سنڌ تي قبصي بعد نواب غلام شاهه چارلس نيپيئر جو سلام ڪيو ته
سندس جاگيرون بحال ٿيون. نيپيئر جي بحالي واري
پرواني جي تاريخ پهرين مارچ 1844ع ڄاڻايل آهي.
ڀانئجي ٿو ته نيپئر غلام شاهه کان ڪافي متاثر
ٿيو جو کيس بدستور ڪاردار مقرر ڪيائين، هو اٺ
سال انهيءَ ملازمت ۾ هو ۽ ان عرصي ۾ جيهوڪي،
ڪاٺڙي، وَلاسيي، آڳڙي ۽ موري جو ڪاردار ٿي رهيو.
نواب غلام شاهه 19 اپريل 1861ع تي وفات ڪئي.
ڪيپٽن راٿبورن جي راءِ ۾ نواب غلام شاهه
”ماٺيڻو، شريف، عقلمند ۽ نهايت ئي بلند اخلاق جو
مالڪ هو
(1)“.
انگريزن وٽ نواب صاحب جو وڏو قدر هو. پنهنجي سؤٽ
نواب احمد خان کي (پنجاب مان) سنڌ ۾ داخل ٿيڻ ۽
سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ جي اجازت وٺي ڏيڻ ۾ نواب
غلام شاهه جو وڏو هٿ هو. انگريزن کي شورش جو ڊپ
هو، مگر نواب غلام شاهه سڀني بلوچن سردارن سان
ملي کانئن صحيحون ورتيون ته نواب احمد خان جي
سنڌ ۾ اچڻ تي هو خوش آهن ۽ ڪابه شورش ٿي ته
جوابدار رهندا. اهو دستاويز حيدرآباد جي ڪليڪٽر
ڪيپٽن راٿبورن جي آڏو پيش ڪيائين جنهن سرچارلس
نيپيئر ڏانهن سفارش لکي موڪلي ته نواب احمد خان
ڀل واپس سنڌ اچي.
نواب غلام شاهه نه فقط انتظامي لياقت ۾ برک هو،
پر پنهنجي وقت جو اديب، حڪيم ۽ اهل دل صوفي هو.
پاڻ کي ”غلام شاهه فقير“ ڪري لکندو هو. درگاهه
جهوڪ جي نامياري درويش فضل الله شاهه قلندر جو
مريد هو جو چيائين ته ”غلام شاهه نون قلندر
مليا، صفت رلي وچ ذات.“ فقير محمد صديق جي صحبت
مان کيس اهو فيض حاصل ٿيو. فقير محمد صديق جي
ميان غلام شاهه سان گهڻي ڏيٺ ويٺ هئي، ۽ جڏهن ٿر
جي سون سان فقير جو تڪرار ٿيو تڏهن نواب غلام
شاهه کي مدد لاءِ لکيائين ۽ نواب صاحب جي مداخلت
سان ئي فساد ٽريو. سنه 1266هه کان وٺي هو راهِ
طريقت ڏانهن پوريءَ طرح مائل رهيو ۽ انهيءَ سال
”درد نامو“ (صوفي فضل الله شاهه قلندر جي
ارشادات تي مبني ۽ فقير محمد صديق جو مرتب ڪيل)
پنهنجي هٿ اکرين نقل ڪيائين. آخر ۾ تاريخ ڪتابت
هن طرح لکي اٿس:
”نسخہ درد نامہ از دست حقير غلام شاهه فقير
لغاري بتاريخ بيست و نهم ماه رمضان المبارڪ
بروز جمع سنه
1266
صورت تحرير يافت“.
بعد ۾ خود پاڻ سلوڪ ۽ معرفت بابت فارسيءَ ۾
رسالہ ”انيس العاشقين“ لکيائين جنهن ۾ موقعي ۽
مناسبت سان فارسي ۽ سنڌي بيت آندا اٿس. ڪتاب ۾
پنهنجي ”والد غلام الله“ ۽ پڻ ”رهنمائي حقيقي...
خليفہ اڪبر محمد صديق سومره“ جو نالو کنيو اٿس.
سنه 1270هه ۾ ”نسخہ شلوک تصنيف نانڪ شاهه“ نقل
ڪيائين جو هن شعر سان شروع ٿئي ٿو:
انند سنا تيري گن گاوان هر دم تيري نام دهياوان
آخري شعر:
”مجنون لال ديواني وانگر هون ليلي هو رهيگا
بهدس مري گهن آيا هن طعنہ کها سکيگا“
(کذا)
آخر ۾ تاريخ ڪتابت هن طرح قلمبند ڪئي اٿس:
”نسخہ
سلوڪ
تصنيف نانڪ شاهه ساڪن امرت سر
مرشدش شاهه امانت اله صوفي ساڪنه ولايت ڪشمير
از دست اميدوار عفوعميم بنده
درگاهه الاهي غلام شاهه
تحرير آمده“
’نسخہ ادويات‘ جي نالي سان طب جا مجرب نسخا لکي جمع ڪيئين جن مان ڪي نسخا
”حڪيم مخدوم نورمحمد ساکن تجر“ (کذا) وٽان کيس
مليل هئا. سندس اِنهيءَ دستخط نسخي تان ميان
امام علي بن نورمحمد خان سنه 1340هه ۾ ٻيو نسخو
نقل ڪيو جنهن جي آخر ۾ مؤلف جي اصل
عبادت هن طرح نقل ڪيل آهي ته : ”نسخہ ادويات بعضي از کتابهاي از کتابهاي و
بعضي آزموده خود بنده درگاهه الاهي غلام شاهه
ولد غلام الله فقير لغاري تجويز کرده نوشتہ شد.“
سنه 1274هه ۾ ’نسخہ ظفر نامه’ (جنهن جا چند ورق
پندو نصائح ۽ نوشيروان بابت حڪايتن تي مشتمل
اسان جي نظر مان گذريا) نقل ڪيائين جنهن جي آخر
۾ ڄاڻايل ته ”نوشتہ ماه ربيع الاول سنه 1274هه
در شهر خانپور“. نواب عرضي محمد خان کان معلوم
ٿيو ته نواب غلام شاهه تصوف بابت فارسي ۾ هڪ
رسالو ”غوثيہ“ جي عنوان سان لکيو. ڪافين ۽ ڪلامن
سان خاص دلچسپي هئڻ ڪري پاڻ به سنڌي، سرائڪي ۽
ريختہ هندي ۾ ڪلام چيائين. سندس دستخط ڪافين جو
هڪ وڏو بياض نظر مان گذريو جنهن ۾ فقير محمد
صديق، ڪرم علي فقير کورکاڻي ۽ گهرام فقير جتوئي
جون ڪافيون، ۽ شاهه عبداللطيف، بهاري فقير صوفي
۽ بنگلو فقير گوپانگ جا ڪي بيت پڻ لکيا اٿس. ڪن
ڪافين جي مٿان مختلف راڳنين ۽ ڌنن جا عنوان ڏنا
اٿس، جن مان ظاهر آهي ته کيس راڳ سان دلچسپي
هئي. سندس پنهنجي ڪافين مان هيٺيون نموني طور
قلمبند ڪجن ٿيون:
(1)
ڪافي روپ بباس
رين وهامي ويئي، اٿي گهُر الله کي.
ابلق جو عمر جو، ويو ڇال ڇڪون ڏيئي
شاهه سڪندر بادشاهه ويا سلطان سڀيئي.
2. رک الله روح
۾ ٻيون ٻن
ڏيئي
مڃ
محمّد مصطفيٰ مرسل
منجهيئي.
3. غلام
شاهه جا شوق رکي نينهن
لڳائج نيهي،
فاذ
ڪروني اذڪر ڪم تند وڄائج ويهي.
(2)
صاحب تؤن صدقي ڪيم ساهه، پوتو آهه پسام
فاذ ڪروني اذڪر ڪم تند وڄائج ويهي.
1.
تند وڄي ٿي وحدت واري، جان هنئين ۾ آهي جاري
منجهه قلب ڪرناهه
2.
عشق سڄڻ جي آتش لائي، محبت وارو مَچ الاهي
جئن چِکيي جي باهه
3.
روح رڱي ويو ذڪر رباني، حاصل ٿيڙو حال حقاني
اندر رهيو الله
4.
موج مهراڻ جي لهر لڳائي، قلب سڄڻ جي تک ترائي
دوست مليو دلخواهه
5.
غلام شاهه کي شاهه قلندر، پوڄ پياري سِڪ سراسر
دل پيتو درياهه
(3)
روپ سهڻي
دونهيون ديکڻ آئيون، من ريهو ميهار.
اندر اجاري عين ڪيو ساهڙ جيءَ سنڀار
کَرڪن من کِجائِيو جي ٻوريون ٻيلي پار
وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي، جرتڙي تک توار
غلام شاهه چئي فضل گهران، اوتڙ تون آڌار
(4)
ناهي ڪو منهنجو وس، عشق آنديس آر ۾
عجب دور درياءَ جا، پرت ڪيس پروس
سنڀارن ساهڙ جي جاڳايس جرس
سهڻي کي سرير ۾ سدا سڪ سرس
وڄ تارو وجود ۾، طلب لائي تس
غلام شاهه کي شوق جي روح ۾ آهي رس
نواب علي اڪبر خان
:
نواب غلام شاهه جي اولاد مان سندس فرزند نواب
علي اڪبر خان هڪ لائق ۽ علم وارو شخص هو.
فارسيءَ جو شاعر هو ۽ فقيريءَ ڏانهن مائل هو.
’علي‘ سندس تخلص هو. سندس
’ديوان
علي‘ پوين وٽ موجود هو، ڪي ٿورا سال ٿيا جو هيٺ
مٿي ٿي ويو آهي. سندس هڪ غزل هيٺ ڏجي ٿو:
کنارہ آب گلزاريست و يارِ نازنين رقصان
فرح بخش و نشاط افزا مفّرح رومہِ تابان
دف و چنگ و رباب و نئي ترم باکن درين مجلس
بغلغل قمري و طائوس خوش آواز دل هيجان
چون ساقي ديد در شوقم پيا پئي جام بامن دا
تو خوش ذوق از شراب لال در کام است عشاقان
”علي“
بايد بدين درگہ بجازي سرفروشيدن
برين فرشي مرصّع بود حافظ نيز دل حيران
علي اڪبر خان جو فرزند نواب غلام علي خان تعليم يافته، برجستو ۽
باهمت جوان هو. فارسي ۾ گفتگو ڪندو هو ۽ شاعرانه
ذوق رکندڙ هو. کيس اولاد ڪونه ٿي ٿيو، ۽ پنهنجو
هيٺيون شعر ڇت جي ڪام تي ورونهه خاطر هڻائي
ڇڏيائين:
از دل و جان منم غلامِ علي
بهر حسنين کن قبول ولي
يا الـٰهي مرا تو کعبہ نما
مع زيارت رسول پاک نبي
نيز اميدوار فرزندم
يا شهنشہ! بده امير علي
پوءِ ٻي شادي ڪيائين، جنهن مان کيس ٽي پٽ ٿيا:
امير علي خان، وزير علي خان ۽ حاڪم علي خان.
نواب امام بخش ولد نواب غلام شاهه:
نواب علي اڪبر خان جو ننڍو ڀاءُ هو. فارسي
خوانده ۽ طب مان واقف هو.سندس يادداشت ۾ ڄاڻايل
آهي ته: ”ادويہ برائ دفع بواسير از سامي فقير
سوده“. فقير حال رکندڙ هو ۽ سنڌي ۽ سرائڪي ۾
گهڻا ڪلام چيائين. سندس هٿ لکيل (؟) ڪافين ۽
بيتن جو هڪ وڏو بياض اسان جي نظر مان گذريو.
سندس هڪ ڪافي نموني طور هيٺ ڏجي ٿي:
سائين سار لهن وو-ماءُ منهنجي جيءَ جڏي جي.
مون کي ماري هليا، هينئڙو نيو هوتن
سسئي کي سرير ۾ سَڪوڙيو سورن
لئون جا لائي سڄڻين، مڱر ماٺ نه ڪن
الا ڦٽ فراق جا چڪيو ٿا چڪين
عاشق جي الله جا قربئون ٿا ڪسن
هلي هوت حبيب کي ڏورينديون ڏسن
”امام بخش“ جي ارواح کي جاڳايو جتن
نواب جان محمد خان (اول):
نواب غلام الله جو فرزند هو. سنڌ تي انگريزن جي
قبضي بعد نئين حڪومت ۾ مختيارڪار ٿيو. تاريخ 27
محرم 1278هه تي وفات ڪيائين. ۽ سيد السادات شيخ
محمد الياس جي مقام ۾ مدفون ٿيو. حضرت بادشاهه
پير جي شان ۾ چيل سندس هڪ ڊگهي مدح مان ظاهر آهي
ته کيس سنڌي نظم ۾ چڱي دسترس هئي. هي مدح -لوڪ
ادب سلسلي جي پهرئين ڪتاب ”مداحون ۽ مناجاتون“
(صفحا 434-445) ۾ ڇپيل آهي. مدح ۾ جملي 79 بند
آهن، جن مان پهريون هيءُ آهي:
نامِ خدا بهرِ خدا مون سين وسين هر دم سدا
توهؤن مڱان هر مدعا مون کي چون تنهنجو گدا
يا پير پيران بادشاهه
هن مدح کان سواءِ ڪافيون ڪلام پڻ چيائين، جن مان ڪي اسان جي نظر
مان گذريا ۽ هيٺيون ڪلام قلمبند ڪيو ويو:
ڪلام سر آسا
جتي باز برهه ٿو بڇائي،
اتي ڪانگ نه ذات لنوَن وه وا!
1.
ڪيهر شينهن جتي گجڪاري،
هستي اُتَهين ڪين گذاري
ماريو مرون ٿو کائي،
لکين لاگهه لڪيو ٿا لِڪن
وه وا!
2.
عشق عقاب ڪيا آشانا،
ڇا مجال رکي سيچانا
باشا بحريون اُڏائي،
نِت تازا طعام تڪن وه وا!
3.
وِره واسينگ وڌا جي وِهاٽي،
عشق آڙاهه مان آندا آٽي
کوري سي ڇڏيا کانئي،
سڪ سوز ۾
روز سڙن وه وا!
4.
نينهن نهوڙي نيا نماڻا،
موٽي ڪي مجنا ٿين سياڻا؟
گهُور گُهنڊيءَ سان گهائي،
سي ته ڪٺل ڪين
ڪُڇن وه واه!
5.
جوڳي ”جان علي“ جڳ فاني،
وڃي رهندو نينهن نشاني
رانوَل رمز رَلائي،
پنڌ پورڀ پاس پڇن وه وا!
نواب جان محمد خان غالباً آخري عمر ۾ بالڪل
فقيري حال ۾ رهيو ۽ گيڙو پوشاڪ پاتائين، جو سندن
فرزند فقير نواب غلام الله کيس ”احمر پوس“ ڪري
ڄاڻايو آهي. اِهو فقيري رنگ سندس اولاد تي پڻ
غالب پيو. سندس پٽ (نواب ميان علي گوهر خان ۽
فقير نواب غلام الله خان) ۽ پوٽو فقير نواب جان
محمد خان (ثاني) عرف جان علي پنهنجي وقت جا
درويش ۽ شاعر هئا.
تاج محمد خان بن نواب غلام الله (اول):
نواب غلام شاهه کان ننڍو هو. فارسي جو ڄائو،
خوشمزاج ۽ نڪتہ سنج هو. پنهنجي وقت جو قابل حڪيم
هو. وٽس ”گهوڙي-چَڙهيي‘ جلاب جو مجرب نسخو هو،
جنهن مان سوين صحتياب ٿيا. موري جو مختيارڪار
ٿيو. آخر عمر ۾ نابينا ٿي پيو. فارسي ۽ اردو ۾
شعر چيائين ۽ پڻ پٽس مڱڻ خان جي وفات بعد درد
مان ڪافيون ۽ ڪلام چيائين:
رمز رانجهن دي مينون موهيا، پل پل پور پون ٿا هاءِ...
”تاج محمد“ بات اهائي، ٻين ٻڌائڻ آهه ڪچائي
بس ڪر آکڻ، ڪر تون هاءِ
غزل فارسي
تو دلِ خويش، بدست آر، برادر جاني
اين همہ حرص و هوا ست بہ يک دم فاني
کاش کہ عمر تو برباد رود در غمِ مال
تو کمر بستہ و چالاک درين يغماني
تو کہ يک روز جدا مي شوي از دار فنا
در جهان، آن کہ مي خواني تو کرامي خواني
”تاج
محمد“ کہ سرِ عشق نہ داري هرگز
اين چہ بيهودہ عقل ست همہ نادانه
غزل هندي : روپ شام کليان
مجه هي فراق ديدن ياران بس تمام
مانگون دعا مِلَن کي هر روز صبح و شام
يا رب دکهاؤ مجکون آن دوست دلربا
شکر بجانمايم اي احکم الحکام
ساقي بيا بماده آن لعلگون شراب
جسکا نشه هي غالب کلّي اوپر مدام
کهتا هي ”تاج محمد“ سن اي سجن پيارا
مري پاس کر نظارا دي عشق کي زمام
نواب علي گوهر خان بن نواب جان محمد خان اول:
تعليم
يافته ۽ راه طريقت ڏي مائل هو. جهوڪ وارن صاحبن
جو مريد هو. پاڻ کي ”گوهر علي“ سڏايائين ۽
’صوفي‘ تخلص ڪيائين. اوائل ۾ بيراهن ۽ مخالفن
خلاف ”ردالخبيث“ نالي رسالو منظوم (مخمس)
ڪيائين، جنهن جي آخري بند ۾ چوي ٿو ته : ”جهل
تون قلم لچن جو، صوفي تون ڪر صبر“. بعد ۾ پنهنجي
حال توڙي قال ۾ وڏي منزل کي پهتو ۽ وفات وقت
پنهنجي وقت جو صوفي قادر طريقي جو هڪ ڪامل درويش
هو. کيس شاهه اليس جي مقام ۾ رکيو ويو. سندس
ڪلام ڪو گهڻو هو پر اسان کي گهڻو تلاش بعد
هيٺيان بيت ۽ هڪ ڪافي هٿ آئي، جي معنيٰ توڙي
اسلوب بيان جي لحاظ سان اعليٰ ڪلام جي ساک ڀرين
ٿا:
بيت
الله نه ڳنڍو نه ڳوڙهو، نڪي هڏو هوءِ
آهي سوئي سو، جو پيدا ٿيو (؟)
الله نه ڳنڍو نه ڳوڙهو، نڪي ڪلي ڪا
آهي اها ڪا، ماريو وجهي موت کي.
الله نه ڳنڍو نه ڳوڙهو، نڪا منجهس مک
سوئي وڃي سک، جو اوڏو ٿئي الله کي.
الله نه ڳنڍو نه ڳوڙهو، نڪا هِي نه هُوءِ
آهي سڀو هُو، جي پروڙين پاڻ کي.
جي پروڙين پاڻ کي ته آهين سُرت سُبحان
پر ڪنهن رضا ڪاڻ، ڦِريو وتين فڪر کان.
ڪافي
ڪا جا روح رهاڻ
ميان عمر! منهنجي هينئڙي ڪا جا روح رهاڻ
وسريم تان نه ولهار وٿاڻ، مارڻ ساڻ
ڪا جا روح رهاڻ
1.
پيرون پٽن چونڊيان
ڏارن ڏؤنگرن ساڻ
مارن ساڻ.............
2.
ڍاٽي اٺ ڊينگڙ ٺڊونڊا
پٽ تي
پهرن
پهنور پاڻ
مارن ساڻ.............
3.
ڪرڙ پچي پٽ
پار پڪا
پالُر پُسيءَ ڪيا
گهڙ گهمسان
مارن ساڻ............. 4. ”گوهر
علي“ تي ٻاجهون ٿيڙيون
حق هادي ڪيون حاذق هاڻ
مارن ساڻ.............
فقير نواب غلام الله (ثاني) بن نواب جان محمد
خان (اول(
14-ربيع
الاخر سنہ 1254هه ۾ تولد ٿيو. کيس فارسي ۽ عربي
جي تعليم ملي، ان سان گڏ مٿس پنهنجي والد جي
تربيت جو پڻ وڏو اثر ٿيو، ۽ هن راه طريقت ۽
فقيري کي پنهنجي حياتيءَ جو مول مقصد بنايو.
پنهنجي ڏاڏي (فقير نواب غلام الله خان اول) ۽
والد جي صحبتن جي سلسلي کان وڌيڪ پنهنجي معتقدن
جي دائري کي وسيع ڪيائين. پنهنجي شاعري جي
مضمونن ۽ عنوانن ۾ شبد، شلوڪ ۽ پؤڙيون شامل
ڪيائين، جنهنڪري سنڌي هندن مان هڪ وڏو تعداد
سندس مريدي جي دائري ۾ داخل ٿيو.
پنهنجي والد جي گيڙو لباس جي بدران پاڻ غالباً
سائو ويس اختيار ڪيائين، جو پاڻ کي ”غلام الله
فقير صافي العلوي سبز پوش صوفي القادري اويسي“
ڪري لکيو اٿس. پنهنجي فقراء لاءِ هڪ مخصوص طريقي
’غلام الــٰهيان سبز پوشان‘ جو بنياد وڌائين،
جنهن ڏانهن سندس تحريرن ۾ واضح اشارا ملن ٿا.
‘شجره
اولياي صافيہ علويہ اويسيہ غلام الــٰهي‘ ۾
پنهنجو سلسلہ طريقت نبي صلعم کان وٺي پنهنجي
فرزند تائين لکيو اٿس، جنهن مان اقتباس ڏجي ٿو:
سيد عبدالملڪ ساڪن برهانپور، سندن مريد مير جان
علي شاهه بهره وال ساڪن دکن، سندن مريد صوفي
شاهه عنايت الله شهيد، سندن مريد سيد اسماعيل
شاهه حسيني سنڌي صوفي ساڪن ٺٽو ننگر، سندن مريد
مخدوم عزت الله شاهه لقب ”گُند پير“ ابن شاهه
عنايت الله شهيد، سندن مريد عبداللطيف شاهه
حسيني ساڪن ٺٽو ننگر، سندن مريد حضرت شاهه قلندر
والي ريگستان سهرابي مخدوم شاهه سلام الله، سندن
مريد مخدوم محمد زاهد شاهه ڪلان ابن ابراهيم
شاهه ڪلان ’ڊرٻ واله‘، سندن مريد مخدوم ابراهيم
شاهه اوسط ابن محمد زاهد شاهه ڪلان، سندن ۽ سندن
والد جو مريد صوفي شاهه قلندر فضل الله القادري،
سندن مريد نواب فقير غلام الله لغاري
(1)
بن غلام محمد ۽ سندن فرزند نواب جان محمد اڪبر
عرف جان علي، جنهن جو مريد سندن فرزند نواب غلام
الله، جنهن جو مريد نواب جان محمد اصغر اخضر
لباس.“
”ڪتاب
انشاي گلزار عشاق اللـّهي... تصنيف قوم فقراي
صافان غلام اللــٰهيان سبز پوشان صوفيان احمر
پوشان“ (ڪذا) ۾ پنهنجي معتقدين جا فارسي ۾ لکيل
خط جمع ڪيا اٿس، جن ۾ هيٺين صاحبن جا خط شامل
آهن: قاضي خدا بخش
(2)،
قاضي امان الله سڪنہ شڪارپور، منشي ديوانچند
سڪنه بلرام پور آود، گجرانه والہ، نواب خدا بخش
خان لغاري، نواب غلام مصطفيٰ خان لغاري، سيد علي
اڪبر شاهه نقشبندي سڪنہ قريہ لکهي، منشي ميلا
پسنگ خيرپور، منشي تلسيداس خيرپوري؛ منشي
خوشيرام خيرپوري، منشي منگهارام خيرپوري؛ منشي
سجانسنگ خيرپوري؛ منشي اتمچند خيرپوري؛ ديوان
وليرام خيرپوري؛ منشي مولسنگ ولد ڪشنداس خيرپوري.
فقير نواب غلام الله تواضع خاطر پنهنجي لاءِ ”محمد مسڪين“ جو
ٻيو نالو اختيار ڪيو ۽ پڻ پنهنجي هندي شعرن ۾
”مسڪين“ تخلص آندو. پنهنجي جاگير ستياري (تعلقو
شهدادپور، ٽنڊي آدم کان چار ميل اتر-اولهه) ۾
چلا ڪڍيائين ۽ رياضتون ڪيائين ۽ بالاخر انهيءَ
مڪان کي ئي خانپور بدران پنهنجي سڪونت گاهه
بنايائين. هڪ تحرير ۾ پاڻ کي ”غلام الله خان
فقير عرف محمد مسڪين بن جان محمد خان فقير صوفي
القادري احمر لباس... ساڪن شهر خانپور و مسکنہ
قريہ ستياري من نواحي شهر شهدادپور“ ڪري لکيو
اٿس. سندس وفات خانپور ۾ تاريخ 17 شوال اڱاري
ڏينهن سن 1303هه ۾ ٿي.کيس مٽياري ۾ دفن ڪيو ويو،
۽ سندس مزار تي هڪ شاهي قبو تعمير ٿيل آهي.
تصنيف ۽ شاعري. مٿي سندس ٻن تاليفن جو ذڪر اچي
چڪو آهي. سلوڪ ۾ سندس لکيل هڪ رسالو ”ناصح
العارفين“ ۽ پڻ هڪ ”نسخہء ترکيبات آدم“ (يعني
معنيٰ الف، دال و ميم) اسان جي نظر مان گذريو.
اهي فارسيءَ ۾ آهن. جا ان وقت جي چالو فارسي جو
هڪ نمونو آهي. عربي، فارسي، سنڌي، سرائڪي ۽ هندي
۾ شعر چيائين. عربيءَ ۾ سندس هٿ اکر لکيل نظميہ
دعا جي آخر ۾ ڄاڻايل آهي ته : ”قصيده هذا تصنيف
نحيف غلام الله ضعيف ولد نواب مستطاب غفران
پناه... ميان جان محمد خان لغاري صوفي القادري
حمر پوش-تحرير بيست و دويم شهر رمضان المبارڪ
1292هه“. عربيءَ ۾ شعر چوڻ جي ڪوشش ڪيائين، زبان
جي اعتبار کان سندس اهي اشعار البت ناقص آهن،
حالانڪه خيال سهڻا آهن. بهتر مثال نموني طور ڏجن
ٿا:
”ڪمشنر
سنڌ جي آفيس ۾ بلوي کان اڳ واري رڪارڊ جي
عنوانن جي الف-بي وار فهرست“ (انگريزي ۾)،
ڪمشنر پريس ڪراچي، 1931ع، ص 265
ڪمشنر
جي آفيس ۾ باوي کان اڳئين دور واري سنڌ جي
ڪمشنر جي دفتر جو انتخاب، ڪمشنر پريس،ڪراچي، ص
ص 37، 193 ۽ 241
”ڪمشنر
سنڌ جي آفيس ۾ بلوي کان اڳ واري رڪارڊ جي
عنوانن جي الف -بي وار فهرست“ (انگريزي ۾)
ڪمشنر پريس ڪراچي، 1931ع، ص 328
نواب غلام الله وڏو ۽
سندس وڏو ڀاءُ نواب غلام علي محمد خان ٻئي
درويش مٺي فقير هالي جا مريد هئا. ٿي سگهي
ٿو ته نواب غلام الله، فضل شاهه قلندر کان
به فيض حاصل ڪيو هجي.
قاضي خدا بخش جي ولادت
حيدرآباد ۾ ٿي. گدو ۾ رهندو هو. ڪنهن وقت
گهوٽڪي ۾ سب رجسٽرار هو. فارسي جو شاعر هو.