سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات حسين ديدڙ

صفحو :1

ڪليات حسين ديدڙ

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

 

ناشر طرفان

 

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب سڄي زندگي علم ادب جي خدمت ۾ گذاري. هُو هڪ وڏو عالم ۽ محقق هو. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هو هڪ لوڪ ادب جو وڏو ڄاڻو هو. لوڪ ادب سان کيس گهڻو چاهه هو. خاص طور سينگار واري شاعريءَ سان کين عشق هو. ڪيترائي سينگار جا بيت کين ياد هوندا هئا. ڳالهين ڪندي سهڻا سينگار جا بيت ٻڌائي محفل ۾ رونق پيدا ڪندو هو. لوڪ ادب تي سڀ کان پهرين ”وينجهار“ نالي ڪتاب لکيائين، پوءِ هن ئي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. ان کان علاوه ”سنڌ جو سينگار“ ڪتاب لکيائين جيڪو 1956ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيو. ان کان پوءِ هن ئي فن سان تعلق رکندڙ ڪتاب ڏهس نامو لکي پورو ڪيائين.

مرحوم سنديلو لغات ۾ پڻ وڏو ڄاڻو هو. جيڪڏهن کين سنڌ جو ”اصمعي“ سڏجي ته بيجا نه ٿيندو. انهيءَ فن تي سندس ڪتاب تحقيق لغات سنڌي، سچل لغات، ساميءَ سنديون سپون، سامي ڏاتو ڪوش، پهاڪن جي پاڙ، اصطلاحن جي اصليت وڏي اهميت رکن ٿا.

سنديلي صاحب لاڙڪاڻي ضلعي جي بلند پايه عوامي شاعرن جو ڪلام وڏي محنت سان ڪٺو ڪيو جن ۾ ڪليات شاهه محمد ديدڙ، حاجي چنجڻي جو ڪلام مشهور آهن ۽ بورڊ پاران ڇپجي چڪا آهن. ڊاڪٽر سنديلي صاحب جي بورڊ سان ڪافي عرصو وابستگي رهي. سنڌي ادبي بورڊ لاءِ سندن ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن. سندن ڪتاب ”ڪليات حسين ديدڙ“ جو ٻيو ايڊيشن شايع ڪندي اسين خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون.

حمل فقير لغاري جي ڪلام وانگر حسين فقير ديدڙ جو ڪلام به مقبول عام آهي. ٻئي همعصر شاعر هئا ۽ ٻنهي جي ڪلام ۾ هڪجهڙائي نظر اچي ٿي. هڪ روايت مطابق حمل فقير حسين فقير سان ملڻ به ويو هو.

حسين فقير ڳوٺ ديدڙ تعلقه قمبر ضلعي لاڙڪاڻجھي جو ويٺل مشهور ڪلاسيڪي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس شاعري جو انداز ۽ اسلوب بيان عام فهم، زبان مٺي ۽ بندش دلڪش آهي. سندس ڪلام جو ٻيو ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپائي منظر- عام تي آندو پيو وڃي جيڪو عوام ۾ سندس ڪلام جي مقبوليت جو هڪ اهم ثبوت آهي.

سنڌي ادبي بورڊ، علم و ادب جي فروغ لاءِ صحيح سمت ۾ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. سنڌ جو باشعور حقائق پسند ۽ ادب نواز طبقو سنڌي ادبي بورڊ جي تيزتر ۽ شاندار خدمات جو معترف آهي.

اهل، سنڌ جي اها خوش قسمتي آهي جو سنڌ جي هن باوقار اداري جا سرواڻ (چيئرمين) محسن علم و ادب عزت مآب قبلا سائين مخدوم محم زمان طالب الموليٰ مايهء، ناز اديب ۽ شاعر آهن. پاڻ هر لحاظ کان قابل احترام هستي آهن. سندن لائق فائق جاندار ۽ شاندار قيادت ۽ رهنمائي ۾ سنڌي ادبي بورڊ نهايت تيزي سان علم و ادب جي بي بها ۽ بي لوث خدمات سرانجام ڏيئي رهيو آهي. بورڊ جا سڀ معزز ميمبر صاحبان به عزت مآب چيئرمين صاحب جي پُرڪشش دلڪش ۽ دلربا اڳواڻي ۾ نهايت دلچسپي ۽ تن دهي سان محنت ڪن ٿا. اميد ته صالح قومي جذبي ۽ مشترڪ جدوجهد ۽ ڪوشش سان مستقبل قريب  سنڌي ادبي بورڊ وطن عزيز  جي سڀني علمي ادبي ادارن ۾ قدآور نظر ايندو.

حسين فقير ديدڙ جي ڪلام جو ٻيو ايڊيشن اوهان جي هٿن ۾ آهي ۽ اسان جون نيڪ ڪوششون اوهان جي دلين ۾ جاگزين آهن.

 

ڄام شورو

29- ڊسمبر 1991ع

پروفيسر محمد بچل پنهور

”محبوب سروري“

سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ

 

ٻه اکر

 

1954ع آگسٽ جي ستين تاريخ هئي، جڏهن مهربان دوست محترم محمد ابراهيم صاحب ناريجي جي ڇوڪرن جي شاديءَ خانه آباديءَ تي نئين ديري ويس. رات جو مولودين محفل کي واه جو رَسُ وَٺايو، پر محترم پير حسام الدين شاهه راشديءَ سان جو پهريون ڀيرو ڏيٺ ٿي، تنهنڪري اسان ٻنهي ته وري پنهنجي چُڻ پُڻ شروع ڪئي. آخر سنڌي ادبي بورڊ جي جَسَ جوڳيءَ خدمت جو ذڪر چريو. محترم راشدي صاحب، لاڙڪاڻي ضلعي جي ٽن مشهور شاعرن، سرائي حسين فقير ديدڙ، شاهه محمد ديدڙ ۽ حاجي خانڻ چِنجڻيءَ جي ڪلام گڏ ڪر لاءِ پڪو ڪيو ۽ بعد ۾ سنڌي ادبي بورڊ سان اهڙو معاهدو به ٿي ويو.

هينئر اهو بندي تي ڇڏيل هو ته ڪم کي ڪيتري وقت ۾ ٿو توڙ رَسايان. ڪجهه ڇاپي ڪتاب ته موجود هُئا، پر اصل نسخا ڪٿان اچن، جو اتاري، ٺپي ٺاهي، هڪدم کڻي پيش ڪجن. هت ته قصو ئي اور هو، جنهنڪري قابل ڪاريگرن جي وَسين ۽ وَٿاڻن تي وڃڻو پيو. ڪٿان دم، ڪٿان دلاسو؛ ڪٿان ڪڻو، ڪٿان ڪاسو؛ ڪٿان مُڱُ، ڪِٿان ماسو؛ ڪٿان ڀَري، ڪٿان ڀاڪر جي مصداق، چڱي ڪُڍي ڪري ورتم. هينئر ڪُڍيءَ کي وائُري، صاف جنس ۾ آڻڻو هو. صاف جنس مان وري گَڊي جي ٽاڪَ ڪڍي، اصلي جنس جدا ڪرڻي هئي. پورا پنج سال ويهي، چَپٽڙين ۽ چُهنڊڙين مان، جنس کي سويُنم ۽ سوڏيم.

مارچ 1959ع ۾ ٽيئي نسخا، بورڊ جي سچي هَڏ ڏوکي سيڪريٽريءَ محترم ابراهيم صاحب جويي کي ڏيکاريم، جن غره ڊسمبر اندر پيش ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو، ليڪن حُسن اتفاق سان محترم حاجي صاحبڏني خان جاگيراڻيءَ جي مدد سان، مرحوم شاهه محمد ديدڙ جي شاگرد، مرحوم غلام حيدر ڏَهوٽ وارو قلمي نسخو ملي ويو، جنهنڪري سڄو سال وري مسودي کي اُٿلائڻو پُٿلائڻو پيو. جيتوڻيڪ هيءُ نسخو به اصل نسخو ته نه هو، پر تڏهن به اصل جي لڳ ڀڳ ضرور هو. متن ڀيٽڻ کان سواءِ هن نسخي مان واڌو مواد پڻ ملي ويو!

مختلف نسخن ڀيٽڻ ۾، عزيزي شاهه صاحب عباسيءَ جي محنت لکُ لهي، پر پريس لاءِ به، گهڻي ڀاڱي صاف ڪاپي پاڻ لکي ڏنائون، جو پڻ بندي تي ٻيڻو احسان چئبو. مرحوم خليفي محمود، ميان عزيزالله ڳنواس، ميان علي حيدرشاهه، حاجي ميان صاحبڏني خان،. مسٽر حاجي خان ۽ مرحوم تاج محمد وڳڻ، پنهنجي تَرَ مان قلمي نسخن وٺي ڏيڻ ۾ ڪافي پاڻ پتوڙيو، جنهن لاءِ ازحد ٿورائتو آهيان.

پڇاڙيءَ ۾، محترم پير حسام الدين شاهه راشديءَ جو ڳڻ ڳائيندس، جنهن صاحب هِن ڪم کي هٿ ۾ کڻڻ لاءِ پهريائين پهريائين آڀاريو.

 

لاڙڪاڻو،

31- جولاءِ، 1965ع

سهيڙيندڙ ۽ سموهيندڙ

- عبدالڪريم سنديلو

 

v

 

علامتون

 

ڏهوٽ پڙهڻي

غلام حيدر ڏهوٽ وارو نسخو

علي پڙهڻي

علي حيدر شاهه وارو نسخو

تاج پڙهڻي

تاج محمد وڳڻ وارو نسخو

صاحب پڙهڻي

حاجي صاحبڏني وارو نسخو

(؟)

شڪ

 

نصيحت نامہ تصنيف محمد حسين*

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

الف: ادا، اي سُڻ تون ڳال، سمجهه سياڻا هوش سنڀال،

اي جڳ فاني خواب خيال، جيوڻ دنيا وچ جنجال،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار، ڪر ڪو سعيا ڇوڙ خمار.

 

بي: بلند وڏائي والا، هڪو حاڪم هي حق تعاليٰ،

ڪنهن دا غرض نه رکدا ٽالا، پوسي ترس تنهين ڪون شالا،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار، فضل جنهين دا هي درڪار.

 

تي: تنهن ڪون تون ڪر ياد، ڏيک اصل خود آدمزاد،

خاڪي تيڏا خاڪ بنياد، ڪر ڪر زاري تي فرياد،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار، آکَ ادا تون استغفار.

 

ثي: ثبوت صفائي نال، جو دم جيوين جاني جال،

ول ول گهتين وک سنڀال، متان رکين پير بتال،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار، هردم هووين تون هوشيار.

 

جيم: جهان فنا در فاني، دنيا دلبا دم درمياني،

شاه گداءِ سفر وچ ثاني، برسر راه روان سلطاني،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار، هيلي ڇوڙ وسيلي وار.

 

هي: ”حسين“ همت ڪر ڪائي، ويندي گذري عمر اجائي،

خوف خدا دا ڀؤ رک ڀائي، ڪنبدا وتين ڪنڌ نوائي،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار، رک تون ياد نصيحت يار.

 

 

مقدمو

حسين فقير ديدڙ، ڳوٺ ديدڙ (تعلقي قنبر) جو ويٺل هو. ميرن جي دور ۾ حڪومت طرفان ”ڪاردار“ هو. سندس رعب نه رڳو ديدڙن تائين محدود هو، پر ضلعي کان ٻاهر پڻ چڱي خاصي هلندي هيس. سندس عمر جو پهريون حصو سرڪاري نوڪريءَ ۾ گذريو ۽ باقي عرصو درس تدريس ۽ فقيريءَ ۾. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته گهوڙيءَ تي چڙهي، زمينون ڏسڻ ٿي ويو. نوڪر کي مٿي تي چلم هئي، جا هن پئي ڇڪي. نوڪر کي اوچتو ٿاٻو آيو ۽ مٿي تان چلم ڪِري پيس. خوف کان پيشاب به وهي ويس. جانِ ٿڙڪڻ لڳس. حسين پڇيس ته، ”ڇو ٿو ڏڪين؟“ چيائين ته، ”سائين، توکان ڊڄان ٿو.“ انهن لفظن حسين جي دل تي نهايت گهاٽو ۽ گَهرو اثر ڇڏيو. خيال ڪيائين ته هي مون (انسان) کان ايترو ڊڄي ٿو، ليڪن آءٌ پنهنجي پروردگار کان ايترو به نه ڊڄان! اتي جو اتي گهوڙيءَ تان لهي، سڌو مسجد شريف ۾ آيو ۽ گهر چوائي موڪليائين ته، ”اسان کي ماني ٽڪر هت ڏيندا ڪريو.“

ٻي روايت موجب ته هڪ دفعي اَنَ جي بٽئيءَ تي آيو. ليکي چوکي سمجهڻ بعد، ڪڙميءَ جو سمورو اَنّ چڪتو ڪري ورتائين. جڏهن ڪڙميءَ پنهنجي لاءِ ڪاريءَ وارا ڪک ڏٺا، تڏهن دل ڀرجي آيس ۽ لڙڪ لڙي پيس. حسين پڇيس ته ”ائين ڇو؟“ چيائين ته ”سائين، ٻچن جو گذر ڪيئن ٿيندو؟“ بس، اها گهڙي. ڄمي ويو! دل کي فقيريءَ جو اهڙو ڪو ڌڪ لڳس، جو اتي جو اتي حڪم ڪيائين ته ڪڙميءَ کي پنهنجو حصو موٽائي ڏيو. ميان حمزه علي خان جماراڻيءَ ٻڌايو ته، ”ڏينهن اهو، وري نه بٽئيءَ تي ويو!“ هينئر حسين فقير کي گوشه نشين ڏسي، ڀر وارا زميندار ۽ ڪڙمي زور وٺي ويا. ايتريقدر جو حسين فقير جي واهه مان، ڏاڪڻ (ذات جا) زوران زور پاڻي واهڻ لڳا. آخر حسين فقير جي ڪڙمين وٽس دانهن آندي ته ”سائين، تو ته فقيري پاتي، پر اسان جو به ته ڪو بلو ڪريو. ڏاڪڻ سڀ پاڻي کنيو ٿا وڃن. اسان کي چُڪي به نصيب ڪانهي!“ جڏهن گهڻو تنگ ڪيائونس، تڏهن ڏاڪڻ ذات کي هڪل ڪري چيائين:

ڏاڪـــــڻ ڏاڙهـــــــي چــــــــــار،
چارئي ڪڍياسونس چُوڙ کـــون.

قدرت ڪريم جي، اُهي چارئي ڀائر هڪٻئي پٺيان مري کپي ويا.

ڪن روايتن مان معلوم ٿو ٿئي ته ڏاڪڻ هارين کي ڀر وارن زميندارن جو اشارو هو. حسين فقير انهن کي ”ابليس“ ٿو سڏي:

ڏاڪڻ ڏاڙهي ڇا، اٿس اشارو ابليس جو.

فقير صاحب جي خاص دوستي مرحوم فتح حمد خان لاهوري (موجوده نواب حاجي امير علي خان لاهوريءَ جو ڏاڏو) سان هئي. جڏهن رئيس فتح محد خان حج تان موٽيو، تڏهن حسين فقير کيس مبارڪ ڏيڻ ويو ۽ هيٺيون شعر پڙهي، دل جي عقيدتمندي ظاهر ڪيائين. شعر پڙهندي، ٻنهي پئي ڳوڙها ڳاڙيا:

ڀلي  آئين  ادا  قاصــــــد   پرين  جي پار جا پانڌي.

1. سگهو سُڌ  ڏي خبر ساري    هُين  هيءَ   ياد  ويچاري،

جدائيءَ جان  هيءَ  ڳاري   مري  مشتاق  هت ماندِي.

2. فتح محمد  فتح  وارو  ڪيو  سردار  ســــوڀارو،

هڻي نَر نينهن  جو  نعرو   جُرم کون جان ڪئي واندِي.

3. رَمِي رَند روهه جي  راوت   وٺن  محبوب  جي دعوت،

چڙهن ڪيئن سيج بي شهوت   مخنث   جي   پنن   پانــدِي.

4. چوي ”حسين“ سڀ  شافي   ڪندو ڪل ڏوهه سڀ معافي،

اسان  کي  آسرو  ڪافي   سڀئي  ڇٽندا  حشر بندي.

حاجي فتح خان لاهوري وڏي هلنديءَ وارو هو. چئي کڻي بس ڪجي! هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته فقير حسين کي موريءَ وٽان واهه کپندو هو ته جيئن پري واري زمين به آباديءَ هيٺ اچي. ڀر وارن زميندارن جي ڏاڍ مڙسي ڏسي، رئيس فتح محمد خان کي خط لکيائين. هت ته خط پهچڻ جي دير هئي. ڪم کڙي تڙي ٿي ويو! هڪ هنڌ ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو اٿس:

فتح محمد  مرد   لاهوري   خط لکيوسي تنهن ڏَنهُن چوري

وک وڌا تنهن سالڪ سوري،   نال  امانت  زابر زوري،

واهه ڇُڙايس مُنڍون موري،  البت هويا  ملڪ آباد،

يا رب صاحب، سڻ فرياد.

خليفو نبي بخش ۽ حسين فقير:

خليفو نبي بخش سرائڪي زبان جو پختو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس لاثاني ۽ شاهڪار ”سسئي پنهون“ داد لاءِ حاضر آهي. حسين فقير خليفي صاحب جي ”سسئي پنهون“ کان متاثر ٿي، پنهنجي ”سسئي پنهون“، ٻارهن سال پوءِ يعني 1266 هجري ۾ ٺاهي تيار ڪئي. جيڪڏهن خليفو صاحب اڳ اڳ ٿو ڪري ته حسين فقير به پاسو جهليو ٿو اچيس. خليفو صاحب، سسئيءَ جي باغ جي تعريف ۾ چوي ٿو:

چمن دَر وَهۡ گُلــٖـي گلزار رنگي،

ڪِئا ڪچنارَ اُدي زرد رنگي.

گُلــٖـي گُل وَهۡ رنگو رنگ بيمثالي،

ڪَرن فرياد بلبل ڏيک لالي.

پَڪي وڻ سوکڙي وَه سبزُ ساويٖ،

ميوي جِهۡدي پريٖ رخسار کاويٖ.

حسين ديدڙ:

کُليا سورج، سَمن، هي گل عباسي،

ڪُجا ڪچنار، سُنبل تي سناسي.

آنگاسي مُرغ هـٖـي بانو هوائي،

بلاشڪ بيعدد بجلي سمائي.

سسئيءَ کي ”انگلسي مرغ“ سڏي، نازڪ خياليءَ جي شيرازي کي بنهه مضبوط ڪري ڇڏيو اٿس. اڳتي هلي، خليفو صاحب، ”سسئي پنهونءَ“ جي شادي بعد هيئن چوي ٿو:

ڀَنوَر ٿيا باغ وچ مختار ڪاري،

ڀَنوَر دي بخت ڦلواڙي بهاري.

گهـٖـي طوطا چکي چَڪ مار آمين،

گهـٖـي کاوي مغز پُر وَه بَدامين،

گهـٖـي  اٽارُ ڪون ماري چنگل مس،

گهـٖـي  پيويٖ پياسيٖ نارنگي رس.

حسين ديدڙ:

اُڏر بلبل ٻَهـٖـيٖ، گل تي پياسي،

سِنگهـٖـيٖ سرهاڻ سو، خوشبوءِ خاصِي،

صحن سينا صنم دا، تخت شاهِي،

ڪريندا ٻَهه تَنهِين تـٖـي، بادشاهي.

آيا در دست، غازي دي، غزالا،

ڪمر چُون ڪڍ خنجر ڪِيُس حلالا،

گهـٖـي مختار، گل ڪون گهت ڪلا ديٖ،

گهـٖـي چڪ مار، ميوا مغز کاويٖ.

حسين فقير جا به مجرا نه وڃائبا. ڇيهه ڪري ڇڏيو اٿس. غازيءَ جو ڪمر مان خنجر ڪڍي، غزالي کي حلال ڪرڻ، شاعر جي خيالي قوت ۽ بلند پروازي جو پورو پورو دليل آهي.

حسين فقير ۽ حمل فقير:

ميان عزيزالله ڳنواس جي روايت موجب حمل فقير، حسين فقير وٽ ديدڙين آيو هو ۽ پنهنجي پريت پختي ڪري ويو هو. ممڪن آهي ته ان وقت کان سندن خط و ڪتابت به جاري ٿي هجي، ۽ هڪٻئي ڏانهن شعر به موڪليندا هجن. جيڪڏهن ائين نه، ته شعر به هڪ قسم جا پکي آهن، جي ڪٿان جو ڪٿي پرواز ڪري، پرگهٽ ٿيندا رهن ٿا. هونءَ به دستور آهي ته وقت جا شاعر، اڳين توڙي هلندڙ وقت جي شاعرن جي شعر جو ڳوڙهو مطالع ڪري، انهن جي نفيس ۽ نازڪ خيالات کي پيش نظر رکي، پنهنجي گهَڙت به اهڙي گهڙيندا رهن ٿا. جيتوڻيڪ هرڪو واٽ پنهنجي وَهي ٿو، پر ڳالهه ته ڳڻڻ ۾ ايندي.

 

حسين ديدڙ:

پارُ وَڃـٖـي لَنگهه يارُ ڏَهُون، جِٿان ڪُن ڪَرينديٖ ڪَڙڪـٖـي،

دَهشَت داٻ، درياهان دي، نِتُ سُڻدي دُوسان دَڙڪـٖـي،

لَنگهه نِسَنگه امالڪ وَڃِي، اوريٖ مُولُ نه آڙڪـٖـي،

ڪاهان ديٖ وِچ دانهان ڪَر ڪَر، سَڏيٖ رانجهو رَڙڪـٖـي،

سُرڪي پَلٽ پِياري هَٿون، ڪُجهه پِلايُس پَڙهه ڪـٖـي،

آتش عشق اُلانبِي لائِي، بِره ڏِتانَس ڀَڙڪـٖـي،

سانگ سيالان والا سانگا، چوڙيُس چِکي چڙهه ڪـٖـي،

غيرت غير ڪَنُون چايُس، تَرڪ طمع ڪُون تَڙڪـٖـي،

پِيتُس پيالا وحدت والا، نال خوشي ديٖ کڙڪـٖـي،

رانجهو نال ”حسين“ هميشان، جالـٖـي ويڙهي وَڙڪـٖـي.

 

حمل فقير:

پار وڃي لَنگهه يار ڏَهُون، نِتِ تار نَديان تَرڪـٖـي،

ڪِيتُسِ تَرڪ دنيا ديٖ تَرڪـٖـي.

وِنجهلي دِيان سُڻ ڦُوڪان هُوڪان، سَڏي ڪُوڪان ڪَرڪـٖـي،

جيويـٖـن ڪُونج هِڪِلـّي ڪَرڪـٖـي.

آڌي رات آڌيڙيٖ کاءُ وَڃ، سُڻدي چانهَڪ چرڪـٖـي،

ڪپڙي چاڪ ٿيِوَن ڪَر چرڪـٖـي.

”حمل“! هِير اُٿون نِت لَنگهي، جِٿُون گهـٖـير گهاريان ديٖ گهَرڪـٖـي،

سَٽيُسِ عَيش اَمَن سڀ گهَرڪـٖـي.

 

حسين ديدڙ:

هِير لنگهـٖـي، نِتِ سِير ڏهاڙي، تَرسن جِٿان تاريٖ،

جَڏان راتـٖـين اُڀرن تاريٖ.

لَهريـٖـن ديٖ لَک لوڏيٖ سهندي، ٻانهن اُلاري، ڪَر ڪَر واري،

سر سڄڻ تون مُولُ نه واريٖ.

سَندي کَرڪي، چاهَڪَ چَرڪي، ڳولي چاهون چاري،

جِٿان ماهي مَنجهيان چاريٖ.

پاڻي دل ڪُون پاڻي آڻِس، ٻيـٖـلـٖـي گهڙيان گهاريٖ،

توڙي وِچُون واهُڙ گهاري.

وڃ ”حسين“ هميشان حاضر، ٿِيويـٖـن دلبر ڌاري،

تان مَن ماهِي مينون ڌاري.

 

حمل فقير:

پار وڃـٖـي تَر تار نَديان، جِٿ ماهِي منَجهيان چاريٖ،

چُڪُڙ چاري.

رانجهو ٻاجهون رات نه نِبرَس، پِرِهه توڙي پَٽ تاريٖ،

تَڪ تَڪ تاريٖ.

ٻيـٖـلـٖـي وقت ڪُويـٖـلـٖـي ويندي، گهير گهٽيان لَنگهه گهاري،

گهر نا گهاري.

”حمل“ مَين آڻتاري ڪُون، رَب تارڻ والا تاري،

پار اُتاري.

حسين فقير جو ڪلام معنيٰ جا موتي آهن، جي اوندهه جو اوجر آهن. جيڪڏهن انسان هڪوار سچيءَ دل سان، سندس ڪلام پڙهندو ته ازخود دنيا جي بي بقا وٿن کي وساري ڇڏيندو. سندس ڪلام جو فقط هڪ ئي موضوع ٿي سگهي ٿو. نصيحت ۽ نصيحت! عوام کي اخلاقي ڇينڀ به ڪندو رهي ٿو، شرڪ ۽ بدعت جي ڪمن کي پڻ ننديندو رهي ٿو.

سندس ڪلام ۾ عاجزيءَ ۽ انڪساريءَ جو عنصر البت ججهو نظر اچي ٿو. ڪٿي به پاڻَپُڻـٖـي جي هام نٿو هڻي. هر وقت رب العزت جي درگاهه ۾ عبوديت جو سجدو ڪندي نظر اچي ٿو. نفس جي شڪايت ۽ گناهن جي حڪايت، پڌري پَٽ ڪندو رهي ٿو. انسان کي پنهنجي اصلي خاڪي جسم ڏانهن متوجهه ڪري ٿو ۽ دنيا کي دم گذر سمجهي ٿو:

الف- ادا، ايءَ سڻ تون ڳال،   سمجهه  سياڻا  هوش سنڀال،

اي جڳ فاني، خواب مثال،   جيوَڻ  دنيا   وچ  جنجال.

ڪر ڪو سعيا ڇوڙ خمار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

بي-  بلند   وڏائي    والا،   هِڪو حاڪم هي حق تعاليٰ،

ڪنهن دا غرض نه رکدا ٽالا،    پَوسي ترس تنهين ڪون شالا.

فضل جنهين دا هي درڪار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

تي- تنهين ڪون تون ڪر ياد،   اصل   خود   هــئَين   آدمـــزاد،

خاڪي،  تيڏا  خاڪ   بنياد،   ڪَر  ڪَر  زاري  تي  فرياد.

آک ادا، تون استغفار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

حسين فقير دنيا جي ماڻهن جا چار قسم ٺهرائي، چوي ٿو ته انهن چئني قسمن جي ماڻهن جا دڪان کري ويا. اڳ جتي انصاف، همدردي ۽ ايمانداري هئي، اتي سڃ پيئي واڪا ڪري! ڇو؟ تنهن جو سبب به ٻڌائي ٿو ته هي سڀ غير جي حڪومت (انگريزن) ڪري ٿيو آهي:

جاڳي حرڪت وچ جهان،

چارئي کَر ڳَئـٖـي، دُرس مڪان.

1. ماڻهو قسم ڪُلئي چار، پهلا حصا هي سرڪار،

ڏوجها ڏِنگي زميندار، ٽيجها ڪڙمي ڪاهن نار،

چوٿـٖـي پِير چڱـٖـي چوڌار، سڻو بات ميڏي بالجان.

جاڳي حرڪت وچ جهان.

2. حاڪم سخت فرنگي آيا، هرجا هوڪا هڪ ڦرايا،

محبت ساءِ مزي مُڪلايا، ڦيري رب رنان دي ڪايا،

ٻانهي ڇينهي سڀ سِڌايا، جيها گولا تيـٖـها خان.

جاڳي حرڪت وچ جهان.

حسين فقير 1260هه مطابق 1844ع ۾ مسجد شريف ٺهرائي، جتي پوين پساهن تائين تعليم ڏيندو رهيو. ”سسئي پنهون“ جي قصي ۾ ان مسجد ڏانهن اشارو ڪري ٿو:

ميڏيٖ مُخلص يَگانِـٖـي يار جانِي،

ٿيون خوش نقش، مَر ڏيکن نشانِي،

سَنگت مَيڏي سَڀا جي خويش ڀائِي،

ڪرين خانوند، تِنان ڪُون خوش سدائِي،

ميڏا فرزند شالا شاد هوويٖ،

هميشه آل خوش اولاد هوويٖ.

ڪرين صالح سڀـٖـي مضبوط موليٰ،

نه لاوٖين تن تِنان ديٖ جهَڪ جهولا.

هُويٖ مسجد عمر آباد شالا،

فقيران ڪُون، ڪرين خوش فيض والا.

ميڏيٖ شاگرد جيڪـٖـي هِن خطابِي،

لَهن طالب سِگهـٖـي مطلب شتابِي.

مَنگان مسڪين مَين جيڪي دعائين،

قبوليت وِچ ڪرين سبحانَ سائِين.

سرائي حسين ديدڙ پاڻ کي ”فقير“ سڏيو آهي ۽ واقعي هو به فقير! هيڏانهن ميان شاهل محمد عباسي جو پانڌيئڙو هئو، هوڏانهن پنهنجي مرشدن (ڊڀري جا مخدوم) کان فيض وٺندڙ هئو.

جناب حاجي ميان نظام الدين خان ٻڌايو ته ”جڏهن حسين فقير وفات ڪئي، تڏهن سندس هڪ گوڏو اُڀو ٿي بيٺو. فقير شاهه محمد کي اها ڳالهه البت نازيبا لڳي ته اسان جي فقيري ڪُلَ کي اهو عيب ٿو لڳي! تنهن تي فقير شاهه محمد پنهنجي ناني کي چيو ته ”نانا سائين، تون ته اسان ڪُون ڇوڙ ڳَيُهُن. پر پڇاڙي وِچ ته اِيوِين نه ڪر. تيڏا گوڏا اُڀا هي. ماڻهو ڪِيا آکيسن ته فقير صاحب دا مُئي ڪَنُون پِڇي به اجهو اِهو حال هي.“ اڃا شاهه محمد اهي لفظ مس چيا ته حسين فقير جي نعش جو گوڏو سڌو ٿي ويو.

سندس وفات 1290هه مطابق 1873ع ۾ ٿي. ميان ڳنواس جي زباني تي ستر ورهين جي لڳ ڀڳ وفات ڪيائين. انهيءَ حساب سان اُڻويهين صديءَ جي پهرين ڏهاڪي ۾ سندس جنم چئبو.

 

T


*  نوٽ: هي نسخو 1271هه جو لکيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org