سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات حسين ديدڙ

صفحو :10

 

در بيان معالجہ ڪردن سسئي، شاه را. و شفايافتن شاه از امراض ڪُهنه و انعام دادن سسئي را.

سُڻاوِين بات ديگر طور تازي،

لَڌي گُلنار(1) جِيوين سرفرازي.

 

ڪريندي معتبر ماڻهو اِها ڳال،

سِياڻي، سخن صادق، جي ڪهنه سال(2).

 

شهر دا شاه، راجا، نيڪ صالح،

هميشہ پُر حَيا، فرخند طالع(3).

 

اُنهين ڪون آفرين جو عدل ڪيتس،

نِهايت نامُ نيڪي نال نِيتس.

 

مدامي مرض تنهن ڪون ڪوڙهه آها،

هميشه مُولُ ويندا ڇوڙِ ناها.

 

دوا درمل ڪريندا روز راجا،

نه ڪيتا ڪنهن عمر آزاد آجا.

 

رهي دائم دلاوَر درد والا،

نه لَهدا دلتون آهس داغ ڪالا.

 

دوائين هيٺ، حاڪم، لک لُٽائي،

خدا بن ڪونه ڪنهين ڪون ڪو ڇڙائي.

 

حڪيمان حاذقان هٿ دست چايا،

نه ڪنهن دي در فڪر اَمراض آيا.

 

شروع ڪيتس محض مَنگدا دعائين،

ڏيوين ميڪون صحت سبحان، سائين!

 

وڃي شب روز شہ در پيش پيرين،

پَوي پيرين صبح سانجهي فقيرين.

 

نه ڏيوي رب ڪنهين ڪون انتظاري،

جو هوندي هي اُهين ڪُون بيقراري.

 

خدا صاحب، جڏان اسباب جوڙي،

اَسيران دي اَلہ زنجِير ٽوڙي.

 

جَڏان رنگريز دا ٿيا بخت همراه

هويا تابع تَنهين دا مُلڪ دا شاه.

 

شَجر(1) هڪ سَرهَن سبزي دار باري،

سدا سايا حويي جاءِ ساري.

مثل بنگلي بلند بهتر خلاصا،

مُناري وانگ وڻ دا گيل(1) پاسا.

 

جيوين طوبيٰ شجر، اعراف والا،

تِيوين تنهن دا نمونا وه، نِرالا.

 

سدا سايا(2) صَحن(3) ساري حويلي،

ڪڍ آتڻ سسئي هر سڏ سَهيلي.

 

گهي ٻنڌ پينگهه وڻ دي شاخ ٻُوٽي،

کاوي خوش ٿِي سهيليان نال جهُوٽي.

 

ولي وڻ وچ پکيان آکيرا،

ڪَريندي روز آهَن ول وَهيرا(4).

 

سُتِي هڪ روز آهِي نيم خوابِي،

پکي ٻوليا سخن سُهڻا شتابِي.

 

ڪهيس هووي ڪوئي جي ڪوڙهه والا،

پِيوي پَن گهوٽ جيڪر هڪ پيالا.

بلاشڪ برگ(1)، باغرض پِيوي،

عمر بالڪل نه تنهن ڪون مرض ٿيوي.

 

مثل هاتف اُتُون آواز آيا،

شجر وچ شاهزادي نظر پايا.

 

سُڻِي گُلنار گويا گفتگوئِي،

ويڃاهيس(2) خواب خوش بيدار هوئِي.

 

شِتابي جلد سسئي، جاڳ پِيُو نال،

اُنهين ڪيتي سڀا، خود خواب دي ڳالهه.

 

عجب جيها ڏِٺُم، سڻ خواب خاصا،

ڏِتا تيڪون تساڏي بخت پاسا.

 

آکيُس ميڪون دوا مُرغي سکائِي،

صحيح تحقيق مين تَن نال لائي.

 

شِتابي وڃ، برگ تون کوهه، شہ ڪول،

اَلَہ دي آس ڪر، آکس چپون چول.

 

آکِس آندي دوا هي مين مهانگي،

متان ڄاڻي مِلي سسَتي سهانگي.

 

نه تَرسِين، تون ڪرين علاجِ زُودي،

دوا هي درد دي ايهه آزمودي.

 

توڪل ڪر اُٿيا تحقيق، پن کوهه(1

قدم چائي پَلَو پائي، وڃي اوهه.

 

سنڀالي، سڏ ڪري بغداد سائين!

ڏِوائين سوڀ مين مسڪين تائين.

 

ڳِيا حاضر جَڏان درگاهه شاهِي،

گهي ترسي(2)، گهي کاوي اَساهِي(3).

 

هِمت ڪر دِل ڪون محڪم، چا اَلايا،

سُخن سُڻ زُود، رُخ وَلايا(4).

 

رکيانس روبرو پَن ڇوڙ، پاسي،

ڏِتيانس شاه ڪُون دل گهِن دِلاسي.

ڪهيا گازر(1) اِهو اعلاج اعليٰ،

صحيح ڪِيتا سبب سبحان تعاليٰ.

 

ٿيا خوشحال خورم شہ قلعهء ڪوٽ،

لَيانس(2) جان ڪون في الحال پن گهوٽ.

 

شِفا حاصل هِڪي دم حال هوئي،

نه باقِي درد رَهه ڳيا ڪوڙهه ڪوئِي.

 

لڳي نوبت(3)، وَڳي وه! شادماني(4

لُٽائي شہ، لَکان دي مُنهن خزاني.

 

اَشرفيان آ جلدي سڀ وزيران،

ڏِتاني رب نامِ هٿ فقيران.

 

سڏائي بورچي، سو سانُ آندي،

ننڍي، ناپيد(5)، چوڳي(6) تي ٻڙاندي(7).

 

دُنبي، ميشان(1)، بُزان(2) بي ڳانچه(3) آيان،

ذَبح ڪِيتان، ڪُٺيان، ڪتليان ڪسايان.

 

پَڪائي طعام، تنهن ويلي هزاران،

سڏئي مسڪين، آئي ڪر قطاران.

 

پُلا، حلوي، ٻَهُون ٻِئي طعام جوڙئي،

قلعه دي دَر شتابِي لاهه ڇوڙئي.

 

نه ڪجهه ڪنهن ڪون جهلن دربان، ڪامي(4

آوِنِ، کاوِن اندر سڀ لوڪ عاصي.

 

ڪنان ڪون شاه ڏيندا اسپ(5)، گهوڙي،

ڪِنان ڪپڙي ڏتيانس کيس(6)، ڏوڙي(7).

 

ڏيون سڏ سڏ، ڪِنان ڪون روڪ ناڻا،

ڪِنان ڪُون پِيا پلو وچ اَن پراڻا.

 

جيڪو مخلوق هي خالق اُپايا،

اُنَهان دا آسمانون رِزق آيا.

 

مقدر، روز سڀڪنهن دا لِکايُس،

نه ڪنهن ڪون ڪجهه ڪنهين دا چا ڏکايس.

 

ٿيا رنگريز تي راجا مهربانُ،

ڏِتُس انصاف اعليٰ زر بَهُتَ دانُ.

 

اَميران آپُ آپي زور لايا،

لُٽائي ڪَڍ دنيا، مضبوط مايا.

 

خوشامد ڪر وزيرن چا دُوشالي،

گهتئي گازر اُتون سڀ ڪنهن نِرالي.

 

قُبائين ڪيخوابي، سَؤ سپاهِي،

ڏيوِن شَوقُون شهر دي لوڪ لاهِي.

 

ڪِيتانِي زور زياده سَرفرازي،

هويا خوشحال خود رنگريز راضي.

 

پڳان(1) پيچان، ڪُلہ(2)، ڪپڙي زَري دي،

گِران قِيمت، مهانگي مُلههِ خَريدي.

 

لِباتي، لونگيان، دُهري، دُوشالي،

ڪِيتي سرڪار، ڌوٻي دي حوالي.

 

پِيُس اوقات در دِل خستہ پارون،

عجب ميڪون ڏِتا رنگريز دارؤن.

 

سِگها سلطان راجي، رُخ وَلايا،

هڪل دي نال حاڪم اِين اَلايا.

 

نَڪو تيڪون هنر، حڪمت هلاوڻ،

سِکايئه ڪنهن سُڻا، پَن گهوٽ لاوڻ؟

 

شهر دا آدمي تون هين سَدائي،

اِهين جيهي دوا تئين، ڪيون لُڪائِي؟

 

گذاريم وَرهيه وِيهان، دردناڪي،

صحيح سمجهيم، هَٿُون تيڏي هلاڪي.

 

نهين ڪو تئين جِيها، بدخواه ميڏا،

عجب آوي ميڪون، گمراه! تيڏا.

 

سُخن صادق سُڻا، في الحال سوئِي،

شِتابِي ڏَس، جنهين درمل ڏِتوئِي.

 

هڪل آئي، ڳَيُس ڦِر، هوش سارا،

ڳيا ڏَر، ڏيک حاڪم ڪون، وِچارا.

 

بِلا فُرصت خبر في الحال ڏَسئي،

ڪيتس اُجرا(1) اِسم، سُکپال سسئي.

 

ڳَيا پَڙهه وچ پلڪ دي سڀ ڪهاڻي،

آکِيس دُختر مَيڏي، سالِڪ سيباڻي(2).

 

اُنهين انور، دوا دانہ سِکائي،

نهين مسڪين ميڪون خبر ڪائي.

 

رکي خواهش سڏي سرڪار، بَندي،

حڪم آيا اُهين دي سر صَمدي(3).

 

منگائي معتبر هڪ زود، ٻانهي،

ڪِيتانِي جلد، گولِي چا رَواني.

 

ڳئي تڪڙي قدم ڪون تيز چائي،

رسي رنگريز دي گهر دوڙ دائي.

 

سسئي ڪون گهن گهرون درٻار آئي،

خبر سرڪار دي سڀ گوش لائي.

 

سڏائي شاه صورتمند سياڻي،

اول آکيس دوا دي ڪر ڪهاڻي.

 

اهين گل نار ڪيتي گفتگوئي،

قصا ڪل خواب دا سارا سڀوئي.

 

پڄايس ڪر خبر سڀ خواب والي،

لٿا شہ تخت تون، خود شير عالي.

 

هويا خوش حال راجا، ڏيک راڻي،

آکيس تون هين ميڏي منڌ ماه نياڻي.

 

آکيس جوڙيا سبب سبحان سائين،

قبوليت پيان فقيران ديان دعائين.

 

مگر ميڏا بدن، بانو بچايا،

هٿون جنهن دي اسان هي فيض پايا.

 

 

ڪري ڪوئي ڪرم احسان ڪنهن تي،

ڪريجي سر سدا قربان تنهن تي.

 

دنيا، دولت، خزاني، مفت مالي،

ڏتيانس دان دهري شاهه عالي.

 

زري، زريفت، زيور سڀ زري دي،

رکيانس پيش حاضر، چا، پري دي.

 

جنهين ڪون ياد هردم، حق تعاليٰ،

ڪري قادر تنهين ڪون بخت والا.

 

توڪل دي جيڪي سر تاج پاون،

اُمالڪ وچ شابي گوءِ چاون.

 

مليا اَسباب انور ڪون، شهانا،

ڏِوايس رب! راجي دا، بهانا.

 

ڪري خاوند خدا پروش جنهين دي،

ڪريجي ڪيون ڪياڻي چا تنهين دي.

 

ڏتا شہ، باغ نو لَکا سسئي نون،

تنهين ويلي ترت طالعِ- رسي نون.

 

هزاران دي اُپت، محصل، بهاري،

حوالي هو، ڳئي پيداش ساري.

 

ڏِوائي شاهه، هڪ ڏولي، شهاني،

ٿئي چڙهه شاهزادي، گهر رواني.

 

سلامت آ رسي، اندر حويلي،

خدا صاحب جنهين دي نال ٻيلي(1).

 

ٿئي خوشحال، خورم، خوب پيُو ماءُ،

جنهين ويلي درون اندر گهري آءِ.

 

ملي مادر سليمي پا ڪلائي(2

ڪنون محبت ڳچي، ڳل ڀيڙ(3) لائي(4).

 

ملي سڀڪا سهيلي آ وچاري،

آکن رو رو، اکئين چون آب هاري.

 

آکن آندا خدا تيڪون شتابي،

کليا اڄ در صحن دي گل گلابي.

اَسان ڏي سونهن، تون سردار مائي!

ڪڍي قادر، وچون وهندا(1) جدائي.

 

اَسان ڏي ساهه دي تون هين حياتي،

جدا جيوڻ اصل مانند مماتي.

 

آکي مالڪ، اُهيندا پِيُو پيارا،

ڪري صدقي سڀو اَسباب سارا.

 

خزانا، ڪڍ درئون خيرات ڪيتا،

دنيا ڪون لوڪ لُٽ پرڀات نيتا.

 

وڄائي ڪوٺ مطرب(2)، شادماني،

ڏوائي رب نام زر خزاني.

 

ڏهاڙي خير دي رب پيش آندي،

خدا ڪيتي سڀئي ممنون، ماندي.

 

گذر ڳئي نحس نوبت جا نڀاڳي،

ولا آندي خدا ساعت سڀاڳي.

 

مدامي ميل سرتيان سيل جاوي،

گلان دي شوق ڏيکن ڪاڻ آوي.

 

بهشتي باغ، جنت دا نمونا،

عجب گل هر قسم دي گون گونا.

 

در بيان تعريف آن باغ ڪہ بادشاه

سسئي را بخشيده بود

 

سُڻاوئين مين صفت بستان شاهي،

ڏٺي جنهن دي مماتي(1) ياد ناهي.

 

چمن رستي لِتي(2) چوني، چِرولي،

شرابون هر چمن تي هونگ(3) هولي(4).

 

گُلي هر جنس، گل هوون هزاران،

جِٿانهين ڀؤنر واسن ڪر قطاران.

 

ڪرن گل گل اُتون، بلبل کڙي ناز،

ڪريندي خوب خوش ڳٽڪار آواز.

 

چتون ڪويل ڪرن قمران تنواران،

بغوچي وچ بلاشڪ ڌار ڌاران(1).

 

جو هُد هُد، مور، ٻولي خوش ٻُليندي،

ممولا، زاغ، لعلي گل ڳُليندي.

 

تليهر(2)، زخف، طوطي، تي پپيها،

چڙي، چنڊور، چارئي چانهين، چيها.

 

خماري خوش آوازي، او ڪريندي،

گلان دي گرد، مجري نت ڀريندي.

 

هزارين هين(3) پکي، سوَ سهس ذاتين،

رهن خوشحال اندر ڏينهن راتين.

 

سسئي، گل ڏيک رنگ و رنگ بستان،

ڪريندي دل بجانُون حمد سبحان.

 

عجب کليا سنبل، عرعر عباسي،

سليمي، سوسنا وه! گل سناسي.

 

بَنوشا، بيد، بخمل، بهت بادام،

جنگي، تُڪما، صنوبر، اُٿِ کڙي عام.

 

داؤدي خوب تاهوتہ پريچن،

ڪري تازا تَمر گل، ول طبع تَن.

 

خبازي گل، آتي خيرا، کٽڻهار،

دو پهرا عام آمان ها اَڪيچار.

 

کُليا خوش طور تُرسي(1)، ڪَرَن، لالا،

درياهِي، دلپسند، زهرا، زُنگالا.

 

سدا ڪيسُو صبح دم مِينُ موتي،

پِلائي جام، سوج آب اوتِي.

 

سدا گلاب، گل گونٽا، رَبيلان،

چَنبلي ڪُون ڏيک دل آڻي اُليلان.

 

نَوان سرتاج نيلوفر، نِشاطان،

وڃن هر طرف هرجا هو بشاتان.

ڪري ڪچنار ڪُوڪان ڪيتڪي گل،

وِڪاوِن ڪول شاهان دي گِران مُل.

 

کُليي گل وه! عجائب بيمثالي،

ڪَرن فرياد بلبل، ڏيک لالِي.

 

هَزاران حُسن هيا رب کلايا،

يَڪي گُل ياد هو يا غم وڃايا.

 

چمن دي ڪيا ڪَرين تعريف ڪيهي،

جنت دي جاءِ سا فردوس جيهي.

 

ڦَلئي وڻ واه! ميويدار آکان،

آلوچِي، اَنب، ڏاڙهون، توت، ڊاکان.

 

سَنگستي، صوف، قشمش، عام آرون،

کَڙي هووِنِ قطاران ڪَر چوڌاروُن.

 

نَخل، نر بيد، زردالو، ڇهاري،

چمن دي چوطرف قابو ڪِناري.

 

آلُو، بادام، شفتالُو، شڪر زور،

بَنوا نيچ، تُرشي دار لَک آور.

 

جو هرهڪ دهر، ميوا دور جاوي،

مهانگي سيم(1) زر(2) دي مُل وِڪاوي.

 

پَڪي اکڙوٽ تي انجير، شهَتُوت،

مُدامي ميل ماڻهو، وڃ ڪَرن قُوت.

 

ڦلوها ڦارُهي پِستي وڻن واه!

جنهين ڀاوي(3) کُهي(4) کاوي وڃي لاه.

 

ولي وڻ سبز سايي دار ساوي،

کڙي هيٺُون جِنان دي خواب آوي.

 

پَڪا هُڻ آمري، زرچوب، زيتُون،

سَرنهه تي ساڳُ سِنجري گونه هرگون.

 

پِپل پائي کَڙي پينگهان نِمُون نال،

ٻُهڙ ٻهڪي، عجب ٽهڪي ڄمون ڄال.

 

سِنجهيان ساويان، سُهاوي ٻير سايا،

مَنجهاندي، گوئِندي، گڏ رنگ لايا.

بهشتي باغ بهتر وه! بنايا،

سسئي ڪون شاه راضي ڳڻايا.

 

حڪم هلدا تنهين دل وانگ شاهان،

رسيان رنگريز ديان وڃ دور ٻانهان.

 

اُنهين ڪون عيش جُز(1) ڪاڪار ناهِي،

ڪريندي خود رضا ديدار آهي.

 

ڪمالي آءٌ ڳدي تنهن ڪون جواني،

مگر موجود ناهس يار جاني.

 

شهاني چال چلدي شاهزادي،

ڏيکو تنهن ڪون بِره ڪيتا فِتادي(2).

 

در بيان سسئي ديدن پنهون را

در خواب بار اول

 

ستي وچ خواب دي هڪ رات آهي،

گهتِي ڳَل عشق تنهن ڪون جوڙ ڦاهي.

ڪٿان سسئي ڪٿان پنهل آرياڻي،

لڳس ناگاه سر ڳوڙها، کنڀائي.

 

اَڃا گذري آهِي اڌ رات پوري،

ڏٺس هڪ مرد وه! مهتاب نُوري.

 

نول شہ، نوجوان، نر شير دارا،

سڪندر  يا نبي  يوسف سونهارا.

 

ڪري تجلي تنهين دا رُخ پشاني،

عجب انسان مانند ماه ثاني.

 

خدا پاليا اهين ڪون پاڪ پر ناز،

لڳس چوري چنبا شاهين شهباز.

 

ٿَئي ديوان جان، بيدار هوئي،

نه ڏٺس ڪول پاسي يار سوئي.

 

کاڌس ڀڙڪا اُٿي چَپ- راس(1) ڀالي(2

کڙي سکڻي، سُڃي، ديوار دالي(3).


(1) گلنار= گل انار مجازاً سهڻي.

(2) ڪهنه سال= پوڙها، وڏي عمر وارا.

(3) طالع= بخت.

(1) شجر= وڻ.

(1) گيل= پکيڙ، گهيرو.

(2) سايا= سايو، پاڇو، ڇانو.

(3) صحن= اڱڻ، آڳُر.

(4) وهيرا= واهيرو، آکيرو.

(1) برگ= پن.

(2) ويڃاهيس= دل سان هنڊايائين.

(1) کوهه= پَٽ.

(2) ترسي= ڊڄي.

(3) اساهي= ڳڻتي. کاوي اساهي= ڳڻتي پيو کائي ته ڦڪي (دوا) فرق ڪري الاجي نه.

(4) سخن........... ولايا= بادشاهه ڳالهه ٻُڌي، جلدي (ڏانهنس) منهن  ورايو.

(1) گازر= ڌوٻي.

(2) ليانس= لاتائين.

(3) نوبت= ڀير، وڏو نغارو.

(4) لڳي....... شادماني= ڀير تي ڏونڪو لڳي ويو ۽ واه جا شادمانا ٿي ويا.

(5) ناپيد= ناياب، الڀ.

(6) چوڳي= چوڳو، چئن ڏندن وارو.

(7) ٻڙاندي= ٻڙاندو، ٻن ڏندن وارو.

(1) ميشان= رڍون.

(2) بزان= ٻڪريون.

(3) بي ڳانچ= ان ڳڻيون، بيشمار.

(4) ڪامي= ڪم وارا، نوڪر چاڪر.

(5) اسپ= گهوڙو.

(6) کيس= اوڍڻ جي ڪپڙي جو قسم.

(7) ڏوڙي= ڏوڙو= کَٿو.

(1) پڳان= پڳون، پٽڪا.

(2) ڪُلہ= ڪلاه، ڪُلو، ٽوپي.

(1) اجرا= اجرو، صاف روشن.

(2) سيباڻي= وڻي.

(3) صمدي= خدائي.

(1) ٻيلي= مددگار.

(2) ڪلائي= ڪارائي، ٻانهن، ڀاڪر. پا ڪلائي= ڪنڌ ۾ ڀاڪر پائي.

(3) ڀيڙ= زور.

(4) ڀيڙ لائي= زور سان.

(1) وهندا= وهندو، جلد.

(2) مطرب= ڳائڻا.

(1) مماتي= موت.

(2) لتي= لِتل، لِنبيل.

(3) هونگ= آواز.

(4) هونگ هولي= لُٽ لُٽان. هوليءَ تي هندو اڪثر شراب پيئندا آهن ۽ رنگ رچائيندا آهن.

(1) ڌار ڌاران= ڌار ڌار، جدا جدا.

(2) تليهر= ڪبوتر جو قسم.

(3) هين= هئا.

(1) ترسي= تلسي، گل جو قسم.

(1) سيم= چاندي.

(2) زر= سونُ.

(3) ڀاوي= وڻي.

(4) کهي= کوهي، پَٽي.

(1) جز= کان سواءِ.

(2) فتادي= ڪِريل.

(1) چپ راس= کٻي سڄي.

(2) ڀالي= ڏسي، نهاري.

(3) دالي= دالو، کليل صفو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org