سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات حسين ديدڙ

صفحو :4

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

 

داستان چوٿون

 

ٽيهه اکري

 

 

الف، اَلَہ دِي، آسَ، محمّد،

دوسُ، خدا دا خاص، محمّد،

وارث، جڳ دا، واسُ، محمّد،

ڪلمان، جنهن تي، راس، محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

بـٖـي، سُڻ، مَيڏي بات، محمّد،

بخش، اِها تون ڏاتِ، محمّد،

وائِي، هوويٖ وات، محمّد،

شام صبح، صلوات، محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

تي، تُساڏيٖ، مَلَڪ، محمّد،

اَحمد، عاشِق، فَلَڪ، محمّد،

عرش زمِينان، خَلَق، محمّد،

دامَن هيٺون، دَلَق، محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

ثـٖـي، ثَنا سڀ چيز، محمّد،

هر شي، آکـٖـي نِيزَ محمّد،

مَينُون، دين عزيز، محمّد،

تَيڏا نام، لذيذ، محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

جِيم،  جَهانُ، مدار، محمد،

تَئين سر بارا بار، محمد،

سيد، هي سردار، محمد،

روزُ حشر، مُختار، محمد.

 

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

حـٖـي،  حامِي، هرحال، محمد،

ڀالِ سِگها، دِل نال، محمد،

ڏوههَ، وهم سڀ ڳال، محمد،

هردم ڪَر، خوش حالُ، محمد.

 

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

خـٖـي،  خدا لڳ، مير، محمد،

عرض سُڻو، آڪسير، محمد،

مَين، نِت دامنگيرُ، محمد،

معافُ ڪَرو، تقصير، محمد.

 

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

دالُ،  دِگر وِڃ، دور، محمد،

ڪَونُ حِمايت اور، محمد،

ڏيـٖـہُ ڏِٺَمِ سڀ، ڏور، محمد،

تون هين، ضامن زور، محمد.

 

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

ذالُ،  ذِڪِر دا، ذوق محمّد،

نال جِگَر دي، نوڪُ، محمّد،

جام ڪوثر دا، شوق، محمّد،

مِير، مِلا وو موڪُ، محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

ريٖ،  رَبّانِي، راهِ محمّد،

مَينُون، ڏَس تُون، ماهَ محمّد،

دوسِت مِٺا، دِلخواهَ محمّد،

تَين بِن ڪانهي، واهَ محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

زي،  سُڻ زاري، زار، محمّد،

پاڄِي دي، پَڳدار، محمّد،

يَڪ دِن ياور، يار، محمّد،

پاڪُ پَسا، دِيدارُ، محمّد،

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

سِينَ،  سَدا سالارُ، محمد،

شوق تَمامِي، تارُ، محمد،

نيڻان چاڙهئي، نارُ، محمد،

تيڏي، هُڻ اختيار، محمد.

 

صلي الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

شِين،  شِتابَون، شاهَ محمّد،

رُخ تُون، گهُنڊچا، لاهه محمّد،

گاهِي يڪدم، گاه محمّد،

ڏيک ڏنگائِي، ڏاهه محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

صُوادُ،  صلوات، دُرود محمّد،

ظاهر آکان، زُود محمّد،

سڀ ڪم، سرورَ، سُودُ محمّد،

مَيڏا ڪَر، مَقصُود محمّد،

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

ضُواد،  ڏهاڙي، ڏَس محمّد،

واٽ پڇـٖـي، بيوس محمّد،

باشِ نه بالڪل، بس محمّد،

شاه، شِتابُون، رَس محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

طُويء،  طلب، ديدار، محمّد

هنجون دي ڳل هار، محمّد،

يار، نظر يڪ بارُ، محمّد

ڀال ڀَلا، گلزارُ، محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

ظُوئ،  ظُهر، دوپاس، محمّد،

عرض ڪري، آرداسُ، محمّد،

هيڪر خوش ٿي، هاس، محمّد،

لاهو غَم، وِسواس، محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

عَينَ، عَطا، اِحسانُ، محمّد،

صاحِب ڪَر، سلطان، محمّد،

صحت، صفا جندجان، محمّد،

ڏي دلگيران، دان، محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

غَينَ،  غريب، مدام، محمّد،

سيد، تَيڏِي سام، محمّد،

ڏيٖ ڪوثر دا، جام، محمّد،

حاصل ڪر، اسلام، محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

في،  فڪر، فرياد، محمّد،

دانهِين دا ڪر، داد، محمّد،

عين اندر، آباد، محمّد،

دوست ڪرو دل شاد، محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

قافُ،  قريشي، ڪاهه محمّد،

بيواهان دا، واهُ، محمّد،

هر جا تـٖـي، همراهه محمّد،

هووي، هم آگاه، محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

ڪافُ،  ڪمال، جمال محمّد،

مُنهُن، مہ تاب، ڏِکال محمّد،

نُور، ننَگِي، ننگپالُ محمّد،

احسن ڪر، اعتمال محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

لام،  لَڳا مين، لام محمّد،

تيڏي سرور ڄام، محمّد،

آخر وقت، آيام محمّد،

پَرتا هَئي، پينام، محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

ميم،  مدح، مقبول، محمّد،

دين دنيا دا، مول محمّد،

بَرسر راهُ، رسول، محمّد،

محڪم ڪر، مشغول، محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

نُون،  نبي جي نُور، محمّد،

درمل، اِس دستور، محمّد،

هرڪم وچ، حضور، محمّد،

ميڏا ڪر، منظور، محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

واوُ،  وسيلا، ووڙ، محمّد،

در تي آيس دَوڙ، محمّد،

جڳ وچ جِٺِي، جُوڙُ، محمّد،

پاڙ پيغمبر، کوڙ، محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

هـٖـي،  هميشہ، ”حُسين“، محمّد،

نِت سِڪائي، نَينُ، محمّد،

حرمت، شہ حَسنينُ، محمّد،

حاجي ڪر، حرمين، محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

لامُ، لطيفـٖـي، کول، محمّد،

شَڪ، سَڀـٖـي ڀَن ڀول، محمّد،

قلب، ڪما حقہ، چول، محمّد،

هُو، دا پائين، هول، محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

اَلفَ،  اساڏي لاجُ، محمّد،

تَيڏي سِرهي، تاجُ، محمّد،

حل ڪرو، هر حاج، محمّد،

مول نه ڪر، محتاج، محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

 

 

 

 

يي، يَڪ آکان، باتُ، محمّد،

ويلي وقت، وفات، محمّد،

سوکي ڪر، سَڪرات، محمّد،

ڪَلمان، وائي وات، محمّد.

 

صليّ الله عليہ وسلم.

 

 

لاالٰہ الاّالله محمد الرسول الله

 

 

صليّ الله عليہ وآلہٖ و صحبہٖ و بارڪ وسلم.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

T

 

(2)

 

الف،  ادا ايہ، سڻ تون ڳالهه،

سمجهه سِياڻا، هوش سنڀال،

ايہ جڳ فاني، خوابُ خيال،

جيوڻ، دنيا وچ جنجال،

ڪر ڪو سَعيا، ڇوڙ خمار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

بـٖـي،  بُلند، وڏائي والا،

هِڪو حاڪم، هـٖـي حق تعاليٰ،

ڪنهن دا غرض، نه رکدا ٽالا،

پوسي ترس، تنهين ڪون شالا،

فضل جنهين دا، هـٖـي درڪار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

تـٖـي،  تنهين ڪون، تون ڪر ياد،

ڏيک اصل خود، آدمزاد،

خاڪي تيڏا، خاڪ بنياد،

ڪَر ڪَر زاري، تـٖـي فرياد،

آک، ادا تون استغفارُ،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

ثـٖـي،  ثبوت، صفائي نال،

جو دم جيوين، جاني، جال،

وَل وَل گهتين، وک سنڀال،

متان رکين، پير بطال،

هردم هووين، تون هوشيار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

جِيم،  جهان، فنا دَر فاني،

دنيا، دَلبا، دم درمِياني،

شاه، گدا، سفر وچ ثاني،

برسر راه، روان سُلطاني،

حيلـٖـي چور، وسيلـٖـي وار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

حي، ”حُسين“ همت ڪر ڪائي،

ويندي گذري عمر اجائي،

خوف خدا دا، ڀَؤ رک، ڀائي،

ڪنبدا وتين، ڪنڌ نِوائي،

رک تون، ياد نصيحت يار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

خي،  خمار، اُتار سَويلـٖـي،

ڀڪّ ڏَلِي تي، ڀنوين اويلي،

آبُ اجل دا، پلٽِي ٻيلي،

گهتـٖـي ڊاههَ، ٻَهون لک ٻيلي،

ڏيک نه ڏردئين، لُڙدي ڏار؟

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

دال،  دِلاور، جُوان، هزاري،

خانبهادر، اَڙٻنگ باري،

ويندا موت، ڏهاڙي ماري،

ڪنهن دا زور، نه لَڳدا زاري،

هڪ ڏينهن، آسي تيڏي وار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

ذال،  ذِڪر ڪر، ذاڪر، زاري،

بارُ ٻَڌوئي، سِر تي باري،

ڳهلا، وت نا ڳالهه وساري،

اَسپ، انهين ڪون، چاڙهه انڌاري،

ٿيوي تُندُ، متان تڪرار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

ريٖ،  رضا تي، راضي هو،

ڪر ڪجهه نيڪي، نيڪ، نِڪو،

دِل دا قطرا، مَل مَل ڌو،

تان وچ چوين، عازي، گو،

آڻ، نه دل تي ڪو، انڪار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

زي،  زبون، زوال، زمانا،

اَبتر، اُس دا هي، افسانا،

حضرت آدم، جد جهانا،

شِيث پيغمبر، شاه روانا،

ڪاههَ رسئـٖـي، وڃ ڪارؤنڀار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

سِينَ، سَهي ڪر، قصّا سارا،

ثاني آدم، نوح سونهارا،

هُودُ، هَلايُس، بيشڪ بارا،

خاڪ تِنهان دا، خاص اُتارا،

ڪون بِگانا؟ تون بيڪار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

شِينُ،  شمع، شہ ابراهيم،

نال نبوّت، قُرب قديم،

صالِح، يونِس، صاف سليم،

ڪوچ دنيا ڪُون، ڪر ڳئـٖـي، ميم،

وِيرَ، ولِي ڪر، وڻج وَپار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

صُوادُ،  صديقُ، اَيوب، سِڌايا،

يعقوب، مَرگ دا، درجا پايا،

گهِن ڳِيا يوسف، راه خدايا،

خام، رکين تون، خيال اجايا،

جُوانَ، نه جِيسِين، سڀ ڄمار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

ضُوادُ،  ڏِٺوئِي، موسيٰ مِير،

هم رفيق، هارون وزير،

صاحب مُلڪ، سُجان، سُڌيرُ،

دارِ بَقا ڳئي، وهنـٖـدي وِير،

ڪَهنديٖ، دُولهه دي درٻار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

 

طُوئ،  طمع، اس جڳ تون چاويـٖـن،

ورنهه، واڳ دائود وَلاويـٖـن،

زڪَريا، ڳل، اَلفِي پاويـٖـن،

صاحب دي در، سيس، نواويـٖـن،

دوڙ ڳَئـٖـي، دروازي مار،

ڏاڍي صاحب دي سَرڪار.

 

ظُوئ،  ظهور، صحيح سُلطان،

شيرُ ڪَلان، شہ سُليمانُ،

هر شي، جنهن دي، وچ فرمان،

دورڙ، دٻايا دُز، دُوفان،

هَرڪو ويـٖـسِي، هنجون هار،

ڏاڍي صاحب دي سَرڪار.

 

عَينَ،  عجائب، عبرت عالِي،

حضرت عيسيٰ، لعل گُلالِي،

محب مُنور، واحِد والِي،

محض، مگر ڳِيا، هَٿون خالي،

واٽ، وندردي، گهِن وڻڪار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

غين،  غلام، هزارين گولـٖـي،

پِير، پيغمبر، ماسـٖـي، تولي،

دست رکن، تنهن دامن، چولـٖـي،

پرور ڪيتا، پاسـٖـي اولـٖـي،

سرتاج، نبيان دا سردار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

فـٖـي،  فنا، در فاني، آئـٖـي،

ماڻڪ، موتي، خاڪ رَلائـٖـي،

ملڪ الموت، هزار کپائـٖـي،

ڇوهـٖـي لک، جهاز گنوائـٖـي،

اَبتَر، گهُلدا اَنڌوڪار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

قاف،  قبر دي، سختي، سوڙ،

تنهن وچ رکسن، جانب، جوڙ،

پرين پياري، ويسن ڇوڙ،

لُنگي، پوتي، گهنسِن نوڙ،

پِڇي، آک پٽيـٖـسِين، يار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

ڪاف،  قزاقُ، شڪل دي شير،

مَلڪَ منير، نڪير، دلير،

گُرز، هٿان وچ، ڏهه ڏهه سير،

گَہ گَہ پُڇسن، ڪَهه ڪَهه، ڪير؟

ڪر بيان، عمل اظهار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

لام،  لطف ديٖ ٻاجهون، واه،

هرگز ٿِيسي، نا هرگاه،

هُڻ تون گهِن، ”حسين“، صلاح،

ياد خدا ڪر، سنجهه صباح،

ٻانهن اُلار، ته لنگهيـٖـن پار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

ميم،  مداحي، هو مردانا،

ڪرو نه فرفر، تي گردانا،

ياد هِڪو، رک حق، يگانا،

دل تي، رک تون ڳالهه دِوانا،

متان، آوين، هـٖـيٺ ميار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

نُونُ، نبي دا، راهُ سُڃاڻُ،

ٻئي در ڪنهن دي، ڪڍ، ناڪاڻ،

شاهُ محمد، شافِع ڄاڻ،

هٿ حشر وچ، رکسِي آڻ،

ڪامِلُ، هوسِي نال ڪِنار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

واوُ،  وڏائي، ڪِيوين ڪردا،

بَندا آپ، پَرايا کردا،

ڪر ڪر نياز، تواضع هَردا،

ٿي درويش، خدا دي درُ دا،

رازق، روز رَساوڻهارُ،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

هـٖـي،  هميشہ، هر ڪنهن نال،

گولا، ٻانَها، ٿِي ڪر جال،

ڇوڙُ دغائي، دُز، اشغال،

جان جان جيوين، اِيويـٖـن جال،

لافُ، لَغور نه مين دي مار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

لام،  لَکانديٖ، ڏينهن ڏِهاڙي،

هٿ نا آسِن، هرگز هاڙِي،

جوڀن ويندا، ماري تاڙِي،

موت کڙا هي، محڪم گهاڙِي،

ڏَر، اُهِيندا رک ڏهڪار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

الف،  آلهه ديٖ، در تي زاري،

آک، ادا تون لک لک واري،

ڏِينهان رات، نا گهتـٖـين گهاري،

جان جان هووئي، چرخا جاري،

تان تان، مولُ نه ڇوڙين نار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

يي،  يڪ ميڏي دل ڪون، تُرها،

مير محمّد، سيّد سُرها،

اُمت ڪون نا، سهيسي آرها،

ڪامِل ڪاهه رَسـٖـيسي ڪرها،

ڪلمان آک، ته لنگهسين پار،

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

T

 

(3)

الف- آلهه جي نالي پِيرَ،

غوث محي الدين مُنير،

دوست خدا جا ورنهه وِيرَ،

داد ڪريو في الحال فقير.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

بي- بنام احمد ڄامَ،

برسر جنهن صلواة سلامَ،

عرض اوهان کي مير مدام،

ڪامل، ڪر قبول ڪلام.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

تي- تحقيق تبارڪ تعاليٰ،

تنهنجو عِزّ اُوچو ڪيو اعليٰ،

خادم ملڪ مريد نرالا،

تو شهه پير، پيرن بالا.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

ثي-  ثواب سڌو ڏَس راه،

دمدم آکان اسم الله،

محبت موليٰ وحدت واه،

شوق نصيب شفيع جو شاه.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

جيم- جوان جيلاني جانِي،

تون هِي مشفق، محب حقانِي،

هيڻن حامِي هرجا جانِي،

تون ڪر فائق، فيض رسانِي.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

حي- همت ڏي تون ڪو حال،

جِهان، نفس پليت، ڪريان پيمال،

دَسي دُزّ دَٻائي دال،

دل سان دولهه! ٻُڌ سوال.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

دال- دلاسو ڏي تَسڪِينَ،

ميرَ! ملڻ جو، ڪو مسڪين،

آءُ اچي ڪر تون تلقين،

حاصل ڪج دنيا ۽ دين.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

ذال- زياده تنهنجو شانُ،

قرب وڏو ڪيو ربّ رحمان،

حد نا هرگز بات بيان،

تو هٿ تورا، تُر ميزان.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

 

 

 

 

 

ري- رحم جي ڪر نگاه،

تون دريا جو شهنشاه،

ڪانه سُڄي ڪا ورنهه! واه،

ڪو در غم گيلاني لاهه.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

 

 

 

 

 

زي- زيارت سندو خيال،

گذريا سڪندي ڪيئي سال،

پير، پسايو جسم جمال،

تا ٿئي خادم، هي خوش حال.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

 

 

 

 

 

سين- سدائين شوق تمام،

عالم کي سُڌ آهي عام،

ظاهر زر خريد غلام،

تنهنجي در جو مير مدام.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

 

 

 

 

 

شين- شڪر، تو جهڙو پير،

دم نا داهين، ڪو دلگير،

مشڪل معاف تَنين تَئون مير!

کائين مفت مکڻ ۽ کير.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

 

 

 

 

 

صاد- صلاح ڪيم دل ساڻ،

حاضر حال ڏيکاريم پاڻ،

ڏيار اسان کي ڏاتر! ڏاڻ“

بهت اوهان جي ميران! ماڻ.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

 

 

 

 

 

ضاد- ضرور جنهن کي تنگي،

ڏک هجي دل تنهنجي ڏنگي،

ماڙ اچي، جنهن تو کون منگي،

تون نوازين تنهن کي ننگي،

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

 

 

 

 

 

طوئي- طلب اولاد تمام،

سڪ سدائين مير مدام،

جوڙو، جُنگ! ڏيار غلام،

تا مَرُ ڏسـٖـي عالم عام.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

 

 

 

 

 

ظوئي- نه ظالم، عالم خاصو،

جِهل نه جنهن کي، مطلق ماسو،

دين دنيا منجهه خوش خلاصو،

پار ڏي شل تنهن کي پاسو.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

 

 

 

 

 

عين- عنايت سان ڪم ڪار،

هادي مرشد حاج سنوار،

دولهه داتا، دان ڏيار،

غازي دل تَئون غم اُتار.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

 

 

 

 

 

غين- غلام ڪري زاري،

دل سان ٻُڌ، سڄي تون ساري،

تو سر بارُ، ڪريو بيداري،

دوس! سِگهو ڏي تون دلداري،

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

 

 

 

 

 

في- في الحال سُڻو فريادُ،

عارف مان کي ڏي اولادُ،

کوڙ خدا لڳ بيخ بنيادُ،

اهڙو تو ڏنهن ٿئي امدادُ.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

 

 

 

 

 

قاف-  قطب ۽ غوث هزار،

تن جو صاحب، تون سردار،

پيرَ، پِيرن جو تون پڳدار،

ڪُل فردوس منجهون گلزار.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

 

 

 

 

 

ڪاف- ڪَهين کي طاقت ناهي،

سِينڱ سراسر توسان ساهـٖـي،

قلم قضا، هٿ تنهنجي آهي،

راحم! راه ڏسيو بي راهي.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

 

 

 

 

 

(1)لام- لڳا سڀ تنهنجي لام،

لاکو، حاتم هردو غلام،

ڪامل تنهنجو ڪن سلام،

ڪرڻ سخاوت تنهنجو ڪام.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

 

 

 

 

 

ميم- مبارڪ منهن نا موڙَ،

غوث، گَجي ڏي، گوهر گوڙَ،

بيخ، بنام خاوند کوڙ،

عارف، ڏج ڪا اهڙي اوڙَ.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

 

 

 

 

 

نون- نگاه نظر ڪر نوري،

هادي مرشد شير حضوري،

منگي دانُ مريدُ مزوري،

وِجهه پَلؤ ۾ تنهن پوري.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

 

 

 

 

 

واو- وريام وسيلو والي،

تو در آهي سڪ سوالي،

خادم کي تون ڇڏ نا خالي،

مير، لهي مر منصب عالي.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

 

 

 

 

 

هـٖـي- ”حسين“ چوي هر ويل،

تون ڏج سيّد، سڏ سويل،

ڪاهه رسي ڪر، بارش ڀيل،

پَل نا پريل! ڪج اويل.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

 

 

 

 

 

لام- لکن جو ڏاتار،

ڪل مختار سچي سرڪار،

سياه، سفيد سندءِ اختيار،

ڍول، ڏکن تي ڍارو ڍار.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

 

 

 

 

 

الف- اوهان جي در تي آزي،

ناميا، ڪر ڪا نيڪ نوازي،

راحم، تون ٿي مان تي راضي،

غور ڪريو گيلاني غازي.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

 

 

 

 

 

يي-  يُمن سان هـٖـي ڪم ڪار،

دوس! نا دل تون ويـٖـر وسار،

مير! نا تُلخِي موت ڏکار،

ڪلمون پاڪ پڙهي ٿيان پار.

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني،

 

 

حاضر غوث محي الدين جيلاني.

 

 

 

 

 

T


داستان پنجون

 

بيت

(ڀاڱو-1)

زماني بازي

 

تازي طرز زماني بازي، ويـٖـکو يار بنائِي،

کر ڳئِي(1) خلقت خام سماڻي، ابتر نوبت آئِي(2

هندي سنڌي سڀ برابر، وتن ويس مٽائِي،

سُڃي ڀانگ ڀينگوڙي ماڻهو(3)، ڪُڙمت ڪرن پرائِي،

پورهيا ڪر ڪر پيٽ پليندي، نڪو پئسا پائِي،

پَڳڙ گهِن اُڌاري ٻَڌن، ڏوڙا(4) ليک(5) لکائِي،

ڪنان تائين ويڙه وڪوڙن، طُريٖ ڇوڙ توائِي،

سولهن گز سِوائن چَرڻـٖـي(6)، قرض ڪميني چائِي،

پاچي پير ڍڪيندي پادر، ٽُوٽان(7) ٽِنڊ ٺَهائِي،

ڏاڙهي نال ڏيهاڙي جهيڙا، وَتن ڪُندُ(8) ڪَپائِي،

مُڇان مَک، ٽَلي(1) ڪر ٽُرديٖ(2)، سيران نال(3) سدائِي،

گهِٽيان گهُم ڪر، ول گهر آندٖي اَڳون رَنّ رنجائِي،

نڪو دام نه داڻا گُندي، نَڪا اَنّ چوٿائِي،

نڪو جَنڊ نه جورو جهوتا، نڪا پِيهه پچائِي،

عورت نال اجايا جهيڙا، ڪر ڪر دَنگا در لڙائِي،

لَنگهڻ سمهه لنگهائن راتيان، مُنهن تي پاند وَلائِي،

ڏاڙهي ٽنگدي ڏِيهان گهُمنديٖ، آڪڙ نال اجائِي،

حيف ”حسين“! تنهان نون هوويٖ، جنهان لچان لڄ وڃائِي.

T

 

(ڀاڱو-2)

1. صبر، سخت تمام، آهي زور زهر کون،

پِيَن ڪوپا، ڪاپڙي، ڪـٖـي جوان بهادر جام،

موڙن ڪين، مَتارا، منهن کي، پيئندي وِههّ وريام،

چاڙهيا جوڳن، جودئون، جوڙي لاهوتن لغام،

بکيا، بيک نه طلبن، طعامو، تِلّ طعام،

سِيس، نوائي پانهنجو، تون دُز، هي وٺج دام،

اَلصّبر، مِفتاح الفرح، چيو مير مڪـٖـي جـٖـي ڄام،

تن کي سَهسين سلام، ڪن هزار، ”حسين“ چوي.

 

2. ڪامل ڪن قبول، بانڪا انهيءَ بات کي،

وائي وات نه ٻولن ٻي ڪا، مست وتن مشغول،

سامي، صابر، سالم سُرها، سُڃ ۾ ساڌو سُول،

ڪاهِل ڪِين ڪڏهن ٿين، ڪوپا، مانجهي مرد، ملول،

جدا قِرَن، جهان کون، واحد ساڻ وصول،

والله يُحِب الصّابرينُ، اند نَصّ، نُزول،

ٻُڌيو، قول ڪريم جو، سارن رب، رسول،

تَن کي حَقُّ حُصُولُ، هميشہ ”حسين“ چوي.

 

3. دل لائـٖـي داناه، رک ياد نصيحت يار تون،

معنيٰ هن مذڪُور جي، سانڀِج اندر ساهَ،

ڪڍ تون ڏُورِ ڏمر کي، سمجهي وٺ صلاح،

سِبائـٖـي صبر جي، ڪامل، پاءِ ڪُلاءِ،

پورو رهج پيـٖـر تي، سوگهو سنجهه صُباح،

ڪنڌ نه ڦيرج ڪاڏُهين، راسِ وٺيون وڃ راه،

فَالصبِر صَبراً جَمِيلاً، ڪيو اَمر الله،

شرط انهيءَ سان شاهه، ملندءِ هوت، ”حسين“ چوي.

 

4. اَرڏا ڪَن اختيار، سالِڪ، جُوان صبر کي،

دائم تَن جي دل ۾، دَمدَم اِستغفار،

تن تي زور تمامُ ٿئي، جي بَرسر اچـٖـي بارُ،

تان ڀي ڪين ٻُڌائن ڪنهن کي، ريءَ رب، غم غبارُ،

خاطر تنگ نه خَستا کَهُرا، مٿي حمد هوشيار،

چانديٖ چشم، نه چولِن دَردون، جن کي آه ڪرڻ کون عار،

وَتَواصَوا بالحَقّ وَتَواصَوا بالصّبر، اِشارو اظهار،

يَڪ تَنِي سان يار، جن جو اهڙو حال ”حُسين“ چوي.

 

5. جَنِي ڀانيو پاڻ کي، هَڏِهين ڪري هيڻو،

ٻين کون ٻيڻو، کڻي ويندا خير سان.

 

6. جَنِي ڀانيو پاڻ کي، هَڏ ڪري هيڻو،

مُڙس اُهي مسڪين، دَرُ لَهندا دوست جو.

 

7. جَنِي ڀانيو پاڻ کي، هَڏهِن ڪين ڪري،

هونديون تن ڳريٖ، پِريان سنديون ڳالهڙيون.

 

8. جي ڄاڻِين، تون ڄاڻ، هوريان گهُم ”حُسين“ چوي،

پُورو گهمجِ پـيـٖـر تي، پَلـٖـي ڇڏج پاڻُ،

ونگـٖـي زورِ، وَهٽَ کي، سوگهو رهج ساڻ،

متان ڪُڏائـٖـي ڪيڪاڻ، ڀيريٖ هڻئي ڀونءِ تي.

T

 

(ڀاڱو-3)

(1)

دشمن، دُزد، دُرنگا، دَغلہَ، ساڙ ڪَنون هـٖـي سَڙدا

وتي ڪڙدا،

شُوم، شِمر، جو مُلحد مُوذي، لعنت هووِس لَڙدا-

پِٽيا تُڙدا.

خارج، خام، خراب هميشان، احمق زوري اڙدا-

سُولي چَڙدا.

ڏِتا پِير، پَلوتا جنهن ڪُون، گانڊو ديٖ سر گُڙدا-

خالِي هُڙدا.

دين ڪَنون، مُنهن موڙي وَتـٖـي، ڪاهه ڪُفر وچ کَڙدا-

پوٿيا پَڙدا.

شاهه ”حسين“ تَڙايا تَنهن ڪُون، وتي روندا رَڙدا-

لَٿُس پَڙدا.

 

(الف) آس= آشا، اميد، آسرو. دوس= دوست. واس= خوشبوءِ. مجازاً نيڪ نام. راست، درست، پورو.

(بي) وائي هووي وات محمد= وات ۾ يا زبان تي سدائين محمد ﷺ جي ساراهه هجي. خلق= اهل دنيا. دامن= پلاند. دلق= فقيراڻو چولو، گودڙي.

(خي) لڳ= واسطي. اڪسير= ڪيميا، هر مرض جي دوا؛ نهايت فائديمند. مين= مان. دامنگير= پلاند پڪڙيندڙ، عرضدار. تقصير= قصور، خطا.

(شين) شتابون= جلدي شاه محمد= اي سردار محمد صلعم. گهنڊ= برقعو، چادر، چا لاهه= کڻي لاهه. گاهي گاه= گاه گاهي، ڪڏهن. ڏيک= ڏس. ڏيک ڏنگائي= ڏنگي يا بري يا هيڻي (حالت) ڏسي. ڏاههِ= ٻانهي، ڪنيز. گاهه.... ڏاهه محمد= هن ڪنيز جي هيڻي حال کي ڏسي، ڪڏهن ته (ديدار جي) مهربان ڪر.

(صواد). آکان= چوان. زود= جلدي. سود= فائدو. مقصود= مقصد، دل جي مراد.

(غين) سام= شرن، اجهو، پناه. جام= پيالو.

(لام) لام= ٽاري، شاخ، پناري، آسري. آخر وقت= پڇاڙي. ايام (واحد يوم)= ڏينهن. پرتا هئي= پرتو اٿئي، تنهنجي سپرد آهي. پينام= سائل، پينو. پرتا... محمد= اي محمد ﷺ. هي تنهنجو امتي توکي پرتل آهي.

(ب) ٽالا= ٽارو، ڇڏ ڇوٽ.

(جيم) دلبا= دلبو، ٺڳي، فريب. دنيا... درمياني= دنيا فريب آهي ۽ ان ۾ هڪڙو دم (ٿورو وقت) رهڻو آهي. وار= ڇڏ. حيلي چور= حيلا هلاءِ، ڪوشش ڪر. وسيلا وار= وسيلا واري ڇڏ. شاعر چوي ٿو ته، ”انسان کي ڪوشش کان سواءِ ڪجهه به حاصل نٿو ٿئي. ٻين تي ڀاڙڻ اجايو آهي.“

ڏلي= ڏليل، ڏريل، ٽُٽل. ڏلي ڀر= ڏريل ڀر يعني پوئين وهي يا پيري. ڀنوين= هلين، گهمين. اولو، ڪُوقتائو، بي مهلو. هتي شاعر چوي ٿو ته، ”تون هاڻي هلڻ وهيڻو آهين يعني ڀڳيءَ ڀر تي بيٺو آهين ته به اڃا اوجهڙ پيو وڃين. پيلي= پهلي، پهريائين، شروعات ۾. گهتي ڊاهه= ڊاهي وجهي. ٻيون= گهڻا. ڏردئين= ڏرين ٿو، ڊڄين ٿو. لڙدي= لڙهندڙ.

(دال) ڳهلا... وساري= اي بيوقوف، ڳالهه کي وساريو نه وت.

(شين) ڪوچ ڪري= ڇڏي. ”ميم“ اشارو حضرت محمد ﷺ ڏانهن.

(طوئ) ورنهه= بهادر. سيس= ڪنڌ. دوڙ ڳئي دروازي مار= دروازا بند ڪري هليا ويا. شاعر جو خيال آهي ته دنيا فاني آهي، تنهنڪري هن دنيا تان طمع کڻي ڇڏ. حضرت دائود عليہ السلام جو هڪ شهسوار هو ۽ حضرت زڪريا جو پڻ درويش صفت هو، سي پڻ دروازا پوريو، راه رباني وٺيو هليا ويا.

(ظوئ) ڪلان= وڏو دز دوفان= آفتون، بلائون، دنيوي طوفان. هتي شاعر، حضرت سليمان عليہ السلام جو ذڪر ڪيو آهي ته ڪيئن نه هُن هر شئي کي دٻائي، هيٺان ڪيو هو ۽ آخر اهو به هليو ويو.

(ڪاف) قزاق= ڦورو، لٽيرو. منير نڪير= منڪر ۽ نڪير، ٻه ملائڪ، جي قبر ۾ مئي کان سوال ڪندا آهن. گرز= لوهيون لٺيون. گهه گهه... ڪير= گهڙي گهڙيءَ پڇندا ته: چوَ چوَ، تون ڪير آهين؟

(لام) ٻاجهون= کان سواءِ، بغير، بنان. ٻانهن.... الار= ٻانهن جي الاري هڻ معنيٰ تَرُ. شاعر چوي ٿو ته همت ڪري، عمل صالح ڪري وٺ ته هڪدم پار پهچي وڃين.

(واو) ڪيوين= ڇوٿو. آپ= پاڻ. بردا= نوڪر.

(الف) ناگهتين گهاري= گهاري (ويڇو يا ناغو) نه وجهجانءِ. نار= آيٽ، چرخو.

(1) (لام)لاکو= سنڌ جي مشهور سخي جو نالو.

ه) ڪاهه... ڀيل= تون ڪاهي اچي مون کي رس ۽ اهڙو مهرباني جو مينهن وساءِ، جو چوڌاري ڀيلهڙا ٿي وڃن يعني سڀ ڍائجي وڃن. پل= پلڪ، گهڙي.

(1) کر ڳئي= کري وئي.

(2) ابتر نوبت آئي= ڏکيو وقت آيو.

(3) ڀانگ ڀينگوڙي ماڻهو= ڪڙڪ سُڃا ماڻهو.

(4) ڏوڙا= ٻيڻو.

(5) ليک= ليکو.

(6) چَرڻي= جهولدار سٿڻ.

(7) ٽوٽان= ٽوٽ، لوٺيا.

(8) ڪُند= بيعقل.

(1) ٽلي= ٽَلو، ٽولو.

(2) ٽردي= هلندا.

(3) سيران نال= سيرن تي، رستن سان.

ڀاڱو ٻيو (1) ڪوپا= پهلوان. جام= پيالو. متارا= متوالا، شرابي. وريام= بهادر. جودون= جود مون، جلدي. بيک= خيرات. تل= ذرو= سيس= سر. دز، دزد= چور. الصبر مفتاح الفرح= صبر، فرحت جي ڪنجي آهي.

(2) بانڪا= پهلوان. سول= سود، فائدو. والله يحب الصابرين= الله تعاليٰ محبت ٿو ڪري صابرن سان. نص= ظاهر ظهور، پڌرو.

(3) راس= راست، سڌي. فالصبر صبرا جميلا= پوءِ صبر ڪر، سهڻو صبر.

(4)  اَرڏا= زور وارا، ڪرڙا. استغفار= توبہ، توبہ جو ڪلمو. خستا کهرا= بيزار، هلاڪ، رنج. چاندي= کڻندي. چولن= چورن. عار= لڄ. وتواصوا بالحق... لصبر= پاڻ ۾ وصيت ڪندا رهو حق جي ۽ پاڻ ۾ وصيت ڪندا رهو صبر جي.

(1) دزد= چور. درنگا= ٺڳ. دغلہ= دغا باز، مڪار، کوٽو. ڪڙدا= ڪڙهدا= ڪڙهندو، ٽَچڪندو، ٻَڙڪندو. شوم= نڀاڳو، منحوس. ملحد= بيدين، ڪافر، گمراهه، موذي= ايذائيندڙ. لڙدا= لڙي ٿو، وڙهي ٿو. پٽيا= پِٽيو، پِٽيل. تڙدا= تُڙَ جو، اصل جو. اڙدا= اڙي ٿو، اٽڪي ٿو. سولي= سوري، ڦاهي. چڙدا= چڙهي ٿو. پلوتا= پاراتو، پِٽ. گانڊو دي سرگڙدا= گانڊوءِ کي پيٽ ۾ وِيلو پيو (ڇاڪاڻ ته پِير هن کي پِٽيو) هڙدا= هُڙ هُڙ ڪري ٿو، دل ۾ چِگهندو ڪرڪندو وتي ٿو. پوٿيا= پوٿيون، شاعر جو مطلب آهي ته اهو گانڊو، اسلام کان ڪفر ڏي وڃي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org