق.

هَئي هاءِ ان فريق جو ڪهڙو ڪجي بيان،
                قوم الاعدا قرآن ۾ آهي سندن نيشان.

 

(3)

ساري امت کي عام نصيحت ڪئي رسول،

هن منهنجي اهلبيت جي بعيت ڪجؤ قبول،

آل عبا اسان کان پوءِ ڪن نه دل ملول،

اهل عَرب اصل کؤن آهي قوم بوالفضول.

اِلاالمُودَةء القربا ٿو چوي خدا،
                محبت رکو تنهين سان هرگز نه ٿيو جدا.

 

(4)

قطران هو ملائڪ مَلڪن ۾ نامور،

تنهن ڪئـي خبر رسول سان اچي گهر ۾ سربسر،

چيائين امت اوهان جي ڪندي ڏاڍا شور شر،

ٿيندا قتل امام سڀئي تِن جي بدنظر.

ڏاڍا عذاب ڏيئي ظالم ظلم ڪندا،
                اهل سَتُر کي قيد ڪري شام ڏي نيندا.

 

(5)

ٿيندو اَمُر هي پورو ڪنهن طور باقضا،

آهي زمين ڪوفي کي نزديڪ ڪربلا،

آڻيان ٿو خاڪ ان جي نشاني اوهان جي لاءِ،

سا شيشي ۾ وجهي رکبو قابو ڪري اُها.

جڏهن ٿيندي خاڪ خون ڦري جنهن ايام ۾،
                جڏهن سمجهيو ته آئي شهادت انجام ۾.

 

(6)

تڏهن ويو مَلڪ کڻي آيو سا خاڪ ڪربلا،

آڻي ڏنائين حضرت کي چَيئين اِئين مُها،

دنيا تي دين ڏيئي ڪوفي ڪندا دَغا،

روز جزا ۾ ڏيندي اُن جي خدا سَزا.

لالچ ۽ لوط موهيا ڏس اُمتين جا پار،
                ڪارڻ طمع دنيا جي ٿيا اُمِيَّن جا يار.

 

(7)

گذريا ايام دؤر جا خواهش ظهور ڪيو،

سو سڀ ڪيائين ظاهر منجهه لوح هو لکيو،

حضرت حسين سان ٿيو تحرڪ يزيد جو،

ملعون بي حيا کي اُت شرم ڪونه پيو.

ڪيڏو فساد ڪيو اُن اِبليس بي وفا،
                بي ڏوهه بي قصور ڪُٺئين آلِ مصطفيٰ.

 

(8)

آيا امام سنڀري منجهه دشت ڪربلا،

راضي رهيا رضا تي صابر مڃي قضا،

سر تي سٺائون سڀڪا داخل ٿيا منجهه بقا،

معراج معنوي ۾ شهيدن جي جاءِ ٿي،
                سفيان جي بنياد کي هُئي هي گلا لکي.

 

(9)

جيڪي ڦري امام کان دنيا طلب ٿيا،

سي اُمتي نه چئبا جي سڀ ڌڻي ڌِڪيا،

دعوا ڇڏي بهشت جي دوزخ طرف هليا،

ڏيئي دِين زر وٺي ڪري هر دوجهان رُليا.

توڙي چون ته آهيون اسين دل ۾ باخبر،
                هرگز اُنهن کي ڪين ڪندو معاف حق ڏمر.

 

(10)

آهي اسان کي دل ۾ ايها ڳالهه منجهه نظّر،

ويندا اسان جا قيد ٿي سڀ شام ڏي سَتُر،

ٿيندو انهن جو حال نڄاڻان به ڪنهن قدر.

پر سڀ ڪنهين امور ۾ آهي اسان صبر.

جيڪا بڻي سا واه اسان سِر تي سڀ سَٺي،
                سا سڀ قبول آهي جا عرشئون اچي لٿي.

 

 

 

(11)

جڏهين ڪربلا زمين تي نيزي ٿيو آفتاب،

تڏهن طرف هاشمين جي شهادت لڌو خطاب،

هڪ ٿي قيام قائم ٻيو العطش عذاب،

اِبن زياد ڪوفي جي لشڪر کي ڪيو شتاب.

افسوس تن جي حال تي جي ٿي پيا جَهُول،
                اسلام کان ڦِري وڃي دنيا ڪيئون قبول.

 

(12)

هي ٿيو شهيد سڀني شهيدن جو بادشاهه،

سڀ اقربا قريب سندس ماريا بي گناهه،

ڪيا سِر فدا امام اڳيئون سُرخرو سپاه،

غازي لنگهائي وارا ڪنهن ويا وڏي نگاه.

سي سڀ گذر مڪان مؤن سرهو ڪري ويا دين.
                تن جو لقب دنيا ۾ قائم ٿيو باليقين.

 

(13)

فردوس بيبي جنت خاتون ڪيو حشر،

حورون سڀئي گڏ ٿي اچي ويٺيون منجهه پٿر،

جبرئيل با ملائڪ کي پئي اها خبر،

هئي هئي حسين ڪيو ٿي رُنائون باچشم تر.

 

(14)

اهل العلوم پنهنجي ڪتابن ۾ ٿا چون،

لعنت يزيد تي هو ڪنهن پر نٿا وجهن،

اعمال باالخواتم تي ٿا نظر رکن،

ظالم جي ظلم حال تي منصف نٿا ٿين.

جي اهڙا ڪم ڪيا سي تحقيق ٿيا خراب،
                في النار في السقر ۾ ڏيندن خدا عذاب.

 

(15)

بعضي چون ٿا اهل علم آهي ڇا مجال،

توبهه جي وقت ايندو ڪين هو مَٽي خيال،

جنهين جي اندر ۾ ايڏا خلل ٿيا نصيب حال،

ان کي ڪڏهن نه عفو ڪندو ظلم ذوالجلال.

ظالم ۽ ڪاذبن جي صفت ۾ نظر ڪجي،
                قرآن ۾ صفا ڏس لعنت ٿو حق وجهي.

 

(16)

جي بغض ۽ حسد ٿا رکن طرف پنجتن،

هي حال ڪربلا جو ڏسي ڪين ٿا مڙن،

جيڪي خدا قرآن ۾ فرمايو ٿا ڏسن،

سو سڀ ٻڌي ڪنن سان ان تي عمل نه ڪن.

هڪ ڏينهن آخرت ۾ ويندا گهڻون سڙي،
                ام يحسدون الناس جي آيت کي اُت پڙهي.

 

(17)

وهندو خدا عدالت تي جڏهن ڏينهن قيام،

اينديون جماعتون سڀ پنهنجي پٺي امام،

جي طرف ٿيا يزيد جا هوندا يزيد سام،

آيت ۾ يوم ندعو آهي ايهو انجام.

ٿيندي اتي ظهور بني هاشمين جي فوج،
                تن جي محابي ساڻ ڪندي اُت وڏا ڪي اوج.

 

(18)

جن کي علي جي حب آهي قلب ۾ صفا،

تن کي هميشه ماتم آهي عبادتا،

حامي حسين ٿيندن يوم القيامتا،

آهي اميد سڀ ڪنهن مومن کي دل اها.

لاريب فيہ ياد رکو باليقين ڪلام،
                فَليَضحَڪُو قَليل يَبڪُو ڪريو مدام.

 

(19)

جيڪي ڪري هي ماتم روئندا جي دل اندر،

تن کي خدا روئڻ جا ڏيندو وڏا اجر،

وٺندا مدام جام طهورا سندو اثر،

ٿيندن لقا حقيقي في اليل شب قدر.

دنيا جي لوڀ موهيا سي ٿيا خراب حال،
                تون ڪُل مَن عليها فاني ۾ رک خيال.

 

(20)

ايڏا نصيب تن جا داخل جي ٿيا جَنان،

جن پنجتن جي پاسي راضي ٿي سِر ڏنا،

چوندا مدام حرف اوهي ياد بر زبان،

هوندي اُنهن جي نيڪي هِن دؤر ۾ اڃان.

هي دين جا ڌڻي ڪنهن دستور ويا ڇڏي،
                مانجهي هئا مسافر دنيا مؤن ويا لڏي.

 

(21)

جيڪي هجي ها هن دم ختم النبي ولي،

هن حال کي ڏسي ها جي مرتضيٰ علي،

اهڙي يتيم حال ۾ شامل هجن ڀلي،

ڪن ها وڏا ڪي ماتم هوند ڪربلا هلي.

تقدير ائين لکي هئي ناهي ڪنهين جو وس،
                تدبير کي نه طاقت جا ڏئي اچي ڪو ڏس.

 

(22)

ناهي جنهين کي دل ۾ ايهو خوف ۽ خطر،

ويندا دنيا جي دور مان سڀئي ڪري گذر،

نيڪن کي ملندي نيڪي بڇڙن جي لاءِ ضرر،

جيڪي ڦريا امام کان پوندي تنين خبر.

محشر ۾ ڪهڙو منهن کڻي ويندا رسول ڏي،
                جن کي ننگ پيو هُت پاسي بتول جي.

 

(23)

جي ٿا چون يزيد جي طرفان رکي دغا،

ماتم هي ڪربلا جو شريعت ۾ ناروا،

جوڙي لکن ٿا پنهنجي ڪتابن ۾ فقہ سا،

انصاف جي ڪجي ته آهي سڀ هدايتا.

موجب حديث هن جي پيا سڀ خيال خام،
                جي وقع في الشبهات ۾ پيا وقع في الحرام.

 

(24)

نيزي سوار ٿيو جڏهن سِر سرور حسين،

اَرض و سما ۾ وائي ٿي واءِ يا حسين،

سڀني ٿي زار زار رنو سِر ڏسي حسين،

سر تي وسائي خاڪ ٿيا روبرو حسين.

ڪَيُن ڌڙ کان سِر جدا ٿو وڃي حال هيڪلي،
                ڌڙ ٿو نهاري سِر کي يارب ڪڏهن ملي.

 

(25)

جڏهن سِر وٺي مبارڪ راهب اچي رسيو،

آهي جهان تي سڀ معلوم هي قصو،

جنهن پنهنجا پٽ فدا ڪري آندائين ساڳي سُو،

سر ڌڙ کي الفراق مان روئي اچي گڏيو.

هئي آفرين تنهن راهب کي جنهن سڃاتو پار،
                افسوس تنهن امت جا جي ٿيا ڦري خوار.

 

(26)

شب و روز جن کي ماتم آهي امام جو،

سي دور کي ٿا ڄاڻن يوم القيام جو،

هر گز نه خوشي دل تي ڪندا صبح شام جو،

لا تفرحو جي آيت ڏسندا ڪلام جو.

حق ٿو ڪري عدالت سڀني جي باب ۾،
                ڪوڙن سچن جي پوندي خبر پوءِ حساب ۾.

 

(27)

ڏس صابرن ٿي شاڪر ڪيڏو سٺو ستم،

ظالم جي امتحان به ڪنهن پر نه ڪيو رحم،

حق تي نظر نه ڪئي ان ملعون بي شرم،

پنهنجي حسب نسب تي هليو کڻي قدم.

صادق جي ڏيئي ويا سِر ان جي نشان ۾،
                قرآن ۾ لقب ڏس شهداء جي شان ۾.

 

(28)

هن مرثيه کي حضرت حسنين ڪيو قبول،

ان جي محابي ساڻ پسند ڪيو خدا رسول،

پڙهندا جي درد ساڻ نه ٿيندا ڪڏهين ملول،

حامي ڪندا حمايت ٿيندا سڀئي وصول.

تن کي ڪندو حسين شهيدن جي فوج ۾،
                وحدت سندي درياه محبت جي موج ۾.

 

(29)

دائم درود پڙهه تون صلواة ۽ ثنا،

منجهه حُب اهلبيت جي دل کي رکي صفا،

صابر ٿي دم گذارج دنيا اٿئي فنا،

ڪج قلب پنهنجو قائم ذاتي ذڪر منجها،

فرقان ۾ خدا ٿو تاڪيد جي ذري،
                ڏس فذڪروني اذڪر ڪم ٿو حڪم ڪري.

 

(30)

هادي تون ڪر هدايت سڀڪنهن اُمور ۾،

آهيون دُنيا جي حرص ۽ فسق و فجور ۾،

تنهن جو لقاء نصيب ٿئي ظاهر ظهور ۾،

واقف تون ڪر اسان کي ڪشف القبور ۾.

يا رب گهران ٿو تو کان بخشيش جي نظر،
                لا تقنطو جي آيت آهي اسان ثمر.

 

(31)

آخر ’ولي‘ محمد شافع شفا ڪندو،

ڪيو تنهن جي حاسدن کي حسنين شرمندو،

هرگز نه رک اندر دل دنيا سندو ڌنڌو،

تون صبر ۾ گذارج ڪنهن تي نه ڪج خندو،

تنهن جو وسيلو آهي شاه نجف جو شاهه،
                هن مرثيه جي برڪت تو پنجتن پناهه.

 

 

 

 

ضميمو

 

[ ڪتاب ڇپجڻ بعد ڪن قلمي ذخيرن مان هيٺيان

وڌيڪ ڪلام مليا آهن جي ضميمي طور ڏجن ٿا].

 

ڪافي روپ تلنگ

عشق سارو ڳجهه آهي آهي،

ميان معنيٰ ۾ تنهن کي ڏس تون سمجهي

جنهن جو مثل هت ناهي ڪوئي، تڏهن تون ڄاڻ ته صورت سوئي،

خيال دوئي جا ڇڏ لاهي لاهي

ملڪ سار تي آهي غالب، ڪٿي مطلوب ڪٿي طالب،

ڪير تنهن سان سينو ساهي ساهي

احديت جا حڪم هلائي، حسن ساڻ ٿو پاڻ ملائي،

طرحين ٺاهه ٿو ٺاهي ٺاهي

”ولي محمد“ ٿي حسن جو شائق، سانگو سر جو لاهي ٿي عاشق،

جاءِ عقل جي ناهي ناهي.

 

ڪافي روپ سسئي

آءٌ ڏاڍيون ڏينديس جهٽيون، ڪارڻ هوت پنهون جي.

ووڙينديس  ڀنڀور جون، طرحين طرحين گهٽيون
هينئن نه ڀانيم جيڏيون، محب ويندا مون مٽيون
سڪ سچي  سان جيڏيون، ڏورينديس حب پٽيون
ڏيندم هوت هٿن سان، هيڪر محبت وٽيون
”ولي محمد“ سک ڪِين ڪنديون، آهن فراق جي ڦٽيون.

ڪافي روپ ڪوهياري

مڙهي ۾ مذڪور، ويٺا ڪن هلڻ جو.

ڏيهه چتايائون اڳيون، جو ڏسڻ کؤن آهي ڏور
سک نه ستا ڪڏهين، سامي ڪنهن ضرور
عيش دنيا جي دؤر جا، سڀ ڀانيائون سور
هرگز وهندا ڪينڪي، جي محبت ڪيا مخمور
”ولي محمد“ جي حب جا، پيا سناسين پور

 

ڪافي روپ ڌناسري

تون اکينديئين ڪٿان ڪٿان!

ميڏا رانجهن آيا وچ نگر دي.

ليل نهار وصال دي ڪيتي،   پئي ڪيتُم ٻيٺي رِٿان رِٿان
جنهن رانجهن دي ڳولي آهس،   سو اندا رب اِٿان اِٿان
حق ڪنون شال نال نيت دي،   رهزن لهسن جُٺان جُٺان
”ولي محمد“ سچي مول نه رهسن،   ڪوڙي ڪريسن ڪٿان ڪٿان

 

 

ڪافي روپ جهنگلو

آ اسان وٽ تون هين يار،

لنو لنو ۾ لڳي آهي تار

راتو ڏينهان روح اندر ۾، آهي تنهنجي محب پچار
سڪ تنهنجي ڪل وساريا،  هوڻ جا ايهي سڀ جنسار
اصل هُوَڙيس خواب ۾ غافل،  عشق تنهنجي آءٌ ڪِي بيدار
”ولي محمد“ هاڻي طلب انهيءَ ۾،   ووڙج تون ايها سڀ ڄمار

 

ڪافي روپ پهاڙي

آپي آپ ڦسايُئي، ڪيها ڏوهه ڪنهين تي

ملڪ فنا وچ نال دنيا دي، سهڻا حال کسايُئي
ڪيڏي اجائي مفت ملامت، سر تي آڻ وسايُئي
اڃان تئيڪون لڄ نهين اوندي، توڙي لوڪ هسايُئي
”ولي محمد“ ڪجهه نه سڃاتئي، ڪوڙا سانگ رسايُئي

ڪافي روپ ڪيڏارو

عشق آ شور مچايا، ڍولڻ وي ڪٿاهون وسدئين هادي سائين

لوڪ جنهينديان ڪرن مياران، سوئي اسان چُم چايا
بار برهه دا سڻندي هاسِي، قسمت آڻ وِکايا
عشق زليخان دي مار نغارا، يوسف آڻ وچايا
”ولي محمد“ يار دي ويک تماشي، اِيوين ربّ بنايا

ڪافي روپ بروو

ورچي ويهه نه سسئي، ٻَڌ توڪل جا تُرها.

جا ڏيرن هئي من ۾، سا سمجهي تون سگهين،
سنجهي ويا ساٿ لڏي، ڪڻڪيا ڪين ڪرها.

جي احرام ٻَڌي، هلندا پار پرين،
تن کي اول ۾ سختيون، آخر ٿيندا سرها.

پير کنيون وڃ پڇندي، ڪيچ ڌڻين جا ڏس پنڌ،
هوندا نيشان اُتي، جت چانگن جا چرها.
”ولي محمد“ سمجهي ڏس، دؤر فنا جي نوبت،
ڪالهه ڀنڀور ۾ شاديون، اڄ غم جا دفتر ها.

(2)

ڪانگا خبر ڏي خير جي، مون سان محب ملندا ڪڏهن.
راتو ڏينهان هن حال ۾، ويٺي نهاريان اوڏهين،

سال ويا سڪندي لنگهي، موٽي اڱڻ ٽِليندا ڪڏهن

ڏج سنيها منهنجا ساري، پيش پرين هٿ ٻڌي،

واءُ جي وصال جا، ساڳي وري گهلندا ڪڏهن.

الفراق اشد جو سبق ڏيئي ويٺا وڃي،

هي اکيون روئنديون رهيون، تن سان وري کِلندا ڪڏهن.

”ولي محمد“ کي هميشه، آهي سڪ تنهنجي گهڻي،

ڏي خبر سهڻا سگهي، هو ڪا حقي کلندا ڪڏهن.

 

روپ ڪلياڻ

ڪربلا جي واقعي کان، پوءِ رهڻ خوش ٿيو ڪفر
دور دنيا جو سڀيئي، ڄاڻ ماتم جو مڪان
خيال رک ”يبڪو ڪثيرا“، وجهه شهيدن جو پٿر
ڏس هلي احرام صوفين، جي گذر گذران جو
جن رهي شهداء جي محبت، ۾ بجا آندو امر
تحقيق ڪئي تن رسم پوري، ٿيا شهادت ۾ رفيق
سر سندن نيزن تي جهوليا، ٿين عطا نبوي سفر
”ولي محمد“ ياد رک، آيت ولا تفرح مدام
ڇڏ خوشي دل تان وساري، ڏس لقاء تون منجهه صبر

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org