مير نورمحمد خان کي ٻه فرزند هئا: وڏو مير شهداد خان ۽ ننڍو مير
حسين علي خان. مير نورمحمد خان پنهنجي جيئري
صاحبزادي حسين علي خان جي ٻانهن نواب احمد خان جي
حوالي ڪئي ۽ کيس سندس سنڀاليندڙ مقرر ڪيو. مير
نورمحمد خان جي وفات (1256) بعد مير محمد نصير
خان سنڌ جو مکيه تاجدار ٿيو، ۽ اهڙا حالات پيدا
ٿيا جو مير نصير خان طرفان نواب احمد خان جي
ڪماحقہ قدرداني نه ٿي. اول ته نواب احمد خان هميشه
رعايا جي معاملن ۾ راڄن جي طرفداري پئي ڪئي، ٻيو
ته مير شهداد خان ۽ مير حسين علي خان جي وچ ۾
ناسازي ٿي، ۽ مير محمد نصير خان توڙي صوبدار خان
ٻنهي مير شهداد خان جي حمايت ڪئي. مير حسين علي
خان جو نواب احمد خان سان سهڻو سلوڪ نه هو مگر مير
نورمحمد خان جي وصيت موجب نواب احمد خان ضروري
ڄاتو ته مير حسين علي خان جي جائز حقن جي حفاظت
ڪري. راڄن جا سردار سڀ نواب احمد خان سان شامل
راءِ ٿيا جنهنڪري بالاَخر مير محمد نصيرخان
دورانديشي ڪري نواب احمد خان جي راءِ موجب تڪراري
حصي جو فيصلو مير حسين علي خان جي حق ۾ ڪيو، البت
نواب احمد خان کي صدمو رسيو جو انهيءَ دور انديشي
۾ دير ٿي. ان جي تلافي لاءِ مير محمد نصير خان،
مير شهدادخان کي ساڻ وٺي نواب احمد خان وٽ آيو ۽
مير شهدادخان پنهنجي طرفان نواب احمد خان کي جاگير
ڏني. مير حسين علي خان پوءِ به نواب احمد خان لاءِ
مٿي جو سور بنيو ۽ انهن اندروني ڪشيدگين سببان
نواب احمد خان ڪناره ڪشي ڪري وڃي لاڙڪاڻي طرف
پنهنجي جاگيرن تي رهندو هو. ٽيو ته نواب احمد خان
طبعاً قومي جذبات رکندڙ ۽ انگريزن جو مخالف هو،
جنهنڪري پڻ، پنهنجن اميرن سان بعضي انهيءَ سلسلي ۾
سندس اختلاف راءِ ٿي ٿي پيو.
سنڌ جا عوام انگريزن جي وڌندڙ اثر ۽ رسوخ کان مطمئن نه
هئا. اميرن ڪوشش ڪري انگريزن سان معاهدا ڪري صلح
قائم ڪرڻ ٿي چاهيو، پر انگريزن جون سنڌ ۾ اکيون
هيون ۽ انهيءَ ڪري پنهنجي مفاد مطابق معاهدن ۾ نت
نوان شرط مڙهي اميرن کي رعايا جي نظر ۾ پئي ڏٺو
ڪيائون. مير محمد نصير خان بالاّخر انگريزن جي
دٻاءُ کان تنگ ٿي مقابلي جون تجويزونسٽيون. اصولي
طور نواب احمد خان به انهيءَ راءِ جو هو پر هو
اميرن جي گهرو نااتفاقي کان پڻ پوريءَ طرح واقف
هو. سندس زور هو ته اڳ ۾ انا اتفاقي دور ڪجي ۽
پوءِ انگريزن کي منهن ڏجي. بهرحال، جڏهن نوبت
مقابلي تي پهتي ته نواب احمد خان سڀ کان اول
پيشقدمي ڪئي ۽ انگريزن جي ريزيڊنسي تي حملو ڪري
سندن انهيءَ اڏي کي ختم ڪري ڇڏيائين. مياڻي واري
جنگ ۾ نواب احمد خان هڪ سپہ سالار جي حيثيت ۾
بهادريءَ سان لڙيو ۽ شڪست واري حالت ۾ پڻ پيش ڪونه
پيو پر رهيل فوج کي سنڀالي فوراً وڃي مير شير محمد
خان سان شامل ٿيو. بقول پوسٽَنس: ’نواب احمد خان
جو ٽالپور اميرن جي ڪؤنسل ۾ وڏو اثر هو، مگر ڳچ
وقت کان وٺي اهو اثر گهٽجي چڪو هو، ۽ هو درٻار جي
پيچيدگين کان مايوس ٿي، منهن موڙي وڃي لاڙڪاڻي طرف
پنهنجين وسيع جاگيرن ۾ گوشه نشين ٿيو. باوجود
انهيءَ جي جڏهن موقعو آيو ته وفاداري ۾ ڪوتاهي
ڪانه ڪيائين: پنهنجي آقائن (اميرن خاطر هٿيار
کنيائين، جنگ ڪيائين، ۽ ٽالپور خاندان وارا سڳيا
ڏک سک پاڻ به سٺائين.‘
(1)
’دٻي‘ واري جنگ توڙي شهدادپور کان اتر اوڀر طرف
’ڪونهيري‘ واري جنگ ۾ نواب احمد خان، مير شيرمحمد
خان جو مکيه سپہ سالار هو. شڪست بعد نواب احمد خان
جي مشوره موجب ئي مير شيرمحمد خان اتر سنڌ ۾ پهتو.
سندن تجويز هئي ته اتي سرحد تي بلوچن جي فوج گڏ
ڪري انگريزن سان مقابلو ڪجي، مگر جڏهن کين اها
تجويز ڪامياب ٿيندي نظر نه آئي ته سنڌ کي خيرباد
چئي پنجاب طرف مدد وٺڻ لاءِ روانا ٿيا. مير
شيرمحمد خان ديره غازي خان جي لغارين سان ملڻ بعد
لاهور ۾ سکن کان امداد طلب ڪرڻ لاءِ اسريو، ته
نواب احمد خان اتي جي راڃن ۽ سردارن ۾ رهي لشڪر گڏ
ڪرڻ جو ارادو ڪيو.
مير محمد حسين خان، نواب احمد خان سان گڏ رهيو، لغارين
جي تُمن مان پوءِ ٻئي ڄڻا بوزدارن جي تُمن ۾ ويا،
۽ شهر ’مهري والا’ ۽ شهر ’سيکاڻي‘ ۾ رهيا ۽
بوزدارن سردارن درويش محمد خان ۽ گل محمد خان سان
ملي کين پنهنجو هم خيال بنايائون. اتان پوءِ
سيتپور ۾ گجرن سردارن وٽ آيا ۽ ڪافي عرصو سردار
خان محمد گجر (جو ٽالپورن جي درٻار سان وابسته هو)
وٽ رهيا. پنجاب ۾ مير شيرمحمد خان سکن کان مايوس
ٿيو ۽ ٻئي طرف سنڌ تي انگريزن جو تسلط وڌندو ويو،
انهيءَ ڪري نواب احمد خان سيتپور ويجهو مڪان
’ٺيڙهي‘ ۾ حويلي ٺهرائي ويٺو ۽ سازگار حالات جو
انتظار ڪرڻ لڳو.
انهيءَ لڏ پلاڻ ۾ نواب احمد خان سان پنهنجن ڀائرن ۽
رفيقن جو عملو لشڪر ۽ سپاه ساڻ هو، ۽ جنگ جو سماان
جمع پئي ڪيائين. اتفاق سان هڪ ڪئمپ واري بستي کي
اوچتو باهه لڳي. نواب احمد خان چيو ته : اول ڀائرن
۽ رفيقن جو سامان ڪڍو، جو سڄو سورهن آنا ڪڍيو ويو،
پوءِ چيائين ته: منهنجو ڪتبخانو ڪڍو. اهو قدري
ڪڍيو ويو. ترارين جي هڪ پيتي به ڪڍي وئي. بارود ۽
ٻيو سڄو سامان سڙي ويو. سڙيل زيورات هٿ ڪيا ويا
(2).
غالبا انهن ناسازگار حالتن کان متاثر ٿي نواب احمد خان
دائمي طور سنڌ کان ٻاهر سيتپور لڳ سڪونت جو ارادو
ڪيو. سنڌ ۾ پوري قبضي جي باوجود انگريزن کي مير
شيرمحمد خان ۽ نواب احمد خان طرفان خدشو باقي
رهيو. نواب احمد خان جي عزيزن ۽ رفيقن تي انگريزن
طرفان بار پيو ته ڪنهن طرح نواب صاحب کي پنجاب مان
سنڌ ۾ واپس آڻين. انهن عزيزن ۽ رفيقن طرفان (جن ۾
سندس ڀاءُ محمد خان، سوٽ غلام شاهه ۽ ٽالپور دوست
علي خان مکيه هئا) نواب احمد خان کي واپس اچڻ تي
آماده ڪيو ويو ۽ نواب صاحب طرفان نورنگ خان کوکر ۽
عظيم پٺاڻ کي چارلس نيپئر ڏانهن وڪيلن جي حيثيت ۾
روانو ڪيو. وڪيلن جي اچڻ بعد حيدرآباد جي ڪليڪٽر
راٿبورن حڪمت عملي سوچي چيو ته: نواب احمد خان
راڄن ۾ مقبول آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته سندس اچڻ بعد
شورش پيدا ٿئي. اول راڄن جا چڱا مڙس لکي ڏين ته
اهڙي سورش نه ٿيندي. غلام شاهه جي معرفت جملي راڄن
جي سربراهن اهڙيون صحيون ڏنيون. ڀانئجي ٿو ته
انهيءَ سلسلي ۾ خيرپور جي مير علي مراد خان پڻ
نواب احمد خان ۽ انگريزن جي وچ ۾ مفاهمت پيدا ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي. مير علي مراد خان طرفان هيٺيون انجام
نامون (جنهن جي تاريخ مبهم آهي) جو سندس مهر سان
موجود آهي غالباً انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.
پوسٽنس:
سنڌ بابت ذاتي رايا، لنڊن 1843، ص ص 207-208
نواب شفيع محمد خان (بن عطا محمد خان بن بخش
علي خان بن نواب احمد خان) چيو ته: اسان اهي
سڙيل ڳهه ۽ زيور ڏٺا. اهي تراريون اسان ڏٺيون
جن جون مياڻيون جڙاء دار هيون ۽ پوءِ به ڪافي
قيمت تي وڪيون ويون. نواب احمد خان جي پنهنجي
ترار جڙاء دار سازن واري مياڻ سان نه هئي بلڪه
فولادي مياڻ هوس.
|