سان سندس محبت ۽ عقيدت هئي. کيس هڪ ڀلو مشڪي گهوڙو هو، جو ليوڪس
کانئس گهريو، پر نواب صاحب عمداً ۽ ارادتاً اهو
گهوڙو پير صاحب جن جي حوالي ڪيو. سندس ايماء تي
منشي ٽوپڻمل سنه 1292هه ۾ فارسيءَ ۾ ’تاريخ سنڌ‘
جو ٻيو جلد ٽالپور اميرن جي دؤر بابت لکيو
(1)جنهن
جو قلمي نسخو (تاريخ ڪتابت 26 جمادي الثاني
1292هه) پنجاب يونيورسٽي لئبرري ۾ موجود آهي. ڪتاب
۾ 1843ع (1259هه) تائين جا واقعات آهن. پهريون
ڀاڱو 25 ورق) تيمور جي دؤر کان وٺي سنه 1216هه
تائين، ۽ ٻيو ڀاڱو 25 تان 73 ورق) تائي سنڌ جي
ابتدا کان وٺـــي انگريـــزن جي قبضي (1843) تائين
آهي. ڪتاب جي آخر ۾ مؤقف لکيو آهي:
”حسب التکليف جنان نواب صاحب عمر خضر نواب ميان
فتح محمد خان زيد عمره خلف جناب نواب صاحب عالي
قدر سرمايہ مروت مجمع الاشفاق يگانه گوهر النفس و
آفاق فياض الدهر مفيض العصر جناب نواب صاحب نواب
حاجي ميان محمد خان لغاري دام لطفہ سکنہء تاجپور؛-
واقعه تاريخ 26 ماه جمادي الثاني 1292هه برابر
تاريخ 18 ماه جولاءِ 1876ع، سندهي ماه اکهار سنبت
1926 (؟) صورت انظام يافت.“
هيٺين سجع سندس مهر ۾ ثبت ٿيل هوندي هئي، ”شده دين قائم
ز فتح محمد“. نواب فتح محمد خان سنه 1278هه ۾
حيدرآباد ۾ ٽنڊي ولي محمد وفات ڪئي ۽ کيس جهوڪ
شريف جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. سندس تربت، چوکنڊي
جي دروازي لڳ فقير حاجي فتح خان لغاري جي سيراندي
کان آهي.
نواب حاجي فتح محمد خان جي فرزندن مان وڏو حاجي فيض
محمد خان والد جي حياتي ۾ گذاري ويو. علم وارو هو.
سنه 11-1910ع ۾ حجاز، بيت المقدس ۽ عراق جو سفر
ڪيائين ۽ سنڌيءَ ۾ ’سفرنامو‘ لکيائين. سندس فرزند
مراد علي خان ۽ حاجي محمد صادق خان حال حيات ۽
اولاد وارا آهن. ٻيو نمبر نواب علي احمد خان هو،
جنهن جو ذڪر هيٺ اچي ٿو. ٽيو نمبر ۽ چوٿون نمبر
محمد خان ۽ الهداد خان گذاري ويا. پنجون نمبر غلام
مرتضيٰ خان حال حيات آهي. ڇهون نمبر فرزند خان
محمد خان، هن خاندان مان پهريون نوجوان هو، جنهن
بي. اي. پاس ڪئي. حال حيات آهي، ڪراچي ۾ رهي ۽
اولاد وارو آهي.
نواب علي احمد خان: نواب حاجي فتح محمد خان جو ٻيو
فرزند 26-ربيع الاول سنه 1299هه ۾ ڄائو. وڏي ڀاءُ
فيض محمد خان جي وفات ڪري جاگيري ۽ نوابي کيس ورثي
طور ملي. مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. جواني ۾
آفيسرن وٽ وڏي اثر رسوخ وارو هو. طبعاً فقيري
ڏانهن مائل هو ۽ انهيءَ ڪري سندس حياتي جو پهريون
حصو عبادت ۽ فقيري حال ۾ گذريو. سنڌي ۾ مولود،
ڪافيون ۽ ڪلام جوڙيائين. سنه 1319هه کانوٺي هڪ
بياض جي شروعات ڪيائين، جنهن ۾ آخري تحرير سنه
1345هه جي سندس دستخط قلمبند ٿيل آهي. بياض جو
عنوان ”ڪتاب سيرالعاشقين و قوت العاشقين،
تصنيف علي احمد صوفي القادري“ آهي، جنهن جو گهڻو ڀاڱو ”شهودن“
جي سمجهاڻي تي مشتمل آهي. وچ ۾ موقعي سان مثنوي
مان ”سوداگر طوطي“ وارو نقل ۽ ڀٽائي صاحب جا بيت
آندل آهن. شاهه صاحب سمجهاڻي شيخ،. ”ڇهين شهود“ جي
سمجهائڻي بعد ”تاريخ 12 شوال 1339هه“ ڏنل آهي. ان
بعد سندس پنهنجي سي حرفي ۽ هڪ سؤ (پنجهٺ) کن سنڌي
ڪلام قلمبند ڪيل آهن. آخر ۾ ”باب منجهه بيان لا
وجودي طالب“ جي وضاحت آهي.
سندس ڪلام ۾ ڪي مولود آهن۽ ٻين ڪافين ڪلامن ۾ پڻ
جا بجا نبي صلعمجي سڪ ۽ محبت جا جذبات ڀريل آهن.
سندس هڪ مولود ۽ ٽي ڪافيون نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون.
مولود
پئي ملڪ منجهه مقال، آيو عربي ٿيڙيون عيدان
1.
اڱڻ اسان جي دلبر آيو، وريو واء وصال
2.
ڳَئي اونداهي ٿَئي روشنائي، اڀريا سج
شمال
3.
ملڪن ۾ مشهور ٿئرو، جانب جو ته جمال
4.
سڄڻ سدائين هوندا نيڙي، دشمن ٿئڙا زوال
5.
هر جا حاضر ناظر هادي، حاصل ٿئڙو حال
6. ”علي
احمد“ سان لطف هزارين، ڏس ڀلي جا ڀال
ڪافي
پاند ڳچي ڳل پائي، ڇو نه پنهل پرچايون.
1.
حجت هوتن سان نِي وي، ناهي اسان جي الو ميان
ڪير ٻيو سينو ساهي، اسين سگ دربان سڏايون
2.
حجت ڪيڙا ني وي، هلاڪ هزارين، الو ميان
ڪيئي ڊنگ وڌائين ڊهاي، وسري وين سڀ وايون
3.
علي احمد آهي نِي وي، اصلؤن اوهان جو، الو ميان
ٻئي سان اسان جو ڇاهي، توکي ئي ٿا سندايون
ڪافي
سي لوهو ڪئڙا لال، رٿا عاشق رنگ ۾
1.
مرد ميخاني مست مدامي، پس تنهين جا حال_
جي ماريا اڪبر جنگ ۾
2.
جوڳين جيئري جان جلائي، سڻي ڳجهي ڪا ڳال_
ناٿ نميا اِنهي ننگ ۾
3.
روز الست جو وعدو پاڙيئون، نينهن ڪياسي نهال_
سامي رهيا انهيءَ سنگ ۾
4.
علي احمد جا ”عاشق“ ٿئڙا، ڏس ڀلي جا ڀال_
جنهن ڍڪيا انهيءَ ڍنگ ۾
ڪافي
ٻانهان آهيون ملهه خريدي، در دلبر جي دايا.
پرتئون پهرا ڏيون پنهنجي پِر تي، جڏهن پير اڱڻ مون
پايا
2.
سهجؤن سرهي سيج وڇايان، ٿئڙا سانگ سڻايا
3.
سڪ سيد جي سوگهو ڪئڙو، اها ازلؤن عشق دا رايا
4. ”علي احمد“ تي لطف هزارين، چا جانب جهولڙي پايا
نواب حاجي علي احمد خان جو اولاد موجود آهي. سندس
وڏو فرزند مڱڻ خان حال حيات ۽ اولاد وارو آهي. ٻيو
نمبر فرزند نواب حاجي محمد خان جهان ديده، خوش
خلق، علم دوست ۽ سير سفر جو شوقين آهي. تقرير توڙي
تحرير ۾ دسترس اٿس. سوالن جي ڏي وٺ ۽ منطقي دليلن
۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ماهوار رسالو ’نئين کيتي‘
سندس رهنمائي هيٺ شايع ٿيو.کانئس ننڍو ۽ ٽيون نمبر
ڀاءُ حاجي جان علي خان آهي، جو جوش خلق، خوش پوش ۽
ڪچهرين جو ڪوڏيو آهي. حاجي حسين بخش خان ۽ محمد
خان کانئس ننڍا آهن ۽ اولاد وارا آهن.
نواب الهداد خان ’صوفي‘ ۽ سندس اولاد
الهداد خان، نواب ولي محمد خان جو ٽيون نمبر پٽ
هو، جو نواب صاحب کي پيريءَ ۾ تاريخ 27-رمضان سنه
1238هه (1823ع) ۾ ڄائو. دستور موجب سندس واسطي
فارسيءَ جي اعليٰ تعليم جو انتظام ٿيو. نوَن سالن
کن جو هو جو سندس والد نواب ولي محمد خان وفات
ڪئي. ڏهن سالن کن جي عمر جو هو جو مير محمد نصير
خان طرفان سندس واسطي نوازمو مقرر ٿيو. باوجود
ڪمسنيءَ جي الهداد خان مير صاحب موصوف جي درٻار ۾
مقبول پيو ۽ ويندي انگريزن جي قبضي تائين ٻارهن
سال ۽ سترهن ڏينهن مير نصير خان جي نوڪري ۾ رهيو ۽
سندس واسطي جاگير مقرر ٿي.
سنه 1259هه/1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ في
الحال هي خاندان پڻ زير عتاب رهيو. ٻه سال کن نواب
الهداد خان پڻ ڪسمپرسي جي حالت ۾ هو ۽ بالاخر ماه
ذي قعده سنه 1260هه ۾ نواب بهاول خان دائود پوٽي
وٽ امداد لاءِ ويو ۽ هڪ مختصر قصدي ”تصنيف نوزدهم
ماه ذي قعده 1260هه“ ۾ سندس آڏو پنهنجي مدعا پيش
ڪيائين:
مطلع: اي شہِ دوران بهاول خان سلطانِ زمان
سايہ فضل اِلـٰهي برتو باشد جاودان…
روزگارم بينوا بر درگهت آورده ام
لطف فرما برسرم اي فيض بخش بيکسان
ڀانئجي ٿو ته نواب بهاول خان طرفان کيس تسلي بخش امداد ڪانه
ملي، ۽ بعد ۾ هو غلباً مير عليمراد خان والي
خيرپور وٽ آيو، جنهن جي وساطت سان شايد انگريزن وٽ
سندس نوڪري جو سلسلو شروع ٿيو.
انگريزن جي دؤر ۾، سنه 1847ع کان وٺي
(2)
سترهن سال ساڍا ٽي مهينا انگريزن جي نوڪري ڪيائين.
سندس ڪاغذات ۽ تحريرن مان معلومٿئي ٿو ته جون
1853ع/رمضان 1269هه ۾ هو ’قنبر ڪنڊي“ جو ڪاردار
هو. سندس نالي سان هڪ سرڪيولر مؤرخ ”26-رجب 1278هه
صحي الهداد لغاري مختيارڪار سيوان“ مان ظاهر آهي
ته سنه 1861/1278هه ۾ هو سيوهڻ جو مختيارڪار هو.
غلامي جي دؤر واري نوڪري ۾ اها اڳين خود داري قائم
نه رهي. انهيءَ ڪري بالاختر سيوهڻ جي مختيارڪاري
جي عهدي تان استعيفيٰ ڏنائين، مگر ان هوندي به کيس
هڪ سؤ رپيا ماهوار پينشن ملڻ لڳي. هڪ يادداشت مان
معلوم ٿيو ته مهيني نومبر 1864ع جا هڪ سؤ رپيا
پينشن کيس خزاني مختيارڪاري سيوهڻ مان 3-ڊسمبر
1864ع تي مليا.
نواب الهداد خان ’ڪوٽ لاشاري‘(3)تعلقي
سيوهڻ ۾ دائمي سڪونت اختيار ڪئي ۽ سندس اولاد پڻ
هميشه لاءِ اُتي ئي رهيو. غالباً نوڪريءَ مان
رٽائرڊ ٿيڻ بعد ئي کيس مير عليمراد خان والي
خيرپور طرفان ”غره ماه ربيع الثاني سنہ 1280هه“
کان هڪ سؤ رپيا ماهيانو وجہ مواجب مقرر ٿي مليو.
مير صاحب سان سندس نيازمندي جو سلسلو غالباً آخر
عمر تائين قائم رهيو، جيئن ته سنه 1293هه ۾ مير
عليمراد خان ڏي سندس هٿ لکيل (فارسيءَ ۾) هڪ خط جو
نقل اسان جي نظر مان گذريو.
نواب الهداد خان تاريخ 18-محرم سنه 1300هه/30 نومبر 1882ع ۾ ڪوٽ
لاشاري ۾ وفات ڪئي ۽ کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو. ڏهه
سال کن ٿيا جو اسان سندس تُربت تي هيٺيون ڪتبو
(4)لکيل
ڏٺو ۽ قلمبند ڪيو:
واحسرتا دريغ اله داد خان نواب
ذي شان و صوفي خاتم شعرا زمانہ بود
چون شد زمہ محرم تاريخ هزدهم
زين دار رفت و روي بدارالبقا نمود
”افضل“
بجست سال وفاتش ز ”حال بگفت
”بنود
اله داد بخلدِ برين ورود“
اديب ۽ شاعر:
نواب الهداد خان سنجيده، باوقار، ديندار، صلح پسند
۽ صوفي منش بزرگ هو. پنهنجي وقت جو اديب ۽ شاعر هو
۽ طبع جي لاڙي مطابق ”صوفي تخلص اختيار ڪيائين.
سندس باري ۾ ڪنهن شاعر مرثيہ طور چيو ته:
در علوم ديني و عقبيٰ فضائلمند بود
در امور دنوي هم بود پسنديده شهان
در بلاغت هم فصاحت ثانِي سحبان بودي
در شرف عزّ و هدايت بهترينِ بزرگان
هست اشعارش بسي اندر زبانِ فارسي
نيز در هندي بسي شيرين و در سندي زبان
مرد بودي صاف دل بيرون درون صافي روش
زان تخلص خود بہ ”صوفي“ وانمود اندر بيان.
سندس ٻه سجعون هيون 1. ”بهر کاري خدايار الهداد“، 2. ”بنده
درگاه الهداد لغاري“، ۽ سندس مهر ۾ ”مسکين عبده
الهداد“ جا الفاظ ثبت ٿيل هئا.
ديوان صوفي:
نواب الهداد خان فارسي زبان جو قادر الڪلام شعار
هو.زبانداني ۽ محاورن تي ڪافي عبور هوس. اڃان سندس
عمر ويهه سال به ڪانه هئي جو فارسيءَ ۾ ”ديوان
صوفي“ منظوم ڪيائين. ديوان ۾ سندس ڪلام جو رنگ
صوفيانه آهي. زبان داني ۽ محاورن جي بندش سان
مجازي عشق جي رعناين کي حقيقي رنگ ۾ پيش ڪيو اٿس.
سندس فارسي ڪلام لغات ۽ عروض جي غلطين کان پاڪ
آهي، ۽ آمد ۽ زور بيان پڻ ڪلام ۾ ڪنهن حد تائين
نمايان آهي. ڪي اشعار حافظ، سعدي ۽ صائب جي رنگ ۾
چيا اٿس، خود چوي ٿو ته:
بہ شعر گفتن صوفي زبان فهم ترا
مثال سعدي و صائب شعار بايد کرد
پنهنجي ڪلام متعلق وڌيڪ چوي ٿو:
مي دمد بوئ حقيقت از لبِ گفتار ما
مي پسندد بسکہ هر صاحب دلي اشعار ما
ديگر کہ ميل طبع بشکّر نياورد
طوطي بگوش گر کند اين خوش کلام ما
”ديوان صوفي“ مان ڪي اشاعر انتخاب طور هيٺ ڏجن ٿا:
ديوان
هن طرح شروع ٿئي ٿو.
الــٰهي مطلع انورِ رحمت ساز جانم را
کليد مخزنِ اسرار دل گردان زبانم را
خداوند تجلي ده زنور دل بيانم را
بہ شمع خويش روشن کن ز ظلمت دود مانم را
—
تا بر آوردي نقاب اي رشک روئ آفتاب
داغ حسرت گشت پيدا بر وجودِ ماهتاب
—
تابکي نشود نماي گل در ايامِ بهار
زانکہ از باد خزان چندين چمن برباد رفت
آنچہ از ما التفاتِ دوستي ديروز بود
حيف کامروز آشنايان راه همہ ازياد رفت
—
از اياغ نرگسِ مبگونِ تو اي رشک گل
هردو چشمِ من خمار جرعہء صهبا گرفت
—
شرح جفاي دوست نه بهر شکايت است
مقصود ذکر اوست دگرها حکايت است
—
برنگ غنچہ عمري سر بہ جيبِ خود فروبردم
گريبانها مهيا کردم از بهر دريدنها
—
بهنگام تواضع صوفي از مکر عدومَ نشين
کہ خيزدم تير از پشت کمان وقت خمدنها
—
غم عالم فراوان است من يک غنچہ دل دارم
چسان در شيشہء ساعت کنم ريگ بيابان را
—
آئينہ را مقابل روي تو رنگ نيست
من آنچہ ديده ام کہ تو خود هم نديده اي
—
کند از راز جهان قصہ، تو گوئي، دارد
نسب از کاسہء جم جام سفالينہ اي ما
—
مي توان در زلف او ديدن دل بيتاب را
کي کند شب پرده پوشي گوهرِ شب تاب را
—
حسن و عسق پاک راشرم وحيا درکار نيست
پيش مردم شمع در برمي کشد پروانہ را
”صوفيا“!
دلها پريشان را پريشان تر کند
شورش زنجير در شور آورد ديوانہ را
—
رخصت طوفان دهم گر اشک عالم گير را
گم کند چون موج دريا رشتہ تدبير را
قصہ تسکين و شيدا: هن ’طبع زاد‘ فارسي مثنوي جي
شروعات هن طرح ڪئي اٿس:
الــٰهي پرده هاي ديد بکشا
لقاي چهرہء پُر نور بنما
شراب عشق در جامِ دلم ريز
خمار اشتياق خود برانگيز
ز شوق خود دلم را شاد ترکن
نهال آرزويم پرثمر کن
آخري شعرن ۾ چوي ٿو ته:
بسا ايام بودم محنت آگين
بہ نظمِ ’قِصہ شيدا و تسکين‘
کہ سازم داستانش جملہ منظوم
ز بهر نس خاطر هاي مفهوم
کنون تم شد بعون لطف سبحان
خداوند جهان ذوالفضل يزدان
باين در سفتن نظم طبع زاد
ترا حق مهربان باد اي الهداد!
کہ ”صوفي“ هم تخلص توست پيدا
بهريک کبت هر شعر و غزلها
مثنوي اصغر: ”مشتمل برچهل داستان“ ستٽيهن سالن جي
عمر ۾ سنه 1274هه ۾ جوڙيائين. هن مثنوي جا شروع
وارا ورق دستياب نه ٿيا، باقي پڇاڙي واري چاليهين
داستان جا شعر مليا جي هيٺ انتخاب طور ڏجن ٿا:
آمد اکنون بازم چهلم داستان داستانِ
آخرينِ، خوش بيان
از تماميت مثنا
مثنوي
’مثنوي
اصغر‘ کتاب معنوي…
قبل ايامي بعمرِ
بيست سال
کردم
از تصنيف ديوان اشتغال
در غزل ”صوفي“ تخلص کرده ام
دريکايک
شعر خود آورده ام…
حاليا در عمر سالِ سي و هفت
دل
بشغلِ نظم مشغولي گرفت
مشتغل گشتم به تصنيف کتاب
از
برائ اشتغال شيخ و شاب
سال تصنيفش بياور در شمار
از
هزارو دو صد و هفتادوچهار…
’مثنوي‘
را ’مثنوي اکبر‘
بخوان و اين کتابم ’مثنوي
اصغر‘
بدان
’مثنوي
اصغر‘ نمودم نام
اين يا الاهي در اجابت کن قرين…
آن مصنف هست مسکين
”الهداد گو غلام توست عاصي در عباد
مثنوي مسکين:
هيء مثنوي، مدح، مناجات ۽ وصف صحابه ڪرام ۾ چيائين. آخر
۾ڄاڻايل ته هن مثنوي ۾ جملي 571 اشعار آهن. شروع
وارا بيت هن طرح آهن:
يا الهي بر تو روشن حال ما از
عفويت در گذر اعمال ما…
چاره کن اين ”صوفي بيچاره را
حسن و خوبي دردو عالم کن
عطا
آخري شعر:
ازسجود و طاعت حق سر متاب ختم کن و الله اعلم بالصواب
”ديوان“
۽ ”مثنوين“ کان سواءِ، الهداد ”صوفي“ مشهور فارسي
گو شعراء جي ڪلام مان هڪ انتخاب بترتيب ’ديوان‘
مرتب ڪيو ۽ الف-بي وار هر قافيي تي منتخب ڪيل شعرن
جي اخر ۾ پنهنجو شعر پڻ انتخاب طور ڏنائين. حافظ،
جامي. طالب، صائب ۽ ٻين ٻاهرين شاعرن کانسواءِ سنڌ
جي فارسي گو شاعرن مان محسن ٺٽوي، مير علي شير
قانع، سيد عظام الدين، ميان سرفراز، منشي صاحبر!ءِ
آزاد، سيد صابر علي ٺٽوي، شيوڪ رام عطارد، جان
الله شاهه، مخدوم نور محمد بوبڪائي، مير غلام علي
مائل، ميرزا غلام علي مومن، ديوان ڄيٺانند مسرور ۽ پنهنجي والد نواب ولي محمد خان لغاري جا شعر
چونڊيا اٿس، مثلاً
:
خواجه حافظ شيرازي
ما مريدان روبسوئ کعبہ چون آريم چون
روم بسوئ خانہ خمار دارد پير مان
محسن تهتوي
ما پريشان خاطر ان ديوان زلف تو ايم
درکف شانہ مده سر رشتہء زنجير ما
لاغريم از بسکہ ”محسن“ خامہ نقاش فکر
موشگافيها کند تا برکشد تصوير ما
صائب
از غبارِ نالہ ما درمندان آگہ اند
مي شود در زخم ظاهر جوهر شمشير ما
اينکہ ”صائب“ دست مارادامن
او کوتہ است
نار سائيهاي اقبال است دامن گير ما
الهداد لغاري ”صوفي“
زلف را فرما کہ باما يک نفس گيرد سرور
کاشنا باآشنا زيبد من و زنجير ما
سنڌي شعر: نواب الهداد خان فارسي کانسواءِ سنڌي،
سرائڪي توڙي اردو ۾ شعر چيو. سنڌي ۾ مناجاتون،
مولود، مرثيا ۽ ڪافيون ڪلام چيائين، پر فارسيءَ جي
ڀيٽ ۾ سندس اهو ڪلام ٿورو آهي. سندس سنڌيءَ ۾ چيل
مناجات (يا خدا آءُ آهيان عاجز مون تي ڪر مهرئون
نگاهه—الخ) ۽ نبي صلعم
جي مدح (اي خدا جا خاص تون محبوب حق احسن
امير—الخ) لوڪ ادب سلسلي جي پهرئين ڪتاب ”مداحون ۽
مناجاتون“ (1) ۾ ڇپجي چڪا آهن. سندس سنڌي ڪلام ۾
زبان جي پختگي ۽ خيالات جي شگفتگي نمايان آهي، هڪ
سنڌي نصيحت نامي ۾ تڪراري مصرع اردو ۾ آندي اٿس:
سوين سهراب هوا سجهندا، لکين گهرام هوا گجندا
ٻهون ٻڳڻ هوا ٻجهندا، اجل جي لوڇ ويا لُجهندا
مگر باقي خدا هوگا دگر کلّي فنا هوگا
هڪ مولود جو مطلع ته:
صفت سردار جي هردم دليئون ده وات ٿو وايان
محمد مير مُرسل جو مدح گو اصل کؤن آهيان.
هيٺ سندس چار سنڌي ڪافيون، هڪ سرائڪي ڪافي ۽ بيت
نموني طور ڏجن ٿا.
ڪافي
اهنجون عشق پوچارون، ڀلو برهه وارن جون ميان
ڏوٿي جيڪي ڏونگر ڏورن،
موڙن
ڪين مهارون
ڪونجون آيون ڏيهه ڏونگر کان،
تن
جون سڻ تون توارون
تار وڳي جڏ وحدت واري،
سهسين وڄن ستارون
”صوفي“
بيحد برهه جون باتيون، سوين ساز سينگاريون
ڪافي
گولي آهيان غلام، ڀلو تنهنجي درجي
گلو تنهنجي در جي، سائين تنهنجي در جي
1.
جيهي آهيان تيهي آهيان، ڪريو مهر مدام
مون ڏي پاڪ نظر جي
2.
صفت سبحاني بيحد بالا، لکي قول ڪلام
ناهي بات بشر جي
پاڻ وڃائڻ دوست پهائڻ، رکڻ تانگهه تمام
ناهي حاجي هنر جي
”صوفي“
ويچارو عيبن هاڻو، ايهو عهد انجام
آهي گولي درجي
—
جنهن جو خيال دل تي تنهن جي ٿو ڳالهه ڳايان
هر وقت هر گهڙي ۾ اهو فڪر ٿو پچايان
”موتوا قبل ان تموتوا“ آهي تنهن سندو اشارو
غازي ٿي هن غزا کؤن ڪيئن پير پٺ تي پايان
دنيا جي دوستي ۾ عقبيٰ جي اعتراضي
مشڪل ته باهه پاڻي رلم،ل ڪري رلايان
جنهن نفس ڪيو، پريٺشان، تنهنجون ته هي مرادون
ڪپڙا چڱا هنڍايان چوکو ڪِين کاڄ کايان
”صوفي“
اميد رکجي آهي دوست ڏنہ دلاسو
”لاتقنطوا“
تي تڪيو رحمت رفيق ڀايان
—
عشق اچي ڪيو اندر اوترارو
دل ۾ لائي نينهن نغارو.
ڏور ڪياسين دل کؤن سڀئي
خام خيالن جي ٿي کارئو
سهسين ڏٺاسين رنگ تماشا
عشق اچي جڏ ساز سنوارئو
عشق لايون جڏ نينهن جون م وڪون
برهه
جو دل ۾ باغ بهارئو
عشق سچو آهي حق جو ’صوفي‘
ٻئو مڙوئي ڪوڙ پسارو
—
اسان نون عشق وي يارو عجب ڪجهه رمز دکلائي قدح پُر ڪر ڏتا ساقي
وسرڳئي بات هر ڪائي جڏان خورشيد وحدت دي وکهايا
نُور نوراني مهيني ماه سڀ دل تؤن اتر ڳَئي جُون
جُلائي امر ٿيا فاذ کروني دا بشارت عام اذکرکم اها
لذت جنان آئي تنان ڪيا ڪام دنيائي جڏان حق آپ
فرمايا هي ’ڪَرَّمنَابَنِ آدم‘ نه ويکڻ آپڻا مَنصب
اها هي عين اعمائي دوئي ڪون دور ڪر ويکهو تماشا دل
اندر ’صوفي‘ جنان حق احد ڪر سمجها تنان سڀ حاج هٿ
آئي سرائڪي ۾ سندس هيٺيون بيت غالباً حمل خان
لغاري (وفات 1296هه) جي تنبع ۾ چيل آهي:
زلف سياح سڄڻ دي خم خم عين عجب ڪنهن ڳُتي
راست پَئي رخسار اتي ڄڻ نانگ بشيهر سُتي
ڪَونه اٿان هٿ مار سگهي، هِن مار خزاني اُتي
مين صدقي تنهن صاحب تون جنهن جوڙ اهي رنگ رُتي.
ميرمحمد نصير خان جي قيد ۾ بند ٿيڻ تي هيٺيون
مرثيو چيائين جو اسان سندس هٿ اکرين لکيل ڪاغذن
تان قلمبند ڪيو، پر جيئن ته ڪاغذ توڙي عبارت بالڪل
خسته حالت ۾ هئا، انهيءَ ڪري ڪن جاين تي خال رهجي
ويا آهن. هيءُ مرثيو تاريخي لحاظ سان اهم آهي.
”هو الکريم جل شانه مرثيہ مير محمد نصير خان دار اقبال“
سن جي سردار
سرور جي سڻو
هِي ماجرا
ڇا چوان تنهن شير غازي جي شجاعت، هَي قضا!
هاڪ جنهن جي فيض
۽ انعام جي
هئي
جا بجا
پهلوانِ صف شڪن رستم جو ثاني در
وَغا
جنگ جو جنگي بهادر سرڪش و پُردل شجاع
تنهن کي اڄ تقدير ڪاريو تابعِ اهلِ نزاع.
هَي قضا هَي هَي قضا
اهڙي نه لايت شاهه جو
هَئي! سدا بُرجِ بَسالت جو منور ماهه هو
دائما
دوران ۾ سلطان عالي جاه جو
سڀ کي [ان جو آسرو ۽ سڀ] سندو همراهه هو
هاءِ اڄ ٿئو تابِع حڪمِ سپهدارِ فرنگ
هو ادب ۾ جنهن سندي پيوستہ سالارِ فرنگ.
سال ٻارهن سا ۽
اٺهٺ [رات
هئي] جمعي سندي
هاءِ اڄ فوجِ فرنگي
ظلم سين برطرف ڪي
ڇا چوان ميرن سندي ڇا سروري سرڪار هئي
دولت [دارِ] ڪفر غلبي کؤن سڀ
مسمار هئي
امت ختم الرسل عيسيٰ جي امت ڪِي اسير
سَرورانِ سنڌ هريڪ شد اسيرو دستگير.
ٿو چوي راوي ڪِ جڏ
جرنيل نيپر انگريز
صوبہء سالار هندوستان فرنگي فتنہ خيز
سنڌ ۾ آيو وڏي سامان باعزم ستيز
تاب ان جي کؤن تمامي خلق ڪيو
رو در
گريز
خيرپور ٿي شورپور محشر ۽ ماتم جو مڪان
خيرپور جا خاص سڀ شهدادپور ڏي ٿيا روانا.
هاءِ جنهن
دم
حيدرآباد آيو ميرِ خيرپور
سنڌ جي سالار ڪي ان
جي تلافي خوب تر
جنگ ري هرگز نه
ڄاتئين ان جو درمانِ دگر
تڏ مسلح ٿي
بعزم
رزم سنبهيو پنهنجي سر
سام جي لئه سر ڏيڻ سعيو ڪيو ان شير نر
شير نر غازي غضنفر بيمشل والا گُهر.
رات
… … … … …
ڪاپ جي ٽوڙڻ جو صبحي مر ڪيئين افواج کي
ڪئي جُلهه جنگي
جوانن هر طرف
کؤ کاپ تي
ڪاپ کي ڪيئون ڪالعدم سڀ چيز ۽ آشيا لڏي
ڪاپ جي شورش کؤن نيپر جلد آيو بهر جنگ
ليلة الجمعة اچي نزديڪ ٿي فوجِ فرنگ.
بيشہ گردون کؤن ظهار ٿيو جڏ روبا زرد
ٿئو سواري
اسپ تازي
فوجدار شير مرد
اڳ ۾ سڀ سورهه
يڪايڪ ثاني بهرامگ
رد
صف بصف
دستہ
بدست
ٿيا به آهنگِ نبرد
روز جمعي سترهين محرم جي ٿيو آغاز جنگ
سنڌ جي سالار جو باصوبہ ملڪ فرنگ.
ڇا ڇا چوان صوبا سندس ۽ ڇا چوان
ان جا امير
ڇا چوان ان جا
ملازم ڇا
چوان ان
جا مشير
ڇا چوان ان جا بهادر ۽
دلاور دلپذير
ڇا چوان هريڪ بهادر بهمن و
رستم نظير
رستم و اسفند ثاني صف شڪن سورهه جوان
جن جا هئا سينا ۽ سرتيرن اڳيؤن مثلّ نشان.
آهه جڏ
’نصرمن
الله‘
چئي جلهه ڪي ان جوان
تيغ عريان برڪف و ’الله اڪبر‘ بر زبان
تيغ جي تابش کؤن
هو سڀ ملڪ محشر جو مڪان
سچ قيامت جي تجمّل
ڪيو
سرِ نوڪ سنان
هڪ طرف قوم بلوچان ٻي طرف فوج فرنگ
اير جي بارش ٿي آيا هر طرف تير و تفنگ.
… … …
بحر جيئن هُئي سَيل جاري هر طرف کؤن خون جي
ڪربلا مثل
… …
هُن طرف جي باهه هئي، تان هِن طرف ها سڀ پتنگ
تن پتنگ منهن نه موڙئو باهه کؤن در وقت جنگ.
جنگ جي ميدان ۾ جڏ سڀني جوانن سر ڏنا
تن جي حق تڏ
چبو خدا
’جنات
فيها خالدا‘
سرخرو ٿئا در حضورِ بادشاهِ ڪربلا
۽ نمڪ جو حقّ سڀ ڪيئون پانهجي سرتؤن ادا
سام پَئِي راهِ خدا ۾ سر ڏيئي سُرها ٿيا
تن مٿي آئين چؤ اي يارو! ’رحمة الله عنما‘.
مابقيٰ لشڪر نه آندو تاب شمشير ستيز
يڪم قلمس ڀ شتر دل گيدي گدڙ ٿئا در گريز
… … …
پٺ ۾ هي هي ڪيون ٿي تٿ ڪاهون سپاهِ انگريز
جيئن ڀڄي خر گوش
تيئن هڪ هڪ [منجهائن پئي ڀڳو]
سڀڪنهين سورهيه
بسوئي خانہ خود رخ رکيو.
جڏ ڏٺو سالار هئن پنهنجي سپاهين جو حوال
ٿيا گريزان
… … …(؟)
سڀڪنهين
پنهنجو
سنڀاليو مال ۽ اولاد
آل
مير جو ڪنهن کي نه آيو هاءِ خاطر ۾ خيال
مختصر ان مهل ڪي
صوبا رهيا حاضر حضور
جن کي خواهش ئي مرڻ جي مير جي اڳ ۾ ضرور.
ٻيا سندس هئا ڀائٽيا آن وقت حاضر همنان
… … (؟)
ڇا ڪريان تعريف تن جي پهلواني جي عيان
ناهه طاقت تان ڪري هڪڙي زبان ان جو بيان
مر ته اهڙا پٽ ڪنهين بابي سندي [گهر ۾ ڄمن]
مر ته اهڙا گل ڪنهين کي
زيب دامن جا هجن.
مير کي پڻ
مصلحت آئي ته هاڻي سر ڏجي
سر ڏيئي منجهه معرڪي
مردن سندي سرهو ٿجي
مر ته هي ناموس اسان جو
دهر ۾ دائم هجي
اهڙي مَنصب کي ڇڏي ڇا سرندو صرفو ڪجي
… …
ناهي لڪائڻ پنهنجو ساهه
سر ڏيڻ کؤن بعد سج اُڀري
نه اُڀري، باڪ ناهه،
ان دلاور کي جڏهن
هي مصلحت ٿي دلپذير
تڏ ڪنهين صوبي سندس چيو [سڻ تون اي] روشن ضمير!
پهلواني ۾
تُهينجي مير هرگز ناهه [گِير]
پر ته اهڙي وقت
۾
… … (؟)
مفت مارائڻ نه گهرجي تو جيهي سالار کي
… … … (؟)
مير تڏ لاچار موڙي واڳ آيو ڪوٽ ڏي
مصلحت هن ۾ ڪِ هاڻي
ڪوٽ کي قائم ڪجي
ڪوٽ هرگز ڪين دشمن کي ڏجي
شمشير ري
پر ته نا واقف ڪِ اصلي
دوست دشمن [ٿو ٿئي]
… …
جٿ خود فرنگي سونهان ٿئا
جن فرنگي ڏي اچڻ جي لئي ڳجها خط ٿي لکيا.
سؤٽ اهڙا سار جي ڀائن سين اهڙا ڊوهه ڪن
ڀائرن کي بند
ڪاري پاڻ آسودا رهن
جي آدن جا مُدّعي سي ڇو نه مرگهي ۾ مرن
جيڪي اهڙا ڊوهه ڪن
سي مر اِهي منصب لهن
جڏ ڏٺا بدخواهه ڀائر پانهنجا ان بادشاهه
تڏ چڙهي لاچار دشمن پيش آيو عذر خواهه.
… … …(؟)
جمله يڪ جا ٿئا اسير و دستگيرِ دشمنان
مون کي پنهنجي
مير جو ڏک دل ۾
آهي جاودان
ٿو ڪريان فرياد در فرياد هردم هر زمان
اڳتي ناهي تاب ’صوفي‘ کنون خاموش کن
صبر واجب ”فَاصبرواه
صبراً جميلاً گوش کن.
يا الهي از براي
مصطفيَ و مرتضيٰ
و از
براي بنت احمد حضرت خيرالنساء
واز براي شبرّ و
شبير شام ڪربلا
واز براي چار
يارانِ رسولّ مجتبيٰ
رحم ڪر موٽائي هاڻي مير پنهنجي ملڪ آڻ
منصبِ عزّ و جلالِ جاوداني کي رساڻ.
”تمت
تمام شد مرثيه سرڪار فيض آثار مير محمد نصير خان،
تصنيف احقر العباد الهداد متخلص بصوفي عفي عنه
(بخطه)“.
اردو شعر:
صوفي اردو ۾ پڻ سهڻي شاعري ڪئي. سندس هڪ مناجات،
فرد، مطلعا ۽ ڪي غزل نظر مان گذريا جن مان ڪي
نموني طور هيٺ ڏجن ٿا. مناجات جو مطلع ۽ چند بند
هن طرح آهن:
پهلي
ڪهون نامِ خدا
جوهي خدا سب سي بڙا،
شب روز هي جس کا ثنا،
ميري زبان سي ماجرا،
مجکو خدا و مصطفيٰ
والشمس هي رو کي قسم،
والليل گيسو کي قسم
مشکين اس مُو کي قسم،
مجکو وه ابرو کي قسممجکو
خدا و مصطفيٰ
هين دوجهان مي آسرا…
مہ کيا اسي مکه سي ملي،
گل کيا اسي گل سي رَلي،
قرآن صفت اس کي بلي،
جون هار هي اس کي گلي،
مجکو خدا و مصطفيٰ
هين دوجهان مين آسرا…
سندس هيٺيون فرد ”هندي فرد“ جي عنوان سان قلمبند ٿيل مليو:
پري روسين تو اپني سر کرلي،
که يه ساعت جدائي کي گهري هي.
هڪ ’مطلع‘ سندس دستخط هن طرح قلمبند ٿيل آهي ته:
يا خدا اس درد دل ميري کا درمان کيجئي،
مين پهسا مشڪل مين اب تو مشڪل آسان کيجئي.
هيٺ سندس ٻه غزل ڏجن ٿا:
متاعِ عشق جانان کي اگر ليتي تو هم ليتي
دل و جان کي بها سي يه ثمر ليتي
تو هم ليتي
مزا پايا هي مين نه ان لبون کي تلخ ڪهتي سين
اگر شيرين زباني کي شکر ليتي تو هم ليتي
بہ آب چشم اس نوخيز نخلِ ناز بستان کوڻ
کيا هون پرورش اب تو ثمر ليتي تو هم ليتي
مريضِ عشق کا دارو مسيحا سي نه هو آخر
دوا اس لب سي اک بوسہ اگر ليتي تو هم ليتي
ميري اس شعر دلکش مين اثر کيون کر نه هو ”صوفي“
که هر شعرِ محبت سي اثر ليتي تو هم ليتي
—
مکهه اوپر زلف کون لايا نه کرو
رين مين دن کون چهپايا نه کرو
چشم خوشي سي اُٽهايا نه کرو
مجکون صحرا مين پهرايا نه کرو
گر تجهي ڊر هي خدا کا تو کسي
خنجرِ چشم سي گهايا نه کرو (1)
اس قدر تاب ضعيفان کون نهين
نظرِ شوخ اُٽهايا نه کرو
گر تجهي دل نهين مجسي تو غرض
اپنه منهه سين تو سنايا نه کرو
غير کي صحبت مين کبهي مت بيٽهو
مشک کون گِل سي ملايا نه کرو
گر تجهه پاس هي ”صوفي“ کي عزيز
پاس غيرون کي تو جايا نه کرو
. نواب خداداد خان (اول): نواب الهداد خان
جو وڏو فرزند ۽ پڳدار هو.7 صفر 1259هه تي ڄائو، ۽
8 رجب 1301هه تي وفات ڪيائين. فارسي خوانده ۽
داناء هو. کيس هڪ فرزند نواب گل محمد خان ٿيو، جو
15 ربيع الثاني 1274هه تي ڄائو ۽ پنهنجي والد جي
وفات کان ٽي سال کن پوءِ 19-شوال 1304 تي ٽيهن
سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. کيس هڪ پٽ، نواب
خداداد خان (ثاني) ٿيو، جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو.
2. محمد علي خان: (1- رجب 1262-19 جمادي الثاني 1309)
نواب الهداد خان جو ٻيو نمبر فرزند هو. سنڌيءَ ۾
ڪافيون چيائين، جن مان هيٺين هڪ دستياب ٿي آهي:
تن مارن سان لڳي آهي ڪا منهنجي ڏاڍي محبت
آهي منهنجي ڏاڍي ڪا محبت، قيد ڪيس هت قسمت
آءُ ته بيگاني وتان ڌَڻ-وندن ڌارئون،
نت ته نماڻيءَ جا نيڻوهن ڪيو نارون،
ڪين جيان ٿي جيڏيون دم هوتن ڌارئون،
پهر پري تن کؤن ظلمي ڀانيان ٿي
ظلمت.
2. هُت خوش منهنجون جيڏيون، هت هيڪلڙي آئون،
وهڻ وِهه ٿي ڀانيان، ڇا اچي ڪنديس آءُ
ڇائون،
اُڌ مان ڏيئي عسق مؤن دل منهنجي ڪري ٿي
دانهون،
ديد بنا دلبر جي، آهيان انهيءَ
منجهه حسرت.
3. زريون زيور زينت جا ٻن اهي ٿي ڀانيان،
مهڻا مارن جا ميان عمر، هت ڪيئن هٿن کي
لايان،
ڪاڻ اباڻن جي نيڻين جر ٿي واهيان،
شال ملان تن مارن، الله ڏيندم شل
عظمت.
4. محبت ۾ ”محمد علي“ جيءَ ۾ جانب ڪاڻ جلي،
اور اندر ۾ اوريو، سور نه ٻئي کي سلي،
ٻڌي ٻانهنِ جئن ٻانهون هيڻائي سان هلي،
راضي ٿيندو رب رحيمي ڪندو شل
رحمت.
3. حسين علي خان : (5 ربيع الثاني
1264-28 صفر 1317). نواب الهداد خان جو ٽيون نمبر
فرزند هو. سنڌيءَ ۾ مولود ۽ ڪافيون چيائين، جن مان
ٽي ڪافيون نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون، پڻ سندس اردوءَ
۾ چيل هڪ غزل نظر مان گذريو جو هيٺ ڏجي ٿو:
سڻ تون خبرون چارون، ڀلو حسن وارن جون ميان!
ڪانگل ڪَهه ڪا تون لات سٻاجهي،
سندي پرين پارؤن
2. محبت موهيو ني ناز وارن جي،
ڪيهون قرب پچارون
3. درمان دردن جو دوست ري ناهي،
ڪير ڪري ٻيو ڪو دارون
4. ”حسين علي“ چوي لايون عشق عجب،
لنؤ لنؤ منجهه لغارون
ڪافي *
ڏاڍا ٻاڻ ٿو دل کي لائين
جڏهن نيڻ ناز ڪري ٿو اٺائين
نيڻن جا نيشان نسنگي، اڙٻنگ آڻي اڙائين،
نوڪن ساڻ زوراور زوري، عاشق نت ڦاسائين.
2. لاهيو نقاب رخسارن تؤن، ڪيون بدل بهار
بنائين،
ڪري چمڪار چڪار چوڌاري، رم جهم ڪر
برسائين.
3. جوڀن جوڙ جنسار ڪيو، گلزار چوڌاري
وکيائين،
ڇا ياقوت رُماني مرجان ساڻ لبن شرمائين.
4. محفل ۾ ڀري جام شراب جو جڏ تون يار
پلائين،
ساڻ ”حسين علي“ جي هردم خوش فرمان
فرمائين.
ڪلام
تنهنجي جنسار صورت جي ڪئي چؤ طرف گلزاري
1. ڏسڻ مُرڪڻ تنهنجو جاني، رهي ٿي دل کي حيراني،
ڪريان ڇا تنهن ثنا خواني، آهي ڪا بات
اسراري.
2. عجب ٿيا نيڻ ٻئي مارا،ڪرن ٿا دل منجهؤن
چارا،
لٽي نِيَنِ ملڪ سارا، ڪري غمزن جي اظهاري.
3. عجب رمزون وِکائين ٿو، گهڻن گهورن سان
گهائين ٿو،
بيحد وري پيچ پائين ٿو، برهه جا دل کي لکَ
واري.
4. برهه جي بات اٿئي باري، سرت تنهن ۾ رکج
ساري،
ڪجان ڏنهن نينهن نرواري، ”حسين علي“ بَه
هشياري.
غزل اردو
مجهي اب ماه خوبي ني حسن کي جلوه دکهلائي
اتر گئي سب المدل تون رهي سيني مُصطفائي
هوا روشن چمن سارا بهارستان لگي دل مين
کهلي گل هر طرف ظهار بره جب بوند برسائي
بره کي بات کوڻ دل مين چهپانا بهت مشکل هي
ذرا کچهه چهپ نهين سکتا آخر هوتي هي شنوائي
شراب ارغواني سود مزا آتا نهين ساقي
مجهي ساغر محبت سون بيحد هي چاشني آئي
’حسين‘ اس عشق کا قطره جسي کي دل مين ظاهر هي
نهين اس خوف اور خطره قيامت کي نه رسوائي
4. مراد علي خان (9-ذوالحج 1268-27 ذوالحج 1292هه).
نواب الهداد خان جو چوٿون نمبر فرزند هو. انگريزي
تعليم حاصل ڪيائين ۽ مانجهندن جو مختيارڪار ٿيو.
چوويهن سالن جو جوان هو جو وفات ڪيائين. سندس ڏک ۾
نواب الهداد خان فارسيءَ ۾ هڪ دلگداز مرثيو چيو،
جنهن جا ڪي شعر هيٺ ڏجن ٿا:
آه از نيرنگ چرخِ اخضر نيلوفري
آه آه از گردش گردون دورِ سپهري
آن مراد علي بنام و در لقب مختار بود
در بلاغت کس نکرد از همسرانس هَمسري
آن نکو طالع جوان همت جواني باسخا
خور سال و پير فطرت مايہ دانشوري…
آه بر پيري و برنائي نبايد اعتماد
هرچہ گيري مختصر بايد بنائ سرسري
دم غنيمت دان کہ در ذکرِ الــٰهي بگذرد
عمر ناقص جز بذ کرش گرباوجِ سروري
صبر کن صوفي در استغفار شو پيشِ جناب
کانچنين بود از قضا و اينست ره پغمبري
نواب خداداد (ثاني). نواب خداداد خان(اول)
کي هڪ پٽ نواب گل محمد خان ٿيو، جو 15 ربيع الثاني
سنه 1274هه ڄائو ۽ 29-سوال سنه 1304هه (1887) ۾
وفات ڪيائين. نواب گل محمد خان کي هڪ پٽ نواب
خداداد خان (ثاني) ٿيو جو 13 رجب سنه 1303هه (19-
اپريل 1886) تي ڄائو. سنڌي سان گڏ فارسي جي تعليم
حاصل ڪيائين، ۽ ان بعد ذاتي ذوق، تجربي ۽ تجسس سان
پنهنجي معلومات کي وسيع ڪيائين. کيس پنهنجي خاندان
جي عظمت ۽ خدمت جو احساس هو، وڏن جا ديوان نقل
ڪرايائين ۽ ٻيا معلومات جمع ڪيائين.
سندس دائمي سڪونت ’ڪوٽ لاشاري‘ ۾ هئي، پر پنهنجي جاگير
’مياڻي نور ملاح‘ تعلقو رتوديرو ۾ وڃي رهندو هو ۽
پڻ پنهنجن عزيزن خاطر تاجپور ۾ سندس اچڻ وڃڻ ٿيندو
هو. سندس هٿ لکيل يادداشت ”تاريخ 15 شوال 1340 در
شهر تاجپور“ جي، تنهن کي ”تاريخ 13 صفر1341 در شهر
جاگير مياڻي نور ملاح“ ۾ از سر نؤ سڌاري لکيائين.
ٻي يادداشت مان معلوم ٿئي ٿو ته سنه 1343هه ۾ ٻوڏ
آئي ۽ اها جاگير پڻ ٻوڏ هيٺ اچي وئي. انهن لاهن
چاڙهن سببان سندس مالي حالت هميشه ڪمزور رهي، پر
هو سادي زندگي جو عادي ۽ توڪل جو صاحب هو. قومي
جذبو سندس ذاتي مفاد تي غالب هو. خلافت تحريڪ ۾
وڏو بهرو ورتائين۽ سندس خلافت ڪميٽي جو صدر چونڊيو
ويو.جاگير توڙي هٿيار انگريزن کي واپس ڪيائين.
هٿيار ورتائون باقي جاگير ’پشت به پست‘ هئي انهي
ڪري اها قائمرهي.
لاڙڪاڻي ۾ وزيراعظم نواب ولي محمد خان مرحوم جي آثارن ۽
جاين تي شهر ۾ هلنديءَ وارن هندن قبضو ڪرڻ شروع
ڪيو. سنه 1929ع ۾ خداداد خان انهن تاريخي آثارن جي
حفاظت لاءِ وڏي ڪوشش ورتي ۽ ضلعي جي ڪليڪٽر مسٽر
حامد علي خان کي گلاب سنگ ۽ ٻين خلاف منع نامو
ڪڍايائين، ۽ پنج سؤ رپيا پنهنجي هڙان خرچ ڪري ڪن
جاين جي مرمت ڪرايائين.
کيس سنڌي زبان، ادب ۽ تمدن سان محبت هئي. ’بيان
العارفين‘ کي سليس سنڌي ۾ ڪري لکيائين. ان جي مهاڳ
۾ لکي ٿو ته : ”بيان العارفين جو اصل فارسي ۾ هو،
جو پوءِ ربيع الاول سنه 1210 ۾ ميان عبدالرحمان بن
محمد ملوڪ سنڌي ۾ تيار ڪيو، جو ڇپيو آهي پر اها
سنڌي اڳئين قسم واري هئي ۽ ماڻهن کي پوريءَ طرح
عبارت سمجهه ۾ نٿي آئي، تنهنڪري احقرالعباد نواب
خداداد خان ساڳيو ڪتاب تمام سليس زبان سنڌي ۾ پڌرو
نروار مثل قصه جي تيار ڪيو آهي.“
کيس سنڌ جي ذاتين گڏ ڪرڻ جو شوق جاڳيو ۽ ذاتين جا نالا
ڪافي انداز ۾ جمع ڪيائين. اهڙيءَ طرح سنڌ جي ڳوٺن
جون الف-بي وار فهرستون مرتب ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين.
سنڌي شعر و شاعري جو پڻ ڪافي ذوق هوس، ۽ وقت بوقت غزل
منظوم ڪيائين، جن کي ’ديوان‘ جي سٽاء سان الف-بي
وار مسودي جي صورت ۾ قلمبند ڪيائين. ان مسودي جي
اصلاح ۽ نظرثاني جو کيس موقعو ڪونه مليو، پر جمع
ٿيل نظمن مان اظهار آهي ته کيس پنهنجي ديوان جي
ترتيب ۽ تڪميل جو ارادو هو. سنه 1943ع کان وٺي
1947ع تائين جيڪي غزل جوڙيائين سي هن مسوده ۾ شامل
آهن. دادو جي ڪُل ’سنڌ مشاعره‘ ۾ پڻ غالباً شريڪ
ٿيو. سال 1947-1948 جي حساب ڪتاب جو ڪاغذ سندس هٿ
لکيل ملي ٿو ۽ غالباً ان بعد سگهو ئي وفات ڪيائين.
سندس قافيه وار غزلن جي مجموعي مان هيٺيان نموني
طور ڏجن ٿا:
قافيه ث
ويل دل جو درمان آهي عبث
هي سورن جو سماان آهي عبث
چوي سچ ٿي بلبل برهه جو بيان
بنا عشق انسان آهي عبث
اي واعظ مٿو ڇو هڻين مفت ٿو
اهو دڙڪو دهمان آهي عبث
نه ڪر نيم بسمل، وري وار ڪر
جڏي لاءِ جيدان آهي عبث
دنيا جي گلن سان نه رک دل ”نواب
اهو گل گلستان آهي عبث
قافيه چ
ٿو ڏسان اڄ دور عالم ۾ سندو اظهار چپ
يار چپ اغيار چپ آثار چپ اطوار چپ
جا خزان مغرب کان آئي، ٿي بهاري اصل بند
چپ چمن گل چپ شجر چپ گلبن و گلزار چپ
’مارشل‘ (1) جا مڪڙ آيا فصل ول داڻو ڪٿي
ڳاه چپ توده چپ و ڪاسہ چپ و خروار چپ
سچ لکڻ وارن جا هٿ ڏڪندي ڏٺم پڻ وات بند
چپ خبر، تاريخ چپ، اخبار چپ، اذڪار چپ
نئين طرقت جي ڪفر ڪيو اڳلي زندان کي تباهه
حلقه چپ زنجير چپ سلسل چپ و زنّار چپ
پاڻ سُڪيءَ ۾ پيل سي قومکي ڪيئن ڪن سجاڳ
چشم چپ ڪن چپ زبان چو ٻوٿ چپ ٻاڪار چپ
ڇا تڏهن ’سي. آءِ. ڊي‘ جي خوف کان ڪيو ٿَئِي
”نواب“
نثر چپ تقرير چپ ابيات چپ اشعار چپ.
سندس ڪافي مان نموني طور:
ٿلهه: عشق منجهايون متيون متيون،
برهه بندي کي ڪيو بيراڳي.
مصرع: عشق مچايو آڙهه دل ۾،
طلب انهيءَ ۾ تتيون تتيون.
—
ٿلهه: هيڻائي ۾ حال سانگيئڙا آءُ هڏ نه وساريان.
1. من ۾ مارن کي آءُ نت ساريان
ڳوڙها ڳلن تان هر دمن هاريان
دم دم جن جي مقال
2. ملڻ مارن ري آهيان ماندي
قيدن ۾ هت بيوس باندي
ساريندي ٿيم سال
3. ”خداداد“ سوالي هر دم سائل
غم وهم ۾ دم دم مائل
روزئون روز زوال
فارسي تي پڻ خداداد خان جي دسترس هئي. سندس دستخط هڪ قطعه نظر
مان گذريو، جو هيٺ ڏجي ٿو:
بحمد الله چو اسمم شد خداداد
چنان جسمم شود با فضل اوشاد
گلايم از گل و گل از سمي ام
سمي جّدم پدر جّدم الهداد
گلي بشگفت از گلشن ”خداداد“
جهان روشن شد از حسنِ الهداد
نواب خداداد خان (ثاني) کي ٻه فرزند
الهداد خان ۽ حسن علي خان عرف عبدالحسين ٿيا.
الهداد خان حال حيات ۽ اولاد وارو آهي ۽ ڪوٽ
لاشاري ۾ رهي ٿو.
نواب احمد خان ۽ سندس اولاد: نواب احمد خان، وزيراعظم
نواب ولي محمد خان جو وڏو فرزند هو. سنه 1207هه ۾
ڄائو پنهنجي والد جي زير نظر عربي ۽ فارسي جي
تعليم حاصل ڪيائين. امارت ۽ وزارت جي معاملن ۽
مسئلن ۾ تربيت ڏيڻ خاطر نواب ولي محمد خان کيس
حيدرآباد ۾ پنهنجي ٻَڌايل ٽنڊه ولي محمد خان ۾
رهايو، جتي نوجوان احمد خان پنهنجي والد جو
ڪاروبار سنڀاليندو رهيو ۽ پڻ اميرن جي درٻار ۾
حاضر ٿيو حڪم بجا آڻيندو رهيو،جنهن تي کيس
’نوابيءَ‘ جو لقب مليو. سندس بيماري جو ٻڌي نواب
ولي محمد خان سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جي درگاهه ۾
سندس واسطي دعا گهري ته:
بفرزندم کہ احمد هست نامش
شفا بخشي و عمر جاودانش
نواب احمد خان سياسي ۽ انتظامي مسئلن ۾ ايتريقدر ته ڄاڻ
پيدا ڪئي جو کيس نواب بهاولپور ۽ پنجاب جي حاڪم
راجا رنجيت سنگ جو ارادن معلوم ڪرڻ لاءِ خاص طور
چونڊيو ويو. ظاهريءَ طرح سان اهڙا اسباب پيدا ٿيا
جو ڄڻ احمد خان، پنهنجي والد نواب ولي محمد خان
بلڪ اميرن ٽالپرن سان رنج ٿي سنڌ ڇڏي آهي. اندازاً
اهو سنه 1238هه هو، ۽ ان وقت نواب احمد خان جي عمر
ٻٽيهه سال کن هئي.
ان وقت ’ڇَهوٽڻ‘ جو سرڪش ٺَڪُر سامجي، جوڌپور جي حدن
مان سنڌ جي سرحد اندر داخل ٿي، گهل هڻي، سنڌ جو بي
انداز چوپايو مال ڪاهي ويو هو جنهن جي مقابلي
واسطي لغارين جو هڪ وڏو لشڪر سنڌ جي راڄنجي مدد
خاطر ’ڇهوٽڻ‘ تي ڪاهي ويو. نواب احمد خان به
پنهنجي جمعيت ساڻ ڪري وڃي اُتي پهتو ۽ سندس
سرڪردگيءَ هيٺ سامجي کي شڪست آئي ۽ هو پيش پيو.
نواب احمد خان پنهنجي سؤٽ ميان حيدرعلي خان جي
نظرداري هيٺ کيس حراست ۾ حيدرآباد ڏانهن موڪليو پر
سفارش ڪري موڪليائين ته: هو پيش پيو آهي، مال
موٽايو اٿس ۽ اڳتي لاءِ پنهنجي وفاداري جي خاطري
ڏني اٿس جنهنڪري کيس معاف ڪيو وڃي. سندس سفارش
موجب، سامجي کي حيدرآباد ۾ باعزت آزاد ڪري،ڇهوٽڻ
ڏانهن واپس وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.
نواب احمد خان، سنڌ جي راڄن کي موٽايل مال متاع سميت
روزانو ڪري پاڻ اتان سڌو بهاولپور روانو ٿيو.
بهاولپور جي نواب کي اڳواٽ اطلاع مليل هو،جنهن جي
طرفان احمد پور ۾ سندس وڏي آجيان ۽ مرحبا ڪئي وئي
۽ کيس شاهي مهمان طور اتي رهايو ويو. ڪجهه عرصو
اتي رهي حال احوال معلوم ڪري موڪلائي لاهور روانو
ٿيو. سنڌ جي سربراهن مان سندس سؤٽ غلام محمد خان
لغاري، اميد علي خان مري ۽ ڪمال خان رند ساڻس
همراهه هئا. لاهور پهتا ته راجا رنجيت سنگ سندن
آجيان ڪئي ۽ نواب احمد خان کي عزت آبروءَ سان پاڻ
وٽ رهايائين. 1823ع (؟) ۾ رنجيت سنگ ڪشمير طرف
چرهائي ڪئي ۽ ان مهم ۾ نواب احمد خان کي پڻ ساڻ
وٺي ويو.
انهيءَ ٽاڻي سنڌ جي ٽالپورن اميرن ۽ وزيراعظم نواب ولي
محمد خان طرفان، نواب غلام الله خان (نواب احمد
خان جي چاچي ۽ عمرڪوٽ جي نواب) کي موڪليو ويو ته
نواب احمد خان کي واپس سنڌ وٺي اچي. نواب غلام
الله خان اچي بهاولپور جي نواب وٽ مهمان ٿيو ۽
اتان قاصدن هٿان اميرن ۽ نواب ولي محمد خان جا خط
راجا رنجيت سنگهه ۽ نواب احمد خان ڏي موڪليائين.
انهن خطن موجب نواب احمد خان راجا رنجيت سنگهه کان
اجازت گهري جنهن هڪ هاٿي پالڪيءَ سان، چار گهوڙا
سنجن سان، چار جوڙا سونا ڪنگڻ جڙاءُ دار ۽ ٻيا وڳا
تحفا ڏيئي نواب احمد خان کي رخصت ڪي، جو اچي
بهاولپور ۾ پنهنجي چاچي نواب غلام الله خان سان
مليو. جڏهن حيدرآب اد پهتا ته مير مراد علي خان
پنهنجي صاحبزادي مير نورمحمد خان کي نواب احمد خان
جي مرحبا لاءِ موڪليو. نواب احمد خان، راجا رنجيت
سنگ کان مليل هاٿي ۽ گهوڙا ۽ ٻيو سامان مير صاحب
کي نذراني طور پيش ڪيو جو خوشيءَ سان قبول ڪيو
ويو.
وزيراعظم نواب ولي محمد خان جي وفات (1247هه) بعد، نواب
احمد خان لاءِ جاگيرون ۽ لوازما بحال ٿيا ۽ کيس
مشير ۽ صلاحڪار جو عهدو مليو. مير غلام علي خان
مرحوم جو فرزند مير محمد خان جو سڀني صاحبزادن
(سؤٽن) ۾ وڏو هو تنهن نواب احمد خان کي پنهنجو وڏو
وزير مقرر ڪيو. صاحبزادي مير نورمحمد خان جي نواب
احمد خان سان ذاتي محبت هئي، ۽ مير مراد علي خان
جي وفات (1249هه) بعد جڏهن مير نورمحمد خان مکيه
تاجدار ٿيو ته نواب احمد خان پڻ عملي طور
’وزيراعظم‘ جي درجي پهتو. چانڊوڪي جو پرڳڻو، ڪاڇو،
ميهر، سامتاڻي ۽ ٽڪر باغبان سوڌو ويندي سيوهڻ
تائين نواب احمد خان کي حفاظت ۽ بندوبست لاءِ سپرد
ٿيا. نواب احمد خان پنهنجو سڄو توجهه راڄن ۽ رعايا
جي ڀلائي ۽ بهبودي ۽ سندن مفاد جي حفاظت طرف ٿي
ڏنو جنهن جي ڪري بعضي ٽالپور اميرن ۽ صاحبزادن جي
رنجيدگيءَ جو بار پڻ پنهنجي ذمي پئي ڪيائين. هن
دور ۾ نواب احمد خان وڏي جراًت کان ڪم وٺي هڪ وڏو
فساد ٽاريو جو ٽالپور ۽ لغاري قبيلن جي وچ ۾ روءِ
نما ٿيڻ وارو هو (1) ۽ جنهن جي ڪري ملڪ جي اندروني
استحڪام کي وڏو ڌڪ لڳي ها.
پهريون جلد، ڪلهوڙن جي دؤر بابت فقير نواب ولي
محمد خان لغاري جي ايماء تي لکيائين (ڏسو هيٺ).
سندس هڪ دستخط تاريخ ”25صفر 1264 مطابق
انگريزي يکم ماه فبروري 1848ع“ جي ملي ٿي،
جنهن مان گمان نڪري ٿو ته ان کان اڳ هو
انگريزن جي نوڪري ۾ هو. خانداني روايتن مطابق
هو سنه 1847ع ۾ نوڪري ۾گهڙيو.
تعلقي سيوهڻ ۾ هيءُ ڳوٺ
بوبڪن جي اسٽيشن کان اُڀرندي ٺٽي ڏانهن ويندڙ
رستي تي هڪ ميل جي فاصلي تي آهي
غالباً ميان محمد افضل بختيار پوري جو لکيل.
هن ساڳئي مضمون ۾ سندس ٻي ڪافي جنهن جو ٿلهه
ته :
رمزين نال محبوب موهينداهين، اکيان ناز وچون
جڏ چئينداهين، هن ساڳئي مضمون ۾ پير حسن بخش
جي مشهور ڪافي ته:
جڏهين عجب ٿو چيائين، لاڏ ڪيو لکَ ڊاهين.
(1)
چوٽي (ديره غازي خان) جو لغاري حسن خان پنهنجي
خاندان جي رضا جي خلاف سنڌ ۾ لڏي آيو ۽ پنهنجي
نياڻي جو سڱ لقمان خان پٽ محمد خان ٽالپور کي
ڏيڻو ٿي ڪيائين. مقصد هو ته کيس سنڌ جي ٽالپور
حڪمرانن جي حمايت حاصل ٿيندي ۽ ديري غازي خان
جا لغاري سردار پڄي ڪونه سگهندا. انهيءَ سڱ
تان سنڌ جي ٽالپور ۽ لغاري قبيلن ۾ فساد ٿيڻ
وارو هو. نواب احمد خان،مير نورمحمد خان کي
مشورو ڏنو ته حسن خان واپس ديري غازي خان وڃي
۽ ٽالپور اتي وڃي کانئس سڱ وٺن. انهيءَ تي
اتفاق ٿيو ۽ چوٽي مان رحيم خان لغاري آيو جنهن
سان گڏ حسن خان کي واپس ڪيو ويو.
|