سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات حسين ديدڙ

صفحو :9

 

در بيان سبب نظم ڪتاب

 

ڪريجي عشق دي، ڪائي ڪهاڻي،

جو ويندي هي، عمر گُذري وهاڻي(3).

 

نه مين قابل عقل تي عِلم والا،

آلَہ دي آس ڪر جوڙيم رِسالا.

متان ڪم بــٖـيش(4) دا ڪوئي ڪري عار(5

نقل(1) عُرفي(2) ڪريندا مين شرحوار(3).

 

ولـٖـي(4) يڪبار(5) جاني ڪنهن سَندايا(6

نَهين آکڻ(7) اُهين دا مين وَلايا(8).

ڪري خَنديٖ(9) خُلق توڙي هزاران،

رهيٖ ياري سلامت نال ياران.

 

ڪذب(10)، ڪاوڙ، خودي، جو خانُ کاسِي،

پَسند تنهن ڪون اسان ڏا شعر آسِي.

نهين جنهن ڪون هدايت جام نوشِي،

ڪريٖ احمق ڪِيوين سو عيب پوشِي.

 

قِصا سُڻ يار خوش ٿيسين يَگانـٖـي،

کاسِن غم غير تي، بَد رنگ بيگانـٖـي.

ڪَريسِن ياد مخلص، خانِوادٖي(1

قدر ڪيها تِنان(2)،  جي بي بنيادي.

 

عُشاقان دا قِصا مذڪور ماضي،

جُڙيندا مَين ڪريندا روح راضي.

 

پنهون بلوچ تي سسئي برهمڻ،

اَڙائي عشق ڏونهين مرد، ڪامِڻ(3).

 

تِنان دي عشق دا احوال ايوين،

سُڻائي مَين قصي دي ڳالهه جيوين.

 

منجهه بيان برهمڻ جي، جو خواهشمند

واسطي اولاد جي.

 

بهادر بهت راجا شاهه بهرام،

برهمڻ ذات آکن آدمي عام.

 

جنگي جنگ دا جنگاور جوان اڻموٽ،

قلعا قابو بڻايس ڪاڳڙا ڪوٽ.

 

زوراور ذات ٻانڀڻ زور قوّت،

حليمت نال حاڪم پُر مروّت.

 

دلاور دل قوي پڌرا پهلوان،

رعيت راڄ دا ناميا نگهبان.

 

اُچا عادل اهو نر شير آها،

عدالت وچ انهين دي ڦير ناها.

 

هويا نوشيروان مشهور جيوين،

رکيا بهرام ڀي دستور تيوين.

 

ترازو تول تڪ آهس امانت(1

ڪريندا مول(2) نا ها خس(3) خيانت.

 

بهت ممنون ماڻهو، ملڪ آباد،

ڪريندا(4) ڪونه ماڻهو ڪوڪ، فرياد.

جنب ڪافر، برهمڻ شاه بهرام،

منيدا مول نا ها دين اسلام.

 

ڪرڻ تعريف ڪافر دي گناهي،

محابي عدل دي البت مباحي.

 

سخي دل، دست دا دولہ، دخالا،

رکاهس وانگ(1) حاتم چست چالا.

 

وجہ ورثي فقيران دي جڙيندا،

سوالي ڪون نه خالي سو ڇڙيندا.

 

مدامي مير، منگتي مل مراسي،

هزارين اور ذاتين سؤ سناسي.

 

کڙيان در تي سوين حاضر صفيلان(2

وڄاون خوب ٻيٺي نت نفيلان.

 

اُنهان ڪون چا ڪريندا شاه شادان،

لهن مسڪين ماڻهو لک مرادان.

 

دنيا دولت عجب اسباب شاهي،

ڏتي آهي اُنهن ڪون چا اِلاهي.

 

مُدا(1)، موجود رکدا عيش اِملاڪ(2

هڪي ڪيتا فڪر دل شير غمناڪ.

 

خزاني خرچ رکدا بلند باري،

مگر ماريا اِهين مشڪل مونجهاري.

 

عمر دل خست، خواهشمند آها،

ڄميا، ڄايا اُهين فرزند ناها،

 

پيس دل تي فڪر، گهر دوڙ آيا،

آکيس ميڏي ڳئي برباد مايا.

 

کڙا بَرسَر ڪڍي هـٖـي، موت ڪاتِي،

هميشہ مَين نه هوسان، در حياتِي:

 

بنان اولاد جو انسانُ هوويٖ،

دنيا دولت تَنهين دي زيانُ هوويٖ.

 

 

ٿيويٖ نازل جَڏان تنهن تي مَماتي،

نه پاوِن گهر تَنهين دٖي خويش جهاتِي.

 

هوون توڙي برادر، سؤٽ، ماسات،

پَٽيندٖي ڪاڻ ورثي دٖي وڏٖي وات.

 

ڪَڍن زلان گهرون، لُچ لوڌِ ٻاهر،

آکِن ڏٖيوو، ڏَسو، ڪر مال ظاهر.

 

وَزيران ڪُون وليٖ شَهه رو سُڻايا،

بِنان اولاد جِيوَڻ هي اجايا.

 

هُيا فِڪرات اندر شاهه بهرام،

نه آويٖ تِل(1) تَنهن ڪون مُول(2) آرام.

 

ٻيٺا ڪر تخت، مسند ڪون پَسيلا(3

نه سُجهدا ڪو ويچاري ڪون وسيلا.

 

اَميران عقل والان جوڙ تدبير،

سُڻائي شاه ڪون ڪُهنــٖـي(4) ڪنهين پير.

 

نهين فڪرات چُون ڪنهن سُود پايا،

ڪرڻ فڪرات، ڪم ابتر اجايا.

 

مَتان سڻ سُست ڪوئي ڳالهه بعدمعاش،

ڪري ڪوتہ نظر تي نال آزمائش.

 

اُٿي شہ شير، ٿِي هوشيار هردم،

ڪريسي راس رب العالمين ڪم.

 

دِليون جيڪو بندا رب ڪون سنداوي(1

وصل دا جام تنهن ڪون چا پلاوي.

 

رهو رب دي تسان رايي رضا تي،

نهين هَلدا حڪم ڪنهن دا قضا تي.

 

صبر ڪيتا صحيح سَمجها سِياڻـٖـي،

نصيحت سُڻ وزيران دي وراڻـٖـي(2).

 

هوويٖ در پيٽ جنهن ڪون پيڙ(3) غالب،

تنهين ڪون يڪ نظر مخدوم طالِب(4).

 

نهين اندر شِڪم(5) اَنّ آب جنهن ڪون(6

نه آويٖ مُول آکيان خواب تنهن ڪون.

 

گهتيا تعليم تنهن ڪون سرد پاڻي،

وزيران دي نصيحت سُڻ ڪهاڻِي.

نه ٿيا بـٖـي غم اَها يا غم اُداسِي،

وتـٖـي دمدم وهَم پُر غم پِياسـٖـي.

 

در بيان حمل ٿيڻ گهر برهمڻ جي

و تعريف اِلاهي

 

ٿيس ناگاه هڪ مَحلا حمل نال،

پئي وڃ تنهن پلڪ شہ دي ڪنين ڳال.

 

هُيا خوش حال حاڪم دل وڌائي،

هوائي تِير تنهن دا ٿيا تَوائي.

 

نه ڄاتُس سُود، تاوَڻ(1) در آبادي،

جو ٿِيسِي ڪجهه نفعا يا نا مُرادي.

 

سَڏائي دم تَنهن سهسين سنگي ساز(2

تنوارن طبل(3) لايان آڻ آواز.

 

دَمامي(1)، دُهل، دَف، وه! چنگ وڄدي،

تَماشي ڪاڻ ڏيکڻ لوڪ ڀڄدي.

 

سَتاران تي سُرندي تُرم(2) تازي،

ڪريندي وچ مجالس خوش آوازي.

 

دُنيا دي در تنهن دم چا پٽائي،

سِڪايا سِيم، زَر، مُهران لُٽائي.

 

ٻُڪان دي نال ٻَہ ٻَہ خلق ميلي،

وڃن چائِي دنيا اُستاد چيلي.

 

گداگر جي آهي، ٿي ڳَئي دنيادار،

رَهيا ها ڪونه اُس جا(3) ڪو پِنڻهار.

 

سِپہ لشڪر سَڀوئي چا سڏايس،

وجہ معمول هر ڪنهن دا وڌايس.

 

لَباتي(4) تي لُنگيان مِليان آمِيران،

وزيران دي حوالي ٿيان جَگِيران.

ڪري غلفت پوي جو در پساري،

هَنجان رت دِيان سِگها سو مرد هاري.

 

ڏِٺي لک لاڏُ والي مين نِماڻي،

وتن در در گداگر ٿي ڪُماڻي.

 

وڏائي ڪرڻ ڪُوڙا ڪم ڪَچائي،

فخر هستي اجائي هي اجائي.

 

بَهُت منظور رب ڪُون هي غريبي،

صحيح ڄاڻو رسم سُنت حبيبي.

 

مَنگي جو در دنيا وچ سَرفرازي،

ڪري تان سو تواضع مرد غازي.

 

ڦِٽي ڪر هوڏ، آڪڙ، تي آميري،

فقيري گهِن، فقيري گهِن، فقيري!

 

در بيان تولد شدن سسئي و احوال آن

 

گذر ڳئي روز رب دي نَو مهيني،

لڳي بهرام ڪون وڃ سانگ(1) سيني.

جيوين ڀانوين تيوين مالڪ ڪريندا،

گهي خالي ڀري، گَہ پُر هريندا.

 

حمل دي جان ٿئي موسوم پوري،

ڄمي دختر مثل مهتاب نوري.

 

شتابون دوڙ دائي وڃ سڻايا،

سڻڻ سيتي(1) خبر، شہ سر نوايا.

 

ڄمي دختر، عمر فرزند منگدا،

ڪري عاصا هتون مظلوم لنگهدا.

 

ندوري ڪون تڏان نڪهير آوي،

جڏان در دست تنهن ڪون شِير آوي.

 

ڪري تدبير تي، تقدير خندي،

نهين اختيار آدمزاد بندي.

 

مهيني نحس ناوين ماه ڄائي،

جو ڪيتي بخت جنهن دي بيوفائي.

 

جڏان ڄائي، ڳڌي آئي درد سوز،

نه پڪا طعام، گهر ڪنهن دي تنهين روز.

 

نه لاوي ٻال تنهن ڪون دست دائي،

نه وت نوزاد(1) ڪون ماءُ ٿڃ پِلائي.

 

سڻڻ سيتي خلق درسوز ارمان،

هيا هر ڪنهن همہ هندو مسلمان.

 

رهيا تنهن رات سڀڪو شڪم خالي،

نه آهي نيڪ بد ڪنهن باهه ٻالي.

 

پيا اندر شهر دي شور گفتا،

ٿيا بيدار(2) ظالم شير خفتا(3).

 

ڪفاران دي رسم جا ريت آهي،

ڪنهين مخلوق دي تنهن طرح ناهي.

 

جنهين دي گهر جڏان جو ٻال ڄاوي،

اول سامي(4) سڏاون زود(5) آوي.

قرعا(1) ماري صحيح ڪر سو حسابون،

ڏسي ٻانڀڻ، سڀوئي ڪڍ ڪتابون.

 

بلا(2) برمڻ نڪو در دست لاوي،

طفل ڪون ڪونه اڳهين ٿڃ پلاوي.

 

نجومي ڪون شتابي شہ سڏايا،

آيا سمي، اَڳون حاضر ٻلهايا.

 

ڪَهيُس محلي ميڏي ڄائي نياڻي،

صحيح ڪر ڏيک، جلدي ڏي وراڻي.

 

قضا ڪيوين تنهين دي حق لکايا،

فڪر ميڏا سجايا ڪي اجايا.

 

سڻا ميڪون، قضا بيشڪ شتابي،

حڪم هر طور هووي جو ڪتابي.

 

اَها پنڊت پڙهيا، پختا، خبردار،

ٿيا واقف حسابون هر همہ ڪار.

 

اُهين ڪافر ڪميني مار ڍالا(3

ڏسيندا ڏيک رهزن روءِ ڪسالا.

 

حياتي تَون اُنهين هٿ چا، حرامي،

اَلايا سُخن راجي نال سامي.

 

اُنهين آکيا شِتابِي شاه تائين؛

”نَهين اِس ٻال چُون ڪو سُود، سائين!

 

نهين جيوڻ اُهين دي چُون چڱائي،

خبر سرڪاري ڪون مين سڀ سُڻائي.

 

ڏهاڙي هڪ اُها ٿيسي رواني،

مَنيسي مُسلماني، ٿي ديوانِي.

 

هِڪو هي تُرڪ، شامي ٻال شاهي،

پِيُس تنهن دا ڳِچي وچ دام ڦاهِي.

 

توڙي ٿِيسن اُهيندي زور واهِي،

نهايت نِڪل ويسِي ڏي سِياهي(1).

 

ڪرين اُنهن تي وڏي جي مهرباني،

ته جيئندي ڪُون بحر وچ ڪر رواني.

سُڻيا بهرام سڀ مضمون سارا،

اَکئين چُمون آب آندُس ڀَر شُڪارا.

 

رووي مادر مٺي تي پِيُو پيارا،

نظر آيا عمر جنهن ڪُون اَنڌارا.

 

سَڏئي اُستي(1) اُتي آئي شهر دي،

ڪريندي ڏينهن دا ڪم وچ پهر(2) دي.

 

خبرداران نجاران(3) تي رکيا ڪم،

گهڙي صندوق دُختر ڪاڻ تنهن دم.

 

ملي محنت نجاران ڪُون مزُوري،

سَڀا، ٻاجهون منگڻ دي طلب پُوري.

 

رکي صندوق اندر رات- ڄائِي،

پَئي ”هَي هَي“، بَشَر هَر وات وائِي.

 

اُها ساعت خدا خود آپ ڄاڻي،

نَه ڪنهن دي پيش شالا اَلّہ آڻي.

 

بَهُت اولاد سَڀ ڪُون هي پياري،

وڃي نوزاد ليڪن ويل ماري.

 

مَنيا ماءُ پِيُو آمر رَبّ دا سَڀوئِي،

پِيوني دَوڙ دل تي خوفُ ڪوئِي.

 

ڪَهَن رو رو طِفل ناحَق نِياڻي،

وڃي محروم اندر آبُ- پاڻِي.

 

بهاني ڏاج دي ڪجهه ڏي ڇُڙيجي،

اُهين دي بعد اُس ڪون چا لُڙهيجي.

 

جي ڏيوي رب اُهين ڪون چا حياتِي،

جو کاوي مال مَيڏا تا مَماتِي.

 

نه ڪجهه مسڪينُ دا ڪنهن منهن سُهاوي(1

نه ڪو خاني اُهيندي خويش آوي.

 

سُڃي دا ڪونه ڪو همراه هووي،

توڙي جاني جگر دلخواه هووي.

 

هووِن مفلس ڪَنون بيزار ڀائِي،

همہ همشِير، هرهڪ ٻال، مائِي.

 

پِيا بهرام ڪُون دِل وچ ارادا،

جِوائي جي اُهِين ڪون رب مبادا.

 

ڏيوان اُس ڪُون دنيا، مرجانُ، موتي،

وڃي ڳَلهار جوهردار پوَتِي.

 

آمُر ڪِيتَس سَڀا صندوقُ ساري،

ڪِيتاني ڀَر خزاني نال باري.

 

مُجّرد(1) جو رهي صندوق خالي،

سَڀا جَڙ، جوڙ ڇوڙي، نالي مالِي.

 

سَرخ ياقوت، دُر گوهر سِراندي(2

رَکِي مادر- پِدر پاسي پِراندي(3).

 

نه ليکا ڪر ڏِتوني مال اُس ڪُون،

جواهر جال(4)، موتي لعل اُس ڪُون.

 

آهَن اُستاد ڪاريگر سِياڻي،

تِنان پَرَ(1) پُخت ڪِيتي نال ناڻي.

 

ڪيتاني خام محڪم، چا دَري مار(2

جُدا ڪيتِي خدا، ما- پِيُو ڪَنُون ڌار.

 

مَنگَل دي روز ڪِيتِي رب روانِي،

مهيني مُنڍ جماد الماه ثانِي.

 

مواجب دار(3) ماڻهو، در دي دائِي،

بِلاشڪ ٿي بحر وچ اُڇل آئِي.

 

انڌاري وچ طِفل ڪون جال(4) آئِي،

هويا تُرها ڏُکاندا لُڙهه توائِي(5).

 

ڪري داؤر جَنهين دا آپ بيداد،

ڏيوي ڪنهن ڪون خدا بِن دانهن فرياد.

 

خدا صاحب ڪري جي بي نيازي،

نَهين اگهدي ڪنهين دي آهَ آزي.

 

اَندَر آڙَهه خليل الله گهَرايس،

نَبي ناحق زَڪريا چا چِرايُس.

 

مِصر وچ ماه يُوسف وڃ وِڪاڻا،

مَڇي کاڌا نَبِي يونس نماڻا.

 

اِمامان نال رب ڪِيوين ڪرايا،

سڳوريان ساٿ سڀ ناحَق مَرايا.

 

هميشہ هي هِڪو حاڪم سدائي،

ڪِنان ڪُون وصل هي ڪنهن ڪون جدائي.

 

قضا تقدير دي هر لوڪُ لوڙي،

ڪنون تنهين دي بشر منهن ڪون موڙي.


(3) وهاڻي= گذري.

(4) ڪم بيش= گهٽ وڌائي، ڀل چوڪ.

(5) عار= عيب. ڪري عار= عار ڪري، عيبجوئي ڪري.

(1) نقل= ڳالهه، قصو.

(2) عرفي= ٻڌل، معمولي.

(3) شرحوار= ظاهر، پڌرو.

(4) ولي= مگر، پر.

(5) يڪبار= هڪ دفعي.

(6) سندايا= ستايا، ستايو، مجبور ڪيو.

(7) آکڻ= چوڻ، چيو.

(8) ولايا= ورايو، موٽايو.

(9) خندي= خندا، کلون، ٽوڪون.

(10) ڪذب= ڪوڙ.

(1) خانوادي= خانوادا، ڀلا ماڻهو.

(2) تنان= انهن.

(3) ڪامڻ= عورت.

(1) ترازو............. امانت= اهڙي پوري پوري ڪندو هو، جو ڄڻ ترازوءَ ۾ توري ڪندو هو.

(2) مول= هرگز.

(3) خس= ڪک، ذري ڀر.

(4) ڪريندا ناها=  نه ڪندو هو.

(1) وانگ= وانگر.

(2) صفيلان= صفون.

(1) مدا= مطلب ته.

(2) املاڪ= ملڪيت.

(1) تل= ذرو.

(2) مول= هرگز.

(3) پسيلا= پاسيرو، پري.

(4) ڪهني= جهوني، ڪراڙي، پير مرد.

(1) سنداوي= ستائي، ٻاڏائي.

(2) وراڻي= وراڻو، جواب.

(3) پيڙ= سور.

(4) تنهين .............. طالب= انهيءَ جي نظر ۾، سائين ۽ ٻانهون برابر آهن.

(5) شڪم= پيٽ.

(6) نهين......... جنهن ڪون= جنهن کي پيٽ ۾ بک هوندي، تنهن کي ننڊ نه ايندي.

(1) تاوڻ= تاوان، ٽوٽو، نقصان.

(2) سنگي ساز= سنگيت جا ساز.

(3) طبل= دهل، ڌڪڙ.

(1) دمامي= دماما، دهل، نغارا.

(2) ترم= گهوڙو.

(3) اس جا= هن جاءِ.

(4) لباتي= لباتو، ڪڙتو.

(1) سانگ= نيزو.

(1) سڻڻ سيتي= ٻڌڻ شرط.

(1) نوزاد= نئين ڄاول.

(2) بيدار= سجاڳ.

(3) خفتا= خفته، سمهيل.

(4) سامي= ٻانڀڻ.

(5) زود= جود، جلدي.

(1) قرعا= ڪُڻو، ڍارو. فال.

(2) بلا= سواءِ.

(3) ڍالا= ڍارو.

(1) سياهي= ڪارنهن، داغ يعني گلا.

(1) استي= اوستا، ڪاريگر.

(2) پهر= گهڙي.

(3) نجاران= نجار، ڊکڻ.

(1) سهاوي= وڻي.

(1) مجرد= خالي، ڇڙي.

(2) سراندي= مٿي کان.

(3) پراندي= پيرن کان.

(4) جال= گهڻا.

(1) پر= کنڀ. کيسا.

(2) چا دري مار= کڻي دري بند ڪيائون.

(3) مواجب دار= پگهاردار.

(4) جال= جالڻ، گذارڻ.

(5) هويا لڙهه توائي= لڙهي روانو ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org