مولود
(1)
سردار،. عالم جا سچا، |
غمخوار، عاصِن جا اَجها.
|
سِڪ، سار تنهنجي، ساهه کي، |
ساريان سدا تو شاهه کي. |
بخشج بديون بيواهه کي، |
سردار، عالم جا سچا. |
جالڻ جدائيءَ جو ڏکيو، |
محبت مچي، دونهون دکيو، |
مشتاق درسن جو بکيو، |
سردار، عالم جا سچا. |
بيوس اَپَر، عاجز بندو، |
ڳولي ڏسو جيڪر گندو، |
ڪونهي مٿو، سورن سندو، |
سردار، عالم جا سچا. |
هن حال جو واقف- وڻي(1)، |
آلي(2)
سدا، آک جي اَڻي(3). |
اَلحمد، جا توکي وڻي، |
سردار، عالم جا سچا. |
ڪج ڪا مدد، ناميا(4)،
ننگي، |
ترسان، ٻُڌيون تابش تنگي، |
ڪج مِهر تون، لطفون لنگهي، |
سردار، عالم جا سچا. |
جيڪر هجان پر جي پکي، |
لائق، اَچي در تي لَکي، |
سجدا ڪيان، سِر کي رکي، |
سردار، عالم جا سچا. |
|
|
توکي لقب، لولاڪ جو، |
محرم عرش اَفَلاڪ جو |
ڪو غور ڪر، غمناڪ جو، |
سردار، عالم جا سچا. |
|
|
خاتم رُسل، خَيرالورٖيٰ، |
حاڪمُ، مٿي هر دوسرٖيٰ، |
پالج پرين، کوٽا کرا، |
سردار، عالم جا سچا. |
|
|
”حسين“ هِي حامي چوي، |
صاحب سخاوت جا آوي، |
شل، ٻاجهه ڪا توکي پوي، |
سردار، عالم جا سچا. |
(2)
مهتاب، ملڪن جا نبي، محتاج ڪنهن جو نا ڪرين.
مولي سندو محبوب تون، |
سيّد، وڏي سَگهه ٿو سَرٖين، |
سائين ٻُڌي سڀڪي سندءِ، |
جاني، لَهين، جو ڪجهه گهرٖين. |
|
|
جيڪر اچي اِحسانَ سان، |
پارس، پِرين ڪنهن تي ڍَرٖين، |
اوُهي وڏي اقبال سان، |
في الحال ڪامل، سي ڪرٖين. |
|
|
مَل ڪيون(1)
مِهراڻ جان، |
صاحبِ، وَهي سانوَڻ ڪرين، |
نالـٖـي خدا نادار جو، پَر، |
پاندُ، پَرورش سان ڀَرين. |
|
|
اَحمد، نظر ناگہ پوي، |
جيڪر سندءِ، بَرسَر برَٖين، |
گلزار، گل، ميوا تڏهن، |
هرجا هُئن، جهنگين جهرٖين. |
|
|
ماندو گهڻو مسڪينُ ٿِي، |
وَرُ، وٖيل تي، وهندو وَرين، |
”حسين“ چوي، حامي، هلي، |
هٿ هوت، هيڻن تي ڌَرٖين. |
(3)
يا شَہ شَفِيعُ المُذنَبِين، عاصي لَڳا لَڙههَ، لامَ تو.
مَلَڪ، تابِع تانهِنجا، |
عرشن مَڃو اسلامو تو، |
جاري حڪم صاحب، سندُءِ، |
هَر دٖيس دُولَہ(1)،
دام تو. |
|
|
آدَم، اَدب ۾، شِيثُ، مُوسيٰ، |
چاهُون چُمَن اقَدامَ تو، |
يعقوب، يُونس، نُوح نوڪر، |
سڀني ڪيو سلامُ تو. |
|
|
لائق لقب، لَولاڪ جو، |
سُونهين سدا سِر ڄامُ، تو، |
مِعراج فَلَڪين، فَلَڪَ تـٖـي، |
گوهر، وِڌي هُئِي گامَ تو. |
|
|
حُوران سِڪن تو لئي لَکين، |
نِت نِت پُڇايو نامُ تو، |
مُشتاقُ جَنّتَ ۾ رهن، |
سارِن صبح ۽ شامَ تو. |
جيڪي حُبُون هِيڻا هَلِي، |
اچي پيش پيا پَينامَ تو، |
تن کي نوازش نُورَ جا، |
جانِي، پياريا جامَ تو. |
|
|
اَحمد شِفاعتِ جو اِذِنِ، |
آهي اِجازو عامُ تو، |
واعدو وَلَسَوفَ جو، |
آگـٖـي ڪَيو انجامُ تو. |
|
|
ڏاتر، ڏوهارِن جو اصل، |
ڪامل ڪيو ڪِمّامُ تو، |
”حسين“ چوي، بالڪل بندو، |
پَرتُهءِ پيغمبر، سامَ تو. |
(4)
گُنَهگارن، اسِيرن کي، اوهان جو آسرو آهي.
پيغمبر پاڪَ، تون پارِس،َ |
ويچارن جو وڏو وارثِ، |
ڏوهارن ڏانهُن ڏاتَر، ڏِس، |
تَڪيو توريءَ نَبي، ناهي. |
|
|
ڪيان مان ڪيئن، وڃان ڪاڏي، |
مُهڙ مڙئي آهي مان ڏٖي، |
هُئو آدم، اسان ڏاڏٖي، |
قَضا زوريءَ پَئِي ڪاهـٖـي. |
|
|
مُحَمد ميرَ، سڻ آهان، |
دردمندن سنديون دانهان، |
ٻُڏن جُون ٻارِ(1)
مُون ٻانهان، |
ڪڍو ٻاهر، سِگهو ساهي(2). |
|
|
ڪَيو مُرسل، مهرباني، |
ڏِسان تُنهنجو جسم، جانِي، |
پَسايو پاڪ پيشانِي، |
وڃو دل تون وهم لاهـٖـي. |
|
|
آهيان عاجز، عمر ساري، |
ڏُکن ڏٖيهي(1)،
غَمَن گهاري، |
ڪيو آزادُ آزاري، |
ڪندس ڏس، ڪين ڪنهن ڏاهـٖـي. |
|
|
چوي ”حسينُ“ هِي بـٖـيڪَس، |
رسول الله، رهبر رَس، |
قوت ڏي، لاءِ ڪارنهِن ڪَس، |
ڇڏائڻ تو اڳيون ڇاهـٖـي. |
(5)
پاڪ پيغمبر بادشاهه، عاليشان عُظامَ،
داوَرَ ڪيو داريَن کي، تنهنجي هيٺ حڪام.
حوران تُنهنجا هاشمي، مَلِن پير مُدام،
خاص ملائڪ خدمتي، اَڀَن وارا عام.
مُنجان توڏٖي مُصطفيٰ، صبا هٿ سلام،
ڪندين شال قبول تون، پاڄيءَ جا پيغام.
ويرَ، وسِيلا، واهرو، عالَم ڄام، اِمام،
ٻُڌي دانهُون دِلرُبا، ڪج ڪو غور غلام.
اَجهو تنهنجو آسرو، تڪيو زور تمام،
ڪڍو مير مريض کي، اچي دولہ، منجهون دام.
عاصي، عاجز، احمدا، لڳا تنهنجي لامُ،
رکج هٿ ”حسين“ چئي، اچي سرور، مٿان سام.
T
(4)
ناميا= اي نالي وارا، مشهور.
(1)
مل ڪيون= جهُڙ ڪيون، ڪڪر ڪيون.
|