سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:ڪلام فقير نواب

ولي محمد خان لغاري

صفحو :8

. ملڪ جي اندروني استحڪام قائم رکڻ ۽ طاقت وڌائڻ لاءِ، رعايا جي آبادي ۽ خوشحالي، ۽ راڄن، قومن ۽ قبيلن جي پاڻ ۾ صلح ۽ حڪومت سان تعاون جي ضرورت هئي. انهيءَ ڏس ۾ نواب صاحب جي انتطامي پاليسي سنگ بنياد بني. راڄن، قبيلن ۽ سردارن جو مٿس اعتماد ٿيو ۽ انهيءَ ڪري کين باهمي جهڳڙن کان جهليائين. مثلا جڏهن سردار ولي محمد چانڊيو، شورڻ جي رندن تي چڙهائي لاءِ سنڀريو ته نواب ولي محمد خان کيس سمجهايو ۽ روڪيو (1). اهڙيءَ طرح ملڪي طاقت اندروني فسدات ۾ ضايع ٿيڻ کان بچي، ۽ خود سردار ولي محمد خان چانڊيي ۽ سندس قوم سنڌ تي ٻاهرئين حملي وقت اٺن هزارن جي فوج مهيا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکيو(2). اهڙيءَ طرح اندروني طور فوج جي تعداد توڙي طاقت ۾ اضافو ٿيو.

 

علي آباد عرف رني ڪوٽ جو قلعو ٺهرائڻ: مٿين بنيادي قدمن سان گڏ حيدرآباد جي ميرن جي حد ۾ هڪ مضبوط حفاظتي قلعي جي ضرورت هئي. عمر ڪوٽ جي قلعي جي فتح بعد انهيءَ ضرورت جو شدت سان احساس ٿيو. عمرڪوٽ جي قلعي کي ميان نورمحمد ڪلهوڙي هڪ مضبوط ۽ حفاظتي قلعي طور پوري اهتمام سان پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيو هو. مگر جڏهن نادر شاهه اچي مٿس ڪڙڪيو تڏهن کيس ڀڄڻ جي واهه به ڪانه ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪڇ، مارواڙ ۽ جوڌپور جي راجائن کان مدد ۽ مهرباني جي ڪا اُميد ڪانه هئي. خود قلعي جي مضبوطي جو پتو 1228هه واري حملي ۽ فتح وقت پئجي ويو. قلعي جو دروازو توڙي ديوارون پڪي سر سان محڪم ۽ مضبوط ٻڌل هئا پر هيٺان ديوارن جون بنائون ڀِٽ تي بيٺل هيون ۽ انهيءَ ڪري ٽالپوري لشڪر آساني سان هيٺان سرنگهه هڻي، بارود ڀري، ديوار کي اُڏائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن واقعي بعد مير ڪرمن علي خان ۽ مير مراد علي خان، نواب ولي محم خان کي خاص مشوري لاءِ سڏيو ۽ ملڪ اندر آخري بچاءُ لاءِ هڪ مضبوط قلعي تعمير ڪرڻ لاءِ ساڻس صلاح ڪئي. نواب ولي محمد خان کي قلعن تعمير ڪرائڻ جو تجربو هو، ۽ مشورو ڏنائين ته اهو حفاظتي قلعو الهندي طرف ڪوهستان علائقو پڻ حمله آور سان مقابلي وقت پشت پناهه بنجي. اها رٿ فوراً منظور ڪئي وئي ۽ قلعي تعمير ڪرائڻ جو ڪم نواب صاحب جي حوالي ٿيو.

 

نواب ولي محمد خان کي ڪوهستاني علائقي جي پوري واقفيت هئي، تنهن ’سَن‘ جي تاريخي شهر کان 18 ميل ڏکڻ طرف ’نئين رني‘ جي هڪ ماٿري کي قلعي جي جڳهه لاءِ چونڊيو. قدرتي طور هن ماٿري کي چوڌاري هڪ ڪرنگهي دار ٽڪري ديوار طور بيٺل هئي، جنهن کي فقط ٻه مکيه خال هئا: هڪ الهندي طرفان، جتان نئن ماٿري ۾ داخل ٿي ۽ ٻيو اڀرندي طرفان، جتان نئين ٻاهر ٿي نڪتي. مينهن جي مند کانسواءِ پڻ نئين جي پيٽ ۾ هڪ قدرتي چشمو هو، جنهن جو پاڻي نه فقط قلعي جي فوج لاءِ مگر اندر ماٿري ۾ آبادي لاءِ پڻ پورو ٿِي ٿي سگهيو. انهيءَ لحاظ سان هيءَ جڳهه قلعي جي تعمير لاءِ هر نقطہ نظر کان موزون هئي. چوڌاري ٽڪري واري ديوار ۾ جتي به ڪي شگاف ۽ گهٽ گهارا هئا، سي نواب صاحب اول پٿر جي اوساري سان پختا ڪري ڀرائي، ٽڪري جي ڪرنگهي کي بنياد بنائي ان تي قلعي جي ديوار تعمير ڪرائي. اندر ماٿري ۾ هڪ قدرتي مٿانهين ٽَڪرائتي سطح تي اندرون خاص محفوظ قلعو جاين جڳهين خاطر جوڙايو. نئن جي اندر لهڻ توڙي ٻاهر نڪرڻ وارن گهٽن تي موريون ٻڌائي مورچن ٺهرائڻ جو انتظام ڪيو. اُڀرندين طرف واري موري جي هيٺان لوهه جي درن ۽ مٿان قلعي جي خاص دروازي جو اهتمام ڪيو ۽ دروازي تي توبون رکايون. سنه 1234هه/1819ع ۾ قلعي جو مکيه ڪم پورو ٿيو. اندرين ننڍي قلعي جو نالو ”شير ڳڙهه“ رکيو ويو ۽ سڄي قلعي جو نالو ’علي آباد‘ تجويز ٿيو، مگر ’نئن رني‘ جي لحاظ سان عوام ۾ ’رني ڪوٽ‘ جي نالي سان مشهور ٿيو.

        هيءَ ’علي آباد‘ عرف ’رني ڪوٽ‘ جو قلعو اڄ ڏينهن تائين موجود آهي ۽ حفاظتي نگاهه کان نواب ولي محمد خان جي حسن انتخاب ۽ تعميري سٽاء جي لحاظ سان سندس انجنيئري شعور تي شاهد آهي. اهو نواب صاحب جي ذاتي طور نگراني ۽ نظرداري جو نتيجو هو، جو هيڏو شاهي قلعو سترهن لکن رپين ۾ جڙي راس ٿيو. هيءُ قلعو ٽالپوري عهد ۾ ملڪ جي حفاظت ۽ بندوبست جي سلسلي ۾ بيدار مغز حڪمران جي دورانديشي ۽ سنڌ ۾ قلعن جي تعمير جي فن جو هڪ نمايان يادگار آهي.

        خانداني روايت موجب، ٻاهرئين اڀرندين دروازي جو ڪم، خصوصاً هيٺيان لوهي دروازي هڻڻ جو ڪم، اڃان باقي هو، شڪارپور ۾ شاهه شجاع الملڪ جي اچڻ سببان نواب ولي محمد خان کي مير صاحبن مشوري لاءِ حيدرآباد گهرائي ورتو جتان هو سڌو لاڙڪاڻي طرف روانو ٿي ويو. موري هيٺان لوهي دروازن جي تربيت معمارن کي سمجهائي هئائين، پر هو سانوڻ ۾ نئن جي پاڻي جي زور جو صحيح اندازو ڪري نه سگهيا ۽ انهيءَ ڪري باوجود ڪوششن جو هو هيٺين لوهي دروازن هڻڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا. نواب صاحب اڪثر چوندو هو ته : ڪو موقعو مليو ته اهي لوها دروازا توڙي الهندي طرف نئن جي اچڻ وارو دروازو پنهنجي نظرداري هيٺ درست ڪرائيندس. مگر هڪ طرف افغانن ۽ ٻئي طرف انگريزن جي سازشن سببان نواب صاحب جي زندگيءَ جا پويان ڏهه پندرهن سال زياده تر سياسي معاملات سلجهائڻ ۾ صرف ٿيا ۽ رني ڪوٽ جي دروازن جو ڪم ائين ئي رهجي ويو.

        17. سنه 1234هه/1919ع ۾ ’رني ڪوٽ‘ جو ڪم اڃان مس راس ٿيو ته اوچتو شاهه شجاع الملڪ اچي شڪارپور پهتو. نواب ولي محمد خان لاڙڪاڻي ڏي روانو ٿيو ۽ اتان وڃي نوشهره ابڙه طرف منزل ڪيائين ڪابل ڏانهن شاهه شجاع جي موٽڻ جون واهون بند هيون جو ڪابل تي محمد عظيم خان جو قبضو هو، انهيءَ ڪري هو کپ کوڙي يڪا ٻه سال شڪارپور ۾ ويهي رهيو. نواب ولي محمد خان شڪارپور جي چوڌاري سڄي علائقي کي پوري طرح پنهنجي ضابطي ۾ رکيو مگر شهر سڪارپور ۽ ان جي نزديڪي پسگردائي ۾ شاهه شجاع ۽ سندس ماڻهو ڦرندا رهيا. جيئن ته کين مهمانن جي حيثيت هئي انهيءَ ڪري کين ڪجهه به نه ڪونه ٿي چيو ويو. بالاخر جڏهن شاهه شجاع ۽ سندس سپاهه شرافت جا ليڪا لتاڙي اشرافن جون لڄون ۽ ملڪيتون لُٽڻ لڳا، تڏهن نواب ولي محمد خان رعايا تي ظلم ٿيندو ڏسي شجاع کي شڪارپور ڇڏائڻ جي تجويز اميرن جي آڏو رکي جا منظور ٿي. ان موجب 1236هه/1821ع ۾ نواب ولي محمد خان حيدرآباد طرفان ۽ حمزو خان ٽالپور خيرپور طرفان شهر شڪارپور ۾ وڃي منزل انداز ٿيا، جنهنڪري ڇڙواڳ افغانن طرفان رعايا کي ايذائڻ واريون حرڪتون بند ٿيون. ٻئي طرف سنڌ طرفان سنئون سڌو محمد عظيم خان سان تعلق قائم ڪيو ويو، جو فوج وٺي اتان چڙهيو. سنڌ جي متحد فوج به اميرن سان گڏ اچي نواب ولي محمد خان جي رٿيل تجويز موجب لاڙڪاڻي پهتي ۽ اتان وڌي اچي ميان شاهل محمد عباسي جي قبي وٽ ڇانوڻي هنيائون. شاهه شجاع پريان محمد عظيم خان جو لشڪر ايندو ڏسي شڪارپور جي جند ڇڏي ۽ پنهنجي جان بچائڻ خاطر اچي اميرن جي ڇانوڻي ۾ پناهه ورتي. محمد عظيم خان جي فوجي دستن اٻهرائي ڪري پيشقدمي ڪئي، جنهن کي سنڌ جي فوجي دستي ختم ڪري ڇڏيو، باقي محمد عظيم خان کي صلح ڪري موٽڻو پيو؛ شاهه شجاع به سنڌ ڇڏي جيسلمير جي راهه وٺي لذياني (پنجاب) ڏي روانو ٿيو.

        سنه 1236هه واري هن تاريخي ڊراما ۾ نواب ولي محمد خان مکيه پارٽ ادا ڪيو ۽ سندس حڪمت عملي ۽ تدبير سؤ في صد ڪارگر ٿي؛ افغانن جا سردار هڪٻئي کي تڪيندا رهيا ۽ آخر پنهنجي راهه وٺي راهي ٿيا. انهيءَ دوران شڪارپور جي پسرگردائي به نواب صاحب پنهنجي انتظام هيٺ ٺآڻي ڇڏي ۽ باقي شهر وڃي افغانن وٽ رهيو.

        18. نواب ولي محمد خان سوچيندو رهيو ته ڪنهن پر شهر کي افغانن جي چنبي کان ڇڏائجي. سنه 1239/ 23-1824ع ۾ رحمدل خان افغان سڪارپور جو والي هو، جنهن کي سندس ڀاءَ ۽ ڪابل جي امير شيردل خان پاڻ وٽ گهرائي ورتو. رحمدل خان پنهنجي طرفان عبدالمنصور خان کي شڪارپور جو والي مقرر ڪيو. ٿوري عرصي بنعد، سِکن جو لشڪر اچي ديري غازي خان پهتو. مبادا اهو لشڪر سنڌ جو رخ ڪري، انهيءَ لاءِ ضروري هو ته سنڌ جي سرحد ۽ خصوصاً شڪارپور جي بچاءُ لاءِ انتظام ڪيو وڃي. اهو سڄو معاملو ۽ ان جو انتظام نواب ولي محمد خان جي حوالي ٿيو.

        نواب صاحب اول پنهنجي هيڊ ڪوارٽر لارڪاڻي مان عبدالمنصور ڏانهن مؤثر مُراسلا موڪليا، ۽ کيس موقعي جي نزاڪت کان آگاهه ڪري سمجهائيندو رهيو ته افغان سردارن طرفان شڪارپور جو بچاءُ مسڪل آهي، انهيءَ ڪري بهتر آهي ته سکن جي آڏو سر جهڪائڻ بدران شڪارپور سنڌ جي حوالي ڪريو ته فوراً حفاظتي انتظام ڪيو وڃي. عبدالمنصور خان شهر خالي ڪرڻ بدران، نواب صاحب ڏي منٿ ميڙ جا خط بهاني طور لکيا ته سک شڪارپور تي حملو ڪونه ڪندا، ۽ ازانسواءِ شڪارپور جي ٻئي سڄي علائقي تي اڳ ئي اوهان جو قبضو ٺاهي، ۽ صرف شهر واري چارديواري باي وڃي بچي ٺآهي، جا اسان کان نه ڇڏايو ته بهتر آهي. نواب صاحب انهن حيلن ۽ بهانن کان متاثر نه ٿيو ۽ شڪارپور کي افغانن جي تسلط کان هميشه لاءِ آزاد ڪرائڻ لاءِ لارڪاڻي کان روانو ٿو. نواب صاحب کي بخوبي معلوم هو ته عبدالمنصور خان ۾ مقابلي جي طاقت ڪانهي، انهيءَ ڪري سپاهه ۽ پنهنجا خاص ماڻهڳ، جن ۾ ’دلاور خدمتگار‘ چونڊ هو، ساڻ ڪري اچي ’شاهي باغ‘ ۾ لٿو، ۽ جم،عي خان بارڪزئي سردار کي گهرائي عبدالمنصور خان ڏي چوائي موڪليائين ته جي خير سمجهي ته شهر خالي ڪري ڪابل ڏانهن روانو ٿئي. انهيءَ ڌمڪيءَ سان گڏ خدمتگار دلاور‘ کي گهوڙيسوارن جي دستي سان شهر ۾ موڪليائين ته سنڌ جي حڪومت طرفان قبضي جو اعلان ڪري ۽ ڪوٽوالي توڙي دروازن جي چؤڪين تي پنهنجا ماڻهو مقرر ڪري. ٻئي ڏينهن نواب صاحب پنهنجن سپاهين جي هڪ خاص دستي کي پوري وردي ۽ سروپاءِ سان سينگاري هٿياربند ڪري موڪليو ته وڃي  شهر ۾ گشت ڪن، ۽ ماڻهن کي همتائين ۽ اطمينان ڏيارين ته افغانن جو تسلط ختم ٿي چڪو. خدمتگارن پوري رعب تاب سان گشت ڪيو ۽ تاريخ ”تازه نواي معارڪ“ جي مؤلف منشي عطا محمد جي لکڻ موجب اکين جا اشارا ڏيندي علي الاعلان پئي چيائون ته:

واه شڪارپور! واه شڪارپور!
ڀلا ڀلا مار مارينداسون ڙي
!
رئيسن جي سرن جي سلامتي هجي
!

        محض انهي رعب تاب جي حڪمت عملي سان، عبدالمنصور خان جا حوصلا پست ٿي پيا ۽ ٽئي ڏينهن ٽپڙ ٻڌائين. پاڻ هلي اچي نواب کي شاهي باغ ۾ مليو. نواب صاحب کيس مروت سان پيش آيو پر فوري شهر ڇڏڻ لاءِ تاڪيد ڪيائينس، جنهن تي نواب صاحب کان ڳڙهي ياسين وڃڻ لاءِ اجازت ورتائين ته اتي رهي سامان سڙو سنڀاري ڪابل روانو ٿئي. کيس اها اجازت ملي. ڳڙهي ياسين ۾ سندس مڏي مس تيار ٿي ته نواب صاحب طرفان سنڌ ڇڏڻ جو حڪم نامو پهتس ۽ لاچار ٿي روانو ٿيو: بقول منشي عطا محمد: ”شڪارپور جا سالن جا سال خراسان (ڪابل) جي حڪمرانن جي يار دلخواهه رهي هئي، انهيءَ معشوق جي جدائي ۾ هو ڳوڙها ڳاڙيندو، سينو پٽيندو، ڪپڙا ڦاڙيندو، افسوس ڪندو پئي ويو.“

        19. شڪارپور کي سنڌ جي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ ۽ اتي امن امان قائم ڪرڻ سان شڪارپور ڏيهي توڙي پرڏيهي واپار جو مرڪز بنيو. شاهه شجاع جي دؤر جا ستايل هندو واپاري هينئر اطمينان سان واپار کي لڳا. نواب ولي محمد خان بنا جنگ و جدل جي جنهن حڪمت عملي سان افغانن کي خارج ڪيو سا سندس نمايان ڪاميابي هئي ۽ انهيءَ خدمت بعد مير ڪرم علي خان ۽ مراد علي خان وٽ سندس ويتر وڏي عزت ٿي. نواب صاحب جي عمر هن وقت ستر سال کن هئي ۽ وفاداري توڙي بزرگي جي لحاظ سان مير صاحبن ٻين سڀني کان سندس وڏو احترام ٿي ڪيو.

        20. نواب صاحب هينئر پنهنجو سڄو توجهه انگريزن جي سياست طرف ڪيو، ڇاڪاڻ ته سکن سان انگريزن جا تعلقات قائم ٿي چڪا هئا، ۽ شاهه شجاع الملڪ سان پڻ انگريزن پنهنجي لڌيانه واري سفير ذريعي تعلق پيدا ڪيو هو. بهرحال پنجاب توڙي افغانستان جي سياسي معاملات سان انگريزن جي ايتري ته دلچسپي هئي، جو ان جو اثر سنڌ تي پوڻ لازمي هو. انگريز هندستان جو وڏو حصو هٿ ڪري چڪا هئا ۽ سنڌ کان ڏکڻ بمبئي جو علائقو سندن قبصي ۾ هو ۽ اتر طرف هنن وڌي اچي ڪڇ رياست ۾ پنهجو دخل ڄمايو هو. نواب ولي محمد خان کي انگريزن جي ارادن جي پوري ڄاڻ هئي، جو سڀ کان اڳ ڪابل جي امير محمود شاهه کي آگاهه ڪيو هئائين ته انگريزن جي نيت ميرن ڏانهن به صاف ڪانهي:

آن فرنگي کہ فتنها دارد،
با شهان نيز کينها دارد
(1)

مگر هڪ دور انديش مدبر جي حيثيت ۾ نواب موصوف انگريزن جي وڏي ۽ وڌندڙ طاقت جو اندازو لڳائي، انگريزن سان مفاهمت ۽ دوستي جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ مناسب سمجهيو ۽ ان ڏس ۾ عملي قدم کڻڻ لاءِ اميرن کي پڻ آماده ڪيائين.

ان وقت اتفاق سان مير مراد علي خان بيمار ٿي پيو ۽ صلاح بيٺي ته انگريز ڊاڪٽر گهرائجي. نواب ولي محمد خان ان راءِ جي پوري پٺڀرائي ڪئي، جنهن موجب بمبئي جي گورنر لارڊ ايلفنسٽن ڏانهن ڊاڪٽر موڪلڻ لاءِ دوستانه خط لکيو ويو، ۽ اتان ڊاڪٽر جيمس بَرنس 10 نومبر 1827ع  (1243هه)  تي حيدرآباد پهتو. نواب ولي محمد خان سندس آجيان ۽ مهمانداريءَ لاءِ مقرر ٿيو. نواب صاحب جي مشوري سان ڊاڪٽر برنس کي مير صاحبن وڏي عزت ڏني، ۽ نواب صاحب پاڻ پنهنجي سر ڊاڪٽر برنس جي ذاتي طور آڌر ڀاءَ ڪئي، ۽ کيس ايترو ته گرويده بنائي ڇڏيائين جو واپسي تي ڊاڪٽر برنس مير صاحبن، سندن حڪومت ۽ درٻار لاءِ نهايت چڱن خيالن جو وڃي اطهار ڪيو، جنهنڪري مير صاحب ۽ انگريزن جي وچ ۾ دوستي قائمرهي.

        ڊاڪٽر جيمس برنس جي آجيان لاءِ نواب ولي محمد خان حيدرآباد کان هڪ منزل اڳتي اچي کيس مليو هو. اڪثر ٻيا مکيه درٻاري پڻ ساڻس گڏ هئا. نواب صاحب پالڪي ۾ سوار هو، جنهن کي اٺن حمالين پئي کنيو. ڊاڪٽر برنس جي آمد وقت نواب صاحب جي عمر 78 سال هئي. ان وقت نواب صاحب جي شخصيت، حيثيت ۽ لياقت بابت ڊاڪٽر برنس جا اکين ڏٺا حالات ۽ تاثرات ڪافي اهميت رکن ٿا ۽ انهيءَ ڪري هيٺ انهن جو اختيار ڏجي ٿو:

 


(1) Record: Sindh file, Pol. 131 P. 342, and Masoon vol 2 P131.

(2) History of Alienations in Province of Sindh, 1888. vil. 2.P.39.

(1) نواب موصوف جي تصنيف ڪيل ’ساقي نامہ‘ جي مقدمہ جو شعر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org