سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:ڪلام فقير نواب

ولي محمد خان لغاري

صفحو :5

نواب غلام محمد خان جو اولاد: غلام محمد خان کي ٽي فرزند ٿيا(*). قادر بخش خان جمالي، علي خان ۽ نظر علي خان. قادر بخش علم وارو هو. پنجٽيهه ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين ۽ کانئس پوءِ پڳ ۽ جاگير علي محمد خان (ثاني) جي حوالي ٿيون. علي محمد خان کي فارسيءَ تي دسترس هئي ۽ پڻ فارسيءَ ۾ شعر چيائين. نظر علي خان عرف حاجي عبدالله فارسي تعليم پوري ڪري انجنيري کاتي جي نوڪريءَ ۾ گهڙيو ۽ بدين تعلقي ۾ قاضي واهه ۽ امام واهه جو ”سجاول ڪار“ مقرر ٿيو. سندس پنهنجي زمين ’لوُاريءَ‘ لڳ پنج سؤ ايڪڙ، ديهه ’بَکُو کَڏي‘ ۽ ديهه ’چانيِسرِ‘ ۾ هئي، جتي پنهنجو ڳوٺ ٻَڌائين. اهو ڳوٺ لواريءَ کان اڌ ميل کن اتر طرف آهي ۽ اڃا تائين ”نواب نظر علي خان“ جي نالي سان سڏجي ٿو. انهيءَ نوجوانيءَ واري دؤر ۾ ’لواريءَ‘ جي بزرگن سان سندس تعلق پيدا ٿيو ۽ ڪتاب ”مرغوب الاحباب“ لکيائين.

        نوڪريءَ جو عرصو پورو ڪري، ڪجهه وقت اچي تاجپور ۾ رهيو ۽ کيس ماهوار پنجهٺ رپيا پينشن ملندي هئي. نظر علي خان جي تحقيق ۽ تلاش واري نظريي کيس ويهڻ نه ڏنو، ۽ اول راولپنڊي طرف سير لاءِ ويو، جتان موٽي تاجپور آيو. چئن مهينن بعد هتان سڀ لاڳاپا لاهي علم جي تحصيل لاءِ رنگون ويو، جتي دستاربندي ڪيائين ۽ پنهنجو نالو مٽائي ’عبدالله“ رکيائين. رنگون مان هڪ خط اردوءَ نظم ۾ لکيائين، جنهن ۾ هيٺين شعرن ۾ اشارتاً پنهنجن عزيزن، نواب  حاجي فتح محمد خان، نواب حيدر خان (مرحوم گل محمد خان جو والد)، ۽ نواب نورمحمد خان (بن امام بخش خان، خانپور) کي ياد ڪيائين-

فتح خيبر ڪيا لاريب جس ني،

پهلوان وه علي حيدر دکا دي.
دکا همشير زاده تين مجهڪو،

اور اونڪي آبرو بهتر دکا دي.
        دستاربندي بعد رنگون مان حرمين ويو ۽ حج ادا ڪري رنگون موٽي آيو. ٻارهن مهينا کن اتي رهي دوباره حرمين ويو، جتان عزيزن ڏي خط لکيائين ته : آءُ پيرسن آهيان ۽ هن وقت منهنجي سڪونت مديني شريف ۾ آهي. ان بعد خط و ڪتابت جو سلسلو ڪَٽجي ويو ۽ غالباً هن بزرگ مديني شريف ۾ وفات ڪئي.

جوانيءَ ۾نظر علي جڏهن ’سجاول ڪار‘ هو ۽ لواريءَ لڳ پنهنجي زمين ۽ ڳوٺ ۾ سندس رهڻ ٿيو، تڏهن لواري وارن بزرگن سان سندس عقيدت ٿي، جنهن جو اظهار هيٺين مدح ۾ ڪيو اٿس ته:

 

مرشد منهنجو آهه علام، پير لواريءَ جو پاڳارو
پهريون صاحب آهه روضي جو ڏٺو سڀ خاص و عام
آ خدا ۽ مصطفيٰ راضي مٿس تا ڏينهن قيام

 

ڪيو خدا روشن ستارو

 

هي خدا جو قطب ۽ اقطاب ڪيو رب الانا
ٿو وسي ان تي سدائين نور حق جو صبح و شام

 

آ سندن نَوَ کنڊ نعرو

 

 

ٻيو جو صاحب آهه او جنهن خانقہ جوڙي تمام
سڀ مريدن جو وسيلو آهه او عالي مقام

 

آ گهڻو پرور پيارو

پنجون صاحب آهه او مسند نشين عالي مقام
ڪيا خدا پنهنجي عطا سان علم سڀ اُن کي انعام

 

آ مبارڪ منهن موچارو

ٿي مدد منهنجي، ڪريان زيارت سندي بي الحرام
حج پڙهان عرفات حاجي ٿيان ڏسي ڪل خاص و عام

 

ٿئي گناهن ڇوٽڪارو

آءُ ٿيان پاڙي نبي جي جنّت البقيہ مقام
ٿئي ڪرم مون تي قبر ۾ جت ملڪ ايندا مدام

 

ٿئي  گناهن ڇوٽڪارو

نظر علي“ کي ڪرم سان پنهنجو ڪجائين نيڪ نام
آ اوهان جي در سوالي اهنجي گولن جو غلام

 

پڙهه سدا ڪلمون سونهارو

 

هڪ مناجات جناب بادشاهه پير جي شان ۾ چيائين:

مدد ڪر تون منهنجي شہ پير پيران
لڳس دامن تنهنجي شہ دستگيران
ڪريان ساراهه (رب تون) پاڪ ستار
جو آهين رزق ڏيندڙ ڏيهه ڏاتار
ڪريان تنهنجي وڏائي آءُ ڪلتار
تون شاهنشاهه بخشيندڙ گنهگار

 

مدد ڪر تون منهنجي شہ پير پيران
                لڳس دامن تنهنجي شہ دستگيران....

 

ڏني منهنجي قلب کي ڌير محمد
هدايت ڪئي اچي شہ شير احمد
آهين حق جو پيغمبر پاڪ پيارو
سدا تون مرسلن ۾ منهن موچارو

 

مدد ڪر تون منهنجي شہ پير پيران
                لڳس دامن تنهنجي شہ دستگيران...

 

ابوبڪر و عمر عثمان آ نظر
علي دلدل سوار شير رهبر
گلا جيڪو ڪندو يارن سونهارن
پوي دوزخ ٿئي او گنهگارن

 

مدد ڪر تون منهنجي شہ پير پيران
                لڳس دامن تنهنجي شہ دستگيران...

 

رحم ڪر  تون ”نظر“ تي پنهنجو هادي
پڄائج تون اُتي پيرين پيادي
مون کي دل ۾ محبت ڏي شتابي
ڪريان زيارت مديني ماهتابي
ڏسان پنهنجي اکين سان آءُ منارو
پڙهان ڪلمون محمّد تي سونهارو

 

مدد ڪر تون منهنجي شہ پير پيران
                لڳس دامن تنهنجي شہ دستگيران.

 

شيرمحمد خان ولد نواب قادر بخش خان: فارسي خوانده ۽ علم دوست هو. علم ڪيميا جو خفت هوس ۽ عمر جو گهڻو حصو انهيءَ جي پويان صرف ڪيائين. شير محمد خان کي شاعري جو پڻ ذوق هو. ڪافيون ۽ ڪلام جوڙيائين. نموني خاطر هڪ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

ٿل:    تنهنجي تعريف ۽ بيان، ڇا ڪندو انسان ساري
1.      ذات پنهنجي ڪونه ڄاڻي، ڪونه سمجهي اِنس و جان
        ”قل هو الله احد الله“ پنهنجو ڪُيئي پاڻهي بيان

 

سا صفت سرور سِڌاري

 

2.      بيمثل بيچون آهين مالڪِ هر دوجهان
        ڪل تي قادر آهين خالق تنهنجو ڇا شرح و بيان

 

آهي بيحد بار باري

 

3.      منجهه مدايد عمر ساري سڀ گذاريم بيگمان

معاف ڪر سڀ  مونکي مالڪ صدقي ڪلمي ۽ قرآن

ٿو ڪريان نتت زار زاري
4.      ”شير محمّد“ کي محمّد جي محابي مانَ ساڻ

دؤر دنيا ۽ بقا ۾ شال رک ايمان ساڻ

ڏي ڪا مهدي جي ڏيکاري
        گدا علي خان هڪ باهمت نوجوان هو ۽ ان سان گڏ فقيري ۽ تصوف ڏي مائل هو. سنڌي شعر چيائين، اُڻٽيهن ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي والد جي حياتيءَ ۾ وفات ڪيائين. سندس ڀاءُ نواب عرض محمد خان، نوابشاهه تعلقي ۾ ”شينهن-نار“ مئنر تي پنج سؤ ايڪڙ زمين کنئي. اها زمين اصل ۾ نواب سردار خان بن نواب فقير ولي محمّد کنئي هئي، پر گدا علي ان زمين کي شعر ۾ ننديو هو. پوءِ وري اها تُڪ واريائين ۽ دعا طور چيائين ته:

شينهن-ناز‘ مؤن شيرِ خدا، بهرو ڏيارج يا علي.

گدا علي خان ڪلام ۽ ڪافيون چيون جن مان ٻه نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون.

ٿل:    محبوب جي شبيهه جو مٽ ماهتاب ناهي

جلوي جمال جو مٽ هي آفتاب ناهي.

1.      رخسار رمز واڌو نرمو نجيب جي

ڪاتب لکي ڇا سگهندو تنهن جو حساب ناهي
2.      ابرُن جي ڏسي سونهن ٿيا هڪدم حريف حيران

ڏسن جي محمّدي رخ تن تي عتاب ناهي
3.      خوشبو دهن جي خاصي زياده گهڻي عنبر کان

مٽ بوءِ تنهن دهن جي عطر و گلاب ناهي
4.      سڪ ختم النبي جي رک تون ”گدا علي“ مدام

مسند نشين جنهن جو شہ بوتراب آهي
سندس هيٺين ڪافي سهڻي سٽاء سان چيل آهي ته
:

يار سڄڻ سان منهنجو وو، آهن ٻولون ٻانهپ واريون

1.      پنهل ايندم، ڪرم ڪريندم

سڀئي ٿينديون مون سهنجون وو

ٿينديون قلب اندر گلزاريون
2.      جبل جهاڳي ملڪ ووڙينديس

واٽون ڳولينديس تنهنجون وو

جنهن جون مُلڪين پيون ته پچارون.
3.      ڏيرن ڪئي مون ساڻ ڏنگائي، محب وٺي ويا ڏيئي جدائي.

واٽون لنگهي سڀ اهنجون وو

ڪنديس ڪيچ ڌڻي پوئواريون
4.      گدا علي جي لڙهه آءُ لڳيس

ڪڍنديس ڪاڻون ٻيون ڪنهن جون وو

اچي مون ڏيندا دلداريون.


نواب عرض محمد خان
: 3 ربيع الاول سنه 1310هه ۾ ڄائو. پنج درجا سڪول ۾ پڙهيائين ۽ ان بعد کيس پنهنجي والد پڙهايو. پنهنجي تجربي ۽ مطالعي مان هن صاحب گهڻو ڪي پرايو. هن وقت هو پير مرد آهي. متانت ۽ سنجيدگي سندن شخصيت ۾ نمايان آهي. اڍائي سؤ کن سنڌي ڪلام، ڪافيون ۽ ٻيا بيت چيل اٿس:

منهنجي لٿي ڪاڻ جيڏيون ڙي!

پنهل آيو مون گهر پيهي پيهي الا

هيس اصل کؤن ٻانهي ٻاروچن

سڱ سياپو مون نا هوتن
        ڪيئون ڪرم پاڻ جيڏيون ڙي

آءُ ته هيس اڳهين جيهي تيهي الا
2.      آئي پنهون جي عدون ٿيڙيون

بادل برسي بوندون پيڙيون
        ٿيون خوشيون هاڻ جيڏيون ڙي

ڳالهه ڪريان تن جي ڪيهي ڪيهي الا

3.      عرض محمد جي لڙهه لڳيس

ڇڏي ڀنڀور کي ڀينر ڀڳيس
        اهڙي ان اهڃاڻ جيڏيون ڙي

موليٰ ملايا سيئي سيئي الا

 

(2)

مئن پيش رانجهن دي پئي آن

تسان سڻو سهيليان سهيان

1.      مئن رانجهن دي رانجهن ميڏا،

هڻ مين تُسان ڪَنون ڳَئيئان
2.      کيڙا ڀيڙا مول نه ڀاوي،

تنهن دي روز ازل ڪَنون نَهِيئان
3.      جهوڪ شهر وچ رانجهن رهندا

تنهن ديال ڳالهيان ڪران مين ڪيهيان
4.      عرض قول محمد ڪيتي،

تڏهن خيال اِهين وچ ٿئييّان


نواب غلام الله ولد غلام محمد خان ۽ سندس اولاد

غلام الله، ميان غلام محمد خان جو ننڍي ۾ ننڍو فرزند ۽ وزيراعظم نواب ولي محمد خان جو ننڍو ڀاءُ هو. سنه 1168هه ۾ ڄائو. پنهنجي لياقت ۽ انتظامي صلاحيت سببان، ٽالپور اميرن وٽ وڏي منزل تي پهتو. مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان واري عهد ۾ جڏهن سندس وڏو ڀاءُ نواب ولي محمد خان سنڌ جو وزيراعظم هو، تڏهن غلام الله ٻنهي مير صاحبن جو مختيارڪار ۽ ٿرپارڪر جو نواب يا گورنر هو. مير ڪرم علي خان طرفان کيس بدين، عمرڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي طرفان جاگيرون مليل هيون (1). مير صاحبن، ڪرم علي خان ۽ مراد علي خان جو مٿس وڏو اعتماد هو، جو کيس ٿرپارڪر جو گورنر ۽ عمرڪوٽ جي قلعي جو محافظ مقرر ڪيو هئائون. ڊاڪٽر جيمس برنس جو نومبر سنه 1827ع کان جنوري 1828ع تائين حيدرآباد ۾ رهيل هو، لکي ٿو ته ”عمر ڪوٽ جو مکيه قلعو، نواب (ولي محمد خان) جي ڀاءُ غلام الله لغاري جي هٿ هيٺ آهي، جتي ٻڌجي ٿو ته سنڌ جي حڪمرانن جو ڪروڙن جو خزانو محفوظ آهي“ (2). خانداني روايت موجب نواب غلام الله خان خاص طرح سنڌ جي سرحد جي بچاء جو ذميوار هو ۽ بڙودي جي گائڪواڙ توڙي جوڌپور جي راجا سان سندس سڌو سنئون لکپڙهه هلندڙ هئي. انهن رياستن طرفان ڪنهن به منصوبي يا حملي جي پيش بندي لاءِ ۽ ٿرپارڪر ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ وٽس مضبوط فوج رهندڙ هئي ۽ قلعي تي توبون هيون. مير مراد علي خان جو مٿس وڏو اعتماد هو ۽ ماليات ۾ پڻ وڏين رقمن وٺڻ يا معاف ڪرڻ جا کيس اختيارات مليل هئا. ڪن پاليسين جي اختلافن سبب استعفيٰ ڏيئي، ٺٽي طرف هليو ويو ۽ هاڻوڪي ميرپور ساڪري تعلقي ۾ وڃي سڪونت اختيار ڪيائين. جتي ان وقت جو سندس ٻڌايل ڳوٺ ’غلام الله‘ اڄ به سندس نالي سان موجود آهي. پوءِ مير صاحب پنهنجو فرزند موڪلي پرچائي واپس آندو ۽ وري نوابي جو ساڳيو عهدو سنڀاليائين.

نواب غلام الله شاهه فضل الله صاحب جهوڪ واري جو مريد هو.  انهيءَ ڪري باجود نوابي جي هو فقيري حال وارو هو. هڪ روايت موجب فقير غلام الله (1)، غلام حيدر فقير ’تيرهيو‘ (2)، عبدالله فقير لغاري تاجپور (جلال خان جو فرزند)، فقير فتح خان ٽالپور، فقير عبدالله ناهيون ۽ لڌو فقير عرف ’لالو‘ پاڻ ۾ صحبتي هئا. فقير غلام حيدر، مريد سيد قنبر علي شاهه ڀاڏائي جو هو ۽ فقير فتح خان، شاهه بلاول جو مريد هو. ٻيا جهوڪ وارن صاحبن جا مريد هئا. لڌو فقير جوکيو شاهبندر طرف جو هو. اصل ۾ طالب سيد قنبر علي شاهه ڀاڏائي (3) جو هو. سندس سڃاڻپ اول نواب علي محمد خان سان ٿي جو ٺٽي جو گورنر هو، ۽ ان بعد نواب غلام الله سان ٿي، جنهن جي صحبت ۾ محو ٿي ويو ۽ پنهنجو ملڪ ڇڏي اچي تاجپور ۾ گذارڻ لڳو. سندس بيتن مان پڻ اها حقيقت ظاهر ٿئي ٿي:

لالو‘، ’لغاري‘ لئي ٿيا، جيئن مَهِي منجهه ماٽي

اچي ويٺا اوڏڙا گهڻي منجهه گهاٽي

پُر پيتائون پاڻ ۾ وٽين ۾ واٽي

سڄڻ سنئين ساٽي، لٿو فرق ’فقير‘ چئي.

هڪ دفعي ”لالو“ فقير تاجپور ۾ آيو. نواب غلام الله عمر ڪوٽ ڏانهن هو. فقير چيو ته گهرايونس ٿا ۽ اچي ٿو. ان وقت آرهڙ جو چاليهو هو ۽ سخت جهولو پئي لڳو، جنهن تي چيائين ته:

سڻ چاليها چِت ڪري، وجهه جهولي کي جهل

پرين منهنجا پنڌ ۾، آهن ناز ڀريا نرمل

ڪڪر قريبن تي مٿئون اڏ محل

ته جهڙ ۾ اچن جُهولندا، مٿئون ڇانءَ ڇَهَل

هو ڀي ڪامل وڏي ڪل، آهن سچا غلام الله جا.

بهرحال لالي فقير ۽ نواب غلام الله جي صحبت خود نواب صاحب جي فقيري حال جي ساک ڀري ٿي. لالي فقير جا بيت مشهور آهن، جيئن ته:

لا لا! هن لوڪ کي، وَهه ٿي ويڙهائي

اگهي کي آهي، ڪا وسيعت وڙهڻ جي!

 

نڪي ”لالو“، نڪي ”لڌو“، نڪي ”لال داس

آهي ڪا اداس، جوڳين سندي جوءِ جي.

نواب غلام الله فقيري حال رکندڙ هو، سندس لکيتن مان فارسي ۾ هڪ ”نصيحت نامہ“ موجود آهي، جنهن جي شروعات هن طرح ٿئي ٿي:

بنده ضعيف پر تقصير راجي الي رحمة الله غلام الله بن

غلام محمد لغاري صوفي القادري بعض نصائح و مواعظ

برائ تعليم فرزندان ارجندان بقيد تحرير در آورده

که بران عمل نموده حرڪات و سڪنات خود رابہ

طرز خوب قائم دارند.

آخر ۾ اصل ڪاتب آخوند عطاء الله هن نسخي ۽ ان جي فاضل مصنف بابت هن طرح لکيو آهي:

هذه النسخة المتبرکة مسميٰ به ”نصيحت نامہ“ کہ

اگر درجک مرواريد و پنجہ مرجان توان خواند،

دوست تصنيف، معدن مروت وحيا، ينبوع تلطف و

سخا، صاحب سيف لالقلم، متفرق ميان حق و باطل،

زرشناس قانون علم و ادب، خدا پست حق آگاهه، محب

اهلبيت و اهل لله ميان غلام الله فقير لغاري ادام الله

عمره و اقبالہ و احسن اولاده و اخوانہ و اتباع از

دست احقر العباد هيچتر از هيچ آخوند عطاء الله ولد

مرحوم محمد اشرف ساڪن قصبہ بدين بتاريخ بيست

و ششم ماه جميد الثاني سنه 1228هه واقعہ حيدرآباد

خجستہ بنياد صورت اختتام يافت.

تاريخ 3 -ماه رمضان سنه 1291هه در سهر ميران پور نوشتہ شد.

(يعني ته هيءَ ڪتاب ٻيو دفعو سنه 1291 ۾ نقل ٿيو).

نواب غلام الله تاريخ 18-ذوالحج سنہ 1253هه/1838ع ۾ وفات ڪئي، ۽ شيخ سيد محمد الياس جي مقام (تاجپور کان ڏيڍ ميل اولهه) ۾ مدفون ٿيو. سندس پٽن مان نواب جان محمد خان ۽ نواب غلام شاهه جو اولاد هن وقت موجود آهي ۽ تاجپور لڳ سندن ڳوٺ خانپور ۾ آباد آهي. نواب غلام الله جي اولاد مان ڪن خاص سربرآورده شخص جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو. تاجپور جي ڏکڻ طرف پنهنجي وڏي پٽ، خان محمد خان جي نالي ڳوٺ ٻڌرايائين جو اڃا تائين خانپور سڏجي پيو.

نواب خان محمد خان بن نواب غلام الله:  نواب غلام الله جي وفات بعد خان محمد خان پنهنجي والد جي عهدي تي، مير صاحب جو مختيارڪار ۽ عمرڪوٽ جو نواب مقرر ٿيو. انگريزن جي قبضي بعد، نواب غلام الله وارين جاگيرن مان، مٽياري، عمرڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي واريون جاگيرون نواب خان محمد خان ۽ سندس وڏي فرزند غلام مصطفيٰ جي نالي بحال ٿيون.

 نواب خان محمد خان سنه 1840ع ۾ وفات ڪئي(1). سندس وڏو فرزند نواب غلام مصطفيٰ هڪ لائق شخص هو. سندس ڪوشش سان ئي نواب احمد خان بن وزيراعظم نواب ولي محمد خان جا فرزند، نواب فقير ولي محمد ۽ نواب بخش علي خان سڪرنڊ طرفان لڏي آيا ۽ اچي تاجپور-خانپور ۾ پنهنجي عزيزن سان گڏ سڪونت اختيار ڪيائو. نواب غلام مصطفيٰ توڙي سندس ٻين ٽن ڀائرن کي نرينون اولاد ڪونه ٿيو.

 

 


(*)* غلام محمد خان جي اولاد بابت مٿيون بيان نواب عرض محمد خان جي زبانيءَ قلمبند ڪيو ويو.

(1) ڏسو سنڌ الينيشن جي تاريخ، جلد 2، ص 215.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org