سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:ڪلام فقير نواب

ولي محمد خان لغاري

صفحو :13

ڪــــافــــيـــون

 

بسم الله الرحمن الرحيم

روپ ڪلياڻ

(1)

سڏائي عبد ٿيو ظاهر، پهري پوشاڪ انساني.

ڪري آيو ’ميم‘ جو اولو مشاخي کي ڏنائي رولو
رندي وارن ڀڳئين ڀولو، چئي نروار ’مَن راني
‘.

 

ساري منجهه لوڪ پيو غوغا، ٿيو خُتم النّبي پيدا
ڏنو جن صاف منجهه معنيٰ، تنهين ڪئي جان قرباني
.

 

ملان قاضي جوڙي مصليٰ، ويٺا پنهنجي ڪري تسليٰ
وسارين عشق سڀ وسلا، جيڪي هئا منجهه فقہ خواني
.

 

سڃاتو عاشقن جاڳي، حسن محبوب جو ساڳي
ٿيا منجهه دَور بيراڳي، پسي ديدار سبحاني
.

 

ولي محمد“ شريعت کي،تون ڳولي ڏس طريقت ڏي
حقيقت حال سمجهين جي، ته ڪر شُبهات سڀ فاني
.

 

 

(2)

ڪري سينگار سڀ سهڻو، آدم جي پوش ۾ آيو.

آهي معنيٰ ۾ خود مالڪ، ڏسي سمجهي ڪو اُت سالڪ
ڪئي خلقيل ڪٿي خالق، ڏبو ڪين عبد جو رايو

 

ڪٿي بيمثل ڪٿ بيچُون، ڪٿي ختم النّبي ڏس تون
دوئي کي ڪڍ اندر دل مون، آهي آدم سندس ڄايو
.

 

مڙهي مسجد ۾ ڏئي گوڏو، مشاخي کي ڏنائين لوڏو
رندي وارن کي ٿيو اوڏو، پسي دل سڀڪهين مايو
.

 

ظاهر وارن ڪفر ڄاتو، مشخي سان رکي ناتو
[رندِي ۾ پير جن پاتو]، ”ولي محمد“ کي حق ڀايو.

 

(3)

قالوابليٰ جي قول جا، صوفين امر پورا ڪيا.

مقبول ٿيا درگاهه حق، ديدار ٿين دارالبقا.

ٿين شهدت جو شرف، داخل ٿيا شهدا جي فوج
سر سندن نيزن اُتي، ’آسريٰ‘ جي آيت ٿي پڙهيا
.

 

انا احمد کي ’بلا ميمي‘ چئي ڪيائون سُجود
عبد کي احد سڃاڻي آلاَمر ۾ ٿي رهيا
.
فقہ جا ورق وساري اَنا الحق ۾ ٿيا محيط
بيخودي جو پي پيالو، سِر سُولي منصور ٿيا
.

 

ولي محمد“ کي مَ چئو، بَشراَ مثل منجهه رهه صبر
قلب جي ڪعبي ۾ ڏس تون، مُنهن وجهي سارو لقا
.

 

 

 

 

(4)

ڏٺوسون يار جو جلوو، عجب صورت پرستيءَ ۾.
ڪفر اسلام کي تون ڇڏ، قلب ’قالوابليٰ‘ سان گڏ
دوئي جي ملڪ مؤن تون لڏ، ڪري سجدو الستيءَ ۾
.

 

سِريّ جي سير ۾ ٿي گم، ’اَلا اَنا‘ کي وٺي بادم
وساري غير جا سڀ ڪم، مَحوَ ٿي موج مستيءَ ۾
.

 

نه رک دل تي ذرو ماضي، پنهنجو ٿي پاڻ ۾ قاضي
ٿيندو حق تو مٿي راضي، اٿئي نقصان هستيءَ ۾
.

 

ولي محمد“ کي ڏس ظهار، ’بلاميمي‘ سان ٿي ماهر
نهارج تون اندر ٻاهر، نه ڳولج بُوالهوستيءَ ۾
.

 

روپ بروو

مون هادي سان ڪيون ڪيون، ڪي ڳجهه اندر جون ڳالهڙيون.

ڪيائين قبول سڀئي ساري، جي ڪنيزڪ چيون چيون.

سڀ پراڻيون جايون، صورت ڪيون اچي نيون نيون

ظاهر ڪرڻ مناسب ناهي، بيوس پڌر ٿي پيون پيون.

ولي محمد“ آهي ڪين سڃاڻن، جي حجابن هيون هيون.

(6) روپ ڪلياڻ

تنهنجو توهين ساڻ، ٻيا ڇو ماڳ نهاريائين

عشق سندي ئي پنڌ ۾، هلج وڃائي ڄاڻ
دم دم ۾ ڪج پاڻ کي حيرت ۾ حيران
فاذ ڪروني اَنڪر ڪم“ آهي اِهو فرمان
ويهي ڪج وجود ۾، سندي روح رهاڻ
.
اَلاِنسان سِريّ واَنّاسِرہ“ رمز اِها تون سڃاڻ
جي مَرِين مرڻان اڳي، تان ٿئين انسان
.
ولي محمد“ عشق جو، اونهو آهي بيان.
حاصل ٿيندو تن کي، جنهين سر قربان
.

 

(7)

ڇڏي سڀ شرڪ جون جايون، دوئي جا بار لاهيا سي

 

ٻڌي شيطان جو قصو، دِلَم، هَلي سِر نوايا سي
ڪعبو صورت ڪري اڳ ۾، سجدا تعظيم، جا ڪيا سي

 

تهمت جنهن تي جنهين جي هئي، سڀاڻي سر تي چاياسي
گلا غيبت لقب ڄاڻي، پُوئي، ڳل هار پايا سي
.
دنيا جا عيش سڀ دل کي، طرحين طرحين وِکايا سي
يقين کي ڪيائين جڏهن ثابت، تڏهن اِسلام آيا سي
.
عقل جي جاءِ هت نه آهي، اچي عشق جڳايا سي
ولي محمد“جي همت سان، حُسن نيئي ملايا سي.

 

(8)

ڳالهيون محبن واري ديس جون، ڪَن اسان جي پيون.

ڳجهه اندر جون خبرون، ڪانگل آڻي چيون.
واٽون وصال جي پنڌ جون، عشق ڪيون اچي نيون
.
جي نشانيون حُسن جون ٻڌيون سي سڀ صورت منجهه ٺهيون
.
ولي محمد“ اُهي پار لنگهنديون، جي صوفي سُنگ ۾ رهيون.

 

(9)

* *ساري ڏيج پيغام، پانڌي ادا پيش پرين.

آءُ اوهانجڙي آهيان، اصل کئون گولي ۽ چي غلام.
پارج پنهنجا قول سڀئي، مير مديني جا ڄام
.
ڏي ڪو دلاسو محب اچڻ جو ساريان ويٺي مُدام
هي نماڻي تون پاڻ سڃاڻي، لاهه دوئي جا دام
ولي محمد“ چئي روز الستم، آهيان تنهنجڙي سام.

 

(10)

هوت وٺي ويا زورؤن زور، ڪيڏي ڪري ويا ڏير جدائي.
دوست بنا هاڻي ويهڻ اجايو، راهه انهيءَ سِر ڏيڻ سجايو

گهوريو هي ڀنڀور.

ڏونگر ڏاڍا لڪ سُڄن ٿا، واٽ وندر جي هُل ٻُجهن ٿا
                        ڪيچ وينديس ڪنهن طَور

هن ننگريءَ ۾ داد نه ڪوئي، ڪنهن سان ڪريان حال سڀوئي
                        رنگپور ساري پُر شور.

ولي محمد“ وٽ عشق جي دامن، نرميون گرميون زيب عشاقن
                        صاف صوفي ٿي سِر گهور.

 

(11)

مون کي ماروئڙن جا جيڏيون، ٿا پلپل پُور پَوَن.

ظاهر محلن ۾ آهيان، باطن حُبَ وطن.
پکا پنهوارن جا، ڏسان شال اکين
.
دعا ڪريو جيئري ملان شل ڀرم ساڻ ڪَکن
.
هڪڙي سڪ ساڻيہ جي ميان، ٻيو سِڪان سَرتين
.
ولي محمد“ هن حال جي، لڄ آهي ٿر ڌڻين.

 

روپ سهجونتي

*نهين توبہ دا ضرور، هڪا دل ڏي چا اوڏاهين

اِٿان اُتان هادي تئين ڪنون، نال صدق نهين دور.
نهين روا ڪجهه ڪائي عبادت، اِليٰ قلب حضور
.
ياد رکين آدم والا، سجدي دا مذڪور
.
ولي محمد“ سمجهه اِٿاهين، ڪوڙا ڇوڙ غرور.

 

(13) روپ ڪلياڻ

ڪوڙا ڪريندين ڪيڏا طول بيان.

جڏان جُدائي سِر تي آوسئي

خبر تهندي تڏان وت پَسوئي-پڇي ٿِيسئَي ارمان.
                ڪيڏي اجائي لاف مَريندائين

هر مجلس وچ سانگ رسيندائين-موڙها ڪرڪو ڌيان.
                جي تون ڄاڻين طالب ٿِيو ان

نال ماهي دي وٽيان پِيو ان-ڇوڙ خودي دا مڪان.
                ”ولي محمد“ جي قياس ڪريسي

اپڻان منصف آپ ٿِيويسِي- ڪيها ڏوهه شيطان.

 

 

 

تلنگ

(1)

جوڙي قلب بيت ربي انسان ۾ سمايو،

ڏسي ذات کي صفت ۾، ملڪن ٿي سر نمايو.

آدم جو پوش پائي، آيو پاڻ کي لڪائي
مچ عشق جو مچائي، خود عشق بنجي آيو
.
ڏئي حسن جو ڏيکارو، وري پاڻ ٿيو نيارو
سُوري جو ڪيئين اشارو، سِر عاشقن سنڀايو
.
اصلؤن هو سر حقاني، لاريب لامڪاني
منجهه رمز ”لَن
 تراني“، وري طور ڪنهن جلايو.
ولي محمد“ سنڀارج، ذاتي نه دم وسارج
پنهنجو پاڻ ۾ نهارج، صورت سان پيچ پايو
.

 

(2)

جنهن کي ملڪ عدم ٿا چون، اُتي صوفي ٿا سير ڪن.
ٻي ڪنهن جي حاجت ناهي، اِها منزل مشڪل آهي

بنا عثاقن.

ذاتي جسم کي ڪيائون ثابت، اناالحق جو ڏئي پاهت
                        ٿيا عدم ساڪن.

لاهي پوش صفت ٿيا آجا، شاهي طبل وڄائي واڄا
                        رندي رمز رکن.

ولي محمد“ جي ڀائين گڏجان، انهيءَ بحر جو طالب سڏجان
                        ڏي مشاخي ٻن.

(3)

عشق ڏنو اهو رايو رايو، ڇٽا قيدي قيد مان.

ملڪ الموت سندس آهي نالو، ڏيندو وصال جو پُر ڪري پيالو.
                ڪر ڪو هلڻ جو سعيو سعيو.

بيمثلي جو مثل نه ڳولج، ڳالهه ڳجهي اها مور نه ڦولج
                پانڌ ڳچي جنهن پايو پايو.

وسريا خام خيال دنيا جا، وڄن دم دم باجا بره جا
                بيرنگي رنگ لايو لايو.

ولي محمد“ اها تون سمجهي، جانب سان شل ايندي رهجي
                دل کي دلاسو آيو آيو.

(4)

عشق جي منزل دُور، تنهن کي سمجهن ڪي منصور.

اَناالحق جو هُل هُلائي، نفي ذاتي سان لنؤ لائي
                پوءِ نوري ٿيا وڃي نور.

صوفي سير ٿا ڪن سبحاني، نارو هڻي ما اعظم شاني
                ڇڏيو دوئي جا سڀ مذڪور.

هلن حق ڏي حق ٿي ظهار، لامڪان جا وڃي ٿيا ماهر
                ڪيا رمز رندي مشهور.

بار برهه جا آين باري، رند رکن ٿا رمز نياري
                ڪيا حسن حقي مخمور.

ولي محمد“ آهي مشڪل بازي، گوءِ کڻي ويا عاشق غازي
                مُڙيا ڪين ڪنهن دستور.

 

 

(5)

ڇڏ سانگا سِر جا لاهي، ڏي سِر ته ڇٽين هن قيد مان.

 

جوڙي رک تون ’لا‘ جي ڪاتي، جيئري رک تون حال مماتي
                انهيءَ رمز ۾ پؤ تون ڪاهي.

لاوجودي سان دم رک تون، ذائقو فراق وصال جو چک تون
                جنهن ۾ قطرو غير جو ناهي.

هلي عشق جي پؤتون پناري، دين ڪفر کي ڇڏ تون وساري
                اهو نام ڇڏيندئي ٺاهي.

ولي محمد“ ٿي صوفي طالب، ڳولي لهه پنهنجو اصلي قالب
                جو آدم کان اڳ آهي.

 

(6)

محب منهنجي خمدار، سارو ملڪ نوايو.

راتو ڏيهان ويٺي نيهاريان، محب ايندين ڪنهن وار
                        محبت مچ مچايو.

جاني اسان سان ڪر نه جدايون، دم تي ڪونهي اعتبار
                        ڏسان توکي اڱڻ آيو.

لاهه نقاب ته حسن ٿئي ظاهر، عاشقن لاءِ ديدار
                        ويٺا آهن سِر سنڀايو.

الفراق اشد‘ ٿو ماري، جيڻ آهي لاچار
                        ڪر وصال جو يار سعيو.

ولي محمد“ سان روز الستي، پارج قول قرار
                        دلبر دل جا پيچ پايو.

 

 

(7)

زلف جو رُخ تي غلاف، حُسن صورت ۾ سمايو.

ڪج ڪمان اَبرو جو وچ، محراب برزخ ۾ تون ڏس
ڪيئن روا ٿيندو نه سجدو، ناهه ڪو تنهن ۾ خلاف
                ڇڏ فقہ رسمي جو رايو.

ڪعبو قلب المؤمنين، حق ٿو چوي ظاهر ظهور
تڏهن ڪهڙا در ٿو پڇين ٻيا، ڪر قلب کي تون طواف
                آهي توتي فرض سعيو.

ٻئي اکيون فانوس جيئن، دائم ٻرن ڪعبي اندر
لب جو تِر آهي حجر اَسود، سو ڀانئج جيئن مشڪ ناف
                جنهن جي خوشبوءِ جڳ نمايو.

خلقت الانسان مِن النوري“ جي معنيٰ ڏي نهار
انهي رمز تي سر عاشقن جي دور جي تڪليف معاف
                پر جن پوئتي نه پايو.

ولي محمد“ ورق دوئي جا ڇڏ وساري، ٿي شتاب
نائي سِر صورت اڳيؤن تحقيق ٿي صوفي تون صاف
                ويا شُبہ پنڌ ٿيو سجايو.

(8)

تنهنجي حسن ڪيو مون کي حيران، محب وصال جي ڏي دلداري

قلب اندر ۾ ڏين ٿو دلاسا، پوءِ ڪرين ٿو ڇا کان پاسا
ناهي اِهو شاهي تنهنجو شان، ڪر ڪا آسان جي پرين پوئواري
.
ساڻ يتيمن ڪر نه تون ماڻا، آهيون اسين تنهنجي در جا وڪاڻا
ڇو ٿو چوين آهيان لامڪان، ڳالهه وسار نه ’اقرب‘ واري
.
ليليٰ مجنون ڪيئن گذاريو، ٻنهين مجاز کي ڪيئن سينگاريو
اسان جي دل تي اهو ارمان، مفت آهي سِر تي لوڪ مياري
.
ولي محمد“ چئي يار پيارا، تنهنجي ڏسڻ لئي آهيون نهارا
روزو سڪي لئي آذان، تيئن ٿا سڪون تولئي رات ساري
.

 

(9)

اُٿي سسئي ٿي رواني، پنهل ٻاجهؤن ڪين سرندي.

سڱ سياپا عشق وساريا، سِر ڪري قرباني
                        جهڙي تهڙي وڃ تَرندي

ذاتي واري اندر ۾ تند وڄائج، خيال ڇڏي سڀ فاني
                        اها ٻولي وڃج ٻُرندي.

ڪيچ ٻُجهي ٿو پر اهون ثمر سڪ جو کڻج ساري، نڀاهج نينهن نشاني
                        وڃج نالي سان وندرندي.

ولي محمد“ ناهي وس ڪنهن جو، لکيل تقدير رباني
                        اوها هرگز ڪين ٽرندي.

(10)

ويسلي ويهه نه سسئي، اهين ڀنڀور ۾ ڪو دم.

ڪر ڪو ثمر جو سعيو، آيو ڪي آيو
آخر هلندي هرڪا، موٽي ملڪ عدم
.
عين وصال منجهؤن، ٿيندو فراق پيدا
دور دنيا جي زينت، آهي نسورو طلسم
.
ڏير نه ڀانئج پنهنجا، ٿا ڪن وڃڻ جون وايون
ڄام پنهل کي نيندا، پوندن ڪونه شرم
.
ٿا ڪوهه قاف ٻجهن، ڏونگر جا پنڌ باري
توڪل جو ٻڌ سندرو، ڪيچ وينديئن ساڻ ڀرم
.
ولي محمد“ ڇڏ غفلت، عشق جي وٺ تون دامن
صورت سان ٿي شامل، رمز رندي رک محڪم
.

 

(11)

ورچي نه ويهه سسئي، رک ڪيچ کي نظر ۾،
ساجهر ڇڏي ڀنڀور کي، اُٿي ووؤڙ ڏي وندر ۾
.

 

سُک عيش سڀ وساري، کڻ ڪو ثمر تون ساري
ڏس هوت کي نهاري، پاسو نه ڏج پهر ۾
.

 

جفّ القلم“ وِهي ويو، ٺهڻو سو سڀ ٺهي ويو
ٿي شام سج لهي ويو، صابر ٿي رهه صبر ۾
.

 

ور سان تون نينهن لائي، محبت جو مچ مچائي
صورت سان پيچ پائي، چَلِي پيهه تون ڇپر ۾
.

 

لنگهيو ڏينهن رات پيئي، پؤ پنڌ ۾ سنجهيئي
ٿيندو سوجهرو سگهيئي، ”وَاليّل وَالقمر“ ۾
.

 

ولي محمد“ فهم ڪر، دل تي نه ڪوئي غم ڪر
ٻيا خيال سڀ ختم ڪر، رهه عشق جي امر ۾
.

 

(12)

متان مون کي جهل پائي، هيڪر وينديس ڪيچ ڪاهي.

هي نماڻي عيبن هاڻي، سينو تن سان ڪيئن ساهي.
سـڱ سڃاڻي پنهنجون، پنهون من پاڻ پسائي
.
سڪ سچي سان جيڪي هلنديون ڏکيون ڏونگر تنهين ڇاهي
.
ولي محمد“ کي حب هاديءَ، جي تنهن کي مان پُڄائي.

 

 

 

 

(13)

آيا صورت بن انساني، سو ته مالڪ ملڪ حسن دا.

الفقر فخري‘ وچ رهندا، شان سندس سلطاني.
ڪٿان بَشري مَلڪِي صورت، ڪٿان صاف حقاني
.
عبديت ڪُون ظاهر ڪيتس، باطل سر سبحاني
.
ولي محمد“ هُڻ شوق انهين وچ، لازم سِر قرباني.

 

(14)

ڪر ڪو سهڻا سانگ سماوڻ دا

ڏي ڪو محب دلاسا آوڻ دا.

تيڏا شوق توڙي ذوق ٻهون،

بنان ويکڻ تيڏي خوش ڪيوين رهون،
اَنهين حال دي ڳالهه ڪنهن نال ڪهون،

نهين ڳُجهه ڪهيندي سُڻاوڻ دا.

 

تيڏا رخ مهتاب حجاب دي وچ،

جيوين گل نرگس نيم خواب دي وچ،
هڻ کول نقاب شتاب دي وچ،

وعدا ڏي ڪو نينهن نڀاوڻ دا.

 

تيڏي لالي لبان ڪيتا لعل خجل،

من موهه نيتا تيڏي ڍار ڪجل،
ڇن دام دوئي دا لاهه خلل،

گهت فرق نه ماڳ مٽاوڻ دا.
تيڏي هار سينگار دا مُلهه نه ڪو،

اَبر سيف تيڏي دا تُل نه ڪو،
تيڏي گُل رخ جيها گل نه ڪو،

جلدي نام ٺهاڪو ملاوڻ دا.

 

تيڏي ناز دي ساز وڄن دم دم،

جيوين چنگ اُپنگ مرڌنگ دي ڌم.
ساڏا حال احوال تئڪون معلم،

اِيهو بار نهين ساڏي چاوڻ دا.

 

ولي محمد“ ڇا تون رندي دا قدم،

آخر چلڻا هئي وچ ملڪ عدم،
هڻ سمجهه معنيٰ ’وفي انفسڪم
،

رخ ذاتي شوق وڌاوڻ دا.

 

(15)

مئن ته ويسان رانجهن دِي جهوڪ ميان،

توڙي طعني ڏيندا سارا لوڪ ميان.

ماهي بنان مين ڪِي ڪر جالان، جنهين لائي عشق دي موڪ ميان.
چاڪ دي حسن ڪيتا آن قابو، چُپ ڳَئِي نينهن دي نوڪ ميان
.
عشق واليان تي روز الستؤن، نهين روا ڪائي روڪ ميان
.
کيڙيان ڪُون ائي نال نّيت دِي، لکئي لوح قلم دي نوڪ ميان
.
ولي محمد“ حامي ٿِيسم، لَهسِي سيالين دِي ٽوڪ ميان.

 

(16)

ميڏي عشق ڪيتي مشهوري، جا نال ماهِي آهي دل دِي.

مئن رانجهن دي لوح قلم وچ آهئي قرابت پوري

جيون نال چمن بلبل دي.

اها فتوا مول نه ڦِرسي، جنهن دي حق ڏتي منظوري

تنهن ڪون ڪا تدبير نه چلدي.

ڇوڙ ٻٻاڻِي شاهي اپڻي، مين ويسان جهوڪ ضروري

جٿان بُوءِ نجف دي گل دِي

ميَن جنهين دي نالي هُليان، جنهن تي وسدا نور حضوري

نينهن دل کيڙ ڏهين ولدِي

مئين گڏ ماهِي ايوين رهندا، جيوين پيڙي وچ کٿوري

نهين جاءِ اُٿاهين عقل دِي

ولي محمد“ جي ڄاڻي ويکان، اها معنيٰ ڳالهه سموري

ڄُل گهِن ڪنجڪ دُلدل دي.

(17)

جنهن دي حُسن دا انت نه ڪوئي،

تنهن ڪونه ڪيوين چاڪ سڏان مئين.

ويکو رانجهو تان معلوم ٿِيوي، هير دا حال سڀوئي.
پاس کيڙان دي مول نه ويسان، توڙي آکن مئڪون ڏوهي
.
تَسان سيالين سوئي آڇو، سِر قبوليم جوئي
.
انااحمد بلاميمي‘ جنهن ڪونه سڏي سڀڪوئي.
ولي محمد“ اِنهين معنيٰ مخفي، دل عشاقان دي موهي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

روپ بروو

(1)

جنهن جو عشق حسن سان ناتو، سي ڇونه ’اناالحق‘ چوندا ميان.
بيخودي جو
بهر الــٰهي، دين ڪفر جي جاءِ نه ڪائي

ڇڏي شڪ جنهين هٿ لاتو.

هي جهان آهي نقل اصل جو، ظاهر باطن عشق عقل جو

ڪيو پاڻ جدا حق کاتو.

مشاخيءَ جي منزل اوري، حرف رندي تؤن گهوري گهوري

جنهن پاڻ ۾ پاڻ سڃاتو.

جيڪي حال جا منڪر آهن، پنهنجا ٺاهه ويٺا جي ٺاهن

پر ڄاڻ اِهو جن ڄاتو.

ولي محمد“ اها مشڪل بازي، ويا کڻي هن دَور مؤن غازي

جنهين پير نه پوئتي پاتو.

(2)

جنهن صورت کي حق سمجهي، دري پنهنجي قلب جي کولي،
ذڪر ذاتي مؤن ٿي پيدا، معنيٰ جي مُلڪ جي ٻولي
.

 

طريقت جي ڪفر ٻاجهون، آهي، مشڪل اتي پهچڻ
جٿي آهي عشاقن جي، ’اناالحق‘ جي سدا لولي
.

 

آدم ۾ سير جي سانگي، وڌائين روح ’من الرّوحي
ڏيئي ڏس ’ونحن اَقرب‘ جو، لاتائين برهه جي هولِي
.

 

سوين عاشق ٿيا ظاهر، وٺي انهيء ڳالهه جي عبرت
پيالو بيخودي جو پِي، ساري جند جان تن گهولِي
.

 

ولي محمد“ ڪجي انصاف، سچن جي دم سچائيءَ جو
لاڳاپا لوڪ جا لاهي، جَهلي جن عشق اڳيئون جهولي
.

 

(3)

جتي عاشق ٿا ڪن منزل، عقل جي جاءِ اُت ناهي،
نڪو سج چنڊ، نڪي تارا، نڪو ڏينهن رات اُت آهي
.

 

 

الستي عهد ڪيا قابو، ٻَڌا ’قالوابليٰ‘ جي قول
محبت جي بحر ۾ ٻيا، لاڳاپا لوڪ جا لاهي
.

 

اوري سمجهي عشاقن ميان، آدم جي حد نانهيءَ حد کان
ڏٺائون ذات منجهه ذاتِي، معنيٰ مخفي وڌا گهائي
.

 

ڏاڍي ڪنهن شوق ۾ پيئي، ’موتوا قبل انت مُوتوا‘ ٿيا
محو ڪيا حُسن محبوبي، ڏنس ڏس ڪنهن وڏي ڏاهي
.

 

ولي محمد“ مشاخي کي، وساري ويهه ميخاني
اُتي آهي عشق جو مڪتب، ڇڏي ٿو سڀڪنهِين ٺاهي
.

 

(4)

پکي آهي مُلڪ معنيَ جو، اُڏر اوڏاهين ڪر سعيو،
نڪر هن قيد خاني مؤن، وٺي شهه عشق جو رايو
.

 

سڃاڻي پاڻ جي پنهنجو ته آهي تنهنجي ذات منجهه ذاتِي
نڪو شڪ ڪو شبہ تنهن ۾، ائين حق پاڪ فرمايو
.

 

معنيٰ جا ’ربّ، اَرني‘ جي ظاهر ٿي ’لَن تَرانِي‘ ۾
تجلي جي تجلي مؤن اسم ذاتي ٿي ڳالهايو
.
لقاء جي ڪاڻ بيخود ٿِي، عاشق ٿا پاڻ ڪن ظاهر
ڇڏي سانگا سڀئي سرجا، اچن سوريءَ مٿي ڪاهيو
.

 

ولي محمد“ انهيءَ حد ۾، ’وفِي اَنفُسِ‘ کي سمجهي ڏس
نه ڳولج پاڻ کان ٻاهر، حڪم فرقان ۾ آيو
.

 

(5)

ذات صفت ڪري ڌار، پوءِ ٿي مصنف ته ڪير آهي.
دين ڪفر کي ڇڏ تون وساري، عشق جو مڪتب ڏس تون نهاري
ناهي معنيٰ تڪرار، صورت ۾ ڦند ڦير آهي
.

 

بيخودي جي باب کي ڳولج، ’اِلا اَنا‘ جي ٻولِي ٻولج
منجهه انهيءَ اسرار، ’اناالحق‘ جو سير آهي
.

 

عبديت جو پوش مٽائي، رمز رندي ۾ هُل هلائي
لاهي دُوئي جا بار، مشاخي ۾ غير آهي

 

ولي محمد“ کي احد سڃاڻي، ’بلا ميمِي‘ قلب ۾ ڄاڻي
رهج سان اعتبار، ظهار وارن وير آهي
.

 

(6)

پَٽ اکيون تون ٻيئي، عبرت ۾ پئو ڪاهي.

وڳر وڃن ٿا وهندا، ڪل نه پئڙي ڪائي
سنجهه صبوح تون به هلندين، رک ثمر ڪو ٺاهي
.

 

ڏاڍي غفلت ۾ عمر ويئي گذري
شمس حياتيءَ جو، هاڻي لهڻ ۾ آهي
.

 

وَهُوَ مَعَڪُم‘ سمجهي جن ’اَينماڪُنتُم‘ ۾ ڏٺو
حق چوي ٿو جيڪي، تنهن ۾ تفاوت ناهي
.
ولي محمد“ ٿي ساجد، ڪر صورت کي سجدو
رمز رندي جي رک تون، خَرقو مشاخي لاهي
.

 

ڇڏي ملڪ فنا جي سڀ رِٿا، رک دم دم جي هوشياري.

 

چارئي قبلا ڏس تون نهاري، سڀڪو پوئتي واڳ پيو واري
                توڙي شاهه گدا توڙي محب مٺا

آهين سانگي سانگ تي آيو، ڄاڻ تحقيق تون مُلڪ پَرايو
                وڃي کولي اکيون ڏس مڙهه لٽيا.

دنيا دؤر بقا جو ناهي، سمجهه فضيلت تنهن ۾ ڇاهي
                جنهن ۾ پِيوُ پُٽ ڀائِر وَتن رُٺا.

ولي محمد“ هي طلسم بازي، ويا پروڙي تنهن کي غازي
                جيڪي عشق جي محبت ۾ ڪُٺا.

 

(8)

وساري خيال نفساني، طريقت جي ڪفر ۾ رَهه

سڃاڻي پاڻ ۾ پنهنجو، اِهو ڳجهه ٻئي نه ڪنهن سان ڪَهه.

اشارو سمجهه منصوري، ڪئي جنهن مرد سڀ پوري
ٿيو ’نور علي نوري‘، عجب ڏس بيخوديءَ جا پَهه
.
رندي جي رمز ٿي پڌرو، توڪل جو ٻڌي سندرو
نه ڪنهن کي چئو ڊگهو منڌرو، ملامت لوڪ جي سِر سَهه
.
عاشق ٿا ڪن قرباني، پسي ديدار سبحاني
چئي ’اعظم ماشانِي‘ نٿا ڳولين ٻيا ڪي لَهه
.
ولي محمد“ ذڪر ذاتي، اِهو دم ڄاڻ اِثباتي
پائي ڏس قلب ۾ جهاتي، مدد ڏيندو تو شاهن شَهه
.

 

(9)

نظاري حسن جي موهيا، تڏهن عاشق چڙهيا سُوري.

ڏسي حقي حُسن حق جو، صفاتي پوش لاٿائون
اناالحق‘ جي لائي لولِي، ڍڪيا تن ويس منصوري.
سوري جي سير جي معنيٰ الستي قول ڪئي ثابت
چئي ’قالوابليٰ‘ ويٺا، پيتائون جام مخموري
.

 

سوري جي سير جي معنيٰ، الستي قول ڪئي ثابت
چئي ’قالوابليٰ‘ ويٺا، پيتائون جام مخموري
.

 

موسيٰ کي ’رَبّ اَرني‘ جو، لقا ٿيو ’لَن تراني‘ ۾
تجلّي جو بهانو ٿيو، جلي ويو جبل ڪو. طوري
.
ولي محمد“ حَسن حق جو، جڏهن آهي عشق ۾ مخفي
تڏهن تلقين وٺ تنهن کان، رسم سجدي جي ڪر پوري
.

 

(10)

عجائب موت جو پيالو، ڏيکاري ٿو وطن ساڳي،
ڏسن ٿا ڳجهه اهو عشق، ڏاڍي ڪنهن شوق مؤن جاڳي
انهيءَ لذت جي معنيٰ جي، پوي هوند عام کي ڪل ڪا
ڪُهَن هوند پاڻ کي پاڻهي، رهن منجهه دور ويراڳي
.

 

ڪيئي سوري چڙهيا سهجئون، رکي اِنهي حال کي مخفي
ڪُٺا سي قرب محبوبي، جنهين هئي لؤن اها لاڳي
.

 

جيڪو ڀانئي آهيان قيدي، ڇٽان هن قيد خاني مان
تڏهن جيئري ٿئي ساڪن، ’موتواقبل اَنت‘ جو ماڳي
.

 

ولي محمد“ آهي مشڪل، انهي پنڌ جو ٿيڻ محرم
اُهي ايندا انهيءَ حد ۾، جنهين دل اسم سان تاڳي
.

 

(11)

دوئي جا ورق ڇڏ واري، نفي اِثبات جو رک دم.
عشاقن کي انهيءَ حد ۾ آهي ديدار سبحاني
هميشه سِر سدا تن جي، وسي ٿو نور جيئن شبنم
.
صوفي وحدت وجودي جا، آهن مشتاق ۽ شائق
اهو احرام آهي تن جو، طريقت جي ڪن محڪم
.

 

جيڪي عاشق هئا نيهِي، ويا سي پاڻ ۾ پيهي
چڙهيا سورِي مٿي سهجئون، وساري دور جا ڪل ڪم
.

 

ولي محمد“ جي ڀائين تون، ’نحن اِقرب‘ کي ٿيان اوڏو
ڍڪي خرقو ملامت جو، رندي جي رمز ٿي محرم
.

 

(12)

اُٿي احديت اثبات ڪر، شبهات کان بيزار ٿي

 

علم رسمي کي ڦٽو ڪر، بزرگيءَ کي ڇڏ کڻي
عِلمُ اليَقين‘ تحصيل ڪر، تان دل پوئي گلزار ٿي.

 

اِتّمَا بَشر مِثّلِڪُم‘ ڳجهه  انهي ۾ ڪين پؤ
مَن يّراني‘ کي قلب ۾ سمجهي حق هوشيار ٿي.
عشق جي رهه ’اَلامَر‘ ۾، رمز رندي رک مدام
خواب غفلت ٻئي ڇڏي، ڏسي حسن حق بيدار ٿي
.
ولي محمد“ بيمثل جو مثل ’اَنااحمد‘ ۾ ڏس
ڪڍي ميم پڙهه ڪلمون نَفِي، صوفي صفا نروار ٿي
.

 

(13)

آءُ ڪو آهيان انسان، معنيٰ ۾ ڏسو ذات منهنجي.

بني آدم آهي اشارو، باطن لاءِ گمان
                سمجهي ڏس اها بات منهنجي.

ساڪن آهيان ملڪ عدم جو، هت ڀانئج مهمان
                عبديت آهي طاعت منهنجي.

خاڪي پوش ۾ پاڻ لڪائي، ظهار ڪيم پنهنجو پاڻ
                ٻُڌ سِرّي ۾ لات منهنجي.

ولي محمد“ آهي نالو صفت ۾، قلب اندر رکي ڌيان
                پوءِ تون ڪر حڪايات منهنجي.

(14)

ڪيهو عشق وارن جو نام ڏٺم،

ٻيو دَور دنيا بي آرام ڏٺم.

دنيا وارن پاڻ دنيا سان گڏيو، پر وڃن هتؤن هٿين خالي لڏيو
اسان سنگت سانگ تنهين جو ڇڏيو، اَچي صوفين وٽ اسلام ڏٺم
.
وري آيس پيش مشاخن وٽ، ڪانهي بُوءِ برهه آهي پَٽ سَٽ
پوءِ هليس رندي وارن ڪري جهٽ، اَتي محبت حق جو جام ڏٺم
.
گهمي مسجد ويس بتخاني هلي، ڏسي رسم ريا جي ٿيم تسلي
ٿيس
واقف منجهه ميخاني چلي، تنهن ۾ مومن سندو احرام ڏٺم.
ولي محمد“ وٽ عشق جو ڏَس، ڇڏ جُزوي عقل جو وساري گس
اِنهيءَ ذاتي سان تون ذات کي پس، اِهو جزوي عقل ناڪام ڏٺم
.

 

(15)

دنيا گهر ماتام، سمجهي ڏس تون پاڻ ۾.

عشق بنان هت ناهي ڪي ٻيو، توڙي ڪفر اسلام.
جي ڀائين آجو ٿيان، ڇن دُوئي جا دام
.
رمز رندي جو پوش پهري، رهه انهيءَ احرام
.
ڪهڙي لذت هن دور جي، فاني جنهن جو نام
.
ولي محمد“ ڇڏ خيال ٻيا سڀ، پئو صوفيءَ جي سام.

 

(16)

ٿيو حق جنهين تي راضي راضي، تن لاٿا شڪ شبهات جا.
منجهه ميدان محبت واري، گوءِ کڻي ويا غازي غازي
                هڻي نعرا اَناالحق بات جا.

ويهه وڃي تون عشق جي مڪتب، ڪهڙا پڇيا قاضي قاضي
                سِک حرف نٿي اثبات جا.

ڏس دنيا جي دور ۾ ميان، نِي عُشاقن بازي بازي
                ٿيا سير تنهين ظلمات جا.

ولي محمد“ اٿئي حج صورت ۾، ڇڏ وساري ماضي ماضي             

    پوءِ ماڻ مزا عرفات جا.

 

(17) ڀيروي

*احد‘ ۾ ’ميم‘ رکي ’احمد‘ ٿي هت آيو.

لِي مَعَ الله وقت‘ آهي اشارو مخفي
آدم کؤن نور اڳي، تڏهن چئبو ڪيئن ڄايو
.

 

پاڻ ڪيائين ثابت، ‘بلاميم‘ چئي
پوءِ ڏين ٿا عالم، عبديت ڪيئن رايو
.

 

جن اها معنيٰ سمجهي، تن سُولِي سير ڪري
ڏاڍي سَهج منجهان، گيت ”اناالحق“ ڳايو
.

 

ولي محمد“ عاشقن، دام دوئي جا ٽوڙي
ذات صفت منجهه ڏسي، قلب اندر منهن پايو
.

 

 

(18) بروو

ملڪ عدم جي مون سان ڪانگل ڪَهه ڪا ٻولِي.

 

دؤر دنيا جي زينت، زيب حسن ۽ عشرت
وئي سڀڪا مون وسري، رات ٻڌيم جا ٻولِي
.

 

ٻانڌي ادا، پيش پرين، ڏيج حقيقت ساري
راتو ڏينهان آهيان، عين وصال جي ڳولِي
.
ڪهڙي ڪريان حال، جي ظاهر تو سان حالت
نينهن نياپن لائي، هينئڙي اندر جا هولِي
.

 

ولي محمد“ سر گهورج، قدم قدم تؤن تن جي
لاڳاپا سڀ لاهي، جان جنهين هت گهولِي
.

 

ڪانگا منهنجا هي سنيها، پرين پهچائج نيئي.

نخن اقرب‘ جو ڏس ويٺي نيهاريان، پارج قول پنهنجا
                وفي انفس کان سڀيئي.

عيبن هاڻيءَ جو تون پوش نه لاهج، نڀائج نينهن جو ناتو
                جيهي آهيان يار تيهي.

پانڌ ڳچي ڳل پائي حال ٻڌائج، جاڳي جاڳي رات ساري
                ساريان ويٺي نِت ڏيهي.

ولي محمد“ سان رک نه جدائي، پري تنهن سان ڪر نه ماڻا
                ورق دوئي جا ڇڏ ڌوئي.

 

ڀيروي

ڪانگل ڏي ڪا خبر، ڪڏهن ملنديس ويڙهيچن،

 

ڪڏهن ملنديس ويڙهيچن، ساه سِڪي ٿو لئي تِن.
راتو ڏينهان سڪ ۾ ويٺي گهاريان گهڙيون
دم دم ۾ ٿي ساريان، ٻاٻاڻن جون ٻڙهيون
هن حياتيءَ ۾ مانِ مِلان ماروئڙن
.

 

سانباها ڏوٿين جا ڏهاڙي ٿا ٻڌجن
حال ڀائي جي منهنجا، تِرُ نٿا هت ترسن
شال وڃي آءُ گڏجان، پهريان لويون لڱن
.
الدّونيا ساعة“، ڪيئن گذاريان ويهي
لَيسَ فيها راحة“، ڳالهه ڪريان آءُ ڪيهي
مفت وهاري آهيان، ملڪ فنا جي رسمن
.
ولي محمد“ ياد رکج، حب وطن جي دل تي
راضي رهجان حق جي، خواهشمندي ڪُل تي
حال انهيءَ ۾ توسان، ٿيندي مدد ٿَر ڌڻين
.

 

(21)

ڪانگل ڏي سُڌ ساري، ڪڏهن مون سان محب ملندا.

 

راتو ڏينهان ويٺي نهاريان، دل جا دلبر ويٺا ساريان،
ڏيئي خزان کي بهاري، ٽور اڱڻ مون ٽلندا
.

 

ناز وارن جي ناز نهوڙي، لائي ويئڙا هورَي تورِي
ڳالهه انهيءَ آهيان مان، عيب نماڻيءَ جا هلندا
.

 

چئج پرين کي نينهن نڀائج، ماڳ اوتارا محب وسائج
ڪهڙي ڪريان نِرواري، ’قالوابليٰ‘ قول پلندا
.

 

ولي محمد“ رمز انهيءَ ۾، گڏبا توکي رَين ڀنيءَ ۾
عشق ڪندو واٽ جاري، واءُ وصال جا گُهلندا
.

 

(22)

ترس نه پئڙو ڪوئي، ڪانگل چئج پرين کي.

 

تنهنجي خاطر سڱ سياپا، سڀ ڇڏيا مون ڌوئي.
حجت دعويٰ منهنجي نه آهي، ساڳي آهيان عبد سوئي
.
نيئي رسائج پيش پرين جي، منهنجو حال سڀوئي
.
سڪ اوهان جي سانوڻ لايا، وقت گذاريان ٿي روئي
.
ولي محمد“ سان نينهن نباهج، محب مٺاتون سگهوئي.

 

(23)

سانگ رسائج نيهِي، آهيان محب پئي تو پناري.

 

حسن تنهنجي آءٌ قابو ڪيڙس، بيخودي جي بحر ۾ پيڙس
اچي حالت ڏس مون ويهِي، پوءِ ڪر ڪنهن ڪنڌي ڪناري
.
گولن تنهنجن جي آهيان گولي، راتو ڏينهان وصال
جي ڳولي
تنهن کي ڄاڻ معنيٰ معنيٰ ۾ ڏيهي، ڇڏ ورق دوئي جا واري
.
آءُ عجيب اڱڻ عشاقن، ڏي ديدار پنهنجو مشتاقن
لاهي حجاب سڀيئي، آءُ قول الستي پاري
.
ولي محمد“ کي يار پيارا ”نَحن اَقرب“ جا ڏي تون نظارا
تون ته بيرنگي رنگ ڏيئي، گڏ صورت سان سينگاري
.

 

(24)

ڇڏي دعويٰ ٿج گولي، محبن جي دل اندر سان.

 

ڏاڍي نياز ادب سان ويهي ڳالهائج
پاند ڳچي منجهه پائي حال ٻڌائج
ٻانهپ جي ڪري ٻولي، وٺج معافي ڪنهن هنر سان
.
درد ڪشالا اصل کؤن زيب عشاقن
هر دم آهن نازل سر تي مشتاقن
سهج منجهئون جهلج جهولي، عبده واري امر سان
.
لاشريڪ سان ڪنهن جي طاقت ناهي
ڪير تهين سان شراڪت سينو ساهي
رهج وصال جي ڳولي، وقت گذاري صبر سان
.
ولي محمد“ ڇڏ تون خيال مٿاهون
ڏيئي تعظيم سجدا هلج هيٺاهون
ذاتي ڏيندي لولـِي، رهج دل ۾ دلبر سان
.

 

(25)

بيت المعمور ۾، بانگ ڏني جا مَلَڪن.

 

معنيٰ ۾ مُنهن پائي، ساڻ خيال ڏٺم
ڪلمون صاف صحيح، احمد ٿا ثابت ڪن
.

 

منجهه فرقان ڏسو، شاهد آيت ظاهر
ياتي اِسمُہ اَحمد‘، آهي لکي منجهه ورقن.
حج اڪبر عاشقن، ڪيو عرفات دل جي
خطبو ”اناالحق“ چئي، سُولي ٿا فرض پڙهن
.

 

 

اَلصّوُفي لا مذهب“، پوش رندي جا پهري
سر قرباني ڪري، مَحو ٿيا منجهه حسن
.

 

ولي محمد“ ٿيا مطلب، ظاهر باطن ٻيئي
ويا شبهات گم ٿِي، غير ڇڏي ويو قلبن
.

 

(26)

پائي ڏس وجود ۾ جهاتڙيون، توکي ٿئي معلوم سڀڪا يار.
جنهين پنهنجو پاڻ سڃاتو، هي ڇڏي ڪيائون نينهن سان ناتو
                هلي ٻڌ تنهين جون باتڙيون

هلڻ توکي جلد جڳائي، هُت وڃڻ جي ويرم آهي
                ڪنهن جون ڪين پڇن ٿا ذاتڙيون.

ڇڏي خواب رکج هوشياري، دم دم ۾ اُٿي ڪر بيداري
                ڪيهون وڃن وهاميون راتڙيون.

جتي واءُ وصال لڳي ٿو، ”ولي محمد“ اُهو پنڌ اڳي ٿيو
                جنهن جي حُب ڪري ٿي لاتڙيون.

 

(27)

جن کي پيو خوف حق جو، سي ڪِيئَن

 

ڇڏي خيال سڀ اجايا، حق جي طرف هلن ميان
ٻيا پنڌ سڀ وساري، پورب پنڌ پڇن ميان
.

 

ڪا جا ڏٺائون لذت، ٿيا مَحو منجهه حسن ميان
محبت جو مچ مچائي، وانگون پتنگ پڇن ميان
.

 

ساري لوڪ جي ملامت، سِر تي ويٺا سهن ميان
ٻڌي حال عاشقن جا، خواهش مٿي رهن ميان
.
ڪارڻ شراب شوق جي، ميخواني ڏي وڃن ميان
پِي جام بيخوديءَ جا، سوريءَ تي سير ڪن ميان
.

 

جن کي ”ولي محمد“ جي، آهي حب منجهه اکين ميان
سي دور جي فضيلت، آخر خزان ڪهن ميان
.

 

(28)

مدد شہ عشق ڪامل، جي نظر منظور ٿي پوندس،
ذڪر ذاتي سان ٿي ذاتي، نسورو نور ٿي پوندس
.

 

چوي ٿو پاڻ جڏهن مالڪ، ’خلق انسان مِن نّوري
تڏهن ڏس سير صوفين، جي عجب دستور ٿي پوندس
.
اشاري ’نحن اقرب‘ جي، ڏيکاريم سير منجهه منعنيٰ
آخر انهيءَ راز مخفي ۾، ڪڏهن مخمور ٿي پوندس
.
جڏهن ميدان ۾ ٿيندو، حسن محبوب جو ظاهر
هُلائي بيخوديءَ جا هُل، دوئي کان دور ٿي پوندس
.
ولي محمد“ کي معنيٰ ۾، ڏٺو آهي بلا ميمي
ڪريان هوند ڳجهه اهو ظهار، بيوس مشهور ٿي پوندس
.

 

(29)

عاشق منجهه ذات بيخود ٿي، عجب چالا چلائن ٿا،
اَنا الحق‘ جا هڻي نَعرا، سُوريءَ تي سر جلائن ٿا.

 

ٻڌي ڏس ’رئيت ربي‘ جو لاهي شڪ ٿيا صفا صوفي
شهادت جي شرف تن جا نيزن تي سر ڳالهائن ٿا
.

 

سِرِي جي سير ۾ ڪن ٿا، ”اِلا اَنا“ جي حرف کي ثابت
پهري پوشاڪ بيمثلي، سبحاني هُل هُلائن ٿا
.
ڪفر اسلام جي حد کان، لنگهي پيا مُلڪ معنيٰ جي
بهائي ”قُم بِاذني“ جي، حڪم حقي هلائن ٿا
.
ولي محمد“ عشاقن  جي، قدمم تؤن ساهه سري صدقي
عجائب عشق جي منزل، طبل شاهي وڄائن ٿا
.

 

(30)

عشق ڪڏهن هت ايندي سائين ايندي، ذاتي وارو ننگ سڃاڻي.
اسين صوفي لا مذهب ۾ ويٺا آهيون تنهنجي ادب ۾
                جيڪا راهه ڏسيندين ڏسيندين.

نحن اَقرب“ ڏيئي دلاسا، پوءِ ڪرين ٿو ڇا کؤن پاسو
                معنيٰ ۾ منصف ٿيندين ٿيندين.

ڪيئن اچون اسين تو وٽ ڪاهي، مشاخي جي حاجت ناهي
                رمز رندي مون ڪا ڏيندين ڏيندين.

ولي محمد“ انهيءَ چالي چل تون، طريقت جي ڪفر سان هل تون
                رسم انهيءَ تون گڏ ٿيندين ٿيندين.

(30)

پيون ملڪن منجهه پچارون، سنديون غازين جي اچڻ جون.

عربي هوڪا وي ميان گهمندا ديني الو،

ٿينديون گهر گهر ۾ تنوارون.

فوجون اينديون وي ميان عرب عجم کؤن الو،

ڪري ڏاڍيون ڪي قطارون.

پوندي ڪفر تي وي ميان مار هيڪاندي الو،

ٻُڌي ڀڄندو سو پڪارون.

سنڌ ويچاري وي ميان لاءِ سهاڳ جي الو،

وجهي ويٺي نت ڦارون.

وڄندو نغارو وي ميان حڪم الاهي جو الو،

ڏيندو الحق اخبارون

ولي محمد“ وي ميان شافع ٿيندو الو،

لهندو ساري سو سنڀارون.

(32)

ٻُڌي رات وصال جون وايون، لاهي ڇڏيم لباس آميري.

 

شمس حسن جي ڪئي روشنائي، وسري وئي ٻي سڀڪائي.
اچي عشق ڏنم واڌايون، تنهنجي پئي مقبول فقيري
.

بار بره جا ايندا جن تي، لوڪ ملامت رکندا تن تي
پر گهُور نيڻن جي گهايون، سي ته ڪهڙي ڪندا دلگيري
.

عشق امام ٿيو جنهين اڳ ۾، هو ڪو ”اناالحق“ سئوساري جڳ ۾
ڪي ته راز اکيون ڏسي آيون، کليا گل گلزار ضميري
.

ولي محمد“ جيڪي عشق جا طالب، ٿيا تنهين جا سڀئي مطالب
سي ته ڪين پڇن ٻيون جايون، ويٺا اَمر مڃي تقديري
.

 

(33) روپ اوغان

عقل جزوي جو ناهي ڪم، عقل ڪُل سان ڏسو منجهه دم.

 

خلق الانسان من نورِي‘، آهي اها رمز سڀ پوري
ڪيڏو اسرار ڪوه طوري، ڏنو جلوو بني آدم
.

 

ظاهر هوت ۾ جنگ آهي، معنيٰ ۾ ڪو شبہ ناهي
پنهنجو مُنهن پاڻ ۾ پائي، ڏسي ڪو دوئي ڪري اُت گم
.

 

لکين ٿورا ۽ ڳُڻ پرين، ويٺو ڳايان سدا منجهه تن
ساري ظلمات ٿي روشن، صوفين ٻاري ڏني هڪ شم
.
ولي محمد“ انهي حالت، رهج تن سان تون منجهه محبت
آهي تن ۾ وڏي حڪمت، چيو جن ٿي ”باذنِي قُم
“.

 

(34)

آهي اسلام جي حد ۾ دنيا جو دؤر سڀ ماتم،

ڪفر ثابت ٿيو تن تي، جنهين غفلت ۾ ٿيو خاتم.

ڪري حق ٿو جڏهن ظاهر ’امر يبڪُو ڪَثِيرا‘ جو
موجب آيت ’ولاتفرح‘ خوشي سڀڪا ڪفر ڄاتم
.

 

شريعت ۽ طريقت مؤن، حقيقت، معرفت سمجهڻ
فقہ جي جاءِ هت ناهي، اندر دل پير جان پاتم
.

 

نفي اثبات ۾ آيو اشارو ’نحن اقرب‘ جو
ڪري تعظيم جو سجدو، قدم مرشد جي سِر لاتم
.

 

ولي محمد“ تون ٿي صابر، صبر جي آهي وڏي منزل
مشاخيءَ جي ڇڏي دعويٰ، رندي جي رمز ٿِي ڄاتم
.

 

(36)

عشق چوي ٿو ظاهر چؤ، جلدي ’رب اَرني‘.

ناهي طاقت مون کي، ڪِيئَن ڪريان ڳجهه پڌرو
هيءَ امانت سڀڪنهن، دوست ڏني هئي ڌرڻي
.
لَن تراني‘ ۾ پئي، تجلي ساڻ حڪم
جبل جلي ٿيو فاني، ’فَخَرَّ‘ موسيٰ پئي ڏرڻي
.
حسن حقيقي موهيا، لازم ٿي وک ڀرڻي
.
فاذ کروني‘ سمجهي، ’اذکُرکم‘ ياد رکج
ذڪر سِري جي ڪثرت، ثابت ٿيندي ڪرڻي
.
ولي محمد“ ٿي صابر، پاڻهي ڏسندين تون لقاءُ
رمز انهيءَ ۾ آهي، چاڙهي اڃان ڪا چڙهڻي
.
(37)

ڪير اتي ٿو ڳالهائي، ٻولي ’اناالحق‘ واري.
پهري پوشاڪ حال ربُوبي، صوفي سِر سناهي
                نيزي ڪيئي هسواري.

لاءِ وصال جي موت قبولي، سوريءَ چڙهيا سانگا لاهي
                ڪا جا ڏسي دلداري.

ماڳ انهين تي جيڪي آيا، ويڙا سانگ رسائي
                عشق ڪَيُنِ اظهاري

پُورا ڪري ويا قول الستي، قالوابليٰ جا نباهي
                بار کڻي سِر باري.

ولي محمد“ راهه انهيءَ ۾، عقل حاجت ناهي
                دم جي رکين هوشياري.

 

(38)

پنهل جي ڪاڻ هيڪر آءٌ، ڏونگر سارو نهارينديس،
ٻاروچي جي آهيان ٻانهي، اڳيان ڳڻ ڪِينَ وسارينديس
.
اڃان اٿم آسرو دل تي، ڪندو مون سان مدد دلبر
ڏسي وڻ ڪيچ جا جيڏيون، مُئيءَ دل کي جيارينديس
.
مُيس جي پنڌ ۾ جيڏيون، ته چونديس ٿيا ٻُڏيءَ ٻيڻا
اڃا ڪو دم هوندم باقي، ته ڪيچين کي پُڪارينديس
.
وڃان ٿي هيڪلي پنڌ ۾، اڳيان ڪو قاف ٿا ٻڌجن
لڪن جون سِر سَهي سختيون، سچي سڪ کي اُجارينديس
.
ولي محمد“ ويهڻ منهنجو، روا ناهي بنا هوتن
ڏئي ڀنڀور کي باهيون، لکئي جا قول پارينديس
.

(39)

ڏوريندس حَبَ پَٽيون، ڙي جيڏيون، آءُ جانب جت لاءِ.

 

ڳوليم هوت پنهل لئي سرتيون، ساري ڀنڀور جون گهٽيون.
جاڳي رات جتن لئي جيڏيون، لڙي ويون سِر ڪَتيون
.
اُهي ڪيئن هت سک ٿي سمهنديون، جي فراقن ڦٽيون
.
قيد الماء جي قيد وهاريم، عشق منجهايم متيون
.
ولي محمد“ آهي آخر ملنديون، رنگ انهيءَ جي رتيون.

 

(40)

تون ته ويهه نه آسرو لاهي لاهي، اٿئي ويجها وڻ وڻڪار جا.
ڏس پنهل جا وڻ به ڏيندئي، آخر ويندينءَ ڪاهي ڪاهي
.
ڇڏ ڀنڀور جي جيئري دعويٰ، بچن کي پنڌ ڇاهي ڇاهي
.
سِر عشاقن اَو کي سَو کي، اِئين اصل کؤن آهي آهي
.
ولي محمد“ ٻڌ توڪل سندرو، ويهڻ مناسب ناهي ناهي.

 

(41)

سسئي ڏونگر ڏاج ڏيئي، ڇني ويا ڏير سياڪو.

ڪو جو ڏٺائون عيب نماڻيءَ ۾، وساري سڱ سڀيئي.
هيڪ هيڪڙي پير پيادي، نڪو ساٿي نڪو ڏيهي
.
هن نماڻيءَ جي حال اندر جي، پنهل کي ڪل ڪانه پيئي
.
واٽ وندر جي پُڇندي وينديس، لنگهيا ڪر هاڪي سنجهيئي
.
ولي محمد“ کي ٻاجهه پوندي، پُڄائيندم ڪيچ نيئي.

 

 

(42)

آيا سسئي بار باري، رکج صورت سان سياٻو.
ڏونگر ڏاڍا لڪ آويڙا، مٿئون بئي رَبن انڌاري
.
عشق اول کؤن سر عساقن، خزان ڏيندو پوءِ بهاري
.
ڏَس پنهل جا وڻ به ڏيندئي، ٿج ذاتي سان نهاري
پاڻهي ڏسندين هن اکين سان، ’آيلا اَنا‘ جي بات
ساري.
ولي محمد“ کي عبد نه ڄائج، اها آهي واٽ جاري.

 

(43)

ادا پانڌي، ڪي ڏٺا تو، سنجهي ڪرها ڪيچ ويندا.

 

هيئن نه ڀانيم هيڏي ٿيندي، سسئيءَ کي ساڻ نه نيندا.
هن ڀنڀور کي ڪين سڃاتم، ڦري دشمن ڏير ٿيندا
.
سَڱُ سياپو سڀ وساري، مئيءَ جو ماڳ مٽيندا
.
ولي محمد“ سر عُشاقن، ڏاڍا باري بار ايندا.

(44)

آهي روح رهاڻ، جيڏيون، جانب يار سان منهنجي.

 

جيهِي تيهي آءُ اُنهن جي، من سَڃاڻن پاڻ.
سِر قبوليم پانهنجي، عشق سندا جولانَ
سپيريان جي ڳالهڙي، لاٿم شڪ گمان
.
راهه انهيءَ ۾ ڪيترا، حُسن ڪيا حيران
.
ولي محمد“ انهيءَ حال ۾، ڪج ساه سِري قربان.

 

 

(45)

اصل هو مُنهنجڙو توسان، سَڱ ٻاروچا عدم جو.

هن ڀنڀور جي اصلؤن عادت، آهي نڀائيندو ڪين ڪهن سان
                ڪونهي ڪو ڀروسو دم جو.

هاڻي وصال جو مُئيءَ کي ڏي ڪو دلاسو، جيارين ٿو حڪم جنهن سان
                مثل عيني ’اذني قُم‘ جو.

پير پيادي وڃان ٿي لڪ لنگهندي، ڏاڍي لاچار جي لَهه سان
                ڪريان ڪهڙو حال غم جو.

حال سسئيءَ جو پنهل کي پانڌي ڏيج سڀوئي، اچي پهچي ڪنهين پهه سان
                ڀيرو ڪج ڪو تون ڀرم جو.

ولي محمد“ دل سان سمجهه معنيٰ کي، جهڙي تهڙي حال تنهن سان
                لکيو ڏس لوح قلم جو.

(46)

ڏاڍي آهي اُڪير، اَدا پانڌيئڙا، مون کي هوتن جي.
ويٺي نهاريان ايڏاهين، اکين وهايو نير
.
ڏيج نياپا ڪيچ ڌڻين کي، سُهِڻي سان تقرير
.
هن ڀنڀور ۾ قابو ڪِيَڙس، قيد الماء جي زنجير
.
اڳيؤن سُجهن ٿا ڏونگر ڏکيا، ڪهڙي ڪريان تدبير
.
ولي محمد“ کي ٻاجهه پوندي، معاف ٿيندي تقصير.

 

(47)

آءُ ڪيئن رهان هت ويهي ويهي منهنجو سنڱ ڪو ڪيچ سان.
جن وساري آهيان، ياد ڪندا مون سيئي سيئي
.
عشق سنديئي پنڌ جي، ڳالهه ڪريان آءُ ڪيهي ڪيهي
.
ڪهڙو ڏوهه ڏيرن تي جيڏيون، هٿئون پنهنجي پيئي
پيئي.
ولي محمد“ جي دامن وٺنديس، نيئي گڏيندا جيهي تيهي.

 

(48)

پنهل جي ڪاڻ ڏورينديس، اديون هيڪر جبل سارو.

 

جهڙي تهڙي حال سان رڙهندي، اُٺن جا پير آءُ چڻندي
وينديس ڏس ڪيچ جا سڻندي، حامي ٿيندم پرين پيارو
.

ٻاروچل جي آهيان ٻانهي، ڪندو مون تي نگهباني
ڇڏيندم ڪِينَ سو جاني، لاهيندم دل جو مونجهارو
.

مون کي ڇو ٿيون جَهليون پايو، اوهان وٽ عشق ناهي آيو
تڏهن ٿيون ڏيو اهو رايو،وتو اَٿوَ ڪين ڪوهيارو
.

وڃان ٿي هيڪلي پنڌ ۾، لڳي اٿم لار سَنڌ سَنڌ ۾
اٿم ڏوري هوت جي ڪنڌ ۾، ڏيکاريندم ڪيچ سونهارو
.

ولي محمد“ ٿيندم شافي، اهو مُربي اٿم ڪافي
ڍڪي منهنجا عيب ڏئي معافي، ڪندو مُئي کي حُسن وارو
.

 

(49) روپ ڌناسري

ڪانهي هوت ميار، ڀوري ڀانئج پاڻ کؤن.

 

ساريون راتيون اِيئن سمهن جي، هي تنهين جا پار.
ڄاڻي سڃاڻي دوست کؤن، غفلت ڪيڙئي ڌار
.
اصل ڀلجن ڪيتريون، پنهنجا پسي سينگار
.
جي تو ڀانئيا پنهنجا، سي نه ڪنهن جا يار
.
ولي محمد“ پنڌ عشق جي ۾، روا ناهه قرار.

 

(50) روپ ڀيروي

ڏونگر سا ڪِيئَن لنگهندي، رات وِندر ۾ پِيَڙي.

 

لوح قلم جي لکئي، آڻي وڌي منجهه لڪن
ڪهڙو ڏوهه ڏيرن، پنهنجي هٿئون جا ٿِيَڙي
.

پانڌي ادا! خبر تو، ڪهڙي ڪريان حال جي
ٻانڀڻ ٻاروچن جي، نينهن نهوڙي نَيڙي
.

پير پيادي پنڌ ۾، وينديس ڪيچَ ڪَهِي
ڏس پنهل جا پڇنديس، جنهن دل قابو ڪِيَڙي
.

جيئن ڏسان ٿي صورت، تيئن حُسن ٿو موهي
دل مجازئون ڦاٿي، وس ڪنان جا ويڙي
.

ولي محمد“ عشق سندا، عجب لقاءُ ٿا ڏسجن.
جنهن سِر ايندو سنبري، تنهن سِر ٿيندي اهڙي
.

 

(51)  روپ بروو

ڍڪي آءُ پٽ پٽيهر، عمر لويون ڪيئن لڄايان

 

بيوس ڪَيَڙس قرب قلم جي، ڪنهن کي حال سڻايان.
نينهن نياپا درد فراقن جا، هَٿئون
ڪنهن جي ٿر پڄايان.
ساريو سرتيون قلب اندر ۾، اکيون رويو ٿي ڀڄايان
.
ذاتي روحي جا ساز سرود، ويٺي روز وڄايان
.
ولي محمد“ کي ٻاجهه پوندي، ثابت سِيرُ نڀايان.

(52)

قيد الماءُ جي قسمت، آڻي ويهاريس ڪوٽن.

 

کُهه تنهنجا ماڙيون بنگلا، تنهنجون طول کٽون
هُت سرتين سان گڏجي، پاڻي پريم ٿي لوٽن
.

 

ڏي موڪل ميان عمر پنهنجي وطن وڃان
ويڙهيچن سان گڏجي، سِڱر ڇنان چڙهي چوٽن
.

 

ٻن هي طعام تنهنجا، مُشڪ مليدا مصريون
ڪين وڻن ٿا مون کي، مَٽ نه ڀانيان ڀُرٽن
.

 

ولي محمد“ ٿي صوفي، ڏي سر عشق اڳيئون
ڪِيئن لڌيون ٿي لائون، ڏِس گهوڙن ۽ گهوٽن
.

 

(53)  روپ آسا

ڏسي هت رنگ رنگپور جا، وطن پنهنجو وساريئي ڪيئَن.

 

لاهي پوشاڪ معنيٰ جي، سانگي ٿي سير تي آئين
بقا هن دؤر جو دل تي، اهو نُڪتو وهاريئي ڪِيئن
.

 

فنا کي ڪينڪي سمجهئي، سڏائين پاڻ کي طالب
کڻي سِر بار تهمت جو، طلسم ڏي نهاريئي ڪيئن
.

 

جوڙي اساب دنيا جا، ويٺين مغرور ٿي م،الڪ
عجب انهيءَ هوش تنهنجي جو، خزان کي ٿي بَهاريئي ڪِيئَن
.

سڃاتئي پاڻ نا پنهنجو، ٻُڌئي توڙي ’فيہ مين رّوحي
ڏاڍي منجهه خواب غفلت جي، ”ولي محمد“ گذاريئي ڪيئن
.

(54) بروو

يوسف آندا مصرُ وو، عشق زليخان دي دل دي
صورت شيخ دِي دائم، ’ڪل شيءِ‘ وچ قائم
عاشق نال هجر وو، رمز ڳوڙهي ڏيک رِلدي
.

 

ويک شمع برواني، شوقئون جلن مستاني
بيخود آوندي سنبر وو، ويک تماشا نه ٽلدي
.

 

ڇيوين وصال منگيسي، تيوين فراق ٻويسي
گم ٿي ڏيوين تون سِر وو، پيش پرين لاءِ وصل دي
.

 

ولي محمد“ يار جاني، ٿِيسئي رحَم رباني
صوفي آوسئي اَسر وو، جٿان ملائڪ مِلدي
.

 

(55)

ڇور مشاخي بات، ڪر رمز رندي اِثبات

آلاَ اَنا‘ دا سمجهه اِشارا، سير سِرّي دا ويک نظارا
                        تي داخل وچ عرفات

اهو سِرّ سارا سبحاني، رهندا هئي وچ قلب نِهاني
                        جيوين ليل قدر دي رات.

وانگون سڪندر آب حياتي، نال حضر دي ٿي همذاتي
                        پِڇي ويک هيري ظلمات.

شمس حسن دا ظاهر ٿيسي، صفت ساري گم ٿي ويسي
                        ٿِيسي، ثابت هڪا ذات.

ولي محمد“ رک خيال اوڏاهين، ’اناالحق‘ دي موج جيڏاهين
                        لائي عشق برهه برسات.

 

(56)

ڪيتا سِر نيزي تي نظارا، وي يار، صوفي شاهي طبل وڄايا.
سُبحاني ما اعظم شاني‘، اصل عشاقان دي رمز شهاني
                        مار ڳئي اهو نعرا نعرا.

حال اِنهين دا واقف ڪوئي، جنهن سِر آوي ڄاڻي سوئي
                        ڀُليا لوڪ ويچارا ويچارا.

راه اِنهين وچ جيڪي آو سَن، سهج ڪنون سِر آپي ڏيسن
                        سمجهه سِرّي دا اشارا اشارا.

ولي محمد“ هوويَن خيال تنهين وچ، رانجهن ڪون وت شوق جنهين وت
                        وسريا تخت هزارا هزارا.

 

(57)

اهو عشق دا بار وي، تون سمجهه سمجهه سر چاوين.

 

نال پيران دي پنڌ نهين ڪرڻا، ڪيهي ڪران تدبير
بي سر اٿان پنڌ ڪريسي، خيال سڀئي وسار
.

جڏان ول آپ تون مارين، گهت فنا تڪبير
تڏان تيئڪون طالب ڄاڻن، هيئي اِها مشڪل ڪار
.

اِنهين عشق ديان سڻ هڻ باتين،ڪيهي ڪران تقرير
ڪيئي رُلَيندا تخت شهاني، ڪيئي چڙهيندا بردار
.

ولي محمد“ ڪيهان وت ڳالهين، قانع ٿي تقدير
ٻڌ سندرا توڪل والا، دم تي ٿي هوشيار
.

(58)

دنيا هي ڪل خواب وي، تون سمجهه سمجهه پير چاوين.

 

ڇوڙ سڀئي سانگي اجائي،ويسئِي حال اَحَوال
ملڪ فنا وچ ڪيا ڪجهه ٿيسِئي، اَوسئي، مفت عتاب
.

 

هيئِي نصيحت اَمر اهو ئي، نال صدق دي پال
دؤر دنيا دا آخر ڄاڻي، جيوين مثل حباب
.

 

نال فراق دي آپ جلاوين، مُول نه منگين وصال
وانگون زليخان يوسف ڳولين، لاهه سڀيئي حجاب
.

 

ولي محمد“ هڪو ڄاڻي، ڇوڙ دوئي دا خال
راهه انهين وچ مصلحت ڪيهي،ڏي چاسِر شتاب
.

 

(59)

سنهيو سانون عشق جڳايا، ويکو لاءِ برهه ديان نوڪان.

 

درد عشاقان اصلؤن چاتا، قدر تنهن دا تِنهان وَت ڄاتا
پير پِڇو تي ڪنهن نه پاتا، جيوين پِڙ منصور مَلهايا
                جهل تيغ تبر ديان چوڪان

عشق جيها ٻيا ٽول نه ڪوئي، جنهن سِر آوي ڄاڻي سوئي
دل اِنهين حيرت وچ هوئي، ني سِر محبوب ڇپايا
                جٿان ابتڙ سمجها لوڪان.

مرد اُهيئي چا سر چاول، نال ماهي دي توڙ نڀاون
بازي اُلٽي اُلٽ چلاون، جيوين سيفل آپ رُلايا
                توڙي لوڪ ڪِتيان نِي ٽوڪان.

ولي محمد“ هڻ مار نغارا، عاشق اصلؤن ترن اوڀارا
ڪوڙا ڇوڙ دنيا دا لارا، آ محبت مينهن وسايا
                لايان حب وطن ديان موڪان.

(60) روپ تلنگ

اها برهه والڙي بازي، ڪو سمجهي.

 

نهين خبر اها عالم نون، معلوم حق ڪيهن ڳالهين راضي.
سڄي ڪوڙي ظاهر ٿيسن، آپ ٿيسي جڏان قاضي
.
مرد اُهي جي حال اِنهين وچ، مُول نه ڄاڻن ماضي
.
ولي محمد“ اها مام برهه دِي ڪَئِي پروڙن غازي.

 

(61)

هُڻ آيا اساڏڙي ويڙهي، رانجهو تخت هزاري دا سائين.

 

ميئن نماڻي دا وس نهين چلدا، حق ڪيتا چانبڙي.
عشق دي دامن خوب ڳدو سي،پار پئي وڃ بيڙي
.
مئين رانجهن دِي رانجهن ميڏا، گهول گهتان سڀ کيڙي
.
ولي محمد“ هُڻ شڪر اِلــٰهي، معاف ٿئي ڪُل جهيڙي.

 

(62)

لوڪان چا چاڪ هُلايا ڙي، شاهي جنهن دا شان شَهانا.

 

تخت هزاري دا والي آها، انهيءَ بهاني ٿي آيا.
سڀ سيالين مل ڪر ويکو، لوح قلم دا رايا
.
کيڙا ميڪون مول نه آڇو، مِئن رانجهن چُم چايا
.
روز الستي ڪاڻ ماهي دي، مئيڪون عشق نپايا
.
ولي محمد“ گهن عشق دي دامن، جنهن دا شان سجايا.

(63)

سهجون اسان سِر چايا وي چايا، جنهن ديان ڪريندي لوڪ مياران.

 

ڪيهي ڪريسن لوڪ ملامت، قسمت ايوين بنايا وي بنايا.
جنهن وچ رانجهن راضي ٿيوي، سوئي سانگ سجايا وي سجايا
.
عِشق جٿاهين ظاهر ٿيندا، اُٿان حجاب اجايا وي اجايا
.
ولي محمد“ راهه اِنهين وچ، دل ڏتا اهو رايا وي رايا.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

روپ ڀيروي

(1)

آيو عشق،عقل کي ٿي تسليٰ،

تڏهن آو اڳيئون وٽ نفس هلي.

ڳڻي ڪري ڪا صلاح موچاري ادا!

آيو عشق، حسن جو ٻُڌي غوغا،
يا لاه جسم تؤن دوئي جا وڳا،

نه ته وينداسون ٻئي مفت جَلي.
ڏسي فوج
حسن جي آهيان ڀڳو،

جنهن کي ڦل تعويذ لڳي نه سڳو،
تو نفس جي محبت هيس لڳو،

هاڻي ڳول اُٿي ڪا ڀڄڻ ڳَلِي.
چيو
نفس عقل کي سڻ ويهي،

اُتي چئو تدبير ڪبي ڪيهِي،
ٻَڌ عبديت جا هٿ ٻيئي،

اڳيئون عشق ڪنهن جي ڪانه چلي.
هاڻي ”ولي محمد“ جو طالب ٿي،

هل ڪفر طريقت جو تون وٺي،
لاهي پوش مشاخي، رندي ۾ ٿي،

ڪندو مرسل سڀڪنهن ساڻ ڀلي.
(2)

ڏنو عشق عشاقن کي هي سبق،

چڙهو سُوليءَ تي چئي ”اناالحق“.

آيا آمر ۾ عشق بيٺا مَچي، ڪيائون سڀڪا پنهنجي ڳالهه سچي
بيرنگي جي رنگ ۾ پيا رچي، لاهي بار صفت ڪيائون ذاتي دلق
.

 

ڏسي حسن حقي ٿيا مَحو اُتي، آهي ’لَيسَ مثل‘ جو مثل جتي
موڙيا ڪين ڪَنهِين عنوان ڪِٿي، ٿيا صوفي صفا ڌوئي دوئي جا
ورق.

 

اچي عشق ڏيکاريو سارو لقاءُ، اُتي ذاتي ٿي پيو قبله نماءُ
ڪيو قلب ۾ اُڀري شمس شعاع، رنگ پيدا ٿي پيو مثل شفق
.

 

ولي محمد“ رک فڪر نه ڪو، وٺي دامن عشق جِي سام تون پئو
حال اهو ڪنهن سان نه پَهه تون، ٻڌ سندرو رندي توڪل جو
.

 

(4)

باذِنِ رَبّهمِ‘ سمجهه اشارو،

ويٺو پڇين ڏَس ليل و قدر جا.

ڇو ٿو نهارين وڻَ ٽڻ ٻهار، ’اِنّا آنزَ لنا‘ اَٿئي ظاهر
صورت کي ڪر پاڻ سان ماهر، ٿيندو قلب منجهان اهو چارو
.

 

دين ڪفر جي حاجت ناهي، سانگو سر جو ڇڏ تون لاهي
بحر اِنهيءَ ۾ پئو تون ڪاهي، پوءِ ڏس تون اهو ڳجهه سارو
.

 

شمس قمر ٻئي سِر سبحاني، آهن مخفي منجهه پيشاني
حُسن تن جو آهي لاثاني، پوءِ ڏس تون نور نظارو
.

 

.ولي محمد“ اڃان ڏسندين سيئي، منزل منزل تي ڳُهه ڪيئي
ڳجهي رک تون مامَ مڙيئي، هڻ رندي رمز جو نعرو
.

 

(5)

سُبحان مَن تحّير‘ ڏس ذات ۾ نهاري.

آهي محب تنهنجي گهر ۾،  ڳولج نه بحر بر ۾
ڏس تنهن کي دل اندر ۾، گهڻو پؤ نه منجهه پساري
.

 

ڏاڍي پرت پيچ پائي، مچ عشق جو مچائي
صورت سان نينهن لائي، ڇڏ دوئي جا ورق واري
.

 

وحدت جو پي پيالو، عاشق ٿي ويهه نرالو
دنيا جو ڇڏ سنڀالو، رهه حُسن جي نظاري
.

 

ولي محمد“ سنڀارج، هر حال سان پيو گهارج
ذاتي نه دم وسارج، پئو عشق جي پناري
.

 

(6)

اُٿي وٺ طريقت جو ڪفر، ايهي زوهد تقويٰ ڇڏ کڻي.

 

بنان عشق پوندي ڪانڪا، حق جي لقا جي ڪا خبر
ڏي تهدليئون دوئي کي ترڪ، اَٿئي رام حق هڪڙو ڌڻي
.

 

صوفي رکن ٿا ڪينڪي، رندي بنان ٻيو ڪو دَلق
وحدت وجودي ٿا رکن، نعرو ’اناالحق‘ جو هڻي
.

 

ڀائين ڏسان حق جو حُسن، تان احديت اثبات ڪر
شيخي مشائخيءَ ۾ نه پئو، رک عشق سان رغبت گهڻي
.

 

ولي محمد“ ڳُجهه اهو، صورت پرستيءَ ۾ تون ڏس
اَصلئون ملامت لوڪ جي، آهي سِر عشاقن جي بڻِي
.

(7)

وَ رمز رندي وارن جا فن، ڏسو دؤر دنيا ۾ ڪيئن ٿا رهن.
ڏئي ترڪ
مشاخيءَ کي ظاهر،

وڃي مڪتب ٿيا ماهر،
لاهي پردو حجاب جو ٿيا ظاهر،

ويٺا ’اَناالحق‘ جا پار پڇن.
ڇڏي لوت لباس هليا نيهي،

اچي ميخاني ۾ رهيا ويهي،
هاڻي ڳالهه تِنهين جي ڪَجِي ڪيهي،

جي مَحو ڪيا ديدار حُسن.
ڌوئي ورق دوئي جا ٿيا آجا،

ٻُڌي ساز سُرودن جا واڄا،
آئي بُوءِ تنهين کي اندر ڪا جا،

سي درد بنان ٻيو ڪين ڪڇن
ولي محمد ڏس خيال ڪري،

آهي دين ڪفر کان پنڌ پري،
جيڪو ٿئي
عاشق سر اڏيءَ ڌرتي،

تڏهن عين وصال جا پيچ پون.
(8)

گڏيو رات محب سوئي، جنهن جي حسن هئي دل موهي.

 

الفراق وصال ٿي پَيڙو، مليو اکيون اکين سان روئي
رنگ محل جي سير وساريو، دؤر دنيا جو سڀوئي
.

 

ڏسي جلوو حسن دلبر جو، ٿيو مطلب دل جو سڀوئي،
کليا باغ چمن چوڌاري، ڪئي زلف سياه خوشبوئي
.
ٿيو ديدار دل اندر سارو، رهيو قطرو غير نه ڪوئي،
توکي گهر جي حال اِنهيءَ ۾، ڇڏ ورق دوئي جا دوئي
.

 

ولي محمد“ تنهنجو حال ڏسي، اچي عشق ڪئي دل جوئِي
وڄندي نوبت ذاتي تنهن ۾، پوءِ ٿيندو آواز سگهوئي
.

 

(9)

ڏسو عاشقن جا شاهي طبل، جن معرفت اثبات ڪئي.

جڏهن عشق جي نوبت وڳي، تڏهن هير رانجهي سان لڳي
ڇڏي ديس کيڙي کان ڀڳي، توڙي چُڪيون جيڏيون چئي
.

 

مجنون ولين ويڙهيو جتي، آندو عشق ليلان کي تتي
لڳو نينهن جو نعرو اُتي، تڏهن ’لَيل‘ مان ليلان ٿي پئي
.

 

جيڪي عشق نئي منظور ڪيا، ڏاڍي ڪيف ۾ مخمور ٿيا
سي ’نورآ عليٰ‘ ٿي نُور پيا، جن جي صفت عرشني وئي
.

 

ولي محمد“ اِنهيءَ عشق جا، ڏسندين اڃان ڪيئي لقا
تنهن سان تهدليون رک تون وفا، تنهن کي پئج پيرن تي نَئِي
.

 

(10)

حق عاشقن سڃاتو صورت محمديءَ ۾،
صوفي
 ڏسن ٿا تنهن کي وحدت وجوديءَ ۾.

 

حاجت عقل جي ناهي، معنيٰ ۾ خيال رک تون
مشاخيءَ جو پوش لاهي، تنهن کي سمجهي ڏس رنديءَ
۾.

 

جڏهن ’عرب بلا عيني‘ تڏهن عبد ڪيئن چئبو
هي ڳالهه آهي مخفي، ذاتيءَ جو پيو نديءَ ۾
.
احمد‘ ۽ ’احد‘ وچ ۾ آهي، ميم جو فرق
شبهات سڀ وساري، تنهن کي سمجهه بيخوديءَ ۾
.

 

ولي محمد“ جي ڄاڻي، هن حال جي حقيقت
ڇڏ حرص جي بحر کي، گهِڙ عشق جي نديءَ ۾
.

 

(11)

وطن وڃڻ جي ڪا جا، رات مليم خوشخبري.
وقت فجر جي آيو. ڪانگل پار پرين
چيائين اچن ٿا تو وٽ، تون اُٿي ويهه سنبري
.

 

ڀلي آئين جيءُ آئين، ڪوڙين ڪريان قربانيون.
تنهنجي وصال جي واين، گوندر ويا مون وسري
.

 

ڏاڍي شوق منجهان، ويٺي نهاريم دم دم
پانڌي ادا، ڪڏهن ايندا، منهنجي اڱڻ دوست وري
.

 

ولي محمد“ صوفين جا، ڳڻ ٿورا ياد رکج
محبت ذاتي جن جي، ويندا دم تو گذري
.

 

(12)

ماهي يار ڪونه ماڻا، تو در آهيون وڪاڻا.

 

دلبر نه رک جدائي، ڪر ڪا اچڻ جي وائي
انهي تنهنجي بيوفائي، ڪيا درد دل ۾ ٿاڻا
.

 

هرگز نه ويهه وساري، آءُ قول پنهنجا پاري
اچي حال ڏس نهاري، در در وتون ويڳاڻا
.

 

ڏي ڪو دِلئون دلاسو، ڏاڍي شوق مان خلاصو

ڇو ٿو ڪرين تون پاسو ڪهڙي سبب نه ڄاڻا.
ولي محمد“ کي رک نظر ۾، اِنهيءَ بحر توڙي بر ۾
تنهن کي ڏي لقاءَ اَندر ۾، صاحب سڄڻ سياڻا
.

 

(13)

بيمثلي دا سمجهه اشارا، ’اناالحق‘ دا مار تون نعرا.

 

ذاتي نال تون مل ٿي ذاتي، لاهه مشاخِي دا پوش صفاتي
                بِلا ميم دا ڪر نظارا.

عشق دي معنيٰ عين شريعت، ظاهر دي وچ ڪفر طريقت
                ٿي منصور ته ٿيوين نروارا.

سبحاني ما اعظم شاني‘، رمز عشاقان دي ويک شهانِي
                ڏي سِر سُولي ڪر ڳئي چارا.

احد‘ وچ چا ’ميم‘ رکايس، ’احمد‘ ٿي اِٿان آپُ وِکايس
                مخفي ڪيتس اِهو اِسِراّرا.

ولي محمد“ هڻ ٿي تون ظاهر، ڇوڙ حجاب ته ٿيوين ماهر
                رمز رندي دا ڪر اظهارا.

 

روپ ڀيروي

ٿل: صوفي سِري جي سير ۾، حق ٿي اناالحق ٿا چون.
معرفت جي بحر جا غواص ٿيا لاهي لباس،

الف واري اوٽ ۾، وحدت وجودي ٿا رکن.
ميم جي معنيٰ کي سمجهي، قؤل سڀئي پورا ڪري،

ذات سان ذاتي ملائي، احديث ٿا اثبات ڪن.
قاب ۽ قوسين او عدنا، جي معنيٰ ڪيا مُحِيط،

بي خودي مخمور ڪيا، لاٿا صفاتي پوش تن.
قلب کي ڪعبه ڪري، ٿا ڏين سجده با ادب،

حج اڪبر ٿا پڙهن، عرفات ڪيئون دل جو صحن.
ولي محمد“ کي ڏسن ٿا، ساڻ بلا ميم جي مام،

لاهي شڪ شبهات سڀ، ٿيا محو منجهه حقي حسن.


* اصل ۾ ڪافي روپ شام ڪلياڻ.

* راڳڻي ڪلياڻ يا سهجوَنتي

* روپ بروو جا پيروي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org