سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:ڪلام فقير نواب

ولي محمد خان لغاري

صفحو :13

 

روپ راڻو

(1)

توکي ٿا ساريون، راتو ڏينهان مينڌرا.

 

لائي اسان کي وئين ڇڏي، محبت جون لاريون.
تنهنجي ٻاجهون سپرين، خيالن ۾ گهاريون
.
آئي تنهنجي هادي سائين، دم
دم ٿينديون بهاريون.
ولي محمد“ چئي آءُ اسان وٽ، ٻُڌي منهنجون زاريون.

 

(2)

تون ته مومل ڏيئي ڀاڳ، راڻا سرهو ڪر ڪاڪ ۾.

 

پرچ پرين ڏس پاڻ ڏي، ڇڏ رُساما راڳ.
لوڪ ميارون مينڌرا، ڏنيون تنهنجي ڏهاڳ
سڀ وساري خيال دوئي جا، ڪَرهل واري آ واڳ
.
ولي محمد“ ڇئي ننگ سڃاڻِي، سوڍا ڏي تون سهاڳ.

 

(3)

راڻا، مومل کي نه وسار، لاهه ميارون لوڪ جون.

 

سوڍل توکي معلوم سڀڪا، مون ۾ عيب اَپار.
پاڻ سڃاڻي پانهنجو، ڪرهل واڳون وار
.
ڌوئي ورق ڌوئي جا، ذاتي سنـ نهار
.
تون ته ڍوليو ڍٽ ڌڻي، هيڪر منهن ڏيکار
.
تنهنجي آئي مينڌرا، ٿيندي ڪاڪ بهار
.
ولي محمد“ کي ٻاجهه پوندي، چونديس ٿي نروار.

 

(4)

راڻا لاهي شڪ شبهات، اچي جلوو ڏي ڪاڪ کي.

راتو ڏينهان تنهنجي ملڻ جي، وائي اٿم وات.
لوڪ ميارون سَٺم سر تي، ماري ٿي مرجات
.
ڇڏي رساما مينڌرا، ڪر اچڻ جي بات
.
ڏسندي توکي نِکَٽ نئي ويا، وئي وهامي رات
.
ولي محمد“ کي آهي هميشه، سوڍا تنهنجي تات.

 

(5)

منهنجي سر تون لاهه ميار، وو راڻا هيڪر آڪاڪ ۾.
تنهنجي خاطر سڀ وساريم، جسم سندا جنسار
.
ڍٽ مڙيوئي ڍڪيو، مومل لهه ڪا سار
.
وئي وهامي راتڙي، سوڍا تنهنجي پچار
.
نِکَٽ سڀ نئي ويا، ڪتيون آيون ڪاپار
.
ولي محمد“ چئي ننگ سڃاڻي، چانگي واڳون وار.

 

 

روپ ملار

روپ سارنگ

بيدردن ڪل ڪيهي، دردن وارن جي.

عام ڏسن ٿا ظاهر تن کي، هو ڏيهه گڏيا وڃي ڏيهي.
اُڪنڊ جن کي آهي اندر دل، ڪِيثَن رهن سي ويهي
.
جيڪا آين سڀ سٺائون، ڪين موڙيا آهي نيهي
.
ولي محمد“ هئي اصل اُنهن جي، حب وطن دل ريهي.

 

روپ ڍوليو

منهنجا ڪانگا ڏي خبر ساري، هُين ڪا اچڻ واري.
ويٺي نهياريان راتو ڏينهان، ڪا مون ڏي دلداري
.
وڃي هُت پيش پرين جي، هٿ ٻڌي ڪر زاري
.
هن مُئيءَ جي حال جي جلدي، ڪريو ڪا پوئواري
.
انفراق اَشد منّ الموت‘ بار اٿم اهو باري.
ولي محمد“ بنان عشق نه ٿيندي، ڪڏهن ڪا نرواري.

 

(3)

وطن سُڄي ٿو اڳي، ڪِيئن گذاريان خوش ويهي.
موت وساري وي ميان ڏينهن لنگهايم، منجهه خوشي ويس وڳي
.
دام دوئي جي وي ميان دم وڃايا، باقي عمر ڪيِئَن تڳي
.
اجل نغارو وي ميان آسي پاسي، ڏهاڙي پيو لڳي
.
ولي محمد“ وي ميان طلسم بازي سان، دنيا وئي دل ٺڳي.

 

ڍوليو

جيجان، رانجهن مين اڱڻ آيا، آيا سو اَلہُ ملايا.

 

تخت هزاري دا والي آها، تُسان ڪيون چاڪ هُلايا.
مِل سِيالين ڏيون طعني، هير تئين ڪُر لڄايان
.
مين نماڻي دا وس نه ڪوئي، ويکو قلم دا رايا
.
سر قبوليم چاڪ مَنجهين دا، ڇوڙ چوچڪ دي مايا
.
کيڙا مول نه مئيڪون آڇون، مئن رانجهو چُم چايا
.
ولي محمد“ گهن عشق دي دامن، رک رندي ڪر سعيا.

روپ ماروئي

(1)

عمر موڪل ڏي وڃان، آهيان ماري حب وطن

ماري حب وطن، ٿا پلپل پور پون.

پکڙا پنهوارن جا ڇڏي، ڪِيئَن ويهان محلن.
ڏهاڙي ٿا خواب ۾، مون کي ماروئڙا گڏجن
.
سانوڻ ٿيا ساڻيہ ۾، آيا رات نياپا سرتين
.
مکڻيون ميها ڪرڙ پڪا، ٻيا پوڳ ڦلاريا ڦر ڪن
.
پٽ پٽيهر ڇا ڪبا، هت کٿي خوش رهن
.
کاڄ مِٺا هي چُور مان، تنهنجا دل کي ڪين وڻن
.
ڪڍ بندياڻي بند مان، وڃي گڏجي ويڙهيچن
.
مون جيڏيون ته ملير ۾، هُت ڦِريو ٿيون ڦر چارن،
ولي محمد“ معافي ڪندو، ويندي گذري ساڻ امن.

 

(2)

عمر ڏوٿي ڏيهن جا، رات ڏٺا مون هت عام،

ڏاڍي ڪنجهه منهن مام.

روئي وهايم راتڙي، ٻُڌي سرتين جا پيغام.
قسمت قيد الماءَ جي، آهيان آندي تو
وٽ ڄام.
ڪڍ بندياڻي بند، مان تنهن کي موڪل ڏي وريام
.
ڪين وڻن ٿا دل اندر، اِهي سُرها تنهنجا طعام
.
ولي محمد“ چئي ماروئي، پئو ٿر-ڌڻين جي سام.

 

روپ بلاول

(1)

اڃان توکي ڏاڍي غفلت، هي ڪُل يومِ بتر آهي.

 

صبح ساٿ لڏيندو ميان، اُٿي ساجهر سنڀر ساٿي
نڄاڻان ديس اُنهيءَ جو اُتي ڪهڙو گذر آهي
.

 

آڻي ڪونه اُنهيءَ ڏيهه جي، وراڻي ماء ڪا هرگز
اِنهيءَ غم جو مون راتو ڏينهن، اندر دل ۾ فڪر آهي
.

 

جنين کي ربّ ٿيو هادي، تنين کي ٻيو فڪر ڪونهي
سُونهين صورت ٿين اڳ ۾، تنهين سهجو سفر آهي
.

 

توکي گهرجي ته منهن پائي، پيهي وڃ پاڻ ۾ گم ٿي
ولي محمد“ ذڪر دم جو، تنهائيءَ ۾ ثمر آهي.

 

(2)

ڪر نفي اِثبات، اڪبر حج ڪيتم حضرات.

بيخودي دا خرقا پاتم، ويک صورت سر قدمين لاتم
ڪعبا قلب تحقيق سڃاتم، ڳَئي سڀئي شبهات
.
اَنا الحق‘ دي بانگ سڻيو سي، عشق امام اڳ وچ ٿيوسي
اِنّي انَّ الله‘ دي بانگ سڻيو سي، عشق امام اڳ وچ ٿيوسي
اَحديت وچ ڪِيتُس ماهر، حيها اندر تيها ٻاهر
اُڀريا شمس حسن دا ظاهر، هَٽ ڳَئي ظلمات
.
ولي محمد“ اهو سمجهه اشارا، ڇوڙ دنيا دا ڪوڙا پسارا
قلب اندر دا ڪر تون نظارا، ٿي صورت همذات
.

 

 

روپ ججونتي

(1)

عشق لڳا پڇي مصلحت ڪيهي، آئِي جالڻ سِر تي جِيهي تِيهي.

 

سِر جنهان دي آڪي جُهلسيِي، بُوءِ عشاقي آپي گُهلسِي
بات اّنهان دي هر جا هُلسِي، ٿيسن ظاهر دل دي ڳُجهه سڀيئي
.

 

ڇوڙ مشاخي والا پسارا، ’انا الحق‘ مريندي نعرا
رمز رندي دا سمجهه اِشارا، ٿيندي ملڪ حسن دي ڏيهي
.

 

بيخودي دا پيالا جي پيسن، عين وصال ڪون نيڙي جو ٿِيسن.
نال ذڪر دي جُڳ جُڳ جِيسن، دل تِنهان دي اِنهين رمز ريهي
.

 

ولي محمد“ آپ سڃاڻي، شڪ شبهه ڪوئي مول نه آڻي
صورت سڀڪا هِڪا ڪر ڄاڻي، جيوين عاشق رهندي دائم
نيهي.

 

(2)

کي ڪي گَگَريا گَئِي مين جمنا چورِي،
آڪي ڪَنَيا مون سي ڪرت زوري
.

 

سُن تو سکِي ميرو حال سڀوئي،
ڪيا ڪهون مين جا مجهه پر هوئِي،
ننگري ساري ترس نا ڪوئي،
رهه گئي ميري دل پر هورِي تورِي
.
مُرلي ڪِي ڌُن مين سُن ڪر،
هار سينگار ڪرڪي سر پر،
بندرا بن سُون ڳَئِي مئن چل ڪر،
ڪان پڪڙ ميري بانهن مروڙي،
بات برهه ڪي مشڪل باري،
آک سنائون ڪسڪون سارِي،
نَندجي‘ ڪي آگي داد نه دلداري،
ڪون پَڇاني اِها حالت مورِي
.

 

ولي محمد“ ڦِرت اُداسِي،
نام سمرنا ساسو ساسي
.
آپ ۾ گنگا آپ ۾ ڪاسِي،
اَنحد بِين بجاوت گهن گهورِي
.

 

روپ مانجهه

ٿل : دنيا جون رسمون سڀ ڇڏي، رندي رسم ڏي خيال ڪر.

 

ترڪ ڪر زهد و تقويٰ، عشق جي تون سام پئو،
ذات سان همذات ٿي، رک وحدت وجودي ۾ نظر
.
تدبير جي دعويٰ ڇڏي، تقدير جو قانع تون رهه،
بيخوديءَ جو پي پيالو، ڏس اناالحق جو بحر
.
ٻيون سڀئي واٽون وساري، عاشقن جي رمز وٽ،
تصوير شيرين جي ڏسي، فرهاد وانگر ٻڌ ڪمر
.
ولي محمد“ پي صبر جو جام، ٿي صوفي صفا،
هن حقيقت کي تون ڳولج، قلب جي ڪعبه اندر
.

 

 

 

 

 

روپ مانجهه

(1)

عاشق سدا ڏاڍي شوق مؤن ٿا سير ڪن دارالبقا،
تدبير جي دعويٰ ڇڏي، تقدير جا قانع ٿيا
.

ناسوت کي پورو ڪري، پوءِ ٿا گهمن ملڪوت ۾
جسم ذاتي کي سينگاري، مُلڪ جبروتي رسيا
.

ڏسي ”آمريَبڪو ڪثيرا“ ٿا روئن قلبم اندر
ان روئڻ جي عشق ٻاجهون، عام ڪل پوندي نه ڪا
.

نعرو ’اَناالحق‘ جو هڻي، سولي چڙهيا عاشق چئي
مُلڪ سڀ منصور ٿيو، هاڻي ڪُهِي ڪهندين ڪيترا
.

مَحو ٿيا منجهه حسن محبوبي نفي اثبات ۾
ذات ذاتي سان ملي وئي، مثل ڪاهه و ڪَهربا
.

ولي محمد“ صبر ڪر، ڏس عاشقن جا پنڌ اتي
تون به وٺ دامن تِنهين جي، سر تي سهه رب جي رضا
.

 

روپ ڀاڳ

(10)

عاشق پنڌ ۾ رهن نه راتيون يار، بار صفاتي ٿا جيئري لاهن.

ڪاجا سُرڪ چکاين ساقي، رهين غير نه دل تي باقي
نَحن اقرب‘ کي ٿيا ملاقي، مُلڪ حسن جون ڪن ٿا باتيون بار.

بيخوديءَ جي بحر ۾ آيا، ذاتي سان منجهه ذات سمايا
عين وصال جا ڏيئي رايا، ’اَناالحق‘ جون ٿا ڪن اثباتيون يار
.

ڏاڍي ڪنهن شوق ڪيا ديوانا، جيئن شمع تي اچن پروانا
ڇڏي ظاهر جا مال خزانا، ڇني هليا سڱ رسمي ذاتيون يار
.

ساز سرود جوڙي ڪيائون ساڄا، آين بوءِ اندر مون ڪا جا
حب الوطن وڄائن واجھا، ڳائن روپ ڏاڍيون پرڀاتيون يار
.

ولي محمد“ ڇڏ سانگو سِر جو، ناهي تفاوت هت ڪو تر جو
ڪو ديدار دلئون دلبر جو، قلب اندر ڏس پائي جهاتيون يار
.

 

 

روپ حاصل پوري

(1)

لوح قلم جي انگ يار، ڏونگر نيئي ڏيکاريا.
هيئن ته ڀايم جيڏيون، پنهل نيندا نسنگ يار
.
قسمت قيد الماء جي، وجهي ڏاڍا ونگ يار
.
لنگهي ويا به سويرو ڏير، ڀنڀور جو دنگ يار
.
ڪيچين ڪاڻ وندر جا، ڏورينديس جهر جهنگ يار
.
ولي محمد“ کي پوندو سسئي جو شل ننگ  يار.

 

 

روپ معذوري

(1)

مون کي وسري نه صحت، هو جا ٻاروچن جي.

 

آيل ڇڏي ننڊ ۾، هئي هئي ڇني ويا سنگت.
ڪيڏي جاڙ ڏکيءَ سان، اڄ ڪري ويڙا جت
.
هاڻي گڏجڻ تن جو جيڏيون!، ٿيندو ساڻ قسمت
.
ولي محمد“ سڀ کي ماري، پنهنجي ٿي شامت.

 

(2)

ڏونگر ڏي مون ڪو ڏس، سڀوئي گَسُ، جنهن گس هوت وٺي ويا.

 

هوت پڄاڻان جيڏيون، آهي ڀنڀور کان بَسُ.
جفل قلم وهي ويو، ناهي ويچاريءَ جو وَسُ
ڏير ڇڏي ويا مئيءَ کي، آين ڪونه تَرسُ
ڏسي ڄام پنهل کي، لاهينديس دل جي ڪَسُ
.
ولي محمد“ پنڌ عشق جو، حال انهيءَ ۾ تون پَس.

 

 

 

روپ ديوَ گنڌار

(1)

رک حب دلم دلدارا، ڇڏ دؤر دنيا جا جشن ڪنهن پر.

 

تو جيڏا تو سرتا، ڏيهي، ويا پورا ڪري سانگ سڀيئي
ڪيها دوست عزيز پيارا، تو ڪالهه ڏٺا ٿي اکين دلبر
.

ڪيئي سڪندر ملڪ جا والي، ويا هتؤن ڪري هٿڙا خالي
ڪيڏا مال خزاني وارا، ٿيا تن کي نصيب ڪفن جا ڏر
.

 

هن مانجهاندي ماڳ جي حالت، جنهن ۾ ناهي رتي ڪا راحت
ڏس عاشق قلب نهارا، سي ڪيئن وري ويا وطن خوشتر
.

 

ولي محمد“ اهي سڱ سياپا، سڀيئي ڪوڙا ڄاڻ لاڳاپا
ڪري ميڙا ڪانگن وارا، وجهي ڏوڙ لٽيندا هٿين همسر
.

 

 

 

روپ پهاڙي

منهنجون پنهل سان ڳالهڙيون، لوح قلم جي ڏونگر ڏيکاريا.
ڪيڏي ڪري ويا ڏير ڏنگائي، مفت ڏئي ويا جيئري جدائي
                عجب  فنا جون چالڙيون.

ڏَس ڪيچن جا پڇندي وينديس، واٽ وندر جي ووؤڙون ڏينديس
                وجهنديس دم دم فالڙيون.

مانَ ٻاروچل سَڱ سڃاڻِي، اچي لڪن ۾ ٿيندو ساڻِي
                ڀال ڪندو مون ڀالڙيون.

 

ولي محمد“ هي جڳ فاني، وڃي رهندي نينهن نشاني
                آيون لکئي جون جالڙيون.

 

 

روپ ملار

(1)

ڪو طالب بيخود بي سِر، اِسي دم کي بات بتاويگا
وين ڪفر ڪي حاجت ناهين، بار برهه سِر چاويگا.

رمز مشاخي دام دوئي ڪا، ڪيسا سانگ رساويگا
صوفي صاف صفت گم ڪرڪي، ’اناالحق‘ الاويگا
.

لَيس مِثل‘ ڪا مثل نه پوچهو، رنگ ۾ رنگ ملاويگا
اِني اَنا الله‘ ڪي معنيٰ ۾، آپني آپ سماويگا.

عبديت ڪا پوش بناڪي، جوئي آپ ڇُپا ويگا
قلب اندر جب لاگي ڌُن، تب اَنحد بين بجاويگا
.

ولي محمد“ اس حالت ۾، جُزوي عقل ڀُل جاويگا
مُوتو‘ ماڳ جوئي آوي، سوئِي مطلب پاويگا.

 

روپ بسنت

(1)

لايا بسنت خوب نظارا، ڏي محب مِٺا دلداري.

 

ڪيسُوئي ڦُولي، گل ڦل ڦُولي، جنهن دي فوج حسن دي جُهولي
آئي بوءِ بهارا، کُل پَئي باغ چمن چوڌاري
.

 

گهر گهر دي وچ ٿَئي خوشحالي، عاشق رکدي رمز نرالي
هٽ ڳيا ڏُرت ڏڪارا، گهمندي هوڪي عام سُڪاري
.

 

چيٽي ماه دا ڦڳڻ ڦلهاريا، تن مَن اندر ٿيا جنسارا
تجلي دا چمڪارا، ويک حُسن ٿِي قلب قراري
.

ولي محمد“ اها موسم سُهڻي، بيخودي وچ هي من مُهڻي
مار ’اناالحق‘ نعرا، ٿي منصور تون ڪر سرداري
.

 

 

روپ بنس

(1)

عشق ڏتيان دلداريان، وو آج سنهيون سانون ڏيوو مبارڪ.
رسم مشاخي دي سڀڪا ڇوڙايس، رمز رندي دا سبق پڙهايس
.
                        کُل پيان گلزاريان.

حسن دي باغ دا سير ڪيتوسي، عين وصال دا پيالا پيتوسي
                        ڪيهان ڪرون نرواريان.

حسن دي جلوي لائي هئي هولي، وسر ڳَئي ٻي سڀڪا ٻولي
                        نينهن ڪيتيان اظهاريان.

ولي محمد“ اهي سمجهه اشاري، معاف ڪيتي حق ڪل خساري
                        اُتر ڳيان انتظاريان.

 

 

 

روپ تلنگ

(1)

ڀائين جي پسان پِرَ کي، رک خيال ’اناالحق‘ ۾.

 

دوئي جا ورق ڌوئي، صوفي صفا ٿي رهه
خرقو مشاخي لاهي، ڳولج رندي دلق ۾
.

 

سر جو تون سانگو لاهي، ٿي احديت جو ماهر
وحدت وجودي رک تون، نروار ٿي خلق ۾
.

 

هن حال جي حقيقت، ٻاهر نه ڳول تون
دل جو ڪتاب کولي، ڏس قلب جي ورق ۾
.

 

ولي محمد“ وصال جي، معنيٰ کي ڪر صحيح
منصور جو ٿي طالب، اَٿئي رمز اِنهي سبق ۾
.

(2)

جنهن دي حسن ڪيتي آن ديواني، تنهن ڪون ڄُل ويکو مِل سنهيان،
کيڙا ڀيڙا مُول نه ڀانوي، ميڏي موهه نِيتي دل جاني
چاڪ مَنجهين دا مول نه ڄاڻو، جنهن دي سڀڪا رمز شهاني
.
ولي محمد“ هڻ حال انهين وچ، ڪر ساهه سِري قرباني.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org