(2)
زنگ= ڪٽ؛ ضد؛ حسد. زردا= پيلو، ڦڪو. مٺا=
مُٺل. مُٺا مردا= مُٺل مري ٿو. نانگي= ننگو.
اگهاڙو؛ بيشرم. ڇوڙ سناخت ساڃهه= ساڃهه ۽ ڄاڻ
سڃاڻ ڇڏي يعني بي شناس ٿي. حيضي هردا= حيضي
ڦر؛ بدنسل. بردا= بَرَ جو.
(3)
ڳاهه ڳليسي= ڳاهي ناس ڪندو.
سهمان، سهمون= ڇڙٻون. دز، دزد= چور. حق وڪيل=
حق جو حمايتي. شرع ڪريسي= شرع ڪندو، انصاف
ڪندو.
(4)
ماڻ ڀريا= اي ماڻ ڀريا. ڳلي= گهٽي، ايوان.
ڳلي= ڳري وئي. تون هين= تو آهين. ملي= ڦرڙي
(ڳلن واري). جيوين مڻڪا ملي= جئن مَلِيءَ لاءِ
مڻڪو (هڪ ٽڪ علاج) آهي. ملي= ملي ڇڏي يعني
ايذائي. تلي= تَري. تلي= تَري (هٿ جي) سڀا=
سڀ. وال= ول، ڪڏهن نه. مڪري= انڪار ڪئي. الي=
لڪائي، ڪُوڙي ڪئي. ضد ”سَلِي.“ ذبح ڪرڻ= حلال
ڪرڻ. کلي= کَلَ لاٿي. کَلَڻُ= کَل لاهڻ. کل=
مشڪ، پخال. شوق...... کلي= اوهان جي عشق ڪهڻ
جو شرط وجهي، پوءِ ٻڪريءَ وانگي کَل لاٿي.
ٻهه ڇڪي جهلي=
ويهي (تنهنجي اڳيان) جهلي ڇڪي. جهلي= قابو
ڪئي.
(1)
دوسان= دوسون، مَهٽون، مهميزون. نسنگ= ظاهر
ظهور، نروار. اوري= اورتي، هن پاسي. مول= مور،
هرگز، اصلي، پَٽيءَ. اڙڪي= اٽڪي، روڪجي بيهي.
ڪاهان= گاهه جو قسم. رڙڪي= رڙ ڪري، وڏي دانهن
ڪري. پڙهه ڪي= پڙهي ڪري. الانبي= اولانڀي
چوانتي. چُوچڙي. چکي چڙهه ڪي= چکي چڙهي، چِٺي
چڙهي، نِيشانبر ٿي. کڙي= کڙي ڪري، بيهي ڪري.
جالي= گذاري. وڙڪي= ڳولي ڪري.
(2)
ڪاني= ڪا+ني. ڪا ڪوڪ وڃي ڪَنَ تي پيس ٺي.
ڪڻڪان= ڪڻڪون، رَنڀُون. لنگهه= گهير. لنگهه=
گذر. ساني= سا+ني، اها ئي. حقاني= سچو پچو.
(3)
تاري= تاروئڙا، ڪارڙا تارو. تاري= تارا، آسمان
جا تارا. اُلاري= هڻي. ٻانهن اُلاري= ٻانهون
هڻي يعني تري. ڪر ڪر واري= وارا وارا ڪري، همت
ڪري. مول= هرگز، پٽيءَ، اصلي. واري= وانجهي،
پاسيرو رکي. کرڪي= کرڪا، وڏا چڙا. چانهڪ= گاهه
جو قسم. چرڪي= چري ڪري، کائي ڪري. چاهون=
چــاهه - مون عشق مون
چاري= چارا، رستا، پيچرا. چاري= چرائي. گهاري=
گذاري. گهاري=
گهارا،. لانگها. ٻيلي.... گهاري= توڙي وچ تي
واهڙ ۽ گهارا (پاڻيءَ جا لانگها) هئا ته به
ٻيلي ۾ وڃي گهڙيُون پئي گهاري. ڌاري= وٽ.
ڌاري= رکي، پنهنجو ڪري، پالي.
(4)
ڀالي= ڏسي. مارئي= ماريا. هنيا. ڀالي= ڀالا،
نيزا. نيل= نير، پاڻي، لڙڪ، هنجون. نالي=
نارا. نالي= نام تي. پوچان= ٻانهن رکيون.
والي= ڪن جا والا.
پالي= پارا، سخت سيءَ. پالي= پاڙي، پورا ڪري.
مسلي= مسئلا. مسالي= بحث مباحثه، ڳالهيون
ٻوليون.
(5)
سڱ ساهيان= سڱ ڇڪيان، برابري ڪيان.
(1)
سر وارن= سر پيارو ڪن.
(5)
راکن= رک ڪندڙن، پوک جا مالڪ.
(8)
سرواڻي= سرواڻ، سالار، مهندار.
(9)
چڪڻ جو چوڻو= ڏکئي هنڌ جو کاڌو.
(11)
اڌرو اوڻو= اوڻو اڌيڪو. شاعر هدايت ڪري ٿو ته،
”اهڙي چوڻي جو خيال ئي نه ڪر، جو توکي پڇتائڻو
پوي. بهتر ائين آهي ته جيڪي ملي ٿو،
تنهن تي گذر ڪندو رهه.
(2)
چڳ..... ڄاڻي= اي پکي (دل جا)، جيڪڏهن چڱو
ڄاڻي ته (دنيا جي دام کان پري) ٿي چڳ.