روپ پيلو
(1)
جي ڀائين ڪو دم جيان، تان رمز وٺ تون شاڪرن جي
جي تفرقا ٿا پون، هي مار آهي عناصرن جي.
حق ٿو چوي فرقان ۾، منجهه باب مفتاح الفرج
تڏهن ڇڏي سڀ خيال فانِي، راهه وٺ تون صابرن جي.
دؤر دنيا مؤن ويو، سڀڪو هٿين خالي وري
سڀڪنهن مجلس ۾ ڏس، تعريف ڪيڏي آچرن جي.
هن دنيا جي آهه نوبت، تنهن جو غم دل تي نه ڪر
ٻي رسم سڀڪا وساري، رسم گهرجي ذاڪرن جي.
’ولي محمد‘ بيخودي ٻاجهون، نه پوندي ڪا خبر
عبديت جو پوش پهري، چال چل تون چاڪرن جي.
(2)
عشق ڏيندا ڀر وٽيان وٽيان، هئي پيوڻ ڏاڍي مشڪل بازي.
بيخودي دِي پيالي پِليندا، اُلٽي بازي اُلٽ
چَليندا
بند عقل ديان گهٽيان گهٽيان.
ڏيندا بار عشاقان باري، حڪم آپڻي ڪر ڪي جاري
چاڙهه سُولي گهت ڳَٽيان ڳَٽيان.
وچ بازار ملامت والِي، ڏي عشاقان بات نرالِي
هو ڪي ڏِوئيندا هٽيان هٽيان.
’ولي محمد‘ ڳالهين عشق حسن ديان، ڪيهان ڪريسين باطن
ديان
ڪيئن دلِين اُنهين لُٽيان لُٽيان.
(3)
نال ماهي دي هڻ مين مِليان مِليان، ويک اکئين لکيا لوح قلم والا.
ڇوڙ مين اپڻي شاهِي ٻاٻاڻي، جهوڪ رانجهن دي ڄُليان ڄُليان.
پار کٻڙيان دي مول نه ويسان، توڙي آڇن سُهڻيا
ڳليان ڳليان.
سڀ سياليان غيرت واليان، هير هِکا مين ڀُليان
ڀُليان.
عشق جنهان سر مچ مچئيندا، سي نه رهسن جهليا جهليان
”ولي
محمد“ اِنهين دام زلف دي، ڪيئي قابو ڪيتيان دليان
دِليان
روپ جهنگلو
(1)
ڪفر طريقت جو وٺ، باب فقہ جا کڻي ڇڏ.
”هُم يُر آئونَ“ ۾ آهي ريا جي نسبت
دام دوئي جا ٽوڙي، رمز رندي سان تون گڏ.
پوش مشاخي پهري، مُشرڪ ٿي دَور ڪنان
پکڙا محبت سندس، ’موتوا‘ ماڳ نيئي آڏ.
نامرادي مان لهندين مراد سڀڪا
صورت سان لئون لائي، مُلڪ بقا ڏي تون لَڏ.
”ولي محمد“ ڏس صوفي لاءِ ڪوفي پيا سڏجن
ڪيِئَن گذاري ويا، جن جا چمجن پيا هڏ.
(2)
ڏسو قدرت رمز الــٰهي، جنهن ۾ جاءِ عقل جي نه ڪائي.
’شهاب الدين صوفي‘ صاحب جي، قدرت جوڳ جڳائي
’شاه
شهيد‘ عطا ڪيس سر تي، تاج مبارڪ شاهي.
معرفت جو اٻريو تارو، جنهن ڪيڏي ڪئي روشنائي
ڇُٽِي توب، مُنادي ڪيائين، ٿيو آواز سائي.
ٿي سجاده نشيني ظاهر، مُلڪن ۾ اها وائي
ويٺو مسند مرد مڪمل، ڪُل ولايت آئي.
”ولي محمد“ هلي ’ميرانپور‘ ۾، ڏي سجدا دلجائي
’جهوڪ
شهر‘ کي جهوڪ منجهئون، کڻي حق عرفات بنائي.
(3)
وٺ رمز دلم مُشتاقي، ناهي خبر عمر جي باقي.
دؤر دنيا جي سمجهي حالت، خيال تون رک عشاقي
رمز رندي سان هل ميخاني، پيءُ پيالو ساقي.
دام دوئي جا ٽوڙ سڀيئي، لاهي دلم غمناڪي
’نَحنُ
اَقربُ لَيسَ مثلہ، اَٿئي قلب اندر اوطاقي.
بيخوديءَ ۾ بيخود ٿي، ڪر سير قفس منجهه خاڪي
’اِلاّ
اَنا جي ٻولي ٻولج، تخلقو اخلاقي.
”ولي محمد“ جو شان صحيح ڪر، لقب سندس لولاڪي
عبديت جو پوش ڪري ٿي، سڀڪنهن ساڻ مَلاقي.
(4)
وَه عشق وارن جا نظارا، اُتي عام نه رسن ويچارا.
ڇڏيو عشاقن سانگو سر جو، ٿيا وحدت جا وڻجارا
سوريءَ تي چڙهي لاءِ وصال جي، ڪيائون ’اَناالحق‘
نِهارا
ڪاڻ ديدار گهڙي پيا عاشق، منجهه ظلمات نِهارا
لنگهي صفت وڃي ذات لڌائون، ٿين سير سڪندر وارا.
بيخوديءَ جا باب پڙهي، هلي ڪيائون عدم اوتارا
انحد جا آواز ٻڌي، پوءِ نوري ٿيا نروارا.
”ولي
محمد“ وڃي ويهه تنهين وٽ، جي آهن جيءَ جيارا
سي صوفي مشتاق اَصل کؤن، ڪامل قلب اوجارا.
(5)
اي دل طريقت جي ڪفر، مشهور هاڻي گهرجي ٿيڻ
اِنهيءَ بيخودي جي بحرمؤن، مخمور هاڻي گهرجي ٿيڻ.
حسن جي ديدار لئي، سر جو ڏيڻ سانگو مَ ڪر
’رب
اَرني‘ چئي مثل، ڪوهه طور هاڻي گهرجي ٿيڻ.
هن فنا جي ملڪ ۾، وٺ هي نصيحت دَمبدَم
خيال خطرن کؤن دوئي جي، دور هاڻي گهرجي ٿيڻ.
عاقل جي تدبير کي، ڏي ترڪ تان مطلب رسين
عشق جي شاهي طبل فغفور، هاڻي گهرجي ٿيڻ.
”ولي
محمد“ ڇڏ مشاخي، صوفي ابن الوقت ٿي
دَست بيعت بااليقين، منصور هاڻي گهرجي ٿيڻ.
(6)
جتي ڪٿي عشق ڏسائين ٿو، ڏاڍا محبت مچ مچائين ٿو.
ڪعبو، مسجد دين ڌرايئي، ٻئي هنڌ بتخاني کي بنايئي
تِنهين جاين تي پاڻ پسائين ٿو.
عشاقن کي ڏئي عشاقي، چاڙهي سُولي تي ڪرين ٿو مُلاقي
ذات سان
ذات ملائين ٿو.
آدم ۾ پنهنجي ذات ڇپائي، پوءِ وري بيمثل سڏائي
چالا عجب چلائين ٿو.
عاشق سير سِرُي جو ڪن ٿا، ’اِني اناالله‘ ثابت ڪن ٿا
تن کان ’اَناالحق‘ چوائين ٿو.
”ولي محمد“
کي پنهنجو ڪر تون، ڏئي وصال مٿس هٿ ڌر تون
قلب اندر ۾ سمائين ٿو.
(7)
ڪهه ڪانگل ڪڏهن اچي ملندا، منهنجا ڪيچ ڌڻي دم دم ۾.
لڪ لتاڙي لڪيون وينديس، واٽ وندر جي ووڙون ڏينديس
شل گڏ بم جاني کلندا، ٿيندي خوشحالي هن غم ۾.
ڏج سنيها ساري پرين کي، پاند ڳچي پائي هوتن کي
ڪڏهن واءُ وصال مون گهلندا، آهيان دام زلف جي خم ۾.
ڏيرن ڪئي مون ساڻ ڏنگائي، محب وٺي ويا ڏيئي جدائي
ٻي بات نه ويا ڪا سلندا، ڏسي ڌاري واري ڄم ۾.
”ولي محمد“ پوندي ٻاجهه ٻاروچل، تنهنجي حال جي لهندا اچي ڪل
وڏي قرب منجهان اُتان هلندا، ٿيندا شامل تو هَم
ڪَمُ ۾.
روپ جهنگلو
پانڌيڙا عجيبن جا، محبوبن جا، مون سا ڪر ڪا ڳالهه پرين.
صدقي سِر تنهين تؤن، هيڏي هلائِي جن.
سڀ دنيا جي دور جا، وسري ويا مون جشن.
ساري ڇئج پرين کي، هٿ رکي قدمن.
هڪڙي موج فراق جي، ٻيو ماريس حُب وطن.
”ولي
محمد“ جي حال جِي، سُڌ ڏجان سڄڻن.
(9)
ڪهڙي ڪريان آءٌ ڪانگا توسان تقرير.
تنهنجي آئي قلب اندر ۾، آئِي وصال جي هِير.
قيد الماء جي قيد ويهاريس، ڪانه رهي تدبير.
پانڌ ڳچيءَ پائي چئج پرين کي، معاف ٿئي تقصير.
”ولي
محمد“ چئي راتو ڏينهان، اهيان منجهه اُڪير.
(10)
دلبر تنهنجي ديدار لئي، اکڙيون نهارينديون رهيون،
سڀ خيال دنيا جا ڇڏي، منجهه ماڳ حيرت جي پيون.
جيئن مڇي پاڻي کؤ ٻاهر، تيئن ٿي هِت گهريان گهڙيون
روز شب ويٺي لکان، مضمون محبت جون وَهيون.
جي حسن تنهنجي جي فنا ڪيا، سي هتي سُک ڪيئن سمهن
منجهه قيد قيد الماء جي، ٿا دم وڃن پورا ڪَيُون.
سڪ سچي جن کي اندر دل، سي دنيا سان ڪيئن ٻَجهن
’ليس
فيها راحة،‘ اُهي تان قبر ويندا چَيُون.
”ولي محمد“ ڪل حال تي گهرجي صبر خواهش مٿي
عشق اصلؤن عاشقن سان، ٿو ڪري ريتيون نيون.
(11)
لڳو نينهن اچي نروار ميان، هاڻي عاشق ٿي هوشيار ميان.
ڏسي تاب حسن جو خوف نه ڪج، اهي بار سڀئي وڃي سر تي سهج
پوءِ ٿي پروانو شمع تي پئج، اِها آگ اَٿئي گلزار
ميان.
ڀائين عشق حسن جو ٿيان ماهر، ڪر پاڻ زليخان جيئن ظاهر
ڇڏي پردو حجاب جو ٿي ٻاهر، اچي يوسف تڏهن بازار
ميان.
انهي عشق جي ڪَل منصور کؤن پُڇ، ڪنهن حسن موهي مخمور کؤن پڇ
آهي حال ڪوه طور کؤن پڇ، ڪري گذر لنگهيو اسرار
ميان
”ولي محمد“ هوندي لئون جتي، پاڻهي پوندي حسن جي ڪَلَ تتي
بُوءِ عشق جي لڪندي ڪين ڪٿي، ڪندي پاڻهي ظاهر پار
ميان.
(12)
ويَڙا ڪالهه وَهِي الا، وڳڙ تنهنجا ڪونجڙي.
سانباهو ساٿين جو، ڀوري ڪيئي نه سَهي الا.
هاڻي هتي ساٿين ري، ڪندين ڪوهه رَهِي الا.
فضيلت هن ننڊ جي، طالب ويا به ڪَهِي الا.
”ولي
محمد“ هُئي اصلئون، ساعت ائين ٿِي الا.
(13)
اصل کؤن ٻانهي الو، اهيان ڪيچ ڌڻين جي.
هوتن ريءَ به ڀنڀور ۾، وتان ويڳاڻي الو.
جيڪس هوم نصيب ۾، حڪم رباني الو.
ڏسان شال اکين سان، آديون آرياڻي الو.
”ولي
محمد“ چئي حَب ۾ ٿيندم ربّ ساڻي الو.
(14)
مون تان ڪين چين، ڙي آيل، مون کي ڇڏيو هوت وڃن.
ڏکيءَ کي ڏونگر جا، اڳيئون سور سجهن.
محبن ريءَ به ڀنڀور ۾، ڏکيا ڏينهن لنگهن.
وينديس رهنديس ڪينڪي، پڄاڻا پرين.
”ولي
محمد“ چئي شال مون، وڇڙيا محب ملن.
(15)
تڙ تڙ پوندئي ڏَسُ، ٻانڀَڻ، ٻاروچن جا.
وٺج راه فراق جي، ڇڏي ٻيا سڀ گس.
پڄڻ ڀيڻي ناه ڪا، وؤڙڻ سان ڪج وس.
اڃان چکندين ڪيترا، درد سندا ڪيئي رسُ.
”ولي
محمد“ جي حُب سان، درد ڏيندا توچس.
(16)
هوت پڄاڻان ويهي، ڪيئن گذاريان سرتيون.
درد وارن جي دل جي، ناهه خبر بيدردن
سي
سک ٿي ڪيئن سمهنديون، دام زلف جي ورتيون.
لَڪ لتاڙي لقڪيون، پاڻ ڪنديس آءٌ پڌرو
ڏونگر سڀيئي ووڙي، پوءِ ڏورينديس ڌرتيون.
ويهڻ مناسب منهنجو، ناهي بنان هت هوتن
رهنديس ڪين نه ويهنديس، هاڻ خيا کي پرتيون.
”ولي
محمد“ ڏس سمجهي، عشق وارن جي حالت
ڪوڙيون ڀائنج سڀئي، دور دنيا جون ڀَرتيون.
(17)
آهي روز اَلستي، منهنجو ڙي پيچ پنهل سان.
سڱ سياپا عشق وساريم، ڪهڙي ڪريان بند بستي.
قيد الماءَ جي ڏونگر ڏيکاريم، گذري ويئي گشتي.
ويهي ڀنڀور ۾ وقت وڃايم، تڏهن ڪري ويا مستي.
”ولي
محمد“ ڏيرن ڏوهه نه ڪوئي، اصل هئي سِر نوشتي.
(18)
ڪانگل ڪر ڪا پچار، مون سان ڪيچ ڌڻين جي.
ويٺي نهاريان اوڏاهين، مانَ مِلن ڪنهن وار.
هن منهنجي حال جِي، ڏيج خبر نروار.
ٿي گذاري سسئي، منجهه ڀنڀور لاچار.
ڏونگر منجهه پنهل جا، پڇندي وينديس پار.
”ولي
محمد“ منصف ٿي، ڪانهي هوت ميار.
(19)
سڱ ٻاروچل ساڻ ڙي جيڏيون، منهنجو هو اَلستؤن اڳي.
هي نِماڻي ڀنڀور ۾، او هوت بنان ڪيئن تَڳي.
هُئي جا ڏيرن مَن ۾، هوت وٺي ويا ٺَڳي.
ڪنديس ڄام پنهل سان، حقيقت سُئِي سَڳي.
”ولي
محمد“ هن حال جي، ڪل پوندي نينهن لڳي.
(20)
رک دل تي حُب وطن جي، گهوري دؤر دنيا جي شاهي.
جاني جگر ويا ڪيڏي تنهنجا، ڪل نه پَيڙي تن جي
ڪيئن وساري خوش ٿي ويٺين، سهڻي سنگت جن جي.
آهين سانگي سانگ تي آيو، ويٺين مالڪ بنجي
ڏيهه ڏورانهون تنهنجو اڳي ٿيو، سُرت رکج انهي فن
جي.
لاجودي سير ۾ رهه تون، رسم وٺي صوفين جي
مورت کي گم ڪر صورت ۾، ڏس تصوير حسن جي.
”ولي
محمد“ رک طلب اندر دل، عشق جي درسن جي
’مُوتوا
قبل‘ جي معنيٰ سمجهي، هٿ ڪر رمز رندن جي.
(21)
ميان عمر منهنجي رهجي ايندي شال، رهجي ايندي شال، سڀ ڪنهن حال.
آٿڙآ مينهن ملير تي، ٿيا سانگي سڀ خوشحال.
ڪير اچي هن ڪوٽ ۾، جت گهارڻ آهي محال.
قيد الماء جي قيد ۾ آهي، ڪنهن جي ڪانه مجال.
ٿرَ ڌڻين جي آهيان، منهنجي ساري لهندا سنڀال.
”ولي
محمد“ جي حُب ۾، ٿي لوچان لاءِ وصال.
(22)
پنهوارن جون ريتيون، ميان عمر ناهن اُهي،
عمر ناهن اوهي، هو رهن ڪنهن سانگ سِهي.
هي بندياڻي بند ۾، آندي قيد الماء جي نِهي.
هڪڙي سِڪ ساڻيہ جي، ٻيو اکڙين آب وهي.
حال پنهنجو جيڏيون، هي هِت ڪنهن سان ڪَهي.
”ولي
محمد“ ريءَ ڪير ٻيو اچي خبرون منهنجون لَهي.
(23)
وطن ويڙهيچا ڇڏي سڀ سانگا، قسمت ڪالهه اُٿِي ويا اُڪري.
حيرت ۾ ٿي ڏينهن گذاريان، لکيو لوح قلم ٿي پاريان
ويٺي نهياريان ويا جي نڪري.
کاڌم پيتم ٿي نِت جن سان، عمر هيڪاندي هليس آءٌ تن سان
سي ڪيئن ويندا مون کان وسري.
اَٿم اميد اڱڻ شل ايندا، ڏوٿي ڏکيءَ کي ڪين ڇڏيندا
ڏيندا اچي ڪا خوشخبري.
”ولي محمد“ شل حامي ٿيندم، لوئيءَ جي لڄ مرشد رکندم
لاهيندا ڪُل مُتَفڪري.
(24)
عمر، سرتين سان هُئِي، منهنجي پوئين رات سَمَن،
پوئين رات سمن، ٿي آيون منجهه آتڻ.
ڏي موڪل ته ملير وڃان، اهيان ماري حب وطن.
ساريو سانگيڙن کي ٿا، پلپل پور پون.
ڪڍ ندياڻي بند مؤن، وڃي گڏجي ويڙهيچن.
درد سندس مون دل اندر، ٿا دونهان روز دُکن.
”ولي
محمد“ جي ٻاجهه سان، شل ملنديس ٿر - ڌڻين.
*
(25)
ڏاڍيون حسن وارن جون آهن دليون، لايون نينهن وڃن ٿا پاڻ پليون.
نٿو قياس پوين ضعيفن جو، ڏسي حال محال يتيمن جو
نيائون هوش کسي مسڪينن جو، جيئن قصد منجهؤن گهوڙا
هڻن گهليون.
ڇڏي خوف سڀئي سنگت جا ميان، سِر لاءِ ڏين صحبت جا ميان
توڙي دام وجهن محبت جا ميان، ٻي ڳالهه اندر جي وڃن
اَليون.
توکي گهرجي خيال وصال جو ڇڏ، دل نيئي نينهن نهال سان گڏ
پکا آڻي ملڪ خيال ۾ آڏ، ايندا تو وٽ پاڻهي دوست
هليون.
”ولي محمد“ هاڻي ڪڇڻ ڪيهون، اِنهيءَ پنڌ جو اَصلؤن درد سيهو
اُهو جلوو حسن جو آهي اُهو، جنهن جو تجلن کئون ويو
طور جليون.
(26)
آيو محب وطن اُهو ساڳي وري، اِها ڪانگل آندي خوشخبري.
متان ٿين ماندي توکي نيندا، منجهان حُبَّ دلاسا تو ڏيندا
تنهنجو حال ڏسڻ تو وٽ ايندا، جنهن جي لاءِ وصال نه
ٿي تو سَري.
ڀلي ائين ڪانگل ويهه ڪا گهڙي، ساري عمر لنگهايو سڪ ۾ رڙي
حب
دوستن جي جيءَ سان مون جڙي، جيئن طوق ڳچيءَ ۾ وڌو
قُمري.
انهيءَ حسن جي عام خبر ڪيهي، هوندي تن کي جنهين جي دل ريهي
ڪهڙو حال ڪريان تو وٽ ويهي، نڪا خبر رهِي نڪا
بيخبري
”ولي محمد“ ’اَرني‘ چوڻ سوکو، پرتاب حسن جو جهلڻ اوکو
وانگون پتنگ شمع ڏي هلڻ جو کو، پڇ طور سينا کؤن
ڪيئن گذري.
(27)
روپ ڀيروي
اسان آئي هُون عشق بن مون، ٿي واقف ’اَنا اِنا‘ مؤن.
بيرنگي دا سير ڪيتو سي، بلبل مثل چمن مؤن
عشق وڄائي نوبت شاهِي، ٿيا آواز گگن مؤن.
’لا اِلـٰہ‘ نفي دا ڪلمان، ٿيا اثبات دهن مؤن
’اِلاَّ
الله“ ڪيتا دل ثابت، هٽ ڳيا غير بدن مؤن.
ويک مُورت گم هوئي صورت، ڪرڪي سير حسن مؤن
عاشق آب حياتي پيئندي، دائم چاهه ذقن مؤن.
”ولي محمد“ انهين رمز دي معنيٰ، سمجهي ڪوئي لکن مؤن
وچ عروج نزول دي آؤسـِي، بُوءِ حب وطن مون.
ڀيروي
ڏاڍي ڪنهن رمز جلايا ڪوه طور.
’رب اَرني‘ بيخود ڪيتا، حاصل ٿي پيا حضور.
‘لَن
تَراني‘ سانگ رسايا، سمجهه سڀو مذڪور.
پئي تجلي، ظاهر ٿي پيا، سارا سِرّ مشهور.
وچ درخت دي جلوا ڪيتا، احمد والي نور.
”ولي
محمد“ قُرب رَبُوبي، رکندا اِهو دستور.
(29)
جهنگلو
دوست مِهر ڪرڪا آوڻ دِي، نينهن نڀاوڻ دِي.
’نَحن اَقرب‘ ڏي ڪي دلاسي، پڇي ڪريندائين ڪيون وت پاسي
ڪيهي سبب ڪيتئي آپ
لِڪاوڻ دِي
نال اسان ڏي ڪر نه جدائي، توڙي اسان ڪنون پهتي نه ڪائِي
ڏَس اسان ڪون رمز ريجهاوڻ دِي.
نهين روا اها بيپرواهي، دؤر گذر وچ هي سڀڪو راهِي
جلد ڪرين سانون آپ
ملاوڻ دِي.
جنهن امر دا ويس ڏتوئِي، سِر قبول ڪيتا ميئن سوئِي
هُڻ چا ڪر قلب سماوڻ دِي.
”ولي محمد“ ٿي تونخ يال تنهين وچ، راضي هووي محب جنهين وچ
رمز اِها هي
مطلب پاوڻ دِي.
جهنگلو
ساڏي نهين پلڪ اِٿ سَرِدي، سنهيو يار ڍولڻ دي ٻاجهون
جنهان قبول ڪيتي سِراپڻي، سهڄؤن راهه هجر دي
راتو ڏينهان تانگهه اُنهان دي، مثل صدف گوهر دي.
ٿي زليخان حجاب وڃايم، ويک صورت دلبر دي
يوسف نال ملاقي ٿيوان، ڪيهي ڪاڻ عزيز مصر دي.
کيڙا ڀَيڙا مول نه ڀاوي، توڙي خوف ڏيوي محشر دي
اسان غلامي سِر تي چاتِي، اَصلؤن جهوڪ شهر دي.
ڇوڙ ڀنڀور سسئي دي وانگون، ويسان راهه وندر دي
لوڪان نون وت خبر نه ڪائي، درد واليان دي گهر دي.
”ولي محمد“ هُڻ حال اِنهين وچ، بهتر جاءِ صبر دي
مُشڪ جيوين وچ پردي هوسي، گهِسي رمز اثر دي.
روپ جهنگلو
ٿل:
وطن سي ڏورين، اڪنڊ جن جي اوڏهين
ڇڏي سنڱ صفاتي، ذاتي کي اورين،
عبديت جي مام ۾، احديت ووڙين.
بنان نفي اثبات جي، تند نه ٻي چورين.
شريعت جي پوش ۾، طريقت تورين.
”ولي
محمد“ هن حال ۾، ٿا عاشق سر گهورين.
روپ ڪوهياري
(1)
مون کي هوت نه ڪيو ڄاڻ، ڀينر جيڏيون آءُ آڻ سونهين ٿي وڃان.
جتن سنجهي ئي وڌا، چوري اُٺن تي پلاڻ.
ڏونگر جي واٽن تي، منهنجي ڪانهي ڄاڻ سڃاڻ.
ڏئي باهه ڀنڀور کي، وؤڙون ڏينديس ڪيچين ڪاڻ.
صورت ٻاروچل جي، اِهو ثمر اَٿم ساڻ.
لڪن جي لوڏن ۾، ٿيندو آري مون اڳواڻ.
”ولي
محمد“ حامي ٿيندم، هاڻي ’بنگلي ڌڻي‘ پاڻ.
(2)
ڏيرن مفت وساري آهيان، آءٌ ته پنهل کي پياري آهيان.
ڪڏهن ڀنڀور اِرم هو، تنهن ۾، اڄ ويچاري آهيان
لکئي لوح قلمجي، لڪن منجهه ويهاري آهيان.
ننڊ نهوڙيس جيڏيون، تڏهن آءُ ڏوهاري آهيان.
ڪيچ ڌڻين کي چونديس. مهڻن لوڪ جي ماري آهيان.
’ولي
محمد‘ شل ملندم، جنهن جي لاءٌ نهاري آهيان.
(3)
جي ڪالهه هئا مون وٽ الا، سي نه ڏسان اَڄ سپرين.
پسي آسڻ اُنهنجا، ويٺي نهاريان گهٽ، الا.
آڻيو آب اکين ۾، رويو وجهان ٿي جهٽ، الا.
جاڳي وهايم راتڙي، لڙي ويا جن نِکٽ، الا.
لاءِ وصال جي جيڏيون، ڳولي ڏٺم جهنگ پٽ، الا.
ڪڏهن ڇٽندا ڪينڪي، جدائيءَ جا ڦٽ، الا.
”ولي
محمد، هن حال جِي، معنيٰ سمجهه اُلٽَ، اَلا.
(4)
ويندا ڪنهن نه ڏٺا، محب مِٺا، مانَ وندر ويلو ڪن.
ماري هليا مُئي4 کي، هاڻ پهچندي ڪِٿا.
جيڏيون، باهه ڀنڀور کي، ڏئي هلنديس هِٿا.
اصلئون ڏيرن من ۾، هئي ڪا اهڙي رٿا.
”ولي
محمد“ سجاڳ ٿي، عاشق قرب ڪُٺا.
(5)
جاڳ سويرو اُٿي ڪَت، ڇڏ0 غفلت، ڪيچن ساٿ سَنڀايو.
آتڻ وائي ناهه ڪا، جيڪس لڏي ويئي محبت.
وڃي وهاميو راتڙي، سسئي ڪر ڪا همت.
خيال وساري ٻيا سڀ، صورت سان رک صحبت.
ڏونگر ڏرج حُب مان، عشق وارن جي ملت.
”ولي
محمد“ غير جِي، ڇڏ وساري سنگت.
(6)
سسئي ڇڏ سانگا اَلا، ڪاهه ته پهچين ڪيچ کي.
ويجها وڻ وڻڪار جا، جت لَنون ڪانگا، الا.
وندر واٽ نه هڪڙي، سوين ٻڄهن لانگها، الا.
جاڳي رات جتن لِئي، قابو ڪرين ها چانگا، الا.
محبت جن جي مَن ۾، پڇن تار نه تانگها، الا.
”ولي
محمد“ هن حال کي، سمجهن ڪي نانگا، الا.
(7)
سسئي سڀ سک ٿيا الا، ويجهي آهين وطن کي.
تنهنجا پورهيا پرت جا، پنهل ثاب ڪيا، الا.
هاڻي پاءِ نه جتن لئي، لڪن منجهه لِيا، الا.
سِگها ڏسندينءَ ڪيچ جا، نوري ٻرندا ڏيا، الا.
سور وسارج ڪينڪي، جي پلئي تنهنجي پيا، الا.
”ولي
محمد“ هل اوڏاهين، جيڏانهن وڳ ويا، الا.
(8)
سسئي ڇڏ ڀنڀور، پئو پٺيءَ ڪيچين جي.
جهڙي تهڙي حال سان، اُٿي ڏونگر ڏور.
ڇڏي سڱ صفاتي، ذاتي سڱ سنڍور.
لَڪ لتاڙي لڪيون، پاڻ مٿائين گهور.
ڪيئي بهار خزان ڪيا، هن فنا جي دؤر.
”ولي
محمد“ سڪ سچيءَ سان، توڪل جي تند چور.
(9)
سا ڪين رهندي هِت، ساڻ پرت، جنهن جوڙي هوت وٺي ويا.
هيڪر وينديس اوڏاهين، ڄام پنهل هوندم جت.
ڏيرن ڪئي هئي پاڻ ۾، اصلوُن اهڙي ڪا رٿ.
جهڙي جَت ڪري ويا، ڪانه ٻڌيون سا ڪِٿ.
”ولي
محمد“ لوح قلم هُئي، ڪا لِکي اها رِٿ.
(10)
آهيان هِت ماندي، عمر ماروئڙن ري.
ڪڍ بندياڻي بند مؤن، جا لکئي هت آندي.
ڏهاڙي ساڻيهه جا، ويٺي پڇان پانڌي.
ٿيندا شال مُئيءَ جا، ٿر-ڌڻي ڪانڌي.
وساري به وطن کي، ڪيئن ويهان واندي.
”ولي
محمد“ جي ٻاجهه سان، ٿينديس هيڪاندي.
(11)
سامي ڇڏي ناسوت، هليا ملڪ عدم ڏي.
پُوري در مڙهين جا، اکين ڪيائون ملڪوت.
تيرٿ تڪيا تن کي، ڏيکاريا جبروت.
اوڏا ٿيا به اَلک کي، لنگهي پٽ لاهوت.
ثمر کڻن نه پاڻ سان، ذاتي ٿيڙن قُوت.
”ولي
محمد“ اِنهيءَ پنڌ ۾، بهتر آهي سُڪوت.
(12)
سامي سک نه ڪن، ماءَ حُسن موهيا ڪاپڙي.
آين بُوءِ سرير ۾، پورب پنڌ پڇن.
آسڻ آديسين جا، وسريا حُب وطن.
قوت سناسين بر ۾، وسنديون ڪين ڏسن.
راتو ڏينهان وصال لاءِ، لاهوتي پيا لُڇن.
”ولي
محمد“ ويهندا ڪينڪي، توڪل تُرهو جن.
(13)
سامي شل ملن، اَلا جِيءُ جلي ٿو جن لئي.
جوڳي ايندا جُوءِ ۾ وري شال وطن اَلا.
روهه رُلايائون سسئي، ڪَچي ڪيئي ڪيچين، اَلا
ڏيان باهه ڀنڀور کي، لائي ڀَڀُوت لڱن، اَلا.
ساريو سناسين کي، اَندر چاڪ چڪن، اَلا.
اٿم آس اَلله ۾، مَن ڪا منهنجي ڪن، اَلا.
حامي احمد شال ٿئي، اڱڻ هوت اچن، اَلا.
(14)
ڪونجڙي تنهنجو وڳر، سارو ولر رائي ۾ رات ڏٺم.
هاڻي درد فراق جو پاڻهي ڏسندين دفتر.
دانهون آهون ڪج گهڻيون، مان پڄن سي ڪنهن پر.
وطن وسارج ڪينڪي، سُور ٿيندا تو سمر.
مونءُ اُڏامي اوڏاهين، ڏوريندي سڀ ڏونگر.
ياد رکين ها دل تي، جدائيءَ جو اکر.
”ولي
محمد“ جي ٻاجهه سان، سهنجو ٿيندئِي سفر.
(15)
چا بار بره دا سر تي، مئن رانجهو دي نال ٿَئِي آن.
ويک حسن شهه رانجهو والا، ساري ڪڙم ڪنون ڇڄ ڳئي آن.
سڀ سيالين آڇن کيڙا، اِنهين عبرت دي وچ پَئي آن.
ڇوڙ کيڙي ديان ماڙيان بنگلي، سِر قبوليم لئِي آن.
مئن تان ويسان جهوڪ ماهِي دي، توڙي طئني ڏيون
سَهيان.
”ولي
محمد“ هڻ شڪر الــٰهي، انهين چاڪ دِي چاڪر رهي آن.
روپ ڌناسري
آهين تون سڀڪي پاڻ، ڏس پنهنجو پاڻ ۾.
مول نه ڳولج پاڻ کان ٻاهر، تنهنجو توهين ساڻ.
’اَلانسان
سِرّي و اَنا سِره‘ اَٿئي اهو اُهڃاڻ.
’قلب
المؤمن عرض‘ لکن ٿا، منجهه حديث بيان.
”ولي
محمد“ سڀ لاهه اندر جا، ڪوڙا شڪ گمان.
(2)
هِت آهيان اِنسان، هُت نه ڄاڻان ڪير آهيان.
وطن ڇڏي هت سانگ تي آيس، ڏينهن ٻه ٽي مهمان.
آدم آهيان تا به حياتي، پوءِ نڪو نيشان.
دل سندي اسرار جي، ڪل پوي ٿي ڪانه.
”ولي
محمد“ انهيءَ ڳالهه کي ڳولج، صوفي سندي اُهڃاڻ.
(3)
اَٿئي ڪفر اِهو ڄاڻ، منصف ٿي ڏس پاڻ ۾.
آدم وارو هُل هُلائي، ڪيئن تڙيئين شيطان.
جوڙي نصيحت موڪليائين، نالو رکي فرقان.
‘اَلامرُ
فَوق الادب‘ ساڻ، ڇڏ وڃائي پاڻ.
”ولي
محمد“ ڏس عبد سڏايو، صورت ٿي اِنسان.
(4)
’ميرانپور‘ جي مير، ڪئي فتح فقير جي.
’وَهُوَ
مَعڪُم اَين مَعَڪم‘ حق ڏني دلڌير.
ويا رقيب خوار خجل ٿي، ڪانه چلين تدبير.
ٿيون واڌايون، گهر گهر شاديون، کُلي بهار جي هير.
حق پياريا خير سان، هاڻي موڪ مَهيون ۽ کير.
”ولي
محمد“ ڪر شڪر الاهي، حامي ٿيو دستگير.
(5)
ڀڄ ڪَڪر، ڇڏ پچر، واءُ ڏکڻ جو ٿو اچي.
ڇني ڇڏيندءِ اوچتو، پوندئي ڪانه خبر.
ابجد جي حساب جا، سمجهي ڏس تون اکر.
هن دنيا جي دور ۾، ڪيئن سُڪي ويا بحر.
هاڻي گلا ايندءِ لوڪ جي، ڊاهين ٿو مفت شهر.
”ولي
محمد“ چئي جُهڙ لهي ويو، ظاهر ٿيا شمس قمر.
(6)
دل ڪيتا ڪو سير، سنهيو نهين رهندي هر گز.
’ڪُل
شيءِ‘ وچ جان وڃ ويکي ته صورت والا ڀير.
جا پَئِي وڃ مُلڪ حسن دي، سا وَلائي ڪير.
راه اِنهين وچ آپ اَڙايس، جٿان نهين ڪو غير.
”ولي
محمد“ بيرنگي دي وچ، نڪو ويري نڪوير.
(7)
سُهڻي صورت دا، دل ڪون دام گهتيوئي.
نال اسان ڏي ظاهر باطن دي، ڳجهڙي رمز رٿيوئي.
رنگ محل ڪون جوڙ بنا ڪي، ڳوڙهي رنگ رتيوئي.
يوسف ئي ڪر حسن ويکا ڪي، غم زليخان ڏتوئي.
بار بره دا سِر اسا ڏي، ڪيهي مام سٽيوئي.
ولي محمد ڪُون ڏي ڪي دلاسي، ول ڪيون آپ مَٽيوئي.
روپ آسا
(1)
اسين آهيون مسافر هت ڪو دم،
اسان جو وطن ملير اڳي ٿيو عدم.
هاڻي آهيون ڏاڍا هلڻ هارا،
ويا وڳر وهي جي وڃڻ وارا،
جن جي لاءِ وصال وَهن نارا،
هئا حال ڀائي دل جا محرم.
آهه دؤر دنيا جو خواب مثل،
جنهن جو ڪل ڪم آهي خسار خجل،
جنهن ۾ ناهه ڪا فرحت بلڪل،
هو حڪم اصل منجهه لوح قلم.
هن درد جو ڪهڙو بيان ڪريون،
آيون سر تي ملامت بات ڀريون،
هاڻ ڪهڙو حرف ڪنهن تي ڌريون،
وئي پنهنجي عقل کؤن مفت رقم.
”ولي
محمد“ انهيءَ خيال کي ڇڏ،
پنهنجو قلب ذڪر ذاتي سان گڏ،
پَکا بيرنگي جي مُلڪ ۾ آڏ،
ويندي گذري ساعت ساڻ ڀرم.
چئي ’سبحاني ما شاني‘، ڪئي اُضحيٰ عيد عشاقن.
لاهي پنهنجا پوش صفاتي، ’اناالحق‘ جي ڪيائون
اثباتي
ڪري سِر سُولي قرباني.
لامڪان ۾ آيا عاشق، اصل ها انهي ڳالهه جا شائق
ڏسي باغ چمن رضواني.
لاوجودي سير ڪيائون، حسن حقّي صاف ڏٺائون
انهيءَ شوق ڪيا سيلاني.
”ولي محمد“ وٺ نينهن جو ناتو، مشاخي ۾ ڪنهن نه سڃاتو
رک رمز رندي تون شهاني.
(3)
سِهرو ’اناالحق‘ جو چئي، منصور ٿي لائون لڌيون.
عشق اچي ڳانو ٻڌو، ڄاڃي حسن جي فوج ٿي
سوري مثل ٿي سيج جي، ميندي ٿي پئي رت جون نديون.
قاضي فقہ پورو ڪري، منجهه شريعت ٿيا رجوع
ويئي طريقت تن کؤن وسري، دوئي سندن اکڙيون ٻڌيون.
عاشق صفت کي گم ڪري، سِر ڏيئي سرها ٿيا
اسم کي ذاتي جسم سان، ڏئي ڇڏيئون قابو ڳنڍيون.
”ولي محمد“ هن لقاء کي ٿا ڏسن عاشق جتي
پيا گهڙي پاتار ۾، هرگز نه ڳولن ٻيون ڪنڌيون.
(4)
دلبر جو ديدار، ڪنهين هوشيار ڏٺو
لاءِ وصال جي موت قبولي، ”موتوا“ ماڳ ڪيائون ڳولي
عاشق ٿي بيمار، شفا سينگار ڏٺو.
دل تماشو آهي حقاني، صورت شيخ جي سر سبحاني
ڏسن ڪي بيدار، جنهين منهن يار ڏٺو.
صوفي شاهه جا طالب نيهي، پاڻان پاڻ ۾ ويا جي پيهي
دل اندر اسرار، تنهين نروار ڏٺو.
دؤر دنيا جو آخر فاني، وڃي رهندي نينهن نشاني
عاشق ٿيا غمخوار، تنهين اظهار ڏٺو.
”ولي محمد“ مرد ويچارا، لاءِ وصال جي ڪيائون پسارا
ڪُسَڻ ڀائن اقرار، چڙهي بردار ڏٺو.
(5)
’ان عرب بلاعيني‘ هت عبد ٿو سڏائي.
’احمد‘
’احد‘ جي معنيٰ، سمجهي ڪو ’ميم‘ ۾
ختم النبي ٿي آيو، آدم جو پوش پائي.
اسلام ۽ ڪفر کي، ڇڏ تون دِلَم وساري
منجهه بحر بيخودي جي، عاشق ڪڏهن پئو ڪاهي.
بنا عشق جي حقيقت، معلوم نه ٿيندي ڪنهن کي
رندي جي رمز رک تون، خرقو مشاخي لاهي.
ڏس تون ”ولي محمد“، دل جو ڪتاب کولي
’من
راني رائي الحق‘ کي، اثبات ڪر ته ڇاهي.
(6)
تون ملڪ عدم جو نيهي، آئين خاڪي پڃري جي قيد ۾
اصل هئين تو مرغ هوائِي، ڇڏي ڏنئي آشيانو شاهي
ڪهڙو وقت وڃايئي ويهي.
ڪهڙي خيال وطن ويئي وسري، دؤر دنيا ۾ تون آئين نسري
اها ڪل نه
توکي پيئي.
لاهي پوش صفاتي هلندين، تڏهن تون پنهنجي اصل کي ملندين.
ڪهي شوق ڪيئين پرڏيهي.
حب الوطن جو ماڳ جيڏاهين، ڀڃي پڃرو اُڏر اوڏاهين
هل ترڪ دنيا کي ڏيئي.
”ولي محمد“ رک ’لايموتي‘ ’موتواقبل‘ جي ڪر تون ثبوتي
ڇن ورق دوئي جا سڀيئي.
(7)
جيڪي عشق ڪيا نروارا، سي سک ٿي ڪِيئَن سمهن وه واه.
’اَلانسان
سِرّي‘ جي حد ۾، ميم ڪڍي ٿيا ڳولا احد ۾
ٿيا ’موتو‘ ماڳ نهارا، رکي دل تي حب وطن وه واه.
’ليس مثل‘ جو مثل سڃاڻي، ’اني اَنا الله‘ قلب ۾ ڄاڻي
هڻي ’اناالحق‘ جا نعرا، ويٺا سُولي لاءِ سڪن واه
وه.
لاهي پوش صفت انساني، محو ٿيا منجهه سِر سبحاني
ڏسي رمز خفي اظهارا، ڪيائون ملڪ عدم کي اکين وه
واه.
بيخودي جي بحر ۾ آيا، ’تخلقو‘ اخلاق سمايا،
ڇڏي دؤر دنيا جا لارا، ويا گم ٿي منجهه حسن وه واه.
الحد گهور گگن ڌن لائي، وڄي دم دم نوبت شاهي
سوين آواز نَصيرا، جنهن جا طرحين ساز وڄن وه واه.
”ولي محمد“ ڏس پنڌ عشاقن، دِلَم عشق جي وٺ تون دامن
اهي سمجهي سڀ اشارا، ڪر قلب اندر درسن وه واه.
(8)
جنهين پنهنجو قلب سڃاتو، سي ته ٻيو در ڪونه پڇن وهواهه!‘
جيڪي عاشق طالب نيهي، پاڻان پاڻ ۾ ويا جي پيهي،
ڳالهه ڪبي سا تن جي ڪيهي، جڏهن ڄاڻ اِهو تن ڄاتو،
ٿيا واصل مُلڪ حسن وهواهه!
’ليس مثل‘ جي قرب نوايا، ذاتي سان منجهه ذات سمايا
’اناالحق‘
جا ڏيئي رايا، تن پير نه پوئتي پاتو
ٿيا سولي جا ساڪن وهواهه!
احديت جو هُل هلائي، عبديت ۾ پاڻ لڪائي
محبت وارو مچ مچائي، تن صورت سان نينهن لاتو
ڳجهه ٻئي سان ڪين ڪَهن وهواهه!
”ولي محمد“ آهي مشڪل بازي، پنهنجو پاڻ ۾ ٿي تون قاضي
ڇڏ وساري دل تان ماضي، وٺ عشق وارن جو ناتو
رک دل تي حُب وطن وهواهه!
(9)
صوفي سر نيزي تي جُهلائي، هڻي نعرا فتح ڪيو جهاد اڪبر.
منجهه ميدان شهادت پائي، ڪيائين وضوءَ هٿ خون سان لائي
’اناالحق‘
چئي بانگ ٻڌائي، عشق نماز چلائي
ٿيو منصبدار سندو محشر.
لنگهي ناسوت پسي ملڪوتي، واقف ٿي منجهه حد جبروتي
ڪري سير سڀو لاهوتي، هفت شهود هلائي
ٿيو ’او ادنيٰ‘ کي ڏسي خوشتر.
دؤر دنيا کي ترڪ ڏنائين، مُلڪ بقا جو سير ڪيائين
لقاپور کي لقا ۾ ڏٺائين، ذات اَلک سان ملائي
ساڻ احديت ٿيو محيط بحر.
”ولي محمد“ ڇڏ سانگو سر جو، ٿي صوفي وٺ جام صبر جو
ناهي تفاوت ڪو هِت تِر جو، جڏهن جان جسم ڪو جلائي
تڏهن ٿيس معلوم سارو دفتر.
(10)
جنهين ميم جي مام نه ڄاتي، سي ٿا احد کي عبد چون وهه وهه
علم رسمي ڪيا شبهاتي، ويا وڃائي مفت حياتي
جوڙي قفہ ڪري اثباتي، ويٺا ورد وظيفه ڪن وهه وهه.
ظاهر ۾ ٿيا اهل شريعت، ڇڏي ڏنائون حال حقيقت
تِنهين رمز رندي نه سڃاتي، ويٺا دوئي جا ورق لکن
وهه وهه.
عبديت آهِ پنڌ عشاقن، احديت جي جوش ٿا جاڳن
لاهي پوش ڀوئي صفاتي، چڙهي سولي سير ٿا ڪن وهه وهه.
”ولي محمد“ ڏس عاشق نيهِي، مڃي ويٺا مام مڙيئي
تنهن قلب ۾ پائي جهاتي، ڏوٿي ڏوريو ڏيہ ڏسن وهه
وهه.
(11)
سڏي عاشق جِت ٿو ڪهائي، ڏئي ٻولي تنهين آن ان واهه واهه.
سر ڏئي ٿيا سرها عاشق، منجهه وصال سي صوفي صادق
بيٺا سِر نِوائي، اچي عشق امام ٿين واهه واهه.
ٻُڌي ڪربلا جي حقيقت، مَحو ٿيا منجهه عين طريقت
نيزي سر جُهلائي، ٿيا داخل مُلڪ حسن واهه واهه.
ڪا جا بوءِ عشاقن آئي، ڇڏي ڏنائون دؤر جي شاهي
لاڳاپا سڀ لاهي، چڙهي، سُولي صبر ٿا ڪن واهه واهه.
ظاهر وارن سانگ رسايو، رکي مشاخِي پاڻ بچايو
ويندا عشق اڳيون ڪيئن ڪاهي، جتي پيا ٿا خاص ڪسن
واهه واهه.
”ولي محمد“ ٿي صوفي طالب، ڇڏ دوئي جا خيال مطالب
هَل ’مُوتوا‘ ماڳ چِتائي، جنهن کي ’قَبل ٿا اَنت‘
چون واهه واهه.
(12)
ٿيا عاشق حسن جي سير ۾ گم، جيئن سج ٿو لَهي وڃي منجهه عدم.
پيهي ويا پاتار ۾ قدم ڌري، اُتي ذاتي اسم جو ترهو ڪري
ويا ’تحت الارض‘ ۾ پير ڀري، ٻڌي سندرا توڪل جا
محڪم.
ڪري عروج نزول ۾ آيا وري، ڏسي معنيٰ والانسان سِرّي‘
ويٺا جوڳ ۾ کولي دل جي دري، ٿين داخل دل ۾ لُدني
علم.
ڏئي ترڪ مجازي ٿيا آجا، ڪيائون ساز سرود سڀئي ساڄا
ان حديين وڄن واڄا، منجهه رمز رندي ۾ ٿيا محرم.
”ولي محمد“ عبرت ۾ رهه، انهيءَ حال جو ڳجهه ڪنهن ساڻ نه ڪَهه
اهي معنيٰ قلب ۾ ڳولي لهه، جيئن هوندو لکيو منجهه
لوهه قلم.
(13)
ڇڏيا ٻيا سڀ خيال اجايا، رک دل تي حب وطن واهه واه.
رهندين ڪين هميشه دنيا ۾، آهين مسافر ملڪ فنا ۾
اُٿي کڻ ڪي پير سجايا.
آهين سانگي سانگ تي آيو، ساجهر ڪر ڪو ثمر جو سعيو
اهيا ساڻ نه هلندئي مايا.
اِهي پساه جواهر ڀانئج، ذاتي روحي تن سان ملائج
جي تو ۾ آهن سمايا.
”ولي محمد“ ٿي حق جو خادم، آهين دليا ۾ باقي ڪو دم
اوڏاهين ڪر ڪي هلڻ جا سعيا.
(14)
اسان جو حال سڀ پهتو، مدني مير جي دفتر
مدح قبول ڪئي ساري، علي مشڪلڪشا حيدر.
آئي نالي اسان جي جي، سَندَ شاهي وٽان مرسل
ڇڏي ويا خيال سڀ فاسق، ٿيون شاديون لٿا گوندر.
ڏني اخبار خوشخبري، ساري منجهه ملڪ ٿي ظاهر
سڻي حاسد فڪر ۾ پيا، نّيت کوٽي ڪيا اَبتر.
ڏسي هن حال جي خوبي، لڳي ساري لوڪ کي عبرت
جڙيون جايون عجب بنگلا، صفا ٿيا شهر جا سنتر.
”ولي محمد“ دغاتوسان، جنهين ڪئي تون نه ڪُڇ تن سان
تنهنجي سڀڪا وِين وسري، پين ڪو پاڻ ۾ ڇنڇر.
(15)
ٿِي پنهنجي وجود نِهارو، اَٿئي راهه اِها سلطاني.
اونداهي کؤن خوف نه ڀانئج، سڀ دوئي جا وهم وڃائج.
پاڻهي ذڪر ڪندو اُت چارو، ٿيندو پيدا شمس نهاني.
جيڪي راهه اُنهيءَ سر ڏيندا، ويجها وصال کي سيئي ٿيندا
اُت ناهي پسند پسارو، اڳيئون گهرندا نينهن نشاني.
مرد آهي جن پاڻ سڃاتو، ترڪ دنيا جو فرض ٿي ڄاتو
ڇڏي حرص هوس جو لارو، هت ڪيائون رمس شهاني.
”ولي محمد“ پنڌ عشق جو باري، هلج ڏاڍي سان هوشياري
آهي خواب زليخان وارو، پر سير مصر جو ثانه
روپ ماروئي
ٿي سَرهي مارئي! اڄ ڇٽندا سڀ باندي،
اڄ ڇٽندا سڀ باندي، ڪانگل خبر آندي.
تنهنجي سڪ سچي، دل اندر جون اُنهون
ٿر ڌڻين کي پهتيون درد مندن جون دانهون
ياد آهين تون تن کي، ڪوهه پڇين ٿي پانڌي.
قيد ڪشالا سختيون، معاف ٿيا ويا گذري
’الماضي
لايذڪر‘ ڏک سک ويندا وسري
پنهنجي وطن جا ويندي، ورهن کان ٿي واندي.
حب وطن جي جن کي، ويا غم دل تان لهي
ثابت سير لنگهيا، صبر منجهه رهي
وقت وصال تنهنجي، مارو ٿيندا ڪانڌي.
”ولي محمد“ چئي؛ ڏوٿين، ڪيا وڃي ٿر ۾ ٿاڻا
حق قبول ڪيا تن جا سڀئي ماڻا
لهندا سار سگهي، هرگز ٿج نه ماندي.
روپ آسا
منهنجو حال سڀوئي، پانڌي ادا ڏيج ساري.
راتو ڏينهان اندر ۾ آهيان اّداسي، تنهنجي ڏسڻ لئي دم دم آهيان پياسي
لهه ڪا سار سگهوئي، ڪرهل آءُ واڳ واري.
’نُحن اقرب“ جا مون ڏيئي دلاسا، پوءِ ڪرين ٿو ڇاکؤن پاسا
ورق دوئي ڇڏ ڌوئي، آ ’قالوابليٰ‘ قول پاري.
عشق اوهان جي حسن جي لائِي لولِي، وسري وئي عقل کؤن ٻولي
چئج پرين کي روئي، ڪراچي ڪنهن ڪناري.
”ولي محمد“ سان ڪر نه جدائي، ذات صفات مؤن ٿِي سڀڪا صفائي
ساڳي آهيان عبد سوئي، ويهه نه پرين تون وساري.
(18)
مُلڪ معنيٰ دي ڄائي هُون، ڇوڙ عدم اِٿان آئي هُون.
اُٿان ذاتي ذات اساڏِي، اِٿان ادم نام صفاتِي
ڪڏان حياتي ڪڏان مماتي، بيرنگي رنگ لائي هون.
صوفي وحدت جام ڏتو سي، شڪ شبہ ڪيؤن صاف ٿيوسي
قّلب اندر دا سير ڪيتوسي، رندِي رمز رلائي هون.
بيخودي دا بار اِلاهي، دين ڪفر دي جاءِ نه ڪائي
او هُون سو هُون بات هڪائِي، دوئي ڇوڙ سمائي هون.
”ولي محمد“ وچ ڪفر طريقت، هي سڀوئي عين شريعت
سمجهه اِٿاهين حال حقيقت، هادي عشق مِلائي هون.
(19)
ڇوڙ وطن اِٿان آئي هون، اسان ملڪ فنا چا ريجهائي هون.
اِٿان آيو سي سير دي سانگي، ڪئي لنگهيوسي تار ۽ تانگهي.
قسمت آندا اِنهي وت لانگهي، دام حصر چا ڦَسائي هون.
ڪڏان اسان اٿان آوڻ والي، رنگپور دي وچ عجب دي چالي،
ڪونه مسافر ٿي اِٿان جالي، قيد الماء چا رَهائي
هون.
فهم انهي چا لوڪ منجهايا، مذهب اپنا سڀ ڪنهن بنايا.
هي تحقيق اهو خيال اجايا، حرف دوئي چا ڀُلائي هون.
”ولي محمد“ وچ ساري حياتي، رمز اِها ڪنهن مول نه ڄاتي،
اصل لقب اساڏا ذاتي، ايٿان آدم دي ڄائي هون.
(20)
ڪر سفر سر هموار ڪيتم، سير عجب رنگپور دا.
صوفي وحدت جام پلايم، بيخودي دا بحر وِ کايم
صورت بن ڪر آپ وِکايم
باري برهه دا بار ڪرڻ، فرض ادا دلبر دا.
ٿي ’زليخان‘ تهمت چاتم ڇوڙ ’عزيز‘ ’يوسف‘ ڪرن سڃاتم
ويک حسن دا جلوه ڄاتم
خواب سڀوئي ٿيا اظهار، معنيٰ ٿي تعبير مِصر دا.
چاڪ سڌاڪر جوڙي شاهي، تخت هزاري ڪنون ٿي راهي
ڪِه عشق مَنجِهين دا واهي
هير ڏنم چشمان نروار، ساڪن ٿي پيس جهوڪ شهر دا.
ٿي سڪندر وچ ظلماتي، حاصل ڪيتم آب حياتي
ياد پيم جڏان حال مماتي
ويک قلم ڪلتار، سِر قبوليم ماڳ گذر دا.
”ولي محمد“ تون ظاهر باطن، ٿي صوفي گِهن عشق دي دامن
رک خيال اندر دل آ حسن
رمز رندي وچ ٿي هوشيار، لقا ٿِيسئي حج اڪبر دا.
(21)
مار بره دي عاشق چائن، شيخِي مشاخِي دي حاجت ناهين.
نال نفي دي جڳ جڳ جِيندي، بيخودي دي پيالي پيندي
حال ربوبي دي واقف ٿيندي، ’قم باذني‘ حڪم هلائن.
ڪفر طريقت دي وچ رهندي، ’لا اِلـٰہَ اِلا‘ نا ڪهندي
سهج ڪنون چڙهه سُولي ٻَهندي، ’اناالحق‘ دي طبل
وڄائن.
اَحديت دا سير ڪريندي، نعرا ’اعظم شاني‘ مَريندي
مُلڪ بقا وچ قدم ڌريندي، پير پِڇو تي مول نه پائن.
”ولي محمد“ اِها مُشڪل بازي، عشق بنا ڪُل طلسم سازي
گوءِ شهيد چائن غازي، سر جنهان دي پاڪ آلائن.
(22)
گهِن رمز تون نينهن نڀاوڻ دي، نهين بات ايها ڪا لڪاوڻدي.
ڇوڙ مشاخي والا ڪشالا، بيخودي دا پيءُ تون پيالا
ويک تماشا ’اناالحق‘ والا، شاهِي طبل وڄاوڻ دي.
دام دوئي دا طلسم ڇن تون، ڪر اندر دي صاف صحن تون
مورت گم ڪر صورت بن تون، ذات صفات سماوڻ دي.
’اِلاّ اَنا‘ دي ٻولي ٻولين، ٻاهر هرگز مُول نه ڳولين
قلب اندر دي ساز تون چولين، انحد بين بجاوڻ دي.
“ولي محمد“ هُڻ مار تون نعرا، سمجهه نفي اثبات اشرا
دم دم حسن دا ڪر تون نظارا، محبت مچ مَچاوڻ دي.
روپ آسا
ٿل:
مئيڪون هئي سڪ تئين دلبر دي،
جيوين ماهي شائق جَر دي.
نال اساڏي ڪر نه جدائي، باقي عمر دي خبر نه ڪائي،
ڏي
ڪا تسلي دل اندر دي.
چا غلاف حسن دا رخ تون، ڪرون طواف تيڏي بوزخ ڪون.
ٿيوي زيارت حج اڪبر دي
کول نقاب حسن ڪر ظاهر، ڇوڙ حجاب ته ٿيون ماهر،
ويکو صورت شمس قمر دي.
ڏي وصال ته ٿيون خوشحالي، تيڏي حسن دي بوءِ نرالي،
نهين حاجت مشڪ عنبر دي.
”ولي محمد“ ٿي محو مورت وچ، مورت ڪونه ڪر گم صورت وچ،
پڇي هر شب ليل قدر دي.
روپ اوغان
(1)
ڇڏ عقل واريون تدبيرون، وٺ رمز عشاقن واري.
خرقو لاهي مشاخي وارو، رمز رندي سان ٿيند ئي چارو
اينديون حسن سنديون هت هيرون، ٿيندي قلب اندر
گلزاري.
ناز پرين سان نينهن نڀائي، دام زلف ۾ پاڻ ڦَسائي
سَهج ڳچيءَ تڪبيرون، ٿيندي واٽ وصال جي جاري.
عشق بنان پوندي خبر نه ڪائِي، ٿيندي ڪانه وجود صفائي
لهنديون ڪين دِلَم دلگيريون، ڪندو عشق اچي اظهاري.
”ولي محمد“ رک خيال اندر دل، ڏسي چمن دل مثل ٿي بلبل
مڃي ويهه تقديرون، ڏيندا محب توکي دلداري.
(2)
صورت ڀانئج سِرّ سبحاني، عبديت نيئي اَحد ڇُپايو
شمس حُسن جي ڪئي روشنائي، قلب اَندر ۾ ٿي صاف صفائي
عقل ٿيو حيران، خاڪي قفس ۾ ڪيئن سمايو.
بحر عميق ۾ جيڪي ايندا، خبر تنهين جي سيئي ڏيندا
ڪڍ اندر مؤن گمان، عشق اچي ڏاڍو شور مچايو.
موڻ مشاهدو آهي عشاقي، چئي ’اناالحق‘ ٿيس مُلاقي
سِر ڪري قربان، سُولي تي جِنهين سانگ رسايو.
”ولي
محمد“ ڇڏ تون مشاخي، ناهي پسند اُتي ڪا گستاخي
هلج وڃائي ڄاڻ، ”اِلا انا“ جو سمجهي رايو.
(3)
ڇڏي دعوا اميريءَ جي پسند، ڪيم رمز درويشي.
صوفي ڏئي جام وحدت جو ڏيکاريم، سير بيرنگي
چيائين ياد رک دل تي، نه ڪج هرگز فراموشي.
”وَفي اَنفس“ اَٿئي مطلب، سڀو ڳجهه قلب جي اندر
نهارج پاڻ ۾ پنهنجو، ڪري دين رَين سر جوشِي.
نڪي آهين اصل آدم، نڪا تنهنجي ذات ۽ نالو
هتي آهين بني آدم، رکج پنهنجي پردهء پوشي.
”ولي محمد“ نه ڪر ظاهر، طريقت جي ڪفر جو ڳجهه
ڏسي پنهنجي ذات معنيٰ ۾، وسارج سڱ ۽ خويشي.
(4)
ٻاجهه ٻاروچي کي پوندي، آهي اُميد محب وري ملندا
ڏونگر تنهنجا حال سڀيئي ڪيچ کي ڌڻين کي آئون چوندي.
هن ڀنڀور ۾ هوت پنهل سان هيڪر گڏجي آءٌ گهمندي.
واٽ وندر جي وٺيو آءٌ وينديس، پير اُٺن جا آءٌ
چڻندي.
سڪ سچي آهي جن کي اندر دل، سا دوست بنا ڪيئن رهندي.
”ولي
محمد“ شل حامي ٿيندم، ڳولي جانب کي آءٌ لهندي.
(5)
سڻ پانڌي ادا مون ويهي، ڏج ڪيچ خبر هِن مُئي جِي.
ڇڏي ڀنڀور هليس لڙهه تنهنجي، هاڻ پرتي اٿئي پرڏيهي
تنهن سان ڪيم رکج ڪل دُوئي جي.
گولي جا سڀ عيب وساري، ننگ سڃاڻن نيهي.
آهي لوڪ هُلي سسئي جي.
اڳيئون ڏونگر تان سُجهن ٿا، ڳالهه ڪبي سا ڪيهي
لڳي وارن جي دل هئي جي.
”ولي محمد“ رک فڪر نه دل تي، ويندي گذري جيهي تيهي.
پاڻي رکندا لڄ لوئي جي.
(6)
منهنجو پنهل ساڻ جيڏيون ڙي، هوڪو سياپو اصل عدم جو.
اصل آءٌ هيڙس ڀانڀڻ ڀوري، ساري ڏونگر منجهه ٿينديس گهوري
پٿون ڪنديس پاڻ جيڏيون ڙي، سانگو ڇڏيو مون جان جسم جو.
وقت وڃايم ڄاڻي سڃاڻي، هاڻي ٻاروچل ٿيندم ساڻي
پاڻهي ڪندم ڄاڻ جيڏيون ڙي، ڏيندا سسئي کي پوش ڀرم
جو.
آئي عجيبن ٿيندم شاديون، لوڪ ڏيندا مون مبارڪباديون
وسندا ساڳئي ڀاڻ جيڏيون ڙي، آهي لکيو جيئن لوح قلم
جو.
”ولي محمد“ جو ورتم نالو، ’بلاميم‘ صحيح مون سڃاتو
ٿيندي ريجهه رهاڻ جيڏيون ڙي، پوندو
ڀنڀور ٿي باغ آرم جو.
(7)
ڪا جا روح رهاڻ جيڏيون ڙي، ڪئي مون پرين سان ويهي ويهي
الا.
سڱ سياڪو هوم جنهين سان، آڻي ملايس عشق تنهين سان
لاهي شڪ گمان جيڏيون ڙي، رات گڏيا مون ڏيهي ڏيهي
الا.
اکڙيون حيرت ۾ جاڳي جي پيڙيون، ڪاڻ ڏسڻ جي بيوس
ٿيڙيون
ساري ڳُڻ سندان جيڏيون ڙي، ويٺيون صبر ۾ روئي روئي
الا.
دلڙي اصل کؤن هيڙي اُداسي، سُنگ صوفين جي ڪيڙي
سناسي
ويتر وري هاڻ جيڏيون ڙي، رمز حسن جي موهي موهي الا.
”ولي
محمد“ سان ڪرم ڪيائون، وقت وصال جي ميٽي ڇڏيائون
پنهنجي هٿن سان جيڏيون ڙي، ورق دوئي جا ڌوئي ڌوئي
الا.
(8)
’نَحن اَقرب‘ نيڙي وسندا، ڳول نه ٻيان تون ڄائِين.
وچ پساهه ڏيندا ڏس تئيڪون، رمز اِها دل لائين.
’فاذ
ڪروني اَذڪر ڪم‘ دا اَمر سمجهه اِٿائين.
ڪعبا قلب المؤمن جوڙيس، ڪر طواف تِٿائين.
بنان ڪفر طريقت والي، مُور نه مِلسي ڪڏاهين.
”ولي
محمد“ هڻ ڇوڙ مشاخي، پير رندي وچ پائين.
(9)
عاربي ڪيون هُلايا، آها مالڪ مُلڪ حسن دا.
عبديت ڪون ظهار ڪرڪي، آسي آپڻا آپ ڇپايا
هرڪو ڄاڻي فهم اِنهين وچ، آدم دا اِهو ڄايا.
نور وچون ڪر آدم پيدا، تِس وچ آپ ڇپايا
’احد‘
’احمد‘ نام آهِيندا، ’ميم‘ چا فرق رکايا.
ظاهر واليان ظهار دي وچ، چوکا سانگ رسايا
’انااحمد‘
’بلاميمي‘، عين ڪفر چا بنايا.
”ولي محمد“ وچ مذهب عشق دي، دين ڪفر شرمايا
اِها مامَ عشاقان سمجهي، جنهان دل دا درسن پايا.
(10)
دل ديدار ڪيتا ڪو حسن دا، ڏيندي هوڪي زليخان والي.
ڪا جا لذت برهه چکايس، ڇوڙيس خيال جشن دا.
بلبل وانگون ٿي مستاني، ڪري سير چمن دا.
ڳيا حجاب ٿي بي حجابي، پيک تماشا بدن دا.
”ولي
محمد“ هڻ عشق دي لهرئين، ڏتڙا حُبّ وطن دا.
روپ گجري
(1)
مدد مير مرسل، منهنجي ڪر تون نِرمل،
هدايت وارن ۾، ٿئي نام داخل.
تنهنجي سام پيا ڄام، ٻئي جَڳّ سارا
جنهين جا تون کڻندين، سڀئي بار بارا
تِنهين ساڻ هوندي، تنهنجي حبّ شامل.
تنهنجو شان فرقان ۾، آهي پڌرو
ٻڌو ساري اُمت، توڪل جو سندرو
محابي سان تنهنجي، ٿيندا حّق واصل.
تنهنجو نُور پرنُور، آدم کؤن اڳ هو
گدا شاهه سڀڪو، پُٺي تنهنجي لڳ هو
لقاء ڏيئي تن کي، تون ڪر ڏات حاصل.
”ولي محمد“ سان، ٿي پشت پناهي
گُهري دان دهرا، منجهان گنج شاهي
ٿئي قلب اُن جو، ذڪر ساڻ شامل.
(2)
پرهه جو سوالي وڃان ڪئين خالي، تون ڏي دانُ مون کي صاحب سويرو.
منهنجا سوال ڪر تون سائين سجايا، عمر ڏينهن سڀئي
گذاريم
اجايا
هاڻي بي ثمر پيو گناهن ۾ ميرو.
ڪهڙو ڀروسو آءٌ ڪريان سيم زرتي، ڇڏي ماڳ ٻيا
سڀ آيس تنهنجي
درتي
ڏاڍي ڪنهن سبب ڪر جو پهتس آويرو.
ملي زرق ٿو مون، جو دائم مقرر، آهيان راضي تنهن تي گهڻو خوب خوشتر
هاڻي گهرجي برڪت ته ٿئي مون گهڻيرو.
”ولي محمد“ سان ڪرم ڪر تون سائين، ’پسي ويل سڪرات پاڻ
پسائين
تنهن ساڻ ڪج تون فضل جو ڪو ڀيرو.
(3)
ڏس سير وجود جو ويهي، ڇڏي خام خيال سڀيئي.
پيش پرين جي تون جڏهين ويندين، ڳالهه ڪندين اِت ڪيهي.
’نَحنُ
اَقرب‘ تو وٽ آهي، يار تنهنجو اِهو ڏيهي.
’اَلانسان
سِرّي وَ اَنا سِره‘ رمز اِنهي دل ريهي.
”ولي
محمد“ اِنهيءَ حال ۾، ڪي عاشق رهندا نيهي.
(4)
تجويز اُٿان منظور نهين، جٿان عشق حسن مشهور هوا.
اِهو سُر سمجها ڏاڍي مام ڪنهين، ڪيتا سِر اپڻا قربان
جنهين
اِٿان ظاهر واليان دي جاءِ نهين، پنڌ دين ڪفر سُون
دور هوا.
اِنهي حسن دا ڪيها بيان ڪهون، وه ويک صورت سبحان ڪهون
يا ’شمس الُّضحيٰ‘ ڪا شان ڪهون، يا ماه بدر ڪا نور
هوا.
جيڪي باب برهه والا پڙهسن، سِر سولي سهج ڪنون چڙهسن
اُهي بات نه ٻي ڪنهن وچ اڙسن، اِهو عجب تِنهان
دستور هوا.
”ولي محمد“ جام سيئي پيسن، وچ خواهش موت دي پئي جِيسن
جيڪي صوفي لا مذهب ٿيسن، اُنهان دم دم سير حضور
هوا.
روپ سورٺ
(1)
ويکو صورت سير حسن دا هئي،
اِهو جلوا شاهه شَهَن دا هئي.
اِها صورت صاف حقاني هئي، اِهو سِر سارا سبحاني هئي
وچ دل الماس نوراني هئي، يا ول يا قوت يمن دا هئي.
اهو باغ حسن دا سي ويکن، ٿي بلبل گل دي خار سهن
وچ وحدت دي منصور رهن، تڏان پاوڻ ذوق چمن دا هئي.
جڏان بوءِ وصل دي آءُ گُهلسي، پِڇي ڪَل شيئن وچ پيا هُلسي
وچ سِر جنهان دي آءُ جُهلسي، تِنان سولي شوق چڙهن
دا هئي.
”ولي محمد“ هڻ مرد ٿيوين، رکين دام دوئي ڪنون آپ ڪيوين
وچ وحدت دي ٿي مَحو ايويني، جيوين وعدا جسم ڪفن دا
هئي.
(2)
ڪيها خوف تنهان ڪون مرڻ دا هئي،
جنهان هردم حُب وطن دا هئي.
ڪٿان بيوس آپ مريندي هن،
ڪٿان ’اَناالحق‘ آليندي هن.
ڪٿان آب اکِين دا هَريندي هن،
اهو رستا ملڪ اَمن دا هئي.
جٿان فوج حسن دي چڙهه آئي
اُٿان عاشق آون سر چائي،
ٿيندي پاڪ شهيد او مولائي،
اُنهان موت وصال سڄڻ دا هئي.
نهين هوش عقل دي جاءِ اٿان
آ عشق ڪريندا موج جٿان
وه دم دم دا ديدار تِٿان
جيوين بلبل خيال چمن دا هئي.
”ولي محمد“ ڪر فڪر نه ڪو
وچ محبت پنجتن پاڪ دي هو
رک هردم دل تي شڪر اِهو،
هٿ تئين تي حُسين حسن دا هئي.
(3)
وه صورت وچ لڳي نين ڏونهين،
ٿئي حاصل حج حرمين ڏونهين.
ڳَئِي رين ويها پرڀات ڦُٽي،
تڏهن نفس دي محبت آ ڪي هُٽي.
دل هڪ آهي سا حُسن لُٽي،
جڏان آڪي گڏئي طرفين ڏونهين.
جنهين حيرت دي وچ ٿيون فدا،
اُنهين رمز ڪو ڄاڻي آپ خدا.
نهين عاشق تي معشوق جدا،
هي فرق جيوين قوسين ڏونهين.
اهو بار بره دا چاتا هئي جنهين،
نهين ٻَهه ڪيتا آرام تنهين.
جيوين سيفل ڪونه وچ شوق اِنهين،
ڳَئي وسر صفا ڪونين ڏونهين.
اِنهين عشق حُسن دي ويک صفت،
دل پَئي ڏاڍي وڃ وچ عبرت.
ڪيهي سهڻي رکدي هن ملت،
جيوين گڏ ’مرج البحرين‘ ڏونهين.
”ولي محمد“ متان خوف ڪرين
اِنهين بحر اتي ٿي مرد ترين.
متان ڏيک حسن دِي فوج ڏرين،
تيڏي حامي هن حسنين ڏونهين.
روپ جوڳ
(1)
’لَيس مثل‘ جو درسن، ڪر صورت مون ويهي.
خاڪي پوش لاهي، اَحديت ۾ ڏس تون
ڪفر طريقت جو وٺ، صورت جي ڇڏ ديهي.
عين شريعت آهي، عشق جو پنڌ سڀو
حال حقيقت ۾ پس، ڪِيئَن رهن ٿا نيهي.
ٿي ’صوفي لا ڪوفي‘ پاڻ سڃاڻپ پنهنجو
ورق دوئي جا ڌوئي، معنيٰ ۾ وڃ پيهي.
”ولي محمد“ ڇڏ رٿون، جاءِ عقل جي ناهي
عاشق رمز رندي سُولي چڙهيا سر ڏيئي.
(2)
’لااِلہُ ڪرنفي، اِلاّ الله‘ کي اثبات ڪر
حج اڪبر جي پڙهين، تان قلب کي عرفات ڪر.
ڏسي حُسن محبوب جو، ٿي مَحُو تنهن ۾ بي حجاب
وِجهه اکيون صورت ۾ ٻيئي، برهه جي برسات ڪر.
اَحد ’احمد‘ کي سڃاڻي، ڇن دوئي جا دام سڀ
’ميم‘
جي معنيٰ کي سمجهي، عبديت جي بات ڪر.
’لا مثل‘ کي جي ڏسين، تان ’نَحن اقرب“ ۾ تون ڏس
’وَفي
اَنفُس‘ ڪر صحيح، ذاتي سن دي پوءِ لات ڪر.
”ولي محمد“ آهي مشڪل هن حقيقت جو بيان
ذات سان ذاتي ملائي، صورت سان همذات ڪر.
(3)
اي دل، اُٿي ساجهر سنڀر، دنيا جا دفتر ويا کڄي.
جنهن جو لقب فاني فنا، سا ڪيئن ڪندي ڪنهن سان وفا
اِها آهي اصلؤن بي بقا، جنهن جا سِياڪا ويا ڇڄي.
هن خيال کي تون ڇڏ اِتي، رک خيال سو ويندين جتي
ڪهڙي خبر ڏيندين اُتي، متان ٿي پون اکڙيون لَڄي.
جي ڀائين ٿئي سنهنجو سفر، ڪر ياد ذاتي جو اکر
آهي اکر اڳ جو ثمر، جنهن ۾ حق ڪندو عيبن ڪڄي.
محبت حيا ويا ڪل ڇڏي، هر ڪنهن کي غفلت ۾ گڏي
باقي ادب هو ويو لڏي، ڪندو ڪونه ڪو ڪنهن جي سڄي.
ڪئين لکي لکپال هئا، ڪيڏا اُنهن جا خيال هئا
دائم ڏاڍا خوشحال هئا، تن جا نقارا ويا وڄي.
”ولي محمد“ هوش ڪر، خالي نه ڪنهن تي جوش ڪر
صوفي سندو سِر پوش ڪر، وٺ عشق جي دامن ڀڄي.
(4)
چانگا وکون پا3 وڌنديون، اُڏر ميان ٿي نيهي.
رين انڌيري پنڌ ڏور، بار برهه جا باري
ڪاهه ته پهچون پرينءَ کي، رات وهامي ويئي.
هِت ته چَرين ڪرڙ پڪا، لائيون، کٻڙ، ڪنڊا
هُت چاريندئي ڇندن، طرحين ميوا ڪيئي.
پرهه ڦٽي ڏينهن
ٿيو، سورج شاخون ڪڍيون
چنڊ تارا ويا گم ٿي، ’تحت ثريٰ‘ ۾ پيهي.
”ولي محمد“ اِنهي حد ۾ لا وجودي رک تون
ياد رکج قلب اندر وحدت ڪثرت ٻيئي.
(5)
لکيا هويا لڳام، عمر ڄام، مٿي لوئيءَ وو هٿڙا.
هوم روزِ ازل کؤن، شايد هي انجام.
راتو ڏانهان اچن ٿا، سندا موت پيغام.
ڪارڻ دنيا ڪميني جي، وساريم پنهنجو رام.
سحر جاڳي جوڳ نه ڪمايم، مٿؤن پيڙم شام.
ڦري حرص هوا ۾، ڪوڙا وڌم دام.
عمر سڀ اجائي وڃايم، هٿ نه آيم ڪوئي ڪام.
هاڻي فضل گهران الله کان، ٻيو سندو احمد نام.
(6)
هي سڀوئي خيال، وي، ڪجهه سمجهه اِٿائين.
ڪيئي ٻيٽي ڪر مسجد قائم، ڪيئي رهن بتخاني دائم
تون ٻَهِن ڪنهن حال.
’فاذڪروني‘ صاف اَلايس، طرحين طرحين تيڪون چتايس
امر اِهو تون پال.
اِنهين دنيا دا ڪوڙا دلاسا، متان تنهين تي ڪرين ڀرواسا
چوکي چلين اِٿان چال.
”ولي محمد“ اِهو حاصل تڏاهين، خيال سڀوئي ٿيوي اوڏاهين
وِسر وڃي ڪُل قال.
(7)
سنهيوڙي مئين عبرت دي وچ پئي آن، قدرت ويک اِلـٰهي.
سڀ سِلياني آڇن کيڙا، رانجهو طرف نه ڪائي.
مئين ته قبولي جهوڪ ماهي دي، ڇوڙ چوچڪ دي شاهي.
اسان رانجهن هڪ ٿياسي، لوڪان پرت وڃائي.
بيدردان دي حال اينهين وچ، ويندي عمر اجائي.
”ولي
محمد“ عشق واليان دي، پئي قبول ڪمائي.
(8)
ويسان رانجهن دي جهوڪ، اهئي ڇوڙ حويليان.
عشق ماهي دا ڳل وچ ڪيتم، قمري وانگي طوق.
حق حجاب وچون چا وڃايا، درد لائي آ موڪ.
اِنهين حسن دِي خبر اُنهان ڪونه، لڳي جنهان نون
نوڪ.
”ولي
محمد“ وت رمز اِنهين ڪونه، ڪيا ڄاڻي ڳَهلا لوڪ.
روپ جوڳ
ٿل: ڇڏي آسڻ ۽ ٽڪاڻا، هليا سامي لقا پور ڏي.
ڳجهه اندر جون ڳالهڙيون، ثمر ڪيائون ٿيا روانا.
سڪ سچي کؤن رهن نه جوڳي، پڇن پورب جا نشانا.
ويس تنهين جا ڪهڙا پڇيا، ٻڌي ڪٺا ڳچي ڳانا.
”ولي
محمد“ لاءِ وصال جي، سر ڪري قربانا.
|