حماک الله من بحرالغمائم حقاک الله انک لانظيرا
عن الاسرار عِلّمني بقدري فَکشمفني من الانوار صدري
اهڙيءَ طرح فارسيءَ ۾ پڻ شعر چيائين. هڪ بياض ۾ سندس هٿ اکرين
لکيل فارسي شعرن مان هيٺيان نموني طور ڏجن ٿا:
کاروانِ تجارتِ دوران بر سرش آشيان بلاي بود
چند کمتر ازين رهايانند گوش ميدان همي صلاي بود
سنڌي، سرائڪي ۽ هندي ۾ سندس چيل ڪلام جو ڪافي ذخيرو موجود آهي
(1)، جنهن جو مطالعو ۽ اشاعت ادبي لحاظ سان مفيد
ثابت ٿيندا.
سرائڪي بيتن ۾ پنهنجو تخلص ’مسڪين’ ڪري آندو اٿس.
مثلاً:
ڪنهن نون آک آکيندَئِين حالت، آپ وچالي ڄاڻِين
الانسان سِرّي واناسِرّره، دل وحدت وچ واڻين
مسڪين! وچ ميخان سدائين، تنگ دليين دي تاڻين.
سنڌي شعر: هڪ بياض ۾ ’شاهه جي رسالي‘ جي نموني تي
سُروار پنهنجا بيت لکيا اٿس، جنهن ۾ پنهنجو تخلص
’مسڪين‘ ۽ ’لغاري‘ آندو اٿس. ان ۾ هيٺين سرن تي
بيت چيل آهن: 1. ڪلياڻ، 2. کنڀات، 3. سر راڳ، 4
سامونڊي، 5، ڪوهياري، 6 معذوري، 7 سر جوڳ، (مضمون
هي رانجها)، 7 بروه سنڌي، 9 بروه هندي، 10. توڏي،
11. ديسي، 12. آبري، 13 حسيني، 14 رامڪلي، 15
بلاول، 16. کاهوڙي، 17 رپ، 18 سورٺ، 19 پورب، 20
سارنگ، 21. رانہ، 22. ڏهر، 23 گهاتو، 24. ڪارايل،
25. ليلان چنيسر، 26. ڪاموڏ، 27. آسا، 28. مارئي،
29. سر ڪيڏاره صوفيانه. ڪن سرن مان نموني طور بيت
هت ڏجن ٿا.
’سر
ڪلياڻ‘
جي شروعات هيٺئين بيت سان ٿئي ٿي:
ڪُسڻ جني ڪاڻ، لؤن لؤن اندر لکيو
پسي هن پروڙ کي، ٿا پچائن پاڻ
عاشق ٿـــي اڻڄاڻ، پـــوءِ پڇائج پـــرينءَ کي.
”سر ڪيڏارو صوفيانه“
۾ صوفي شاهه عنايت الله جي شهادت ڏانهن معنوي
اشارات آهن، شروع وارو بيت هيءُ آهي:
ڪامل قطب ڪمال جي، سُئي جنگ جهان
شمس الضحيٰ، بدرالدجيٰ، هادي هر دوجهان
قلزم ڪمالت جو، سڳورو سلطان
سرڪ پياري سوز جي، فڪر جو فنجال
”هُوَ
صوفي آتمّ جامع، اغوص في بحر
سُکور“، عاشق جو عرفان
اهي لفظ لسان، ڪَهي ڪَهجن ڪيترا.
وچان هڪ بيت مثال طور ته:
حاسد حسودي ٿيا، جهيڙو جوٽيائون
ڏسي موج محمدي، ڪن سوجهي صلاحون
توبون تراريون کڻي، جهنڊا جوڙيائون
پُٺيءَ شور شرڪ جي، ٻيلون ٻڌائون
قاتل ڪلهوڙو ٿيو، ڇنا ڇانيائون
ڪو پَههُ پهيائون، جهيڙي جهونجهارن جي.
آخري بيت:
امر کي اثبات ڪيو، مانجهي مرد منير
اسم سين الله جي، سوجهي هليا سير
هئي هئي ها ڳاڇو ٿيو، ائي قيام ڪبير
”انّافتحنالڪ
فتحا مبينا“، ترڪ ٿي تدبير
عاشق مرد امير، شير شهادت رسيا.
سسئي:
چوٽيان چڙهي سسئي، انحد او نائيج
’لم
يلد و لم يولد‘ ٻوڙيون ٻرائيج
نا ڪنهن رنگ
نه
بيرنگي، پنهون پهائيج
برزخ بيهاريج، ڏاڪڻ ڏيهه ڏسڻ جي.
سهڻي:
دلو نه دهشت، نه ڪا منڌ نه ماء ڪو
وصل جي وحدت، وڃائي وجود کي.
—
وحدت نه وجود، نا ڪا نظر نينهن جي
نڪو ’ڪن فيڪون‘ ڪو، نڪو
درد
درود
تهان اڳ سجود، ڪامڻ قريبن ڪيو.
رندي:
عزازيل عَجيب، آءُ به عبد ان جو
محبتي مجيب، جنهن امر کي اثبات ڪيو.
—
الله، آدم اورهون، آءُ الستؤن اڳي
نڪو بحر ”بلوچ“ چئي، نڪا لاف لڳي
ڪو جو درد ڌڳي، اڳي ماءُ ميهار کان.
کاهوڙي:ّ
گَري ڏونگر گام، پاڻان پيهي جي ويا
گنجي ڏونگر ڏيهه کان، پري تن پيغام
اني جا حڪام، ڪو پروڙي پَهيَڙو.
—
گري ڏونگر ڏيهه، ڏورا جني ڏاورئا
لاحدي لاهوت جي، سُتڙ ٿيا ساڻيهه
ونء تني سين ويهه، جني قدّ نه مدڪو.
گَري ڏونگر ڏور، پسي پراهان ٿيا
وڃن موت مٿي مڃيو، هنيان لاهي هور
گنجو گن گنوائيو، جني اونهي اور
اَمَر سي آگهور، اُتي آسڻ جن جا.
—
گَري گويون نين، سَنڊ وڃايو وچ ۾
گنجي ڏونگر گام جو، اورڻ نه اورين
اتي اونائين، جتي عبد نه احد ڪو.
—
گَري گوڙيون ڪن، چهڪا چنجورن جا
همہ سي هاهوت جا، لاحدي لُٽڪن
گنجي ڏونگر تام جي، اون نه رسي اُن
موتان اڳ مرن، ڏورا ڏور چتائيو.
—
گَري ٿيون گاجون، آپر اگهورِن جون
حميرن حاجون، اتي اوري ڇڏيون.
—
گَري غفلت هڏ، اڄ نه اگهورن کي
مٿي کان مٿي ڪري، لڏي هليا لڏ
سپيرياڻي سڏ، ماهر ملاقي ٿيا.
—
گَري گوندر هوءِ، جن اوسيئڙو اڳ جو
ساريو سپيرين کي، رند نهاريو روءِ
هاهوتي ها هوءِ، ات مقالون ان جون.
—
گَري گوندر گهاء، جني رسيو جان کي
خالق مخلوقي کان، پري تن پڙلاءِ
ڳجهاڻي ڳالهاءِ، ويا پيهي ڇپرين.
—
جي لنگهي پيا لاهوت کان، سي آهن نه آدم
ڪاپڙين قدم، نيئي رکيو نانهہ تي.
—
ساهه سرٿيا صدقو ۽ عناصر اولون
ٻاروچن ٻولون، پاريون پرئين پنڌ جون.
—
ساهه سر ٿيا صدقو، رهيو رب قديم
نُوري مرد نعيم، اوڏهن اونائو ٿيا.
—
ساهه سر ٿيا صدقو، رهيو عشق عظيم
مسڪينن، مقيم، جوءِ چتائي جوڳ جي.
سندس ڪافين مان هڪ نموني طور هيٺ ڏجي ٿي؛
عشق نانگ آهي، متان ڪا ڀُلي لئون لائي.
وِرهه وهاٽيس پرين جي، سو ڪيئن سور سمائي
2.
جاذب جوش پرين جا، خون جگر نت کائي
3.
اونهون عشق الله جو، وَڙِي ڪا وهڃائي
4.
پاڻ وڃايو پرين ۾، هي ڪا رمز رهائي
5.
سرڙو ڪاٽي ڪات سان، پوءِ ڪا پِيّي پڇائي
6.
معنيٰ سين ”مسڪين“ چئي، وڄا عشق وڃائي
هندي شعر:
فقير غلام الله هندي ۽ هندي آميز محاوري ۾ گهڻو
شعر چيو، جو لفظي توڙي معنوي لحاظ سان معياري آهي.
پنجونجاهه دوها ”سلو کهاي شاستري گوجري“ ۽ ٻئي
بياض ۾ ”سر بروي هندي“ جي عنوان سان قلمبند ٿيل
آهن، جن ۾ ’مسڪين‘ تخلص آندو اٿس، مثلاً:
مسڪين ممتا روگ هي، سربهه روگن کي چهاپ
جو جن ممتا چهاليا، اس جنم گوايا آپ.
مسکين ممتا اوگني، جس هوئي گن ناه
جو جن سنت سروپ هي، کهون مَ بهٽڪي کاه.
مسکين مايا موهني، سندر روپي نار
لاکهه چهلاوي هر جنان بهٽڪاوي سنسار.
مسکين مارگ چاليي، بن مارگ مت چال
جو نرمارگ چلي. کرمين هوتَ کنگال.
—
نينان بادل برستا، کرتا نت بهار
رين د نال رت ميگهه هي، آ تم ديکهو يار.
—
دم دم کا مرنا بهيا، مکهه سين کهيو نه جاءِ
هم کهتي هوڻ آپ
ڪون، جلت جلت جل جاءِ
نت نت لاگي پريم کا جان هماري کان
اس شهادت عشق کي ناکو نام نشان.
—
صوفي نام کَهاون ايسا، جيسا نام هري کا
نا کو نام ٺهام اس جن کا،
نا کو بندهه پري کا.
’لاالہ‘
نفي سون نر گيا اِس آس جنم مڻايا
’الاالله‘
کيا استهانا، آواگون گنوايا.
هڪ بياض ۾ سندس هٿ اکرين لکيل ستهتر ’سٻڌ هندي
ريختہ‘، هڪ ’نارائن واڻي‘، هڪ ’نهه ڪلڻڪ واڻي‘،
ايڪيتاليهه سلوک ۽ ستٽيهه ’پؤڙيون‘ نظر مان
گذريون. ڪن ’سٻڌن‘ ۾ پنهنجي والد ”جان علي“ (نواب
جان محمد) کي گُر ڪري سڏيو اٿس.
سلوک
هور ٻيج ٻڻسي ٻنهون، سنت ٻيج پهر هوئي
جسکون آپ جڳاوتا، نس دن سَمُري سوئي.
لاگي چهاپ سِري ستگر کي مڻيا سکل گمان
انحد کي گهنگهور سين پايا برم گيان.
من بهر مِڙيا مومنا محرم من کا ميت
کُبدهيا جل امين ڊوبتي ساچان کي پريت.
پؤڙي
هر کا بهيد پڇهانئي، اور نه کيجي آس
اک دن کايا هو مَسِي تب لڳ آس نراس.
فقير نواب جان
محمند (ثاني)
بن فقير نواب
غلام الله (ثاني):
فقير نواب غلام الله (ثاني) جو اڪيلو فرزند هو. سنڌي خواندو هو.
پنهنجي والد وارو فقيري رنگ مٿس غالب رهيو. گوشه
نشين ۽ پرهيزگار درويش هو. سندس معتقدن جو دائرو
ويتر وسيع ٿيو، ۽ هندن مان وڏو تعداد سندس مريد
ٿيو. سنڌي، سرائڪي توڙي هندي ۾ شعر چيائين. سندس
ڪلام ٻن ضخيم بياضن ۾ قلمبند ٿيل آهي (1). هڪ بياض
۾ اڪثر بيت ۽ مثنويون آهن. ڪاتب بيتن تي توڙي
مثنوي جي هر ٻن مصراعن تي نمبر هنيا آهن ۽ آخري
نمبر 1287 (ٻارهن سؤ ستاسي) آهي. ٻئي بياض ۾ چار
سؤ چوونجاهه وايون ۽ ڪافيون(2)، 1009 (هڪ هزار ۽
نو) بيت، ٻارهن مِناجاتون، پنج مناقب، ٻه داستان،
يارهن ٽيهه اکريون، ۽ نَوَ شبد قلمبند ٿيل آهن.
وفات
بعد فقير صاحب ’ستياري‘ ۾ پنهنجي والد فقير
نواب غلام
الله
جي قبي کان ڏکڻ ۾ مدفون ٿيو. سندس اولاد مان نواب نوراحمد خان هڪ لائق ۽
خليق شخص آهي.
جي سندس فرزند نواب نوراحمد خان وٽ محفوظ آهن. اسان اهي بياض
ڏٺا پر خانداني روايت جي مدنظر ان مان نموني طور
ڪلام نقل ڪرڻ کان محروم رهياسون.
جن مان ’وائي‘ جي عنوان سان جملي 214.
(ج). نواب ولي محمد خان ۽ سندس اولاد
ولي محمد خان، ميان غلام محمد خان جو ٻيو نمبر
فرزند هو. هو سنہ 1165هه ۾ اَڀپور لڳ (موجوده
تعلقي سنجهوري ضلع سانگهڙ) ۾ ڄائو، جتي سندس چاچا
۽ والد سنه 1140هه ڌاري سنڌ ۾ پنهنجو پهريون ڳوٺ
ٻڌي اچي ويٺا هئا. ولي محمد خان جي ولادت وقت ميان
نورمحمد ڪلهوڙو سنڌ جو حڪمران هو. ان وقت سنڌ ۾
تعليم جا معيار بلند هئا. ميان غلام محمد خان خود
فارسيدان هو، جنهن نه فقط پنهنجي پٽن جي اعليٰ
تعليم لاءِ پورو انتظام ڪيو، پر پهريائين پاڻ کين
تعليم ڏنائين. مير بهرام خان جي شهادت وقت ولي
محمد خان جي عمر ويهه سال کن هئي. ان بعد مير بجار
خان جي جنگين ۽ شهادت توڙي مير عبدالله خان جي
جنگين ۽ شهادت وارن واقعن ۾ سندس ذڪر موجود نه
آهي، جنهن مان گمان نڪري ٿو ته ويهن سالن جي عمر
بعد پڻ ولي محمد خان ڪجهه عرصو تعليم ۽ تربيت ۾
مشغول رهيو. تعليم پوري ڪرڻ بعد هو امير فتح علي
خان ٽالپور جي عملي سان شامل ٿيو ۽ هن بختاور امير
جي اقبال سان گڏ سندس بخت پڻ اوج کي پهتو.
نواب ولي محمد خان جهڙي ڪامياب سپهه سالار، سفير،
وزير، منتظم، انجنيئر، حڪيم، شاعر ۽ محب وطن جي
سوانح حيات هڪ خاص تحقيقي مقالي جي محتاج آهي.
ٽالپوري عهد جي ڪن تاريخي ماخذن ۾ سنڌ طرفان نواب
ولي محمد خان جي بجا آندل فرضن ۽ ڪارنامن جو ذڪر
آهي مگر تفصيل سان درج ٿيل نه آهي. البت سندس
اولاد ۽ خاندانن ۾ ان بابت قلمي يادداشتون ۽
متواتر روايتون موجود آهن، جن کي تاريخي اهڃاڻ سان
تطبيق ڏيئي نواب نامدار جي ڪردار ۽ ڪارنامن جو
قدري صحيح اندازو لڳائي سگهجي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾
هيٺيان واقعات خاص اهميت رکن ٿا.
1.
سنه 1192هه/1782ع ۾ هالاڻي واري فيصلي ڪن جنگ ۾ جوانمرد ولي محمد خان سنڌ جي
لغارين جي جمعيت ساڻ ڪري، وڏي همت ۽ حرفت سان
وڙهيو. بقول مير حسن علي خان (1):
”هو نواب نالي ولي محمد خان
بدانش قوي هو، بدل پهلوان“
ان وقت سندس عمر ٽيهارو سال کن هئي پر سندس
بهادري، وفاداري ۽ جنگ ۾ حڪمت عملي، مير فتح علي
خان کي ايترو ته متاثر ڪيو جو کيس ’نوابي‘ جو لقب
ڏيئي پنهنجو خاص امير مقرر ڪيائين، ۽ ان بعد سياسي
توڙي جنگي مهمن ۽ موقعن تي کيس هڪ خصوصي صلاحڪار،
سربراهه يا سپهه سالار بنايائين.
2.
ڪابل جي حڪمران تيمور شاهه کان سَند حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ طرفان جو وفد موڪليو
ويو هو، تنهن جا مکيه رڪن نواب قيصر خان نظاماڻي،
سيد ابراهيم شاهه ۽ نواب ولي محمد خان هئا. نواب
قيصر خان ۽ ابراهيم شاهه عمر رسيده بزرگ هئا، هنن
ڳالهيون هلايون پر ڪابل جي درٻارين ميان عبدالنبي
(جو پڻ ڪابل ۾ اچي پهتو هو) جي آڇن ۽ آسرن کان
متاثر ٿي، سنڌ جي وفد جي بزرگن کي هڪ اهڙي عهد
نامي تي آماده ڪيو، جنهن موجب سنڌ جو اڌ ملڪ ميان
عبدالنبي جي حوالي ۽ باقي اڌ ٽالپورن اميرن جي
حوالي ٿيو. ميان عبدالنبي خود نواب ولي محمد خان
کي حرصايو ته هو کيس جاگير ڏيندو ۽ وزير بنائيندو.
نواب صاحب کيس دلاسو ڏيئي اهڙو وعدو کانئس لکيت ۾
ورتو. اهڙيءَ طرح سڄو راز معلوم ڪري نواب ولي محمد
خان پنهنجي وفد جي ٻنهي بزرگن کي هن چال کان آگاهه
ڪيو، ۽ جيتوڻيڪ ميان عبدالنبي عهد نامي کي عمل ۾
آڻڻ لاءِ سنڌ طرف روانو ٿي ويو، پر نواب ولي محمد
خان جي تائيد ۽ تاڪيد سان سنڌ جو وفد ڪابل ۾ رهي
پيو. نواب ولي محمد خان پوءِ محفلن ۽ مجلسن ۾
پنهنجي علمي ۽ ادبي ذهانت ۽ حڪمت عملي سان تيمور
شاهه کي متاثر ڪيو ۽ پڻ وزيرن سان صحبتون ڪري کين
پنهنجو ڪيائين. اها حڪمت عملي ڪارگر ٿي ۽ بالاخر
مير فتح علي خان جي نالي سڄي سنڌ جي سَنَد ۽ خلعت
ملي، جا آڻي مير فتح علي خان کي ٽنڊوالهيار واري
منزل (1) تي پيش ڪيائون. اهو واقعو سنه 1198هه جو
آهي. مير صاحب دوباره خلاصي طرح نواب ولي محمد خان
کان سڄي ڪار گذاري ٻڌي. نواب صاحب ميان عبدالنبي
جي لکيل سند پڻ مير صاحب جي آڏو پيش ڪئي. مير صاحب
نهايت خوش ٿيو ۽ نواب ولي محمد خان کي هميشه لاءِ
پنهنجي قرب ۽ محبت جو اعزاز بخشيائين ۽ پڻ سندس
ظاهري منزل ۽ مرتبي ۾ اضافو ڪيائين.
3.
مير فتح علي خان جي اوائلي دؤر (1187-1204هه) ۾
نواب ولي محمد خان جو پهريون ڪارنامون هيءُ هو جو
سنڌ جي سرحدن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ حفاظتي قلعن جي
تعمير جي تجويز مير فتح علي خان آڏو پيش ڪيائين جا
فوراً منظور ٿي. ان تجويز مطابق نئين ڪوٽ، مٺي ۽
اسلام ڪوٽ جا قلعا تعمير ٿيڻا هئا، انهيءَ لاءِ ته
ڪڇ جي سرحد محفوظ ٿي سگهي ۽ پڻ عمرڪوٽ مان جوڌپور
جي دخل کي ڪڍڻ ۾ آساني ٿئي. لاڙ طرف وِڪر بندر ۽
جاتي ڏانهن ننڍا ڪوٽ تجويز ڪيائين . انهيءَ ڪم جي
تڪميل لاءِ مير فتح علي خان کيس مقرر ڪيو ۽ نواب
ولي محمد خان پنهنجن ڀائرن ۽ ٻين خاص مهمانن کي ڪم
جي نظرداري لاءِ مقرر ڪيو. خانداني روايت موجب اهو
سڄو ڪم نواب صاحب اٺن سالن ۾ پورو ڪرايو. فتح ڳڙهه
يا نئون ڪوٽ، اسلام ڳڙهه يا اسلام ڪوٽ 1789/1204هه
۾ ساڳي سال جڙي راس ٿيا. نواب ولي محمد خان پنهنجي
ننڍي ڀاءُ ميان غلام الله کي پڻ نگرانيءَ لاءِ پاڻ
سان گڏ رکيو ۽ هو پوءِ عمرڪوٽ جو نواب ٿيو. لاڙ
طرف ويڪربندر،جاتي ۽ ساڪري طرف سامونڊي ڪناري جي
حفاظت لاءِ ڪوٽن ۽ مورچن جي تعمير جي جانچ ۽
نظرداري لاءِ سندس وڏو ڀاءُ ميان علي محمد خان
ويو، جو پوءِ ٺٽي جو نواب ٿيو.
4. 1205-1210هه
واري دؤر ۾ نواب ولي محمد خان کي درياءَ جي الهندي
طرف ڪوهستان، ڪاڇي ۽ چانڊڪي وارن علائقن يعني
موجوده دادو، لاڙڪاڻي ۽ سکر ضلعي جي ايراضين جي
انتظام ۽ حفاظتن جو ڪم سونپيو ويو، جتي پوءِ هو
آخر دم تائين گورنر ٿي رهيو. ان وقت ڪراچي واري
علائقي تي اڃان قلات جي خان جو قبضو هو ۽ شڪارپور
واري علائقي تي افغانن جو تسلط هو. انهن علائقن کي
آزاد ڪرائڻ لاءِ نواب ولي محمد خان اول ڪراچي ۽
شڪارپور جي وچ واري ايراضي جي اندروني نظام کي
درست ڪرڻ ڏانهن توجهه ڏنو. ڪوهستان ۾ جوکين،
نومڙين ۽ اتر طرف ڪاڇي جي چانڊين کي شرافت ۽ محبت
جي هٿيارن سان مطيع ڪرڻ جي تجويز سِٽيائين. موجوده
دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن واري آباد ايراضي، جا ڪلهوڙن
جي آخري دؤر ۾ فتني ۽ فساد سببان تباهه ٿي چڪي
هئي. ان ۾ واهن ۽ ڪڙين جو نظام درست ڪري آباد
ڪيائين. سڀني علائقن ۾ پنهنجي سر تڪڙا گشت ڪري عدل
۽ انصاف وارن فيصلن ذريعي رعايا جي دلجوئي ڪيائين.
هن عرصي ۾ هن انتظام
جا
ابتدائي مرحلا طئي ٿيا جن جي تڪميل پوءِ ٿي، مگر
اندروني انتشار جو خاتمو ٿيڻ لڳو، جنهنڪري نواب
ولي محمد خان اطمينان سان شڪارپور ۽ ڪراچي وارين
سرحدن ڏانهن پنهنجو توجهه ڪيو.
5.
سن 1208هه/1792ع ۾ ڪابل جو حاڪم زمان شاهه سنڌ کان
سالانه ڍل وصول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي چڙهيو. سنڌ طرفان
نواب ولي محمد خان کيس منهن ڏيڻ لاءِ مقرر ٿيو.
نواب صاحب کي معاملي فهمي ۽ حڪمت عملي ۾ پاڻ تي
وڏو اعتماد هو، انهيءَ ڪري مير فتح علي خان کي عرض
ڪري موڪليائين ته آءٌ پنهنجي سر وڃي شاهه سان
ڳالهائيندس ۽ اميد ته مقابلي جي ضرورت پيش نه
ايندي. خوش اتفاقي سان ان وقت پويان ڪابل ۾ فساد
ٿيا ۽ زمان شاهه واٽ تان ئي پوئتي موٽي ويو.
اهڙيءَ طرح شڪارپور واري سرحد تان في الحال فتنو
ٽري ويو.
6.
سنه 1209هه/1794ع ۾ نواب ولي محمد خان ڪراچي واري
علائقي کي واپس وٺڻ لاءِ خان قلات جي نائب سان وڃي
ڪراچيءَ ۾ ڳالهيون هلايون. ڪراچي ۽ حب ندي وارو
علائقو ميان عبدالنبي ڪلهوڙي خان قلات کي ڏيئي
ڇڏيو هو، جو خان کيس ميرن خلاف مدد ڏني هئي ۽ جنگ
۾ خان جو ناٺي سردار زرڪ خان مارجي ويو هو. مير
فتح علي خان، ڪابل جي بادشاهه تيمورشاهه ڏي لکيو
هو جنهن خان قلات کي ڪراچي علائقي جي واپسي لاءِ
هدايت ڪئي هئي. مگر خط و ڪتابت ۽ ڳالهيون پئي
هليون ۽ خان جي نائب ڪراچي خالي ڪانه ٿي ڪئي. نواب
ولي محمد خان انهيءَ مسئلي کي طئي ڪرڻ لاءِ روانو
ٿيو. هو مختصر مگر مضبوط فوجي دستي سان ڪراچي پهتو
۽ پنهنجي خداداد لياقت سان قلات جي نمايندن سان
ڳالهيون هلائي کين مجبور ڪري ڪراچي ڇڏائي. اهڙيءَ
طرح بنا جنگ و جدل جي صلح سان ڪراچي وارو علائقو
وري واپس ورتو ويو، جنهن کي هميشه لاءِ سنڌ سان
شامل ڪيو ويو. سنڌ ۽ قلات جي سرحد حب ندي تي قائم
ڪئي ويئي.
7. 1211-1217هه
واري دؤر ۾ نواب ولي محمد خان، چانڊڪي (لاڙڪاڻي)
پرڳڻي جي گورنر جي حيثيت ۾، ڪراچي علائقي جي حدن
کان وٺي شڪارپور علائقي جي حدن تائين، سنڌونديءَ
جي اولهه طرف واري جملي اراضي جو فوجداري توڙي
مالي انتظام وڌيڪ درست ڪيو. شڪارپور وارو علائقو
جيڪو افغانن جي هٿ ۾ هو ان جون حدون مقرر ٿيل ڪين
هيون ۽ انهيءَ ڪري افغان سپاهين چوڌاري پئي ملڪ
ڀيليو. نواب ولي محمد خان سندن انهيءَ ڇڙواڳي کي
ٻنجي ڏيڻ لاءِ، لاڙڪاڻي کان اتر طرف ۽ ڳڙهي ياسين
لڳ، نوشهره ابڙه ۾ وڃي پنهنجو سرڪاري ديرو قائم
ڪيو ۽ ان کي ڪوٽ ڏياري مضبوط ڪيو. هن ديري وٽان هن
پنهنجي مالي ۽ فوجداري انتظام جون حدون وڌايون تان
جو باقي شڪارپور شهر ۽ ان جي پسرگردائي وڃي افغانن
لاءِ ڇڏيائين.
محرم سن 1217هه ۾ مير فتح علي خان وفات ڪئي ۽ مير
غلام علي خان مکيه امير جي حيثيت ۾ سندس جاءِ نشين
ٿيو.مير غلام علي خان، نواب ولي محمد خان کي ساڳي
عزت سان نوازيو، ۽ هو لاڙڪاڻي جي گورنر جي حيثيت ۾
انتظام سنواريندو رهيو. مگر جلد ئي هڪ طرف
بهاولپور جي حاڪم ۽ ٻئي پاسي افغانستان جي نئين
بادشاهه شاهه شجاع الملڪ طرفان سنڌ سان آزار شروع
ٿيو، جنهنڪري نواب ولي محمد خان کي انهن ٻن محاذن
کي منهن ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو.
8.
سنه 1224هه/1809ع ۾ بهاولپور جو نواب صادق محمد
خان گادي نشين ٿيو، جنهن سندس والد محمد بهاول خان
سان مير فتح علي خان جا دوستاڻا تعلقات وساري،
ميرن سان تنازع شروع ڪيو. نواب جي وزير ۽ سپهه
سالار مير نصير خان گورگيچ ويتر انهيءَ ڇڪتاڻ کي
وڌايو. انهيءَ فتني خلاف حيدرآباد طرفان نواب ولي
محمد خان ۽ خيرپور طرفان گولو شاهه قهيري سپهه
سالار مقرر ٿيا. ٻنهي گڏجي لشڪر ڪشي ڪئي. نواب ولي
محمد خان پنهنجي دستور موجب نصير خان گورگيچ کي
ڳالهيون هلائي صلح ڪرڻ لاءِ چيو پر هن اها آپ نه
قبولي، جنهنڪري سنڌ جو لشڪر بهاولپور جي حدن ۾
پيشقدمي ڪري، حڪمت عملي سان حملي جو رخ ڦيري،
مخالف کي بتال ڪري وڃي بهاولپور ويجهو پهتو. نواب
ولي محمد خان، وري به نصير خان گورگيچ کي صلح جي
آڇ ڪئي، ۽ هو هاڻي ٻي واهه نه ڏسي قرآن شريف ۽
ساداتن کي وچ ۾ آڻي صلاح خاطر اچي نواب صاحب سان
مليو. بهاولپور جي نواب طرفان لکايل ”صادق
التواريخ“ جي بيان موجب نواب ولي محمد خان هڪ وڏو
مدبر ۽ داناء هو، ۽ هن حڪمت عملي سان نصير خان
گورگيچ کي ڳالهين ۾ ايترو ته لاجواب ڪري ڇڏيو، جو
هن مجبور ٿي نواب ولي محمد خان جا سڀ شرط قبول
ڪيا، جنهن موجب بهاولپور جي شهزادي رحيم يارخان ۽
ٻين کي يرغمال طور حيدرآباد موڪليو ويو ۽ سنڌ جو
لشڪر نواب ولي محمد خان جي سرڪردگيءَ هيٺ ساريِ
ڪري واپس موٽيو.
9.
انهيءَ دور ۾ افغانستان طرفان شاهه شجاع الملڪ جي
شڪل ۾ سنڌ لاءِ هڪ وڏو اهنج ۽ آزار پيدا ٿيو. سنه
1218هه 1803ع ۾ ڪابل جو حاڪم محمود شاهه مري ويو ۽
شاهه شجاع الملڪ سندس جاءِ نشين ٿيو. انهيءَ سال
سنڌ طرفان ساڻس عهد نامو ٿيو ۽ کيس مقرر رقم
پهچائي ويئي. سنه 1221هه/ 1806ع ۾ هو پنهنجي وزير
شيرمحمد خان کي ساڻ ڪري ماليات وصول ڪرڻ لاءِ اچي
شڪارپور پهتو، ۽ نواب ولي محمد خان کيس قدري رقم
ڏيئي راضي ڪري واپس موٽايو. 1225هه/1810ع ۾ وري
ماليات وصول ڪرڻ جي بهاني سان شجاع اچي شڪارپور
سهڙيو. نواب ولي محمد خان وڏو دور انديش هو؛ هن
ڏٺو ته جي شڪارپور جهڙي پُر فضا شهر ۾ ڪابل جي
حاڪم اچي ديرو دمايو ته پوءِ منجهانئس جند ڪانه
ڇٽندي. سو فوري شڪارپور پهچي، ساڻس ملي دم دلاسا
ڏيئي في الحال کيس ديره غازي خان ڏانهن ڪڍي ويو ۽
اتي کيس قدري رقم ڏيئي اڳتي اماڻي ڇڏيائين. اهڙيءَ
طرح في الحال سنڌ جي هن آزار مان وڃي جند ڇٽي.
10.
سنه 1226هه/1811ع ۾ وري بهاولپور جي نواب سان نزاع
جي نوبت اچي پهتي ۽ حيدرآباد طرفان نواب ولي محمد
خان ۽ مير وليو خان لشڪر جا مهندار مقرر ٿيا ۽
خيرپور طرفان مير مبارڪ خان ۽ گولو شاهه آيا. سنڌ
جو لشڪر پيشقدمي ڪري صادق آباد کان احمد پور شرقي
تائين وڃي پهتو. نواب ولي محمد خان جي خطن ۽
تنبيهن ۽ پڻ نصير خان گورگيچ (جو اندروني طرح سنڌ
جي اميرن جو طرفدار هو) جي مصلحتن بهاولپور جي
نواب صادق محمد خان کي مجبور ڪيو ۽ هن سنڌ جا سڀ
شرط قبولي صلح ڪيو. انهن شرط موجب سبزل ڪوٽ ۽
سنجرپور وارو علائقو سرواهي جي قلعي سميت سنڌ جي
سرحدن ۾ شامل ڪيو ويو ۽ پڻ شهزادو رحيم يارخان ٻين
سان گڏ ضمانت طور حيدرآباد آندو ويو.
11.
سنه 1227هه/ع ۾ مير غلام علي خان وفات ڪئي ۽ مير
ڪرم علي خان مکيه امير طور سندس جانشين ٿيو. مير
ڪرم علي خان هڪ بيدار مغز حڪمران، علم دوست، اديب
۽ شعار هو. نواب ولي محمد خان سان سندس ذاتي طور
انس هو. مير مراد علي خان جو پڻ نواب صاحب تي ڪلي
اعتماد هو، ۽ ننڍا امير سندس گهڻو احترام ڪندا
هئا. هن عهد ۾ پڻ نواب صاحب جي عزت ۽ منزلت ۾
اضافو ٿيو.
12.
هن دؤر جو پهريون مکيه واقعو 1228هه/1813ع ۾ قلعي
۽ علائقي عمرڪوٽ جي فتح هو. عمرڪوٽ جو قلعو ۽
علائقو، عبدالنبي ڪلهوڙي مير بجار خان کي مارائڻ
(1194هه/181ع) جي عيوض ۾ جوڌپور جي راجا کي ڏيئي
ڇڏيو هو. سنڌ فتح ڪرڻ بعد ٽالپور اميرن پهريائين
ڪڇ، ڪراچي، شڪارپور ۽ بهاولپور وارين سرحدن طرف
توجهه ڏنو جتان وڌيڪ خطرو هو. البت خيرپور جي والي
مير سهراب خان جو ڀاءُ مير غلام محمد خان مختصر
فوجي دستي سان عمرڪوٽ چڙهي ويو ته ڳالهيون هلائي
قلعو خالي ڪرائجي، پر جوڌپور جي قلعي-بند لشڪر
اوچتو حملو ڪري غلام محمد خان کي شهيد ڪري ڇڏيو.
ان بعد اميرن طرفان عمرڪوٽ واري علائقي ڏانهن فوري
توجهه ڪونه ٿي سگهيو. تان جو بهاولپور وارن معرڪن
۾ حيدرآباد طرفان سپہ سالار نواب ولي محمد خان ۽
خيرپور طرفان ميان گولو شاهه (قهيري بلوچ) پاڻ ۾
گڏيا ۽ بهاولپور واري سرحد تي ڪاميابيون حاصل
ڪيائون. ٻئي محب وطن هئا ۽ ٻئي اميرن جا وفادار
سپہ سالار هئا. انهيءَ ڪري ٻنهي ۾ دوستي جو سلسلو
قائم ٿيو، جو پوءِ سندن اولاد تائين هلندو آيو.
بهاولپور جي سرحد صاف ڪرڻ بعد ٻنهي متفق فيصلو ڪيو
ته پنهنجن اميرن کي عمرڪوٽ جي فتح جو مشورو ڏيندا.
مير غلام علي خان جي وفات سببان في الحال انهيءَ
تجويز جي تڪميل ۾ دير ٿي، پر مير ڪرم علي خان جيئن
ئي جانشين ٿيو ته نواب ولي محمد خان انهيءَ تجويز
جي پٺڀرائي ڪئي. هوڏانهن خيرپور ۾ مير سهراب خان
آڏو ميان گولي شاهه رٿ پيش ڪئي ۽ نواب ولي محمد
خان جي صلاح سان مير سهراب خان طرفان مير ڪرم علي
خان ڏانهن رقعو لکارايو جنهن تي فوراً اها تجويز
منطور ٿي.
وڏي تياري ۽ اهتمام سان حيدرآباد ۽ خيرپور جي فوجن
اچي عمرڪوٽ جي قلعي کي گهيرو ڪيو. هن مهم ۾ ٽالپور
امير ۽ سندن اڪثر سردار شامل هئا، مگر مجموعي طور
سان حملي جي حڪمت عملي جي واڳ وڏن سپہ سالارن نواب
ولي محمد خان ۽ گولا شاهه جي هٿ ۾ هئي. عمرڪوٽ جو
قلعو ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي عهد ۾ نئين سر فوجي
لحظ سان محڪم ۽ مضبوط بنايو ويو هو، انهيءَ ڪري
جوڌپور جي فوج اطمينان سان قلعي بند ٿي ويهي رهي.
نواب ولي محمد خان جي تجويز مطابق قلعي جي ديوار
هيٺان مختلف جڳهن تان سرنگهون هڻي بارون ڀري
اُڏائڻ جي سِٽ سِٽي ويئي جا ڪامياب ٿي، ۽ ربيع
الاول سنه 1228هه/1813ع ۾ عمرڪوٽ جو قلعو فتح ٿيو.
قلعي فتح ٿيڻ سان فوراً عمرڪوٽ جو علائقو هٿ ڪري
سنڌ ۾ شامل ڪيو ويو ۽ سنڌ جي اڀرندين سرحد جوڌپور
جي سرحد سان لڳائي نروار ڪئي ويئي، جنهن تي سنڌ
طرفان چؤڪيون قائم ٿيون. هن فتح بعد سنڌ جا سڀئي
علائقا، جن تي ڪلهوڙن جي دور ۾ ڀروارن حڪمرانن
قبضا ڪيا هئا، سي آزاد ٿي ويا.
13.
سنه 1229هه/1814ع ۾
(*)
ڪابل جي حڪمران محمود شاهه پنهنجي وزير فتح خان جي
مشوري سان شڪارپور تي چڙهائي ڪئي. بهانو اهو هو ته
افغانن طرفان شڪارپور وارو سندن نائب کين ماليات
نٿو پهچائي. محمود شاهه پنهنجي لشڪر سان اچي ڍاڍر
۾ منزل انداز ٿيو، جتي قلات جو خان محمود خان پڻ
لشڪر وٺي اچي ساڻس شامل ٿيو. اتان اول امين الملڪ
محمد رحيم افغاني کي شڪارپور تي چاڙهي موڪليو ويو.
نواب ولي محمد خان حالت جو جائزو وٺي راءِ ڏني ته
طاقت جو جواب طاقت سان ڏجي. انهيءَ صلاح موجب مير
ڪرم علي خان، مير مراد علي خان، مير سهراب خان ۽
مير ٺارو خان سنڌ جي متحد
لشڪر سان اچي شڪارپور جي ويجهو منزل انداز ٿيا، جتي کين محمود شاهه جو پيغام
ماليات لاءِ پهتو ۽ ان بعد شڪارپور مان محمد رحيم
افغاني جو قاصد آيو. مشوري بعد فيصلو ٿيو ته محمود
شاهه ڏي خط لکيو وڃي ته جي صلح ڪندين ته صلح
ڪنداسين ۽ جي جنگ ڪندين ته جنگ ڪنداسون. باقي محمد
رحيم افغاني جو قاصد موڪلڻ بي معنيٰ آهي؛ کيس خود
حاضر ٿيڻ گهرجي. مير صاحبن طرفان نواب ولي محمد
خان کي اهو ڪم سونپيو ويو، ته محمد رحيم افغاني کي
حاضر ڪري. نواب ولي محمد خان انهيءَ قاصد کي ساڻ
ڪري شڪارپور پهتو. محمد رحيم مير صاحبن جي درٻار ۾
اچڻ کان نٽايو، مگر نواب ولي محمد خان ساڻس
ڳالهيون هلائي کيس مجبوراً مڃايو ۽ آڻي دربار ۾
حاضر ڪيائينس. ان بعد ڳالهيون هليون ۽ صلح لاءِ
رستو صاف ٿيو، مگر مولاداد افغان شرارت ڪري ٺهيل
ڪم کي ڦٽايو. انهيءَ تي مير صاحب جي حڪم موجب سنڌ
جو لشڪر جنگ لاءِ تيار ٿيو. محمود شاهه اهو ٻڌي،
ڍاڍر مان پير ڊاٺا ۽ راڄنپور وارو گس وٺي وڃي ديري
غازي خان پهتو. اهو ٻڌي محمد رحيم افغان مير صاحبن
کان موڪل گهري جا کيس ملي، ۽ هو پڻ سنڌ واپس وريو.
انهيءَ تدبير سان بنا جنگ وجدل جي سنڌ جي سَرسي
ٿي. نواب ولي محمد خان هن موقعي تي اهم پارٽ ادا
ڪيو، جنهن جو پنهنجي مثنوي ’هير رانجهي‘ ۾ پڻ قدري
تفصيل سان ذڪر ڪيو اٿس.
14.
عمرڪوٽ جي فتح سان سرحدي ڇڪتاڻ جو خاتمو ٿي چڪو
هو. شڪارپور جي محاذ تي به سنڌ جي سياست ۽ حڪمت
عملي ڪامياب هئي. انهيءَ ڪري مير ڪرم علي خان جي
باقي دؤر ]1230-1244هه) ۾ مکيه توجهه ملڪ جي
اندروني انتطام ۽ استحڪام طرف ٿيو.
نواب ولي محمد خان ڪراچي کان شڪارپور تائين سڄي
پرڳڻي جي نظام کي درست ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ انهيءَ
ڏس ۾کيس وڏو تجربو هو. سندس عمر اُن وقت ٻاهٺ سال
هئي. مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جو مٿس
وڏو اعتماد هو. جيتوڻيڪ هن کان اڳ هو ’چانڊڪي
پرڳڻي‘ جو نالي وارو ناطم، سنڌ جو سپهه سالار ۽
اميرن جو خاص صلاحڪار هو، مگر هاڻي هو ”وزير بي
نظير“ جي خطاب سان سرفراز ٿي عملي طور سنڌ جو
’وزيراعطم‘ بنيو، جنهنڪري سندس اختيارين توڙي
ذميدارين ۾ اضافو ٿيو. پنج سؤ مسلح سوارن سان
پالڪي يا محفي ۾ سواري ڪرڻ (جنهن کي کڻڻ لاءِ
چوويهه حمالي مقرر هئا، جن کي ’قهار‘ چوندا هئا ۽
اَٺ ڄڻا واري سان کڻندا هئا)، هر اهم معاملي ۾
’وزيراعظم‘ جي حيثيت ۾ شامل ٿيڻ ۽ درٻار ۾ حسب
مراتب مير صاحبن کان ٻئي نمبر ۾ ويهڻ سندس واسطي
مخصوص ٿيا. صوبائي منتظم جي حيثيت ۾ عدالتي اختيار
هلائي ڏوهارين کي ڦاسي ڏيڻ يا معاف ڪرڻ، جاگيرن
ڏيڻ لاءِ آخري طور پڪيون سفارشون ڪرڻ، آبپاشي،
عدالتي ۽ حفاظتي انتظام لاءِ ڪُلّي طور خرچ ڪرڻ،
ڍل-بستگيءَ جو نظام متعين ڪرڻ ۽ ٻين محصولن جا نرخ
مقرر ڪرڻ جا مطلع اختيار سندس حوالي ٿيا، انهيءَ
لحاظ سان کيس ”مختيار ماليہ سرڪار“ جو رتبو حاصل
ٿيو.
15.
نواب ولي محمد خان عمرڪوٽ جي فتح بعد پنهنجن مشورن
۽ ڪوششن کي ٻن مکيه مسئلن لاءِ مخصوص ڪيو: ملڪ جي
اندروني انتطام کي بهتر بنائڻ، ۽ فوجي لحاظ سان
ملڪ جي حفاظت توڙي طاقت کي وڌائڻ.
اندروني انتطام جي سلسلي ۾ سندس واسطو حيدرآباد جي
شهداداڻي خاندان جي حصي وارن پرڳڻن سان هو، جن ۾
عدالتي، آبپاشي ۽ ڍل-بستگي جي نظام کي يڪسان طور
ترقي ڏيڻ لاءِ نواب ولي محمد خان لاءِ قدرتي آساني
ٿي، ڇاڪاڻ ته سندس وڏو ڀاءُ علي محمد خان ٺٽي جو
ناظم هو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ عمرڪوٽ جو ناظم هو.
’لاڙڪاڻي-دادو‘ واري خطي جو انتظام خود سندس حوالي
هو، جنهن کي معياري بنائڻ جي ڪوشش ڪيائين، انهيءَ
لاءِ ته اهو ٻين ناظمن لاءِ هڪ نمونو بنجي. انهيءَ
ڏس ۾ پنهنجي پاليسي ٽن مکيه اصولن تي وضع ڪيائين.
پهريون ته : راڄن ۽ راڄن جي سردارن کي زمينون ڏيئي
سندن اقتصادي حالت سڌاري، کين امن قائم ڪرڻ ۽
حڪومت سان تعاون ڪرڻ تي آماده ڪرڻ. انهيءَ
پاليسيءَ تي عمل ڪرڻ سان نواب صاحب عام توڙي خاص
کي پنهنجو گرويدو ۽ حڪومت جو خيرخواهه بنائي ڇڏيو.
مثلاً ڪوهستاني علائقي ۾ نئِن بارڻ کان وٺي نِئن
سَن تائين نومڙيا قوم جي راڄن ۽ سندن سردارن جي
دلجوئي ڪري کين ڪوهستاني علائقي کان ٻاهر هيٺ
درياء لڳ زمينون ڏنائين ۽ نومڙين سردارن کي درياء
کان اوڀر طرف (حيدرآباد ضلعي ۾) آبد خطي ۾ پڻ
جگيرون ڏياريائين، جنهنڪري هي قوم جي مغليه دؤر
کان وٺي حڪومت جي برخلاف ۽ امن و امان ۾ وڳوڙو
وجهندڙ هئي، سا هاڻي حڪومت سان تعاون ۽ رعايا ۾
امن سان رهڻ لڳي. نه فقط ايترو مگر محبت ۽ اخلاص
جو سلسوو انهيءَ حد تي پهتو جو سردار مَلڪ احمد
خان پهنجي نياڻي مير ڪرم علي خان کي ۽ پنهنجي
همشيره مير نورمحمد خان ئي ڏني. اتر طرف چانڊڪي جي
حدن ۾ چانڊيا قوم نهايت طاقتور ۽ حڪومت جي قبضي
کان ٻاهر هئي. سندس سردار ان وقت ولي محمد خان
چانڊيو هو. جنهن سان نواب ولي محمد خان ذاتي طور
دوستانه تعلقات قائم ڪري کيس حڪومت جو خيرخواهه
بنايو. سندن قوت ۽ خوسحالي لاءِ سندن بودو باش
واري ڪاڇي‘ جي ڪوهستاني خِطي کانسواءِ هيٺ ميداني
علائقي ۾ مرزا پور جي آباد اراضي کين جاگير طور
ڏياري، جنهن ۾ سردار توڙي سندن راڄن جي عوام کي
ڀائيواري ڪيائين. خاص ’چانڊڪي‘ جو علائقو مير مراد
علي خان جي زير اختيار هو؛ انهيءَ ڪري نواب صاحب
اها سَنَد ربيع الثاني 1233هه
(1817ع)
۾ مير مراد علي خان جي صحيح سان سردار ولي محمد
خان چانڊيي کي وٺي ڏني. اهڙي طرح کهاوڙن، جتوين،
ابڙن ۽ ٻين قبيلن سان جي اڳ ڪلهوڙن جا طرفدار هئا،
سهڻو سلوڪ ڪري سڄي علائقي ۾رعايا ۽ حڪومت جي باهمي
اعتماد کي پختو ڪيائين. اها ساڳي پاليسي ٻين
علائقن جي ناظمن لاءِ پڻ مشعل راهه بني؛ جيئن ته
ٺٽي جي علائقي ۾ جوکين جي ڄام ۽ سندس راڄن کي
حڪومت جو معاون ۽ مددگار بنايو ويو، جيتوڻيڪ ڄام
اصل کان ڪلهوڙن جو جاگيردار ۽ طرفدار هو.
ٻيو ته نواب صاحب آبپاشي جي نظام کي سڌاريو ۽
وڌايو. اڳين واهن کي ويڪرو ڪيو ۽ درياءَ مان انهن
جا مُنهن نئين سر سڌاريا. راڄن کي ننڍن واهن ۽ نون
ڪڙين کوٽڻ تي آماده ڪيائين. ڳوٺن ۽ راڄن کي عام
اختيار ڏنو ويو ته واهه ۽ ڪڙيا کڻائي غيرآباد
زمينون آباد ڪن، جنهن جي عيوض نئين آباد ڪيل زمين
۾ خود بخود سندن حق واسطا قائم ٿيندا. وڏا واهه
جتان درياءَ مان نڪتا ٿي، انهن مَنهن جو نواب صاحب
پاڻ مطالعو ٿي ڪيو ۽ آبپاشي انجنيري جي مهارت سان
انهن جا منهن اهڙي ته نموني ۾ تجويز ٿي ڪيائين جو
لٽ ۽ رؤ کان اهي محفوظ ٿي رهيا ۽ پاڻي پڻ گهڻو ٿي
کنيائون. سندس انهن ڪامياب تجربن جي باء تي کيس
خاص طرح گهرايو ويو ته ڪاردارن ۽ آبپاشي جي
سزاولڪارن کي سمجهائڻ خاطر اچي ”خِطي“ پرڳڻي
(موجوده سڪرنڊ-موري واري اراضي) ۾ هڪ مکيه واهه جو
منهن (1) نئين سر درست ڪرائي. نواب صاحب وڏي
اهتمام سان آيو ۽ صادق ڀَٽِي جي ڳوٺ موجود تعلقو
مورو) ۾ اچي ڪئمپ ڪيائين. جملي تيرهن هزارن جي خرچ
سان واهه جو نئون منهن ڪڍرايائين، جو پوءِ سالن جا
سال ڪارگر رهيو.
ٽيون ته ’آئين اڪبري‘ جي گهري مطالعي سببان نواب
صاحب کي هميشه اهو خيال رهندو هو ته ملڪي انتظام،
اڪبر بادشاهه جي دستور وانگر هلائڻ گهرجي. انهيءَ
ڪري عدل ۽ فيصلن، ۽ ڍل جي نرخن جي نظام کي
سڌاريائين. عام طرح سان ڍل، بٽائي ۽ وصولي جو
سلسلو هن طرح هو ته : باغن ۾ تماڪ، ڪمند ۽ ڀاڄين
تي، آباد ڪيل ايراضي جي لحاظ سان جنس ۾ ڏيڻي پوندي
هئي، جنهن جو انداز گذريل چند سالن ۾ سراسري في
ايڪڙ پيدائش جي لحاظ سان ٻڌبو هو. مگر ’چانڊڪي‘
پرڳڻي ۾ نواب صاحب جي آندل سڌاري موجب، کاتيدار ان
جنس جي عوض روڪڙي رقم ڏيئي ٿي سگهيو. اها رقم تَر
۾ جنس جي سراسري چالو اگهه جي لحاظ سان ٻڌي ويندي
هئي. اهو سلسلو نواب صاحب ئي ”آئين اڪبري“ جي
مطالعي بعد رائج ڪيو (2)، جنهن موجب کاتيدارن کي
سهولت ٿي، ڍل جي ادائگي ۾ وڌيڪ آساني ٿي ۽ زرعي
پيداوار ۾ اضافو ٿيو.
خانداني
روايت موجب. مگز ٿي سگهي ٿو ته هي واقعو
1229-1231هه واري عرصي ۾ ڪنهن به سال جو هجي.
(1) هڪ
روايت موجب جهوني داد واهه جو منهن.
(2) Record: Sindh file, Pol. 131, P.342, and
Masson vol 2 P.131
|