سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:ڪلام فقير نواب

ولي محمد خان لغاري

صفحو :10

ديوان ولي (شروع وارو ورق)

تصنيف وزيراعظم نواب ولي محمد خان لغاري

 

ديوان ولي (آخري ورق)

تصنيف وزيراعظم نواب ولي محمد خان لغاري

 

موعظت نامه

تصنيف وزيراعظم نواب ولي محمد خان لغاري

 

موعظت نامه (آخري ورق)

تصنيف وزيراعظم نواب ولي محمد خان لغاري

 

علي آباد عرف رني ڪوٽ

علي آباد عرف رني ڪوٽ جي مٿاهين ديوار

 

مقبره وزيراعظم نواب ولي محمد خان

 

نواب احمد خان بن وزيراعظم نواب ولي محمد خان

گل ز حسنت چاک دل دارد بباغ

                        لالہ را از رشک روئ تست داغ
از مئي گلگون زدستِ ساقيان

                        اي نگارِ نازنين برکش اياغ
نافہ مشکين ز عشقِ کاکلت

                        پخت سودائ ترا اندر دماغ
من چسانءِ وصف تو در نظم آورم

                        دل نمي دارد ز عشق تو فراغ
مصرءِ، تاريخِ ديوانِ ”ولي“

                        گفت هاتف ”جابجا بادا چراغ“
                                                12222

هن مان ظاهر آهي ته هي ’ساقي نامو-اول‘ ديوان جي جز طور، پنهنجن ٽن اميرن جي مدح خاطر منظوم ڪيائين.
        ”ساقي نامہ اول“ کان پوءِ ”ساقي نامہ قدماء کہ تتبع آن در ذيل درست گشت“ جي عنوان سان چوويهه شعر چيل آهن، پهريون شعر هيءُ آهي:

بيا ساقي آن تلخ شيرين گوار

کہ شيرين کند تلخيِ روزگار

آخري شعر:

خروس سحر چون بر آرد خروش

چرا بلبل مست گردد خموش

        ان بعد ”ساقي نامو -ثاني“ هن عنوان سان شروع ٿئي ٿو: ”چند ابيات ساقي نامہ ثاني بر  طبق فرمائش سرکار صورت تصنيف يافت“. ان جا شروع وارا بيت هن طرح آهن:

بيا ساقي ان آب آتش نظير

کہ درخم نهفتہ ز دهقانِ پير

بمن ده کہ اين شيشہء هفت رنگ

مبادا زنده شيشہء من بستنگ

هن ۾ هڪ شعر نواب صاحب جي پنهنجي مسلڪ جي ترجماني ڪري ٿو ته :

هنرمند را اندرين روزگار

نشايد کہ خود را کند بي وقار

آخري شعر آهي ته:

’ولي‘ نظمِ تو گوئ برداز گُهر

صدف را مکن زين گُهرها خبر

        هيءُ ٻيو ساقي نامو غالباً پهرين ساقي نامي کان پوءِ، يعني سنه 1222هه ۾ ديوان جي تڪميل بعد، سگهو ئي منظوم ٿيو.

        (ج) هير نامہ: هير-رانجهي جي قصي بابت نواب صاحب هيءُ مثنوي مير مراد علي خان جي ايماء تي تصنيف ڪئي:

   کرد فرمان شہ مراد علي بارشاد صحيح و حکم جلي

هن کان اڳ نواب احمد يار خان ”يڪتا“ لاهوري (1118-1147هه)، مير عظيم الدين ٺٽوي (1224هه)، منشي صاحب راءِ آزاد (1216-1226هه) ۽ ٻين هير-رانجهي جي قصي تي مثنويون لکيون هيون. نواب صاحب مثنوي شروع ڪندي تمنا ڪئي ته جيئن پنهنجن پيشروئن کان وک وڌائي رکي:

گوء بر اي ”ولي“ بفهم عظيم

هر ز ”آزد“ و ”احمد“ وز ”عظيم“

نواب صاحب هيءُ قصو ”هير نامہ“ جي نالي سان لکيو، جيئن ته مهاڳ ۾ ڄاڻايل آهي ته:

اندرين ’هيرنامہ‘ خواهم گفت

در توصيف نيک خواهم سفت.

مثنوي جي شروعات ۾ پنهنجن مربي حڪمرانن جي مدح ڪئي اٿس، ۽ ان سلسلي ۾ محمود شاهه افغان جي سنڌ تي چڙهائي ۽ نااُميدي ۽ نامرادي سان سندس واپسي جو ذڪر ڪيو اٿس. قرائن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو واقعو 1229-1231هه واري عرصي ۾ رونما ٿيو. انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته نواب صاحب هيءَ مثنوي انهيءَ واقعي بعد تصنيف ڪئي. اسان هڪ آڳاٽي قلمي نسخي جي آخر ۾ هيءَ عبارت نسخي جي ڪاتب خان محمد خان گوجر هٿ اکرين لکيل ڏٺي، جنهن جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته هيءَ مثنوي يقيني طور سنه 1237هه کان اڳ لکي وئي آهي. لکيل عبارت هن طرح آهي:

بشاه نور محمد بشاه مير شهداد

حيات خضر عطا ساز تخت ذي القرنين

نوشتہ غلام خان محمد گوجر سنه 1237هه“

بحيثيت نثر نويس

        نواب ولي محمد خان کي فارسي زبان تي عبور هو ۽ نظم توڙي نثر ۾ هو پنهنجي دور ۾ يڪتا هو. هڪ فارسي بياض، جو روهڙي ۾ سنه 1277هه ڌاري لکيو ويو، نظر مان گذريو جنهن جو ڳچ حصو انشا پردازي تي مشتمل هو. انهيءَ سلسلي ۾ ڪاتب جيڪي سرڪاري لکپڙهه بابت سرناما، حڪمناما، عرضداشتون وغيره نموني طور نقل ڪيون هيون تن ۾ ”مسوده نواب غفران پناه سيادت ماب مير ابوالقاسم نمکين“ ۽ ”عرضداشت ولي محمد لغاري“ پڻ ڏنل هئا. شڪستہ خط ۽ جُهريل پني سببان ’عرضداشت‘ جي عبارت البت مشڪل پڙهڻ ۾ ٿي آئي، پر جيئن سمجهه ۾ آئي تيئن هيٺ ڏجي ٿي انهيءَ لاءِ ته ٽالپوري عهد ۾ سرڪاري خط و ڪتابت جي اسلوب بيان ۽ نواب صاحب جي اوائلي فارسي نثر جي نموني طور يادگار رهي:

        ”آدب تسليمات بندگي و قواعد کور نشات سر فگندگي

        کہ بهزاران عجز و نياز بجا آورده ذّره وار بموقف
        عرض شرف اندوزان حضور فيض گنجور بندگا
        شرف اندوزان حضور فيض گنجور بندگان
        مير صاحب والاشان سکندر شوکت بلند مکان دام
        اجلالہ مي رساند _

        پروانہ سعادت نشان کہ از لطف و کرم بنده نوازي مشرف صدور يافتہ بود در بهرين زمانہ چهره وصف خجالت شمول افروختہ سرعزت و افتخار اين خاکسار باوج فلک زرنگار رسانيد-درخصوص حصول صحت و شفائ احقراز عارضہ درد شکم و روانہ نمودن فضڳلت و فضايل پناہ شريعت و شرافت دستگاه کمالات انتباه جامع العلوم قاضي محمد عمر بحضور پرنور ارشاد صادر شده بوده-خداوند کريم و نعمت سلامت در اين وقت بفضل مفضل حقيقي در عارضہء درد شکم تخفيف بسيار بالکيلہ حاصل است-انشاء الله تعاليٰ آينده تفصيلات شافي هاي شامل حال فدوي خواهد شد- فضيلت و کمالات پناه مشاراليہ روانہ حضور پرنور.... کہ در حضور بشرف خواهد شد- غلام شمار توجهات و عنايات عاليات حضور انور بکدام زبان بيان نمايد کہ از اندازء احصار برتر است-ايزد تعالي باين همہ مراتب بنده نوازي هائ ذاتي ستوده صفات حضور انور فراوان.... دير بقا و سلامت دارد-اميدوار است کہ هموار بزمره خير انديشان باصفا محتوي بوده بصدور ارشادات کار و خذمات لابقہ سرفراز گرديده باشد-زياده حد ادب“ سندس هدءُ مراسلو سرڪاري خط و ڪتابت جي رائج دستور مطابق ۽ آڳاٽو لکيل آهي. فارسي نثر ۾ سندس خصوصي تصنيف ”خرد نامہ“ يا ”موعظت نامہ“ آهي جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو. ان کانسواءِ سندس تصنيف ڪيل ”طب“ پڻ نثر ۾ آهي.

طب جو ماهر:

        ڊاڪٽر جيمس بَرنس سنه 1827ع ۾ حيدرآباد ۾ آيو ۽ نواب صاحب سان سندس گَهري واقفيت ٿي. لکي ٿو ته : ”ولي محمد خان نه فقط فارسي جو اعليٰ شاعر آهي، مگر طب تي پڻ هن ڪيئي وڏا جُز تصنيف ڪيا آهن، جن جو مدار جيتوڻيڪ قدماء جي راين ۽ نظرين تي آهي، پر جيئن ته اهي طبعزاد سمجهيا وڃن ٿا انهيءَ ڪري کيس سنڌ جو لقمان حڪيم “(Sage in Sinde)” ڪري مڃيو وڃي ٿو. هن سلسلي ۾ سندس تصنيفات مان آءٌ هڪ ڪتابڙي ”مرضن جا علاج“ جو خاص طور تي ذڪر ڪرڻ گهران ٿو، جو هن مير مراد علي جي نالي سان لکيو آهي....“ (1). اڳتي هلي نواب ولي محمد خان ۽ آغا اسماعيل شاهه جي ڀيٽ ڪندي لکي ٿو ته : ٻئي علم ۽ فضل، خصوصاً طب ۾ هڪ ٻئي جا مد مقابل آهن. (2).

        آغا اسماعيل شاهه سرڪاري طور ميرن جو طيب هو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ کيس يارهن سؤ رپيا مهينو ملندو هو، جيتوڻيڪ ڊاڪٽر برنس جي راءِ موجب مير صاحب سندس طبي نسخن کي خير ڪا اهميت ڏيندا هئا. نواب ولي محمد خان پنهنجن ٻين متعدد مشغلن جي باوجود طب ۾ به آغا اسماعيل شاهه جو همسر هجي، ۽ خصوصاً عوام ۾ ”سنڌ جو لقمان“ ڪري تسليم ڪيو وڃي، ان حقيقت تي شاهد آهي ته بيشڪ نواب صاحب کي طب جي نظرين توڙي عملي علاجن تي وڏي دسترس هئي.

        ”نزهة الابدان“ يا ”طب ولي“: طب بابت جن متعدد  جزن جي تصنيف جو ذڪر ڊاڪٽر برنس ڪيو آهي سي غالباً ”نزهة الابدان‏ يا ”طب ولي“ جا جز هئا، ڇاڪاڻ ته ”طب ولي“ چار سؤ قلمي ورقن يا اٺ سؤ صفحن (وڏي تختي) تي مشتمل هڪ ضخيم ڪتاب آهي. ”نزهة الابدان“ نواب صاحب ستيتاليهن ورهين جي ڄمار ۾ سنه 1212هه/1797ع ۾ مرتب ڪيو. مقدمو هن طرح شروع ٿئي ٿو:

حمد و سپاس حضرت کبريا حکيمي بيچون کہ سرشت و طينت ابدان جميع انسان از تحت ثرائ ماء وطين و ظلمات نهان خانہ نيستي بر آورده از روائح ذات احديت در وجود جان و تصاوير هستي دميده- و ستايش و نيايش مالک الملک اعنيٰ بزم آراي مسند رسالت و سيلة الدارين سلطان سرير جلالت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم بهر امکانِ تضرع و ضراعت بجا آورده از نهايت اجتهاد بشمرد- عقل دوربين و افهام خرد گزين بخيال تصنيف و انتخاب نسخہ طب ”نزهة الابدان“ کہ مسميٰ است بہ ”طب ولي“ و مقرون خاطر از کليات حکمت بتراکيب اديويات عليٰ جهت نظام صحت مزاج بشريت آنچہ از کتب معتبره از تشريح حکماء قدماء و بعضي نسخہ جات متجربہ محقق فائز گشة طب منشرح مجدد در سال 1212 يک هزار صو صد و دوازده سال هجري مرقوم و مرتب ساختہ- طالب اين امور بتوکل علي الله از روي فهم ادراک کامل اگر بدواي امراض ابدان انسان اشتغال خواهد گرفت هر آئينہ بافضال ايزد متعال گوهر مدعاي منعقد دامن مرادش نوازنده شد- و بر راي طبيبان ارجمند و تجربہ کاران طبع بلند سعي فراهمي مجربات اين مستند مستور و محتجب نخواهد ماند- و الله المستعان و عليہ التکلان.“

        ’طب ولي‘ ۾ جملي چوٽيهه باب آهن ۽ هر باب ’فصلن‘ ۾ ورڇيل آهي. پهرئين باب جو عنوان آهي ”باب اول در امراض زرس و آن مشتم ل است بر 28 فصل“، ۽ آخري ”باب سي و چهارم در تدابير بعضي ادويہ و آن مشتمل است برپنج فصل“.

        اسان جي آڏو ’طب ولي‘ جو اهو نسخو آهي جو نوابن جي خاندان ۾ ورثي طور هلندو آيو آهي، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي تصحيح ۽ ترميم ڪيل آهي، ۽ آخر ۾ڪتابت جي تاريخ پڻ ڏنل ڪانهي. انهيءَ ڪري ڀانئجي ٿو هيءُ نواب صاحب جو ذاتي نسخو آهي جنهن تي پاڻ نظر ڪيائين ۽ اهو وٽس ئي رهيو.

دوانديش مُدبِر ۽ فيلسوف

        جنگ جي ميدانن توڙي سياسي مسئلن ۽ انتظامي معاملن ۾ نواب ولي محمد خان هميشہ دورانديشي، حسن تدبير ۽ حڪمت عملي کان ڪمورتو، ۽ هميشه ڪامياب ٿيو. هو پنهنجي وقت جو هڪ وڏو دوران ديش منتظم ۽ مدبر هو. سندس عملي ڪاميابيون سندس صحيح سوچ ۽ فڪر جو نتيجو هيون. انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي وسيع تجربي تي پرکيل نظرين ۽ راين کي هڪ رسالي ۾ قلمبند ڪيائين، جنهن جو نالو اڳين دانائن ۽ مدبرن وانگر ”خردنامو“ يا ’موعظت نامو‘ رکيائين.

        خرد نامہ يا موعظت نامہ: هيءُ رسالو نواب ولي محمد خان ايڪهٺ ورهين جي عمر ۾ سنه 1226هه ۾ لکيو، جنهن جو مقصد ڪتاب جي مقدمي جي بالڪل شروع ۾ هن طرح واضح ڪيو اٿس:

”اين موعظت نامه ايست کہ در آن نصاح ارجمند تحرير يافتہ- اگر خرد آموز بحسن ادراک بمطالعہ ’خردنامه‘ اشتغال خواهد گرفت گوهر تدابير روزگار م نعقد دامن مرادش تواند گشت. چون گردشات دور گردون گوناگون روبکارمي گيرد اگر مشورت در آن رخنما مي شود ازين جهت اين ’خرد نامہ‘ تصنيف جديد برائ طالبان اين مطلب، حقير پر تقصير قاصر فهم بنده ولي محمد لغاري در سال يک هزار و دو صد و بيست و شش هجري مرتب ساخت کہ يادگار روزگار در شهر و دريار باشد.“

مقدمي بعد هن رسالي ۾ ’موعظت‘ جي عنوان سان ٻاونجاهه (52) مختلف موضوعن بابت حڪيمانه رايا ۽ سمجهاڻيون ڏنل آهن. ’خرد نامي‘ جي مطالعي مان نواب صاحب جي بلند فڪر ۽ وسيع نظر جو اندازو ٿئي ٿو. ذاتي اخلاق جي بلندي، عزيزن جي عزت، ولي نعمت سان وفاداري، حصول علم، طب ۽ حڪمت، گهوڙي سواري، مال جي سنڀال وغيره موضوعن تي نهايت مفيد ۽ مؤثر نڪات درج ڪيا اٿس؛ هڪ منتظم ۽ وزير جي حيثيت ۾ عدل ۽ انصاف، ماليات جي وصولي ۾ تدبر، ۽ حڪمراني جي حڪمت عملي کي واضح ڪيو اٿس، ۽ سماجي نقطهء نظر کان برادري ۽ راڄڌاري جي اصولن کي بيان ڪيو اٿس. سندس قولن ۽ راين مان ڪي نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:

صحت و مشورت و نشست و برخاست بااهل دانش و ستوده روزگار بايد نمود.

بهرہء روزي اس کست کارو تجارت و سائر اسباب انتفاع معيشت را از دست ندهد.

انسان را بايد کہ بد راستيها دارد-حرکت و سکنات براستي کند.

قرض از کسي نيايد گرفت…… اخراجات بموجب پيدايش بايد کرد.

بايد کہ دل بہ بخل مائل ندارد- لباس احسن حسب مناسب فراخور رتبہ خود بايد کرد.

در عرض معروض بحضور خداوند نعمت بيفائده بطوالت عرض نبايد پرداخت.

کلفت انداختن درميان عمدگان باعث نقص اعزاز خود است.

درحين حکومت و کامروائي، حرمت و عزت مردم آبرو طلب مد نظر بايد داشت.

درحين حکومت و کامروائي، حرمت و عزت مردم آبرو طلب مدنظر بايد داشت.

در کار هاي مامور مالہ بہ نفس ذات خود اگر اتفاق افتد بخدمات پردازد و …… تقرر متوسلان و عزيزان خود نکند.

هنگامه روبکار جواب و سوال سر رشتہ تحمل و بردباري خود را دار تکلمات فاحش از دست ندهد.

درحين شدائدات روزگار دل شديد بايد کرد و از مردانگي نبايد گشت- هرچند سختي رو دهد دل را سخت ازان بايد داشت.

انتظام ملک بلشکر بمال و خزانہ است، سر انجامي خزانہ از ملک رعيت است، و آبادي رعيت بعدالت است.

شاه را بايد کہ نظر بر مدعائ انتظام مملکت خود دارد نہ آنکہ بجهت انتظام کارهاي ديگران ناموس مملکت خود برباد دهد.

        نواب ولي محمد خان جا اهي قول ۽ رايا محض نظرياتي نه هئا، مگر سندس ذاتي عمل ۽ تجربي جو عڪس هئا. ملڪي انتظام کي اڪبر بادشاهه جي ’آئين‘ واري نج نموني تي هلائڻ جي ڪوشش ڪيائين. رعايا ۽ راڄن جي ڀلائي ۽ بهبودي تي ذاتي طور نگراني خاطر ڪاغذ ۽ قاصد نهايت ئي مؤثر ۽ منظم نموني ۾ استعمال ڪيائين. پرڳڻي جي هر ڪنڊ ڪڙڇ مان روزانو کيس خبرچار پهچندي هئي. انهيءَ ڪري ڪنهن به سرڪاري ۾ لازم کي مجال نه هئي جو عدل ۽ انصاف جو ليڪو لتاڙي انتظام ۾ رخنو وجهي. نواب صاحب جي زندگيءَ جي آخري دؤر تائين قاصدن جو نظام ايتريقدر ته وڏو ۽ وسيع ٿي چڪو هو جو ان تي هڪ ڪافي وڏي رقم خرچ پئي ٿي.مير مراد علي خان جي راءِ هئي ته قاصدن تي خرچ ٿيندڙ رقم ۽ تخفيف آڻجي (1) پير مير صاحب کي نواب صاحب قاصدن جي نظام جي اهميت کان آگاهه ڪيو، ۽ ان کي ٺآخر دم تائين قائم رکيو.

        ذهني قوت سان گڏ جسماني طاقت ۾ پڻ نواب صاحب پنهنجو مٽ پاڻ هو. هو هڪ وڏو طاقتور پهلوان هو. گهوڙي تي اڪثر رڪيب ۾ پير وجهڻ کانسواءِ ٻانهن جي زور سان ٺٽپ ڏيئي چڙهندو هو. ڪابل ۾ بادشاهه جي آڏو سندس پهلوانن ڪرتب پئي ڏيکاريا. بادشاهه پڇيو ته سنڌ ۾ اهڙا پهلوان آهن؟ انهيءَ تي سڀني ۾ جيڪو طاقتور پهلوان هو تنهن کي نواب صاحب سڏيو ۽ کيس چنبو ڏيئي قابو ڪيو. هن گهڻا زور لاتا پر چنبو ڇڏائي نه سگهيو. ڪراچي واري فيصلي وقت، قلات جي ايلچيءَ نواب صاحب کي ڀاڪر ۾ جهلي سخت زور ڏنو، جو هن مشڪل سان برداشت ڪيو. ان بعد نواب صاحب کيس اُرهه ۾ آڻي ٻانهن سان اهڙو ته زور ڏنو جو سندس پاسري ضر بجي پئي.

        نواب صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ جملي ٻارهن شاديون ڪيون، پر ساڳئي وقت کيس چئن ديرن کان وڌيڪ نه هئا.

        نواب صاحب خوش طبع، رنگين مزاج ۽ راڳ جو شوقين هو. خود پاڻ ستار نهايت سهڻي وڄائيندو هو. ٻاهر جي ڪچهري وانگر اندر. حويلي ۾به سندس خاص محفل ٿيندي هئي. پنهنجي گهر وارين تي نهايت مهربان هوندو هو. هر هڪ کان ڏک سک جو احوال اهڙي ته قرب سان پڇندو هو جو سڀڪا ائين سمجهندي هئي ته سهاڳڻ آءُ آهيان. هڪ ڀيري بَچي نالي ٻانهِي چيس ته ”نواب صاحب! دل ٿي چوي ته اڄ نه اُسهه.“ سندس مانُ رکيائين ۽ چيائين ته ’بچي جو حڪم آهي ته نه چڙهو.‘ اندر حويلي ۾ جا راڳ ۽ ڳيچن جي کلي محفل ٿيندي هئي، انهيءَ تي سندس وڏي فرزند احمد خان اعتراض ڪيو ۽ منهن رکيو، مگر نواب صاحب چيو ته اسان جي حويلي جو هيءُ دستور بند نه ٿيندو.

        نواب ولي محمد خان جي دينوي ڪاميابي جو مدار گهڻي قدر سندس ذاتي فضيلت، نيڪي ۽ دينداري تي هو. هر صوم صلواة جو سخت پابند هو. پنهنجي حياتي ۾ هڪ ڪروڙ صلواة جو ڪڍيائين، وقت جي عارفن، عالمن ۽ بزرگن لاءِ کيس وڏي عزت هئي. هڪ ڀيري، حيدرآباد قلعي مان مير صاحب جن جي درٻار پوري ڪري ٽاڪ منجهند جو ٻاهر نڪري پنهنجي ديري ۽ اوطاقن (1)  ڏانهن ٿي ويو ته هڪ ميرن ڪپڙن وارو درويش جو کٻڙن جي ڇانو هيٺ بيٺو هو تنهن سڏ ڪيس. نواب صاحب سواري ڇڏي پيدل وڃي کيس مليو. فقير دعا طور چيس ته: جتي ٻين جون تلوارون ڪم ڪنديون اتي تنهنجي زبان ڪم ڪندي. قلعي جي دروازي لڳ ڪنهن درويش اچي تڪيو ڪيو هو، ۽ جڏهن به نواب صاحب قلعي ۾ اندر ويندو هو يا ٻاهر نڪرندو هو ته اهو درويش تعظيم خاطر اٿي بيهندو هو.ڪن معتقدن ان درويش کي چيو ته اوهان نواب صاحب جي ايڏي خوشامد ڇو ٿا ڪريو! فقير جواب ڏنو ته : ابا نواب صاحب سنڌ جو بسطامي آهي.

        سندس مرشد جي باري ۾ ٻه روايتون آهن: اول ته جناب پير صاحب حضرت محمد راشد ’روضي ڌڻي‘ جو مريد هو، ٻيو ته سرهندي بزرگن نقشبندين جو مريد هو. پير صاحب جن واري روايت جي ڪن ٻين اهڃاڻن مان قدري وڌيڪ تصديق ٿئي ٿي: جناب پير صاحب محمد راشد صاحب جي وفات تي نواب ولي محمد خان ’ڪنگري‘ آيو ۽ ان بعد گاديءَ وارو اختلاف به نواب صاحب جي روبرو نبريو. نواب صاحب جي وفات تي سندس جنازي نماز حضرت پير صاحب پاڳاري صبغت الله جن پڙهائي. انهن تعلقات جي بناء تي خيرپور جي والي مير عليمراد خان، نواب ولي محمد خان جي فرزند نواب احمد خان کي چيو هو ته : مون کي مير صاحب (حيدرآباد وارا) ۽ پير صاحب (پيرپاڳاره حزب الله شاهه) پرچائي ڏي. نواب ولي محمد خان جي پوٽي نواب فتح محمد خان جي جناب پير صاحب حزب الله شاهه سان انهن اڳين تعلقاتن جي بناء  تي خاص ارادت ۽ عقيدت هئي.

        مجموعي جائزو: حاصل مقصد ته نواب ولي محمد خان ٽالپورن اميرن جي دور ۾، سنڌ جي حڪومت جي دل ۽ دماغ جو جز هو. هو سنڌ جو وزيراعظم هو، بلڪ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي نظر ۾ ”وزير بينظير“ هو. ولي محمد خان انهيءَ خطاب جو لائق هو. سَمن جي حڪومت ۾
ڄام نظام الدين جي وزير دريا خان بعد سنڌ کي نواب ولي محمد خان جهڙو محب وطن ۽ لائق وزير نصيب ڪونه ٿيو هو. البت دريا خان، ڄام فيروز جهڙي بيقدر حڪمران سبب پنهنجي مقصد جي ڪاميابي اکيين نه ڏسي سگهيو، مگر نواب ولي محمد خان پنهنجن قدردان حڪمرانن جو اعتماد حاصل ڪري سنڌ جي سياست ۽ طاقت کي اوج تي پهچايو.

        وسيع نظر، روشن دماغ ۽ همہ گير شخصيت سببان نواب ولي محمد خان هر دلعزيز، هر فن موليٰ ۽ هر هنڌ ڪامياب هو: هو جيترو حڪمرانن وٽ مقبول هو اوترو ئي سنڌ جي راڄن ۽ عوام کي محبوب هو؛ پنهنجن اميرن جو مٿس اعتبار هو ته بيروني حاڪمن وٽ به سندس وقار هو. ولي محمد خان ۽ ڪاميابي لازم ملزم جُز هئا: جن به تجويزن ۽ معاملن  جو نظام ڪلي طور سندس هٿ ۾ هو انهن کي ڪلي طور ڪامياب بنايائين. سندس لياقت ۽ همہ گير شخصيت کيس هر فن موليٰ بنايو: لڙائي جي ميدان ۾ هو هڪ هادر شهسوار ۽ پيشقدمي ڪندر ڪمانڊر هو؛ سياسي معاملات ۾ سنڌ جو ڪامياب سفير هو، ۽ انتظامي صلاحيتن ۾ بينظير هو. لاڙڪاڻي جي گورنر جي حيثيت ۾ روينيو، زراعت وغيره نظام جي مثالي طور نئين سر تشڪيل ڪيائين. انجنيري فن ۾ آب پاشي خواهه تعميري صيغن جو ماهر هو. طب ۽ معالجت ۾ پنهنجي وقت جي نامور طبيبن ۾ نامور هو. تصنيف ۽ شعاري ۾ کيس خصوصي مقام حاصل هو، ۽ هو پنهنجي وقت ۾ سنڌ جي فارسي شاعرن جي پهرئين صف ۾ هو. مطلب ته سنڌ جي سرزمين جيڪي اعليٰ شخصيتون پيدا ڪيون آهن، ولي محمد خان تن منجهان هڪ هو: کيس سنڌ جي تاريخ جو هيرو ۽ روشن ستارو شمار ڪري سگهجي ٿو.

        ٽالپور اميرن سان وفاداري، سنڌ جي عوام جي خير خواهي، ۽ پنهنجي وطن جي عزت ۽ آبرو جي نگهداري نواب ولي محمد خان جي ڪوششن ۽ ڪارنامن لاءِ مکيه محرڪات هئا. هن پنهنجي همت ۽ مردانگي، دانائي ۽ دور انديشي، تدبّر  ۽ تحمّل سان جنهن به ڪم ۾ هٿ وڌو تنهن کي ڪامياب بنايو. فوجي جرنيل توڙي سياسي سربراهه، ملڪي منتظم توڙي وزيراعظم، شاعر ۽ حڪيم توڙي دوست ۽ عزيز جي حيثيت ۾ نواب ولي محمد خان جو ڪردار ڪاميابي جو آئينو آهي.

        آخوند صاحبڏني، امام مسجد قاضي سنڌي شڪارپوري، ”نواب نامدار ذوالعز و الافتخار“ جي مدح ۾ قصيدا چيا ۽ ”اُنموذ جي از اوصاف ذاتي و صفاتش از زبان عجز ترجمان قلم شکسته رقم بنده صاحبد نه باميد قبول عرض گرديده“ جي الفاظ سان پيش ڪيا، جن ۾ جا بجا نواب صاحب طرفان حسن انتظام، عدل ۽ احسان جو داد ڏنل آهي:

باز در عالم نوائ تازگي را برتري ست

در همدہ آفاق انواع طرب را رهبري ست.

آخوند صاحبڏني جي نواب صاحب سان سڌي سنئين ڏيٺ ويٺ ڪانه هئي، مگر محض غائبانه محبت ۽ عقيدت هئي جا نواب صاحب جي حسن اخلاق ۽ ڪردار جي ڪري آخوند صاحبڏني جي دل ۾ پيدا ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هن اِهي قصيدا چيا. انهيءَ ساڳئي ’رديف‘ جي ’مطلع ثاني‘ ۾ چوي ٿو ته:

آنکہ رفعت را ببزمشن رتبہ بالاتري ست
شان و سوکت رابذاتش مايہ نبام آوري ست...
شاعري شيرين کلام و ثانِي خسرو بود
صاحب ديوان اديب عسجدي و عنصري ست
حافظِ آيات تحقيق معاني موشگاف
در سخنداني عديلِ هاتفي و انوري ست…
دين و دولت راز قانونش وقار آب و رنگ
ملک و ملّت را ز ميزانش بهار اخضر ست…
غائبانہ بندہء ’صاحب‘ دعا خوانش بود
کان دعا از سمع خالي و از ريا کاري بري ست

 

        نواب الهداد خان ابن نواب ولي محمد خان پنهنجي ’مثنوي‘ اصغر‘ جي اوڻيتاليهين باب (بعنوان ’سرو ران سنده‘) ۾ اميرن ٽالپرن جي بيان بعد آخوند ۾ نواب ولي محمد خان جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته:

در غزل بندي ز شعر اي قديم در خرد مندي سلاطين رانديم
خسروانِ دهر باعزّ کبير مي نوشتندش ”مشيرّ بينظير“
در لياقت طبع موزونش بخوان هم بحکمت ثانِي لقمان بدان
در سخاوت حاتم ازوي بود سرد       در شجاعت رستم ازوي گونہ برد
در صلاح و مشورت آصف زمان       در عدالت ثانِي نوشيروان
خلق عالم را بدو رانش قرار    اهل سرقت هريکي را سربدار
گوسفند از گرگ بي انديشہ بود       واز کبوتر باز نفرت مي نمود
طالعش گو طالعِ اسکندري  بر رخش صد چون زليخا مشتري
در ولايت سند عالي جاه بود   نيک مومن بندہء درگاهه بود
محبتش با صالحان و عارفان  ديدہء خشمش بسوئ کافران
در اطاعت عابدِ معروف بود   در نماز و ذکر صلواة و سجود
عمر چون آمد به هشتادش قرين       شد ازين دار الفنا عزلت گزين
دائما باد از نکوئ ها تمام    ماند نامش برزبان خاص و عام
سال وصلِ او تصور کن بدل   يک هزار و دوصد و هفت وچهل

        نواب ولي محمد خان جو اولاد: نواب ولي محمد خان کي چار پٽ ٿيا:

   

نخواهم داشت… ملک و مال اين جانب خلاصہ مِلک نواب مذکورمي باشد… بحال است…“

        جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو تڏهن جوان هو ۽ سندس عمر ايڪيهه سال کنهئي. انگريزن جي حڪومت ۾ شهدادپور جو مختيارڪار ٿيو. بالاَخر ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيو ۽ ان بعد پينشن بردار ٿي رهيو. نوڪري وارو حصو اڪثر شاهبندر ۽ هالا ڊويزنن ۾ گذاريائين. حيدرآباد ميونسپالٽي جو پريزيڊنٽ ۽ بمبئي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. نهايت ئي دانشمند ۽ دورانديش هو. شڪل صورت ۾ پنهنجي والد نواب ولي محمد خان وانگر هو مير علي خان والي خيرپور چوندو هو ته: جنهن نواب ولي محمد خان کي نه ڏٺو هجي سو نواب حاجي خان کي ڏسي. طريقت ۾ جهوڪ شريف جي برگن جو مريد هو، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ روهڙي جي رضوي سيد مير جان الله شاهه (ثاني) جي ٻاري سان منسلڪ هو. جهوڪ جي سجاده نشين صوفي محمد زاهد جي وفات بعد نواب حاجي محمد خان جي تدبر ۽ مشوره سان ئي پير عبدالستار صاحب سجاده نشين چونڊيو ويو. نواب حاجي محمد خان محرم سنه 1306هه ۾ وفات ڪئي ۽ شيخ محمد الياس جي مقام ۾ مدفون ٿيو.

        نواب حاجي فتح محمد خان: نواب محمد خان جو فرزند ۽ نواب غلام محمد خان ’ديوان غلام‘ جي مصنف جو ڏوهٽو هو. 7 ربيع الثاني سنه 1275هه ۾ ڄائو فارسي جي تعليم سان گڏ طب مان پڻ واقف ٿيو. سندس علم کان سندس عقل وڌيڪ هو.وڏو حوصلي ۽ همت وارو ۽ نوابي شان رکندڙ هو. جناب پير صاحب پاڳاري سيد حزب الله شاهه

 

 

 

-------------------------------

(1) ڊاڪٽر جيمس برنس: سنڌ جي دربار، ص ص 107-108.

(2) ايضاً ص 109.

(1) ”مرحوم نواب مذکوره (ولي محمد خان لغاري) کہ براسپ کاغذي حکمراني ملک نمود، و از هر چهار طرف، از دوست و دشمن برفتن و امدنِ قواصد خبر گيري مي نمود- عاليجاه مير مراد علي خان سبب اخراجات قاصدان… بيان مي فرمود کہ: نواب ولي محمد خان تمام ماليہ ملک چاندو کہ اخراجات قاصدان برباد مي دهد،ازين سودا چہ بايد کرد‘ (تازه نواي معارک، ص 273).

 

(1) اهو اصل ’ٽنڊي ولي محمد خان‘ موجوده ڪليڪٽري جي اولهه ۽ ڏکڻ طرف هو. ’جمخاني‘ تائين سڄي اراضي ان ۾ شامل هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org