سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:ڪلام فقير نواب

ولي محمد خان لغاري

صفحو :4

 

مٿيون غزل غير مطبوع آهي. ”تذڪره تڪملة مقالات الشعراء“ جي مصنف خليل ٺٽويءَ پڻ نواب علي محمد خان ’علي‘ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ سندس خوش نويسيءَ کي ساراهيو آهي. ’علي‘ جو هيٺيون فارسي غزل پڻ نموني طور ڏنو اٿس (1)

عشق پيدا شد ولي مشتاق ديدار نشد،

تاهنوز از خاميء ماپختہ هرڪاري نشد.
از قساوات طبيعت مانده ام اندر حجاب،

چشمِ خواب آلوده را ديدارِ غمخواري نشد.
اي ’علي‘ گرمحو سازي خويش را درياد حق،

زندگي دائم بود و از مرگ آزاري نشد.

زندگي دائم بود و از مرگ آزاري نشد.


نواب غلام محمد خان بن نواب علي محمد خان: نواب علي محمد خان جي اولاد (ڏسو شجره) مان پهريون نامور شخص سندس اڪيلو فرزند ميان غلام محمد خان هو. هو جمعي جي ڏينهن 11 شعبان سن 1204هه ۾ ڄائو. کيس غالباً پنهنجي والد کان فارسيءَ جي سٺي تعليم ملي. نواب غلام محمد خان ميرن جي چؤياريءَ ۾ وڏي مرتبي وارو امير ۽ صلاحڪار هو. غلام محمد خان سنڌ ۾ انگريزن جي سازشن کان باخبر هو ۽ مياڻيءَ واريءَ جنگ کان اڳ، مير جان محمد خان، مير خان محمد خان ۽  بختيار خان لغاريءَ سان شامل راءِ هو ته مقابلو ڪري انگريزن جي تسلط کي ختم ڪجي. حڪمران ميرن کي پڻ هنن چئن اميرن پنهنجي طرفان اهائي صلاح ڏني(2). انهيءَ ڪري ئي انگريزن جي قبضي بعد نواب غلام محمد خان جون ڪي جاگيرون رواجي سببن تي رد ڪيون وئيون(1). نواب غلام محمد خان 9 جمادي الثاني سن 1279ه/ 2 ڊسمبر 1862ع ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ اڀپور (تعلقو سنجهورو) ۾ وفات ڪئي. (2)1847ع ۾، هڪ انگريزي ڪئپٽن راٿبورن، نواب صاحب جي شخصيت بابت هن طرح لکيو آهي ته ”شوخ ۽ ڏکي ڏيکاءَ وارو مگر سهڻيءَ طبيعت جو، پنهنجي وسعت کان وڌيڪ سخي ۽ هر دلعزيز، البت گهڻن معاملن وارو(3).“ هڪ مخالف قوم جي فرد جي، پنهنجي دشمن متعلق اها راءِ نواب صاحب جي اهليت ۽ لياقت جي ساک ڀري ٿي. طريقت ۾ هو قربان علي شاهه ڀاڏائي بزرگ جو مريد ٿيو ۽ کانئس ذڪر ورتائين.

 

ديوان غلام : نواب غلام محمد خان جو تخلص ”غلام“ هو ۽ فارسي ۾ سندس ”ديوان غلام“ جو هڪ قلمي نسخو، جنهن تي نواب غلام محمد خان جي فرزند نواب محمد خان جي تحرير موجود آهي، هن وقت ميان عرض محمد خان وٽ موجود آهي. غالباً هي نسخو خود نواب مرحوم جو لکيل يا لکايل آهي. پوءِ جا غزل حاشيي تي درج ڪيل آهن. هن ديوان جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته :فارسي زبان تي کيس خاصي قدرت هئي ۽ اهل زبان وانگر شعر ۽ سخن تي قادر هو. سندس ديوان زبان با عروض جي غلطين کان پاڪ آهي (1). اڪثر ”حافظ“ جي رديف ۽ قافين ۾ شعر چيا اٿس، قديم طرز جو علمبردار آهي ۽ هجر ۽ وصل، گل ۽ بلبل، بوسہ و ڪنار وارا عاشقانه مضمون آندا اٿس. غزل گوئيءَ ۾ کيس خاص مهارت آهي. ديوان جي پهرئين غزل جو مطلع آهي ته

        الاهي شوق عشق خود به بخش جسم و جانم را.

        بوصفِ خويش جوهردار ڪن تيغِ زبانم را.

        سندس اڪثر غزليات مختصر ۽ ننڍن بحرن ۾ چيل آهن ۽ انهن ۾ ڪي اشعار پنهنجو مٽ پاڻ آهن، مثلاً:

        حالِ دل را ڪسي نمي داند،

                        هر ڪس از حال خويش ممنون است.

        ازِ دنيا حرام مي گويند،

                        بهر ديدار دوست آز خوش است.

 

        چاڪ باد آن سينہ ڪو چاڪ از خدنگ يار نيست.
        خاڪ باد آن جسم ڪو خاڪ در ياري نه شد.

       

        گرچه سابق مستم از راح لبش،

                        ليڪ ميخواهم خمار اندر خمار.

 

دعويء عشقِ سنگدل لان ميڪني غلام،

                        تو شيو هايء رنديء مَستان نديده.
        انهن نڪتن ۽ نزاڪتن سبب ئي کيس دعويٰ آهي ته :

غلاما! نظم شعرت گرچه خام است،

ولي ڪردد پسند نڪتہ چيني.

محبت ۾ انڪساري ۽ عشق ۾ جان آزاري جا مثال پنهنجن شعرن ۾ هن طرح آندا اٿس:

گرمرا سگ خطا گفت روا است،
قبلہ گاه من است و حضرت ما است،
ما ز اشفا قهايء و اڪرامش،
گر سڪ ڪوي او شويم بجا است
.

گر بظاهر از تو دور ۾ ليڪ غافل نيستم
هست شش چيز تنم دربند عشقت مبتلا،
جان به هجر و خاطر از درد و ضمير ازبارِ غم،
لب بحسرت دل بسوز وهم زبان در نالها

                       

        ڀانئجي ٿو ته ڪنهن سندس شعر تي اعتراض ڪيو ۽ گرماي نالي ٺشاعر جو نالو کنيو، جنهن تي پنهنجي هڪ غزل ۾ اشارتاً جواب ڏنائين:

        گر گرامي نيز گفتا شعر هاي پرنمڪ،

                        ليڪن از دريا درُ شهوارمي آيد دگر.
        دربيانِ نظم من خامي مڪش طعنہ مزن،

                        شاهد من منصف اشعارمي آيد دگر.
        نواب غلام محمد خان غالباً مير مراد علي خان جي عهد کان وٺي مير محمد نصير جي عهد تائين پوري ذوق سان شعر گوئي ڪئي. هيٺيان غزل مير مراد علي خان، مير نور محمد خان جي غم ۾ چئي، شاعري ڇڏي ڏني، جو سندس ديوان ۾ بعد جي ڪنهن به واقعي بابت ڪوبه ذڪر نٿو ملي، تان جو خود ملڪ جي کسجڻ بابت به مرثيي طور ڪو اشارو ڪونهي. غزل گو طبع شايد هميشه لاءِ ڪومائجي ويئي.

        سندس هيٺيان اشعار غالباً مير مراد علي خان جي شان ۾ چيل ٿا ڀانئجن:

فلڪ زير فرمانءِ راي تو باد، سر دشمنان خاڪ پاي تو باد
بود ظلّ حق بسرت پائدار، نبي و خدا رهنماي تو باد
.
به پيشت بود مشڪل آسان مدام، يدالله مشڪل ڪشاي تو
باد.
مراد از علي“ حاصلت باد هم، قضا و قدر در رضاي تو باد.
بلند و فزون باد اقبال تو، چو خورشيد هرجا ضياي تو باد
.
بر اِين مفلسي و بينوا از ڪرم، شها! سايه افگن هماي تو
باد.
ز صدَ دل و جان زبانِ ”غلام“، بشيرين سخن در ثناي تو باد
.
مير نورمحمد خان جي شان ۾ هيٺيون غزل چيو اٿس
:

        زنُورِ محمد ڪه ميرِ من است،

                        همہ لشڪرِ فوجِ دين روشن است.
        فزون تر بود عمر و اقبال او،

                        ڪہ از عدلِ او خلق در اين است.
        زبيمش دل دشمنان شد خراب،

                        به لطفش دلِ دوستان گلشن است.
        نمڪ خوار شاهيم حق نمڪ،

                        به توصيف و صفش ادا ڪردن است.
        باشفاقهائ شہِ ذوالڪرم،

                        غلامِ شهم تاڪه جان در تن است.


مير نورمحمد خان بابت سندس ٻيو غزل قافيہ ’ر‘ هيٺ آهي
:

        نورِ محمدي زجبينِ تو آشڪار،

                        ارڪانِ دين شده است بعهد تو استوار.

        بادا چوگل شگفتہ چندان رخت مدام،

                        باشند دشمنان تو گريان خراب و خوار.
        باشد بجمع خاطر هر نيڪ خواه تو،

                        بادا هميشه خاطرِ بدخواه بيقرار.
        بابرڪتِ خدا و نبي و علي، شها!

                        عمرت دراز باشد اقبال پائدار.
        از جان ”غلام“ در گهت اي شاه بوده ايم،

                        بادا نگاه لطفِ تو هر دم بخاڪسار.
ميرمحمد نصير خان جي شان ۾ نوَن شعرن جون هيٺيون غزل چيو اٿس
:

        سرِ سروران شہ محمّد نصير،

                        مريدِ امامانِ دين بينظير،
        بود دلخوش و شادمان لشڪرش،

                        بدانائيش هست لقمان اسير.
        بچشمِ دلِ دوستان همچو گُن،

                        بجان و دل دشمنان مثل تير.
        شہِ ما ڪه دارد خداداد هوش،

                        نخواهد ڪشد احتياج وزير.
        بهمت بود رستمش همچو زال،

                        شده ماه از مهرِ او جلوه گير
        بسي حاتم انداز گدايانِ او،

                        باؤجِ سخاوت چو ماهِ منير.
        باًفقهائ جهان نامدار،

                        شنيده ثنايش صغير و ڪبير.

 

  ”غلامش“ بود بندہ ڪمترين،

                        ولي دارد اميد لطفِ ڪثير.


        نواب غلام محمد خان پنهنجي مهرن ۾ هيٺيون مختلف سجعون استعمال ڪيون: (1) ”چه خوش نصيب مان ڪہ غلامِ محمد ام“، (2) ”مّت خدائ را ڪه غلامِ محمّد ام“، (3) ”شادم بدين شرف ڪه غلامِ محمّد ام“، (4) ناز بہ بخت خود ڪہ غلامِ محمد ام“.

        نواب غلام محمد خان سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ پڻ شعر چيو، جن مان ڪي ڪافيون ۽ ڪلام نواب عرض محمد خان وٽ محفوظ آهن. سندس هڪ سنڌي ڪلام جو ٿلهه آهي:

        پنهنجي دم تي دمبدم، هوشيار ٿي، هوشيار ٿي.

هڪ ٻئي سرائڪي ڪلام جو ٿلهه آهي:

اکيان ويکڻ دي وچ قابو کڙيان،

نوڪان عشق ماهي ديان رانجهن نال جڙيان.

سندس هيٺين ڪافي جا سرائڪيءَ ۾ چيل آهي، سا حال توڙي قال جي لحاظ سان معياري آهي:

ڏيندا يار ڏوراپي، سهڻا سانول سانون.

سهڻي دي خاطر وي ميان، سڀ جڳ ڇوڙيم،

ڇوڙيم سڱ سياپي.

اڱڻ اساڏي وي ميان‘ اؤ سي رانجهن وي،

ماهي مهرئون آپي.

عشق دِي پوک وي ميان گهڻي پوکِيسي،

گهنسون لائي تين لاپي

غلام محمد“ وي ميان! دمبدم آندي وي،

پياري دي نينهن نياپي 


 


(1) ڏسو ”تذڪره تڪملة مقالات الشعراءَ“ مطبوعه، سنڌي ادبي بورڊ نمبر (54: علي)، ص 454.

(2)   ڏسو، سنڌ الينيشن جي تاريخ، جلد 2، ص 216.

(1) ڏسو سنڌ الينيشن جي تاريخ، جلد 2 ص 217.

(2) نواب غلام محمد خان جي ولادت ۽ وفات جون تاريخون نواب عرض محمد خان جي لکيل يادداشت موجب ڏنل آهن. انگريزي سن موجب تاريخ وفات ”سنڌ الينيشن جي تاريخ“ جلد 2، ص 217 تي پڻ درج ٿيل آهي. بقول نواب عرض محمد خان ته: غلام محمد خان اڀپور ۾ وفات ڪئي ۽ اتي ئي مدفون ٿيو.

(3) قاضي احمد ميان اختر مرحوم، صدر شعبہ اسلامي تاريخ، سنڌ يونيورسٽي، ”ديوان غلام“ پڙهڻ بعد اها راءِ پنهنجي هٿ اکرين لکي موڪلي هئي ۽ قاضي اختر جهڙي فاضل جي راءِ وزندار آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org