هيٺ اسان پهريائين وڏي ڀاءُ حيدر علي خان ۽ ننڍي ڀاءُ جلال خان
جي اولاد جو مختصر طور ذڪر ڪنداسون. ان بعد سندن
وچين ڀاءُ غلام محمّد خان جي اولاد جو تفصيل سان
ذڪر ڪنداسون، جو سن جو ناميارو وزيراعظم نواب ولي
محمّد خان سندس فرزند هو، جنهن جي اولاد مان ئي
فقير نواب ولي محمّد خان لغاري ثاني ٿيو، جنهن جو
ذڪر ۽ ڪلام هن ڪتاب جو مکيه مقصد آهي.
حيدر علي خان بن هوت خان شهيد جو اولاد
*
چون ٿا ته حيدر علي خان شهيد ٿيو، مگر سندس شهادت جي واقعي جو
پڪو احوال موجود نه آهي. سندس وڏو فرزند فتح خان،
مير صوبدار خان وڏي عزت وارو هو. جڏهن ليکين ۽
ڪلهوڙن جي سازشن جي مير صوبدار خان کي خبر پئي،
تڏهن پنهنجي پٽ مير فتح علي خان جي روبرو فتح خان
لغاري کي گهرائي چيائين ته : ”منهنجي شهادت بعد
حويلي جي حفاظت تنهنجي بلي آهي. جيڪڏهن ڪلهوڙا اهل
پرده جي بيعزتيءَ جو خيال ڪن ۽ ٻيو ڪو بچاءُ جو
طريقو نه هجي ته اهل پرده کي شهيد ڪري ڇڏجانءِ،
مگر بيعزتي ٿيڻ نه ڏجانءِ.“ جڏهن مير صوبدار خان
شهيد ٿيو، تڏهن فتح خان حويلي جي حفاظت لاءِ تيار
ٿي بيٺو. جڏهن ڪلهوڙن کي خبر پئي ته فتح خان لغاري
مقابلي لاءِ تيار بيٺو آهي ۽ وڌيڪ فساد جو امڪان
آهي تڏهن چوائي موڪليائون ته حويليءَ تان ننڍا مير
پاڻ سان وٺي اچو. مير صوبدار خان جي
شهادت بعد فتح خان، مير فتح علي خان سان ٻانهن ٻيلي ٿي
بيٺو ۽ هالاڻيءَ واري جنگ (1193هه/1781ع) ۾ سندس
طرفان ڪلهوڙن جي لشڪر خلاف وڙهندي شهيد ٿيو. مير
فتح علي خان پنهنجي چيلهه مان لونگي ڇوڙي سندس لاش
تي وڌي.
فتح خان کان پوءِ سندس پٽ حيدر علي خان خاص طرح
مير غلام علي خان جي حاضريءَ ۾ رهيو، جنهن کيس
پنهنجي پٽ مير محمد خان جي خدمت ۽ معاونت لاءِ
مقرر ڪيو. هن مير صاحب کيس بروقت هڪ محفو، سوني
ساز سان جوهردار تلوار ۽ سوني پنج سنجي سان ڀلو
گهوڙو انعام طور ڏنا، ۽ ماليہ (سجاول ۽ جاتي) جي
تحصيلداريءَ جي آڇ ڪئي، مگر جيئن ته ان عهدي تي
اڳيئي ميان محمّد خان ٺوڙهو ٽالپور مقرر ٿيل هو ان
ڪري حيدر علي خان معذرت پيش ڪئي، جنهن تي کيس جاتي
۽ سَتاه واري حصي جو تحصيلدار مقرر ڪيو ويو. بقول
جيمس برن ”حيدر خان لغاري، جاتيءَ جو گورنر ۽
وزيراعظم جو ڀائٽيو“ کيس 6 نومبر 1927ع تي شهر
رَڙِي وٽ مليو. ليفٽننٽ ڊيلهوسٽ لکي ٿو ته
15-جنوري1832ع تي محمّد خان (ٺوڙهو ٽالپور) صوبي
جاتيءَ جو نواب هو ۽ حيدر خان سندس نائب هو. هينري
پاٽنجر جي لکڻ موجب 11-12 نومبر 1836ع ۾ حيدر خان
لغاري، مير محمّد خان جي طرفان جاتي ۽ مغلڀين يعني
لاڙ جي ڏکڻ-اوڀر واري ڀاڱي جو گورنر هو ۽ هن پرڳڻي
۾ هو وڏي اثر ۽ رسوخ وارو عملدار هو
(1)
سرڪاري نوڪريءَ جي لوازمن کان سواءِ ڪچهريءَ جي حاضريءَ جي
سلسلي ۾ حيدر علي خان کي مير صاحب طرفان هيٺيون
’قوت‘ ملندو هو: نقد ٻارهن سؤ رپيا، عيوض خوراڪ
ٻارهن سؤ رپيا ۽ هڪ سؤ چاليهه خرار انّ ۽ ڪپڙن جي
عيوض ’سال تمامي‘ شرح هڪ سؤ رپيا. ان کان سواءِ
جاگيرون جدا مليل هيون، مگر هي امير اڪثر نقديءَ
تي خوش هوندا هئا. انوقت جي مليل جاگيرن مان حڪومت
برطانيه چوٿ ڪاٽي باقي بحال رکيون، جي پشت به پشت
هليون آيون. حيدر علي خان 15-رجب 1281هه/15-ڊسمبر
1864ع ۾ وفات ڪئي*. سندس مقرر درويش شيخ محمّد الياس جي مقام ۾ آهي.
حيدر علي خان جي پٽ فتح خان کي پڻ مير محمد خان
پنهنجي حاضريءَ ۾ رکيو. فتح خان جي شادي وزيراعظم
نواب ولي محمد خان جي گهران ٿيل هئي، ۽ انهيءَ
لحاظ سان پڻ سندس وڏي حيثيت هئي. مير صاحب طرفان
بروقت کيس سوني ساز سان تلوار جوهردار، نقد پگهار
در ماهو، چوڏهن سؤ رپيا، ’سال تمامي‘ جنس ستر
خرار، پنجاه رپيا سياري ۽ اونهاري ڪپڙن لاءِ شرح،
گهوڙا، اُٺ ۽ ٻيو سامان وغيره مقرر ٿي مليا. هي سڀ
سندس لياقت ۽ اهليت جو نتيجو هو. آخري عمر سنه
1302هه ۾ وڃي درگاهه جهوڪ شريف تي رهيو، جتي 16
ربيع الثاني سنه 1303هه ۾ وصال ڪيائين. سندس مقبرو
چؤکنڊي شريف جي دروازي لڳ آهي.
حاجي فتح خان جو فرزند علي بخش خان پنهنجي مامي نواب حاجي محمّد
خان بن وزيراعظم نواب ولي محمّد خان سان گڏ رهندو
هو. ننڍو ئي هو، جو نواب حاجي محمّد خان کيس مير
شهداد خان وٽ سلام لاءِ وٺي ويو. نواب حاجي محمّد
خان پاڻ مير شهداد خان وٽ ماليہ جو مختيارڪار هو.
۽ مير صاحب کي چيائين ته ؛ ’سائين، علي بخش نوڪري
لاءِ آيو آهي‘. علي بخش ان وقت البت ڄمار ۾ ننڍو
هو، مگر سندس نالو داخل ٿيو ۽ پنجاه رپيا درماهو
پگهار مقرر ٿيس. ازانسواءِ بروقت هڪ ننڍي تلوار
سوني ساز سان ۽ پنج سؤ رپيا نقد مليس. جڏهن مير
محمّد خان کي هي خبر پئي تڏهن ڏکارو ٿي، حيدر علي
خان کي چيائين ته : ’مونکي اولاد ڪونهي، انهيءَ
ڪري شايد پنهنجي پوٽي علي بخش کي نواب حاجي محمد
خان سان گڏي مير شهداد خان ڏي موڪليو اٿوَ!‘ حيدر
علي خان عرض گذاريوته :’غريب پرور! منهنجو پوٽو
پنهنجي مامي نواب صاحب سان گڏ آهي، جو سائين جن کي
نيڪ روشن
آهي. برابر نواب صاحب سان سان گڏجي ويو هوندو، پر ڌڻي پاڪ سائين جن کي اولاد
ڏيندو ۽ منهنجا پٽ پوٽا ان وٽ ئي رهندا.‘
علي بخش خان ۽ هڪ خود خيال ۽ بلند حوصلي وارو
نينگر هو. نوڪري ملڻ بعد سگهو ئي پوءِ مير شهداد
خان جي ڪچهريءَ ۾ آيو. ڏٺائين ته مير صاحب جن کٽ
تي ويٺا هئا ۽ هيٺ منجيءَ تي سندس مامو نواب حاجي
محمد خان ويٺوهو ۽ باقي امير غاليچن يا گلمن تي
ويٺا هئا. ٻي وڌيڪ خالي منجي پيل ڪانه هئي، انهيءَ
تي علي بخش خان، مير صاحب سان گڏ کٽ تي چڙهي ويٺو.
نواب صاحب کيس
مرحوم حاجي گل محمد خان بن حيدر علي خان
(جنهن هن ڪتاب لاءِ مواد گڏ ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي.)
نواب غلام الله ولد غلام محمد خان جو اولاد
فقير جان محمد (ثاني) بن فقير غلام الله (ثاني)
غلام الله (ثالث) بن فقير
نواب جان محمد (ثاني)
نورمحمد خان بن امام بخش خان
نواب علي محمد خان جو اولاد
نواب علي محمد خان بن نواب غلام محمد خان
عرض محمد خان بن نواب علي محمد خان
گدا عٿلي خان بن نواب علي محمد خان
قادر بخش خان بن شير محمد خان
محمد علي خان بن علي بخش خان
عباس علي خان بن علي بخش خان
غلام نبي خان بن عباس علي خان
ڇينڀيو، مگر مير صاحب لائق ڪري مٿي تي هٿ گهمائڻ لڳس ۽ نواب
صاحب کي چيائين ته: ’وڌيڪ منجي پيل ڪانه هئي؛
غاليچا هن کي پسند نه آيا؛ جا جاءِ کيس پسند آئي
اتي ويٺو آهي، ان ۾ هن ڪهڙو قصور ڪيو؟‘ نواب صاحب
جواب ڏنو ته: ’قبلا! ادب ضروري آهي.‘ ائين چئي علي
بخش کي هيٺ لاٿائين، جنهن تي مير صاحب حڪم ڏنو، ته
علي بخش خان لاءِ خاص منجي آڻيو. اها منجي بروقت
آئي جنهن تي ويٺو. ان بعد جڏهن به ڪچهري ۾ ويندو
هو، ته مير صاحب جن منجي ڏياريندا هئس.
مير صاحب موصوف، علي بخش خان جي ننڍي ڄمار ۾ بلند همت
کان نهايت متاثر هو. هڪ دفعي ڏانهس منهن ڪري
چيائين ته: ’علي بخش اسين توکي هي انعام ڏيڻ ٿا
چاهيون، مگر تنهنجو مامو نواب صاحب توکي اسان وٽ
وٺي آيو، تنهن کي اٿي پيرين پئو، ته انعام تنهنجي
حوالي ڪريون‘. جواب ڏنائين ته : ’سائين‘ نواب صاحب
منهنجو مامو آهي؛ پيرين پوڻ ۾ مونکي عيب ڪونهي،
مگر انعام جي لالچ تي پيرين ڪونه پوندس‘. مير صاحب
گهڻو ئي سمجهايس، پر نه مڃيائين. انهيءَ تي مير
صاحب چيو ته : ’نواب صاحب‘ هيء نينگر وڏي همت وارو
۽ پهلوان ٿيندو‘. پوءِ مير صاحب حڪم ڪيو ته : علي
بخش خان کي جاگير مڪان دُوابو پوٺي ۾ پنج سوَ ايڪڙ
لکي ڏيو. ان تي نواب حاجي محّمد خان عرض ڪيو ته:
غريب پروو‘ علي بخش اڃا ننڍو آهي، وڏو ٿئي ته اِهو
ڏجوس. هن وقت عام امير چوندا ته نواب صاحب پاڻ
ماليہ جو مختيار ڪار آهي، تڏهن پنهنجي ننڍن کي
جاگيرون وٺارائي پيو ڏئي. ان ۾ اسان جي ناموس نه
رهندي. اهو ٻڌي مير صاحب کڻي ماٺ ڪئي. علي بخش خان
سنه 1320هه ۾ وصال ڪيو. سندس مقبرو سيد ننگر شاهه
بخاري مقام لڳ آهي.
حاجي فتح خان جو ٻيو فرزند گل محمد خان هو، جو ڪجهه وقت
شهدادپور ۾ سب رجسٽرار هو، مگر عين جوانيءَ ۾ شب
عيد رمضان 1292هه ۾ وفات ڪيائين. گل محمد خان جو
فرزند حيدر علي خان ٿيو، جنهن سنه 1342هه ۾ وفات
ڪئي. حيدر علي خان جو فرزند اسان جو مهربان ۽ بزرگ
دوست مرحوم گل محمد خان (بن حيدر علي خان بن گل
محمد خان بن فتح خان بن حيدر علي خان بن فتح خان
بن حيدر علي خان بن هوت خان) هو، جنهن تاريخ
8-ربيع الاول 1375هه/25-آڪٽوبر1955ع تي وفات ڪئي.
مرحوم وڏو علم دوست ۽ صاحب فضيلت هو. سندس سوانح
حيات تي اسان ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي سه ماهي مخزن
’مهراڻ‘ (سرءُ، نمبر 4، 1955ع، ص ص 268-273) ۾ ذرا
تفصيل سان روشني وڌي آهي. هن ڪتاب جي تجويز ۽ مواد
مهيا ڪرڻ ۾ مرحوم جو وڏو هٿ هو، جنهن جو ذڪر اسان
ديباچي ۾ ڪيو آهي. سندس ٻن فرزندن مان وڏو ميان
قنبر علي خان گذاري ويو آهي ۽ غلام حسين خان حيات
آهي.
جلال خان بن هوت خان شهيد جو اولاد: جلال خان، هڪ حق گو
درويش هو. مير بجار خان جو رفيق هو ۽ آخر کيس ميين
عبدالرحيم گرهوڙي ڏي وٺي ويو. کيس پنج پٽ ٿيا. قطب
علي خان، بهادر خان، علي مراد خان، فقير عبدالله ۽
غلام حيدر خان. انهن ڀائرن مان قطب علي خان ۽
بهادر خان جو اولاد اڄ تائين موجود آهي. جلال خان
جي اولاد کي به فقيريءَ جي ورڇ ملي، ۽ هن پاڙي مان
ڪي درويش ۽ اهلِ دل پيدا ٿيا. خود جلال خان جو
فرزند عبدالله خان هن سڄي خاندان مان پهريون درويش
هو ۽ فقير عبدالله جي نالي سان مشهور ٿيو. جلال
خان جي ٻئي فرزند علي مراد خان جو پوٽو فقير علي
مراد به هڪ سچو فقير هو؛ جنهن تقريباً ويه سال کن
ٿيا جو وفات ڪئي. تعليم ۾ پڻ هن پاڙي جي هڪ نوجوان
ڪاميابي حاصل ڪئي: يعني ته بهادر خان جي اولاد مان
حاجي هادي بخش خان (بن محمد حسن خان بن هادي بخش
خان بن محمد حسن خان بن محمد باقر خان بن بهادر
خان) تاجپور جي لغاري خاندان مان ٻيو نوجوان
هو،جنهن 1939ع ۾ بي. اي ۽ 1942ع ۾ بي. ٽي پاس ڪئي.
هو هن وقت جيلن جي کاتي ۾ بالا عملدار آهي، ۽
پنهنجي انتهائي صلاحيت ۽ ايمانداري سببان هڪ
ڪامياب آفيسر آهي. هو پهريون آفيسر آهي، جنهن جيل
۾ اندروني سڌارن طرف توجهه ڪيو ۽ پنهنجي اختياريءَ
جي دائري اندر حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ انهن سڌارن
جي شروعات ڪئي. قطب علي خان جي اولاد مان الله بخش
خان ابتدائي اسڪول ۾ اُستاد آهي.
ب. غلام محمد خان بن هوت خان شهيد ۽ سندس اولاد
غلام محمّد خان، هوت خان شهيد جو وچون پٽ هو ۽ سن
1137هه ۾ ڄائو. کيس ننڍي هوندي فارسي جي سٺي تعليم
ملي. نوڪري جي سلسلي ۾ هو مير بجار خان سان وابسته
ٿيو. سندس لياقت صداقت ۽ شرافت کان متاثر ٿي مير
بجار خان کيس ”يار وفادار“ ڪري سڏيندو هو. انهيءَ
اوائلي وقت ۾ غلام محمّد خان، ٽالپور اميرن جي
صاحبزادن کي فارسي جي تعليم ڏني. مگر غلام محمّد
خان هڪ دلير مرد هو ۽ اميرن ٽالپورن سان لڳي ڀڳي
گڏ رهيو. ميان سرفراز خان جڏهن مير بهرام خان کي
مارائڻ جي سازش سٽي تڏهن مير بجار خان پنهنجي مرشد
فقير ميان احمد سلطان * سان گڏ حج بيت الله شريف
لاءِ روانو ٿي ويو. پويان غلام محمّد خان، مير
بهرام خان جو هڏ ڏوکي ۽ همراهه ٿي بيٺو ۽ جڏهن مير
بهرام خان شهيد ٿيو تڏهن غلام محمّد خان پڻ مير
صوبدار سان گڏ ڪلهوڙي جي دربانن سان وڙهندي شهيد
ٿيو. اهو واقعو سن 1189هه/1775ع ۾ ٿيو.
غلام محمّد خان کي هڪ نياڻي ۽ ٽي پٽ ٿيا، جن مان وڏو علي محمّد
خان 1162هه ۾ ڄائو؛ ٻيو نمبر ولي محمّد خان 1165هه
۾ ڄائو؛ ۽ نمبر ٽيو ننڍو پٽ غلام الله خان ٿيا:
علي محمّد خان ٺٽي جو نواب ٿيو؛ ولي محمد خان سنڌ
جو وزيراعظم بنيو، ۽ غلام الله عمرڪوٽ جو نواب
ٿيو. هت اسان پهريائين وزيراعظم نواب ولي محمد خان
جي وڏي ڀاءُ نواب علي محمّد خان ۽ سندس اولاد ۽ ان
بعد سندس ننڍي ڀاءُ نواب غلام الله ۽ سندس اولاد
جو ذڪر ڪنداسون، ۽ آخر ۾ وزيراعظم نواب ولي محمّد
خان ۽ سندس اولاد، خصوصاً سندس پوٽي نواب فقير ولي
محمّد خان لغاري جو تفصيل سان ذڪر ڪنداسون، جو هن
مقدمہ جو مکيه مقصد آهي.
باوي کان اڳئين دور واري سنڌ جي ڪمشنر جي دفتر
جو انتخاب، ڪمشنر پريس،ڪراچي، ص ص 37، 193 ۽
241.
سندس حيثيت ۽ جاگيرن
لاءِ ڏسو ”سنڌ لئنڊ الينيشن ميمائر“، ڪراچي
1888ع، ص ص 213-214.
|