سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:ڪلام فقير نواب

ولي محمد خان لغاري

صفحو :13

بحال است درين انجام تفاوت نيست

        انجام سرکار بہ عاليجاہ رفيع جايگاه نواب احمد خان لغاري آنکہ درين وقت عهدہء حفاظت و بندوبست ملک چاندوکہ کاچہ و ميهر وسامتانيو تکر باغبان تابہ سيوستان بذمہء نواب مذکور وسيلت و رافت پناه…… دستگاه خلاصہ خاندان عظام يا با وفا سيد ميان دُر محمد شاه مقرر داشتہ در پرگنات توقف فرموده شد - سرکار بنا بر ملاقات صاحبانِ ذي شان انگريز بهادر روانہ حيدرآباد شد- چنان تقيدِ محافظت سرحداتِ پر گنات سازند کہ يک پاز آبِ کسي مردمِ غريب نقصان نه گردد- و نيز بسرِ خودها سوار شده در تندرها بلوچان رفتہ کہ اقوامِ بلوچانِ کاچہ و چاندوکہ را از سرکار طمانيت کُلّي بموجب قسم تسليمات  دارد کہ بوطن مالوفہ اما کن پذير نمايند- وجوهات چار دشت بلوچانِ مذکوره شرح سابق بحال است- هر کس تصرف کند شبگاه در قلعہ لارکانہ نمايند- اخراجاتِ خودها و لشکر همراهي خود روزمره موجب مهر اعتبار خود بحساب سرکار متصرف باشند که برافت بفضل الهيٰ.

سرکار انجام مي فرمايد

که بمجرد ورودِ سرکار در حيدرآباد

آنچه رنجشِ صاحبان انگريز بهادر دربارہ نواب خواهد بود

بهر وجوه معاف خواهد کنايند از همہ ممکن الوجوه خاطر جمع باشد اعزاز و آبروي و قوت بعاليجاه مذکوره بدستور بکلي بحال است بلکہ در خور اين چنين خدمات زياد از سابق موردِ نتائج نيک خواهد بود

عاليجاه مزکوره مدام از مراعات اشفاقات سرکار در سکل آبرو دانست همواره صدر شرح خواهد بود- ساختہ پرداختہ عزل و نصب کار پردازان و کارکنانِ پرگنات مذکور بہ اختيار است—انشاء الله تعاليٰ درين انجام تفاوت تا به مونخواهد شد

حسب دستور حضور انور تسليم روبرو

ماه ربيع الاخر سنه ؟؟12

 

مهر مير علي مراد    

 

 

         انهن خاطرين کانپوءِ حيدرآباد جي ڪليڪٽر مسٽر راٿبورن نواب احمد خان جي وڪيلن کي ڪراچيءَ ۾ وڃي نيپئر جي آڏو پيش ڪيو. سنڌ جي مکيه سردارن جو صمانت نامو ڏسي چارلس نيپئر فوراً نواب احمد خان جي سنڌ واپس ورڻ جو طلب نامو وڪيلن کي ڏنو، جنهن جي پهچڻ تي نواب احمد خان، مير محمد حسن خان سان مشورو ڪيو ۽ ان بعد پنهنجي عزيز دوست علي خان ٽالپر ڏي لکيائين ته اوهان پنهنجي جاگير ’ٻُنڀائي‘ (تعلقو سڪرند) ۾ حويليون تيار ڪرايو. اطلاع ملڻ تي سنه 1847ع ۾ نواب احمد خان اُتي پهتو ۽ قبيلو اتي رهائي پاڻ حيدرآباد آيو، ۽ ڪليڪٽر راٿبورن سان ملاقات ڪيائين جنهن سان گڏجي ڪراچيءَ ۾ چارلس نيپئر سان ملاقات جو پروگرام طي ٿيو. نواب صاحب ان بعد مير صاحبن جي رهيل ديرن ۽ اهل نساء جي دلجوئي لاءِ ويو ۽ کين خاطري ڏنائين ته هو چارلس نيپئر کان ميرن صاحبن جي سنڌ واپس ورڻ جو مطالبو ڪندو.

        هن کان اڳ ٻين سردارن چارلس نيپئر وٽ پهچي سليم ڪري جاگيرون  پئي قبول ڪيون، پر مير صاحبن جي واپس سنڌ اچڻ جو مطالبو ڪونه ٿي ڪيائون. نواب احمد خان جا ننڍا ڀائر محمد خان، الهداد خان، ۽ غلام حيدر خان سلام تي ئي ڪين ويا هئا. ٽن سالن گذرڻ بعد سنه 1846ع ۾ چارلس نيپيئر طرفان سندن دلجوئي ڪئي وئي ته جيئن هو نواب احمد خان کي سنڌ اچڻ تي آماده ڪن. انهيءَ سلسلي ۾ سندن نالي هيٺين سند جاري ڪئي وئي:

(مهر)

                ميجر جنرل سر چارلس نيپيئر صاحب بهادر

                گورنر ممالک مفتوح سنده

                        سنه 1846 عيسوي

        پسران مرحوم ولي محمد خان لغاري بعافيت باشند.

        عاليجاهان محمد خان و الهداد خان و غلام حيدر خان چونه آنچہ جاگيرات مفصّلہ ذيل بنام شمايان مقرره بوده بنگام شرف سدنِ ديگر بلوچ و جاگيرداران بسلام حضور [آمدند مگر] شمايان مشرف بسلام نشيديد-لهذا از روئي شفقت و الطاف آنچہ جاگيرات اسمي شمايان که [در]  فبروري 1846 بتصرف شمايان بوده ازان جملہ دو حصہ از جاگيرات ذيل بنام شما عطا کرده شد تتمہ سيوم حصہ از جاگيرات عيوض استحصال شرف سلام حضور بروقت آوردن موقوف چنانچہ از حاصلات جاگيرات مذکوره… تياري غلات در هر فصل يافت با ايالت سرکار خواهد شد-فقط

تاريخ 25  ماه اپريل 1846ع

باسم محمد خان لغاري از زمين      باسم الهداد خان لغاري از
ديہ دوآبہ پوتهه و کوت
        ديره خيره دو هزار بيگہ
رتہ از منجملہ
شش هزار بيگہ يک طرفي مطابق پروانه بمهر
مطابق پروانہ دو هزار بيگہ
     مير نصير خان ٽالپر باسم الهداد خان
بمهر مير نصير خان ٽالپر
باسم غلام حيدر خان لغاري موافق پروانہ بمهر

مير محمد خان شش هزار و هفت صد (بيگہ)

تحرير صدرالدين

True Copy

- - - - - - -Rathborne

Certified at the request of

Muhammad Khan Leghari this 17th July 1847

هن سند مان ظاهر آهي ته نواب احمد خان جي ڀائرن پڻ چارلس نيپئر جو بروقت سلام ڪونه ڪيو ۽ هيءَ سند سندن خوشنودي خاطر پاڻمرادو جاري ڪئي وئي.

        نواب احمد خان هڪ محب وطن هو، تنهن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته چارلس نيپئر کان پهرين ملاقات ۾ ميرن صاحبن جي واپس اچڻ جو مطالبو ڪندو.

        ڪليڪٽر راٿبورن، نواب احمد خان سان رفاقت ڪئي، ۽ ٻئي گڏجي ڪراچي پهتا. نواب احمد خان سان سندس ٻه فرزند ولي محمد خان ۽ بخش علي خان، ۽ سردار احمد خان نومريو گڏ هئا. چارلس نيپئر، نواب احمد خان سان ملندي ئي چيو ته: نواب احمد خان! مون توکي آسمان تي پئي ڳوليو پر اڄ مون کي تون هت زمين تي ملي ويو آهين. نواب احمد خان، نيپئر جي اکين ۾ اکيون ملائي فوراً جواب ڏنو ته: اوهان مون هڪڙي کي ٿي ڳوليو پر آءُ پنهنجا ٻئي پٽ به ساڻ وٺي آيو آهيان. ان بعد حالي احوالي ٿيا ۽ جڏهن نيپئر، نواب صاحب کي سندس جاگيرن موٽائڻ ۽ انگريزن وٽ عزت ۽ افتخار جي خاطري ڏني، تڏهن نواب احمد خان کيس ٻڌايو ته هو فقط انهيءَ لاءِ سنڌ واپس آيو آهي ته سندس آڏو ميرن صاحبن جي سنڌ ۾ واپس موٽڻ جي مسئلي جي اهميت واضح ڪري. ان بعد نيپئر کي پنهنجي طرفان هر طرح جي خاطري ڏيئي ميرن صاحبن جي آزادي ۽ سنڌ ڏانهن واپسي جي گهر ڪيائين. نيپئر جواب ڏنو ته ميرن جو سنڌ واپس اچڻ قبل از وقت آهي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هو ڪوبه وعدو نٿو ڪري سگهي، البته نواب احمد خان کي گهرجي ته پنهنجون جاگيرون وٺي خوشحالي جي زندگي بسر ڪري. نواب احمد خان معذرت پيش ڪئي ۽ پنهنجي جملي جاگيرن -دوآبه پوٺو، پاڪ سنگهار، مرزان پور، رائلو، وڇيلو، انڙپور، ٻڍاپور وغيره جن جي ايراضي ڏيڍ لک ايڪڙ هئي-۽ ٻي ملڪيت تان دستبرداري ڏيکاري، اجازت وٺي واپس وريو. جيڪو وقت ڪراچي ۾ هو ته چارلس نيپئر کيس پنهنجو مهمان ڪري رهايو.

        نواب احمد خان واپس وريو پر نيپئر، نواب صاحب جي مير صاحبن سان وفاداري ۽ نمڪ حلالي جي جذبي کان متاثر ٿي، حيدرآباد جي ڪليڪٽر ڏي لکيو ته نواب احمد خان جي گذران لاءِ هڪ هزار رپيا ماهوار پينشن مقرر ڪجي ٿي جا کيس ڏني وڃي.پينشن جي بدران گذران خاطر ڪابه جاگير قبول ڪري ته کيس ڏني وڃي. نواب احمد خان پينتن قبول نه ڪئي، مگر ڪجهه وقت کانپوءِ فرزندن ۽ پسماندن جي گذران جو خيال رکي دوآبو پوٺو (تعلقو لارڪاڻو) واري جاگير قبول ڪيائين. پنهنجي اڳين مير زان پور جاگير ۾ (جا پوءِ دوآبه-پوٺه جي عيوض ورتائين) ڪليڪٽر جي صلاح ۽ اجازت سان پنهنجو خلاصو ڳوٺ ٻڌائين ۽ سنه 1267هه/1850ع ۾ اچي اتي مقيم ٿيو.

        نواب احمد خان هميشه ڪليڪٽر توڙي ڪمشنر آڏو ميرن صاحبن جي واپسي جو مطالبو پيش ڪندو رهيو ۽ انگريزن طرفان کيس دلاسا ملندا رهيا. بعد ۾ ڪليڪٽر جي اصرار تي ساڍا ٽي سؤ رپيا پينشن قبول ڪيائين انهيءَ لاءِ ته انگريزن کي مٿس پورو ڀروسو ٿئي ۽ هو سندس مطالبو منظور ڪن. مسٽر فريئر جڏهن ڪمشنر ٿي آيو ته نواب احمد خان جي عزت ۽ قدرداني ۾ ڪوتاهي ڪانه ڪيائين ۽ بمبئي بدلي ٿيڻ بعد به کيس وڏي اهتمام سان ڪيمخواب جي لفافن ۾ خط لکندو رهيو. غالباً ڪمشنر فريئر صاحب ئي نواب احمد خان جي مطالبي کان متاثر ٿي ميرن صاحبن جي واپسي جي سفارش ڪئي، جو بالآخر 1859ع ڌاري مير صاحب آزاد ٿي سنڌ ڏانهن موٽڻ لڳا.

        نواب احمد خان جي عوام ۽ راڄن سان دلي محبت هئي ۽ ڀلائي ۽ بهبودي خاطر پنهنجو پاڻ پتوڙي سندن حمايت حاصل ڪيائين. همت ۽ مردانگي سان گڏ سندس طبيعت ننڍي هوندي کان فقيري ڏانهن مائل هئي. ٺٽي جي درويش ’شاهه بلاول‘ جو مريد ٿيو جو پوءِ لڏي ڀِيَن ۾ آيو ۽ ’ڀِيَن وارو صاحب‘ سڏجي ٿو.مير صاحبن جن جي اصرار تي شاهه بلاول سنڌ ڇڏي مسقط ڏانهن روانو ٿيو ۽ ويندي وقت نواب احمد خان کي چيائين ته : مريد اسان جو آهين پر صحبت وڦي صوفي فضل الله قلندري سان ميران پور (جهوڪ) ۾ ڪر. نواب احمد خان پوءِ صوفي شاهه قلندر جو مريد ٿيو. 19 ذي قعده سنه 1286هه/21 فيبروري 1870ع*، پنهنجي ڳوٺ مرزان پور جاگير ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس جهوڪ شريف ۾ دفن ڪيو ويو. ڪنهن شاعر سندس وفات جي تاريخ ”با زود شد اندر بهشت“ مادي مان ڪڍي.

        نواب احمد خان علم دوست ۽ مطالعي جو شوقين هو. کيس پنههنجي ڪتبخانو هو جو سنڌ ڇڏڻ وقت پڻ سنڀالي ساڻ کنيائين. نواب احمد خان جي هٿ لکيل هيٺين عبارت، جنهن ۾ پنهنجي والد جي وفات جي تاريخ لکي اٿس، اسان جي نظر مان گذري:

        ”بروز شنبہ بروقت يک پاس روز باقي درماه

        ذي قعده 1247هه نواب ولي محمد عليہ الرحمة

        رحلت فرمود، دستخط احمد فقير لغاري

        سندس ذاتي دؤر لاءِ قرآن شريف ڪاتب عبدالخالق بوبڪائي سنه 1265هه ۾ لکي پورو ڪيو. آخوند صاحبڏني ٺشڪارپوري سندس مدح ۾ قصيدو چيو جنهن ۾ نواب احمد خان جي مظلومن سان مدد ۽ همدردي ۽ سرڪش کي شڪست ۽ سزا ڏانهن اشارو آهي:

ناميِ نواب نيک و نامدار و نامور

آنکہ او همنام گشتہ سرورِ خيرالام

آنکہ اوراشد خطاب ازبار گاهِ بي نياز

سرورِ نواب احمد خان اميرِ محترم

همت پامرديش افتادگان را دستگير

قوّت سر پنجہ اش بشکست بازوي ستم

        گولاشاهه جو فرزند غلام مرتضيٰ شاهه شهيد قهيري، خيرپوري، ڪمال خان رند، اميد علي خان مري ۽ غلام علي خان نظاماڻي نواب احمد خان جا خاص دکي دوست هئا. محمد يوسف منگواڻو سندس ننڍي هوندي جو يار هو، اڃان پڙهيو ڪونه هو جو نواب ولي محمد خان پنهنجي پٽ احمد خان کي چيو ته: ابا! پهريون يار اڻپڙهيل ڪيو اٿئي. اهو ٻڌي محمد يوسف پڙهڻ شروع ڪيو ۽ فارسي ۾ مهارت حاصل ڪري شاعر ٿي، ان بعد نواب ولي محمد خان جي خدمت ۾ نواب احمد خان سان گڏ اچي حاضر ٿيو.

 

بقول انگريز مصنف پوسٽنس: ”مير محمد خان جو وزيراعظم، نواب احمد خان، هڪ اهڙو ذي شان امير هو جو پنهنجي ذاتي خوبين سببان هندستان جي ڪنهن به شاهي ۽ شائسته درٻار جو سينگار بنجي ها… هو اهڙين ته بلند اخلاقي خوبين جو مالڪ هو، جو صوبي سنڌ جي جن به مشهور ماڻهن کيس ڏٺو هوندو تن کي سندس واسطي وڏي ۾ وڏو احترام هوندو. *

        نواب احمد خان جون پنهنجون چيل ٽي ڪافيون دستياب ٿيون آهن جي هيٺ ڏجن ٿيون.

        ٿلهه:   سامي شال ملن آلا! جيءُ جلي ٿو جن لئي
        1. جوڳي ايندا جوءِ ۾، وري شال وطن— آلا
        2. روهه رلايائون سسئي، ڪيچي ڪئي ڪيچن— اَلا
        3. ڏيان باهه ڀنڀور کي، لائي ڀڀوت لڱن —اَلا
        4. ساريو سناسين کي اندر چاڪ چڪن — اَلا
        5. اٿم آس الله ۾، من ڪا منهنجي ڪن— اَلا
        6. حامي ”احمد“ شال ٿئي، اڱڻ هوت اچن — اَلا
                                —

ٿلهه:   مومل وڏا ڀاڳ وو! جي تون اچين مينڌرا
        1. هي سر صدقو آهي اوهان تان، چمان پيرين خاڪ
        2. سوڍا توکي سوال اهوئي، گهمون ڪنڌين ڪاڪ
        3. راتو رئان رت ڦڙا، ڄاڻي ٿو رب پاڪ
        4. سڻي عرض ”احمد“ جو چانگي وارج واڳ
ر

 

روپ گجري

ٿلهه:   لکيا هويا لڳام، عمر ڄام! مٿي لوئي وو هٿڙا
        1. هئم روز ازل کؤن شايد هيءُ انجام
        2. راتو ڏانهان اچن ٿا سندا موت پيغام
        3. ڪارڻ دنيا ڪميڻيءَ جي وساريم پنهنجو رام
        4. سحر جاڳي جوڳ نه ڪمايم مٿئون پيڙم شام
        5. ڦري حرص هوا ۾ ڪهڙا وڌم دام
        6. عمر سڀ اجائي وڃايم، هٿ نه آيم ڪوئي ڪام
        7. هاڻي ’فضل‘ گهران ’الله‘ کان، ٻيو سندو ”احمد“ نام.*

 

        نواب احمد خان جو اولاد: نواب احمد خان پنج شاديون ڪيون مگر اولاد فقط هڪ ديري مان ٿيو. اها بيگم ”رام سوڍن“ (ڳوٺ راڻاهو، جيسلمير) مان هئي جنهن مان ٻه فرزند ٿيا: وڏو نواب فقير ولي محمد ثاني ۽ ننڍو نواب بخش علي خان. ٻنهي جي تربيت نواب اح۾د خان جي زير نظر هئي، ۽ پنهنجي جيئري ٻنهي کي زمين ۽ مال ملڪيت ورهائي ڏنائين، اهي ورهاڱي وارا وصيتناما ۽ اقرارناما موجود آهن (ڏسو عڪس) ۽ ان وقت جي فارسي توڙي سنڌي نثر نويسي جا تاريخي يادگار آهن.

        نواب بخش علي خان: سنه 1254هه ۾ ڄائو. وڏي ڀاءُ نواب فقير ولي محمد خان کان ٻه سال کن ننڍو هو،پر وڏي بخت وارو هو. ٽن سالن جو هو جو دايو ڪلهي تي ڪري اول مير صوبدار خان وٽ کڻي ويس *. مير صاحب دؤر ڪري دعا گهرڻ وارو هو ۽ پڇيائين ته: ڪنهن جو نينگر آهي؟ دايي چيو ته نواب احمد خان جو. مير صاحب چيو ته: دعا ٿو گهران ۽ هي قرآن شريف ٿو ڏيانس، پوءِ ميرمحمد خان (ابن مير غلام علي خان) وٽ کڻي ويس جنهن موتين سان جڙائدار خنجر ڏنس؛ ان بعد ميرمحمد نصير خان وٽ کڻي ويس، ڪچهري لڳي پئي هئي ۽ نواب احمد خان به ويٺو هو، مير محمد نصير خان کيس ”ڪوٽ رتہ“ (اڳيون تعلقو بقاپور ۽ هاڻي تعلقو قنبر) جي جاگير ڏني. هن سند جي تاريخ 5 ماهه جمادي الثاني سنه 1257هه آهي جنهن تي ميرمحمد نصير خان جي پنهنجي هٿ اکرين هي الفاظ لکيل آهن: ”ببرخوردار نواب بخش علي خان طول عمره داده ام“.


* * خانداني روايت موجب اها تاريخ آهي. نواب احمد خان، سنڌ جي ڪمشنر کي هڪ درخواست ڏني هئي ته کانئس پوءِ سندس پينشن سندس اولاد واسطي قائم رهي. ان جو جواب ڪمشنر طرفان منشي خداداد خان جي صحيح سان اسان جي نظر مان گذريو، جنهن ۾ ”ڪئمپ ٽنڊوالهيار، ۽ ”تاريخ 3 مارچ 1870ع مطابق 30 ذي قعده 1286هه“ ڄاڻايل آهي. غالباً سندس وفات بعد اهو جواب رسم طور موڪليو ويو.

* * “Prime minister of Mir Mohammad… a noble man whose many qualities would have made him the ornament of the most polished court in India…… his public merits were so generally known as to have procured him the highest opinion of all who were aquainted with the leading characters in the Indian govermnet.”

)Postans: Personal Observations on Sindh, pp.207-208).

* هن مصرع ۾ سندس مرشد صوفي فضل الله قلندر ڏانهن اشارو آهي

* دستور موجب سلام واسطي اول مير فتح علي خان جي اولاد وٽ ان بعد مير غلام علي خان جي اولاد وٽ ۽ ان بعد مير مراد علي خان جي اولاد وٽ نيندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org