سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات حسين ديدڙ

صفحو :24

 

 

در بيان آمدن چُنون در شهر ڀنڀور برائي گرفتن پنهل خان

 

آئي نيڙي(2) شهر دي دُز دغاباز،

ڪِتاني مڪر دي ساڄي(3) سڀئي ساز.

 

آهَن معشوق عاشق دل وسُوڙي(4

خبر ڪيهِي تِنان جو ڏير ڪوڙي.

 

رسئي رهزن شِتابِي شهر ڀنڀور،

فرنگي دُز دُورنگي تي چُنون چور.

 

ٿئي محلاٽ داخل دز جڏاهين،

تلافي ڪر پئي پيرين تڏاهين.

 

ملئي رو رو پنهون ڪون گھت ڪَلاوي،

عجب عالم مِليا! افسوس کاوي.

چُنُون چُمدا سسئي دا سر پيارون،

لُڪائي راز غيرت پر غبارون.

 

ڪهيس، بابا ڪري تيڪون دعائين،

رهو شالا سلامت توڙ تائين.

 

پنهون تيڏا خدا هي ڪانڌ ڪِيتا،

شرابون ڀر اسان پُر جام پيتا.

 

هميشہ خان عالي ڪُون اِرادا:

مِلائي شهپري رب! شاهزادا.

 

بَهت سُڻ شاد ٿياهي خان شادي،

شُڪر پهتا پنهل ميڏا مُرادي.

 

اسان ڏي آدمي سڀ اهل والي(1

ڏهاڙي ڏهه لَڱا(2) سڀڪو سنڀالي.

 

هميشہ هر حرم ڪون وات وائِي،

مِليسِي ڏير ڏاتر تي ڀڄائِي.

 

ڪِتس ويساهه سمجھيا سچ وچاري،

نه ڄاتس ڇوڙ ويسن ڌار ڌاري.

 

ڏٺانس ڏير تا مهمان آئي،

نه ڄاڻان ڪير ڪجھ شيطان آئي.

 

ٿئي خوش زور تا اڄ خويش آئي،

آهَن سي چور چَڙهه در پيش آئي.

 

نهين تقدير دي تدبِير جُڙدي،

ٿئي نازل نَهين سا مُول(1) مُڙدي.

 

لِکيا لوح قلم هر لوڪ لوڙي،

ڪري ڪوئي لکين اعلاج توڙي.

 

هئي طرفين خوش تازي تَمامِي،

وِڇائِي پلنگ ٿي ٻيٺي آرامي.

 

ڏتي احوال هوتان خوب خبران،

پنهون ول ول پُڇي ڪر زير زبران(2).

 

سنڀالئي سڀڪنهين دي نان نِرالي،

سلامت آدمي هِن ڪيچ والي.

ڪريهن(1) گفتگوئي خوش خيالون،

ڏِتا ساقي پيالا ڀر وصالون.

 

ڪنون خلوت ڪِتاني دست واندي،

سڏائي بورچِي سَڏ تُرت آندي.

 

بنائي طعام تازي خوب کاڻي،

مِٺايان ماسُ حلوي بُوءِ هاڻي.

 

پُلا هر طور طرحين طرح خاصي،

جڙائي قِسم قسسون مُشڪ واسي.

 

اُچي آچارَ عمدي جوڙُ آندي،

مُڇان ڪون موڙُ ٻيٺي ٻوڙُ کاندي.

 

دم و دم درس ٿيون سوَ غِذائين،

جبل دي قوم کاون جِٿ بَلائين!

 

هُوي جو عيش عشرت نال ياقِي،

آوي برسر بشر تنهن دي هلاڪِي.

 

هُوي جيڪو هميشہ عشق والا،

ڪَڙڪ تنهن تي ڪِري بالڪل ڪشالا.

 

ڏينهان راتيان چُنون ڪون بيقراري،

گذاري بي جميعت چُور چاري.

 

سپاهي سنگت ساري ميل مصلت،

ڪري تجويز خارج، خار خصلت.

 

آکيس يارو! ڪويجي هُڻ تياري،

تُسان ڪون خان دي هي خبر ساري.

 

ڀَليندا(1) راهَ هوسِي خانُ عالِي،

ڪَرو ڳڻتِي شتابِي ولڻ والِي.

 

پنهون ڪون قيد ڪِيتا رن رُهيلِي(2

دٻايس دُر يگانا در حويلِي.

 

بزارون گھِن آڻِيجي خُمر(3) چوري،

نه ڪجھ نيسون پنهل ڪون زور زوري.

 

پسند ڪيتي اها سڀ خاص عامان،

بلوچان، شتر بانان، تي غلامان.

 

دُنگيان دارون چريي ديان ڀر صراحيان،

حوالي هڪ نفر دي چا ڪرايان.

 

چُنون آکيا سخن دل نال لائو،

پنهون ٻاجھون نه ڪجھ ڪنهن ڪون پلائو.

 

خمر خوري ڪريسون وقت سانجھي،

هڪو پيوي ڀلي مر شير مانجھي.

 

گھِنڻ مشڪل عبث مُرغا انگاسِي(1

نه آهُو(2)، دام بن در دست آسِي(3).

 

گُذر ڳيا، ڏينهن پلٽي رات ڪالِي،

ٻِٺي پيوڻ خمر مئي ڪون موالِي.

 

ڏيون گھ گھ پنهل ڪون ڀر پيالي،

ڪريندي ظلم ظالم زاغ ڪالي.

 

دُزان ڪون دل اندر آهي دغائِي،

پلائي مئي قدر سَيرون سوائِي(1).

 

چُنون در دست ڪِيتا مست پِيالا،

ڏٺس قابو پنهل ڪون ڪيف والا(2).

 

ڏوي پُرجام پيالي ڀر بِلوري،

ڪرائي نوش دستين زور زوري.

 

هويا بيهوش ڪيفي سِر نِوايا،

ڏِٺُس شهباز اندر دام آيا.

 

جِوين کاوي جنهين ڪون نانگ ڪالا،

هويا زردا زبونا زهر والا.

 

ڪِتا مئي دي زهر محڪم موالِي،

کاوي بلبل طرح باڪا بوالِي(3).

 

جڏان ڪم ڪون برابر راست ڪِيتس،

ڪچهري ڪون تڏان بر خواست ڪِيتس.

 

قدم چايس چليا آهل(1) آوارا(2

آيا اندر حويلِي پنهل پِيارا.

 

زبان دي بند ڪِيتي زهر وائِي،

ڏٺا آندا سسئي تڪڙا توائِي.

 

صحيح ڪيتس سڄڻ ڪون ڪيف باري(3

خمر دي کيپ(4) نيتي هس هوشياري.

 

وڇائي سيج جلدي ڪر وڇاڻا(5

ڏتس ور ڪون شِتابي ڪڍ وهاڻا.

 

سراندي ٻانهن، سيني نال لايس،

سڄڻ ڪون سور ڀاڪر ڀيڙ پايس.

 

ستي ڳل لا پنهون ڪون نال پاسي،

رلائي ڪيس(6) عنبر بوءِ(7) پاسي.

لبان تي لب سرخ محبوب لائي،

عجب گل سچ مانند پيچ پائي.

 

گھتيانس پيچ پياري يار ڪون ونگ(1

رلايس جان جاني نال ڪر تنگ.

 

پنهون ڪيتا سڪر(2) سوگھا سونهارا،

کليا توڙي ڪناري گل هزارا.

 

هويا نوشہ نول ڪيفي شرابي،

نهوڙي نوم(3) گل ٻوٽيا گلابي.

 

سسئي دي سر قضا دا امر آيا،

حڪم رب دا ڪڏان ڪنهن نا ولايا(4).

 

نه ڄاتا نار تان ٿيسان فراقي،

نه ڄاتس پيش ڪا آسم(5) هلاڪي.

 

سسئي سمجھا هميشہ پنهل هوسي،

ڪريسان عمر ساري پاءِ بوسي.

 

انهين ڄاتا ملڻ مل ڏير آئي،

نه ڄاتس ڄاڻ تا رک وير(1) آئي.

 

اُچي ڪپڙي عروسي زير بالا،

خدا تنهن ڪون ولا ڏيندا ڪشالا.

 

اتي هٿ پير ميندي دي اڃا رنگ،

انهين ڪون اوچتي غم مار ڳيا ڏنگ.

 

ڪشالي ڪاٽ ٿئي مس مس ملاقي،

فلڪ دي دور ڦٽ ڪيتي فراقي.

 

اکيان بکيان نه ڪجهه سڪ ڏيک لاهي،

قضا ڪڙڪي سسئي تي آ الاهي.

 

رهيان دل ديان سڀي آسان اٿاهين،

ڏتيانس ڏک وڇوڙي ڦوڪ باهين.

 

نه ڪجهه عاشق چکيا ڪر قوت طعمان،

وڄايس دوڙ غم در تي دمامان.

ندوري نحس آهي رات سائي،

عشاقان دي ڪريندا رب جدائي.

 

پهر گذريا اڃا شب دا سوايا،

سنگت سڀڪون چنون احمق اُٿايا.

 

آهي تنهن رات ڪون ظلمات باري،

منجهاري گور(1) وانگون تي انڌاري.

 

سُتا هر لوڪ سڀ آرام پايا،

نه چُل پُل چا ڪنهين پاسا وَلايا.

 

ڪِتاني ڪڍ سلح سامان تياري،

پلاڻئي شتر ڪاڇي تي قنڌاري.

 

ٻلهائي آڻ در تي اُٺ هشائي،

اُهين دي بعد دروازي ڪُشائي.

 

اندر ڳيا لنگھ چُنون هڙڪِيا(2) هچارا(3

شمع ڪون مار هٿ ڪِيتس انڌارا.

 

نه آئي لڄ اُهين ڪون قدر ڪائي،

قديمي بيشرم ڪون بيحيائي.

 

نهين جنهن دا هميشہ صاف سينا،

ڪري نيڪي اُهو ڪيوين ڪمينا؟

 

پلنگ تون چا پنهون پاسي ڪتوني،

وڇاڻا ويڙهه ويڇا(1) ڪر ڏتوني.

 

اُهي خوش خواب وچ، تا نار جاڳِي،

اصل بدبخت آهي سا نڀاڳي!

 

نهوڙي نوم چُون مانند مماتي،

نه آهس در بدن هرگز حياتي.

 

دُزان ڪيِتا درون ڪڍ پنهل ٻاهر،

ڪِتوني ذات ڪون بد ذات ظاهر.

 

مَلي منهن نال سِياهي چست چوران،

لقب لايا(2) بلوچان ڪون لَغوران.

 

قديمي بيترس بَد خوءِ والي،

سَدا سِيني تِنان دي سياه ڪالي.

 

ڪرڻ چوري ڪسب هر چال ڄاڻن،

پرايا پڪڙ گھر گھن مالُ آڻن.

 

مريندي راه رهزن روز راهان،

نهين ڏردي ڪنون غِيبت گناهان.

 

بلوچان دي اصل بد ذات ڀاڳي(1

تَنان دي ذات ظالم هي نڀاڳي.

 

رَنان زالان ڦريندي ٻال چوري،

ڪران ڪِتلي گلا نانگي(2) ندوري.

 

خبيثان دي خدا مت چا مُنجھائي،

ڀڄائي پنهل ويندي(3)، سٽ(4) ڀڄائي(5).

 

ڳئي چائي گلا سِر شوم شامت،

دُزان ڪون حيف هووي تا قيامت!

نهين يڪسان(1) برابر لوڪُ سارا،

متان سمجھو تُسان سڀ ڪون گِلارا.

 

خدا بعضي(2) بلوچان ڪون سکايا،

محض(3) مردار ڄاڻن ڪر پرايا.

 

هزارين نيڪ صالح ننگ والي،

ڪئي دل صاف ڪيئي اندر ڪالي.

 

خدا دا مُلڪ بي پايان اونها،

نهين هر آدمي دا هڪ نمونا.

 

چنون گھن ڳيا پنهون ڪون چاڙهه چوري،

جَتان لائي ندوري نال لوري(4).

 

انهين ويلي پنهل گھن ٿئي رواني،

بگاني بيشرم باندر بگاني.

 

الٽ پئي ڪيچ تي ڪرهي قنڌاري،

ڳئي منڌ ماه ڪون مردار ماري.

گريزان(1) گرگ(2) ٿئي رم(3) ڪيچ راهي،

ڳئي ننگ ڇوڙ(4) مَل(5) منهن ڪون سياهي(6).

 

سسئي دي سر اتي غم سنبر آيا،

ڌرون(7) ڌوٻڻ وچاري پلئي پايا.

 

نهين ٽلدي(8) قضا انگ ازل والي،

لکئي لوح قلم سي ڪون ٽالي(9

 

در بيان بيدار شدن سسئي از خواب،

بوقت صبح، و خالي ديدن پلنگ از يار

و فرياد ڪردن

 

صبح صادق ٿيا جان بانگ ويلا،
چڙهيا    ملا    منبر   تي    آ    سويلا.

ڪتس آواز خوابون خلق ساري،
وساري نوم(
1) هر ڪنهن ٿئي هوشياري.

 

خروسان(2) هر طرف آواز ٻوليا،
ڦڙڪ(
3) مرغين شتابي چنگ چوليا(4).

 

ٿئي چل پل چٻولا(5) وچ شهر دي،
پيانس گوش تي گفتي پهر(
6) دي.

 

جڏان جاڳي سُتي سر ڪون ولايس،
نظر وچ ڪونه ڪو محبوب آيس.

 

اتون الٽي پلنگ تي ڏي ڀنواٽي(7
مثل مرغي ڪُٺي، کاڌس بلاٽي(
8).

 

ڏٺس خالي پلنگ بن يار جاني،
اٿي   ڪر   دانهن   دردون   ٿي دواني.

ڪهيس، ڪبرى حشر(1) دا ڏينهن آيا،
خدا صاحب ستا عالم اٿايا.

 

سنجهي ميڏا سڄڻ آها سلامت،
هڪي دم هو ڳئي قائم قيامت.

 

اٿي آئو سگهيان سرتيان سهيليان،
پنهون ڪر ڳيا سسئي ديان سڃ حويليان.

 

وسيا ڀنڀور تي اڄ مينهن ڪيها؟
قهر ٿيا ڪربلا دي ڏينهن جيها.

 

ڏِوو خنجر ته مين جند ڪون جلاوان،
ميڏا مردا ڀلين کاون بلاوان.

 

سڻي مر تان مماتي يار جاني،
تڏان آسي قبر ڏيکڻ نشاني.

 

سڻيان دانهان سهيليان دوڙ آيان،
غلام خاص خدمتگار دايان.

 

ملئي   ماڻهو   آيا  هرڪو  هڪي  دم،

پڇونس ڪنهن ڏتوئي ڏس اهو غم؟

 

گهي بس، گهه سخن ٻولي زبانون،
گهي رووي ڪري دانهان دهانون.

 

الايس، منهن اتي ڪر نال مستي،
غبارون، غم وهم، پرجوش خستي(1).

 

سُتي جان مين سڄڻ گهت يار پيچون،
ڳيا رُس رات ميڏا ڪانڌ ڪيچون.

 

بغل وچ ڪر سُتِي مين رات ساري،
پنهل ڳيا مار ڪنهن ويلي ڪٽاري؟

 

اُنهين ڏک دل وچاري درد ڀيلي(2
نهين مڪلا ڳيا ڪر الہ ٻيلي(3).

 

جيڪر جاڳيس ته مين وهندو ولايا(4
آهس غافل تڏان غم پيش آيا.

 

ميڪون مشڪل، جدا هڪ دم نه جيسان،
پيالا ڀر زهر دا پلٽ پيسان.

 

ڪِتي مين نال هي ڏيران مدائي،
نهين ميڪون ڳڌي ڳئي، نال چائي.

 

پنهون ڪون بند ڪر ڳئي زور زوران،
دُزان ڪيِتي دغائي خمر خوران(1).

 

نهين ميڪون پنهون نِيتا ارياڻي،
ڪمينِي ذات ڪر ڄاتس کَٽياڻي.

 

صحيح سمجها جَتان مين سِهل(2) ڪامڻ(3
نه مين مٽ هان، بلوچان دي برامڻ.

 

تڏان ميڪون سڄڻ نا نال چايا،
جو جيڪر مين جـَتان ڪون عيب لايا.

 

نهين نوشہ نول تني حرف(4) ڪوئي،
سڀو ميڏي طـرف  منهن  هي   سڀوئي.

ندوري مين اصل مظلوم ڇوري،
لڳي ميڪون تڏان تن نال لوري.

 

نه ڪجهه ڪيتم ڏٺي ڏيران هوشياري،
ستي مين رات غفلت وچ گذاري.

 

ڌرون(1) ڌوٻڻ نڀاڳي نحس ڀوري(2
وڃان ووڙي ڪٿان ڪنهن طرف گهوري(3).

 

جنهين جو ڏينهن مين بدبخت ڄائي،
اول اندر خدا پاڻي لڙهائي.

 

اٿاهين آڻ ميڪون رب رسايا،
ٿئي پروش، پنهون مولى ملايا.

 

اهو جيهي اصل مين هان بگاني،
ميڪون مل ڏي ڳڌا محبوب جاني.

 

مرڻ ميڪون لڻيندا(4) يار ٻاجهون،
ڪيوين جيوان  جدا  غمخوار  ٻاجهون.

پدر مادر قبيلا ڪڙم سارا،
کڙا حيران هر ڪوئي وچارا.

 

قصا سڻ لوڪ آيا در منجهاري،
ڪتاني نار تنهن دي نظرداري.

 

ڪتانس ويس ڪڍ ڪپڙي پراڻي،
نه ڪجهه ڄاڻي ڪنهين ڪون ناسڃاڻي.

 

ڪُماڻي ڪونج ڪرڪي ڪر پڪاري،
پنهل دي پار ڪڍ ڪڍ کڙ اُساري(1).

 

پِٽي هٿ مار منهن تي خاڪ ڊالي،
الاري ٻانهن دلبر سڏ سنڀالي.

 

وڇوڙي يار دي ماري وچاري،
لبان تي جان آيس بيقراري.

 

ڪٽي منهن سينڌ سر ڪون ساهه چائي،
مٽي ميلي سسئي سر تي وسائي.

 

ڪتس  ڪُٽ،  جان  ساري  داغ ڪـالي،

وڃايا حال گل غنچه غزالي(1).

 

در بيان بيرون آمدن سسئي از خانہ در عشق پنهل

 

نڪل ناگہ درون دوڙي شتابي،
ننگي سر پير پيادي بيحجابي.

 

لڳا سڀ لوڪ تنهن دي نال آيا،
اها جو آپڻا توڙي پرايا.

 

ملئي ماڻهو سڀي زنّار تسبي،
اُٿِي آئي ڪُلي سٽ ڪار(2) ڪسبي.

 

ڪَرن هَي هَي کڙي ماڻهو روازي(3
ڪيئي خوش باش بعضي ڪي بِراضي(4).

 

نه ڪجهه ڪنهن نال ڪامڻ ڪي الايا،
نِڪل  تنهن  نينهن  دا  نيشان(5)  چايا.


پيس دل تي پنهل جو يار جانِي،
ڳڌس رستا ٿئي رند(1) چا روانِي.

 

خلق ڄاتا صحيح ويسِي نه ويسي،
اکيوني، سر وڃي، پيا مُلڪ هلِسي.

 

ولي وهندو ڪهيا، خلقت بِگاني،
نهين ويندي، اسان ڏي ڪر زيانِي.

 

جنهين ويلي طرف سڃ دي سڌائي(2
مجازي لوڪ ٿئي تابون(3) توائِي.

 

ڪنون هيبت هڪل هَب دي ڳئي ڏر،
آئي ول عام ماڻهو آپڻي گهر.

 

پڪڙ پيرا جبل گهِن ڪِنارا،
قدم چايس اُٺايس مار نعرا.

 

ڪنهـين رنـگريز ڪون چاري(4) چِتايا(5

شَتِابي شور پائي جلد آيا.

 

رسيا مالڪ سسئي ڪونُ پيُو پيارا،
ڪهيس: تون ڪر نهين اوجهڙ(1) اُمارا(1).

 

جنهين ويلي پِدر نزديڪ آيس،
پڪڙ گهِن دست اول اِهه الايس:

 

تيڏي حق وچ قضا دا امر ايوين،
بڻيا برسر تڏان تحقيق تيوين.

 

نه ڪجهه هوندي ڪنهين ڪون ڪامراني(3
نه هوندا عشق عشرت جاودانِي(4).

 

اصل ظالم زمباني دي طرز تنگ،
گهي حاصل خوشي گہ جور(5) تي جنگ.

 

پنهون ڳيا ڇوڙ تيڪون جي ارياڻي!
صبر  ڪر  ٻهه  سسئي تون ٿي سِياڻي.


(2) نيڙي= ويجهو.

(3) ساڄي= ساڄا، تيار.

(4) وسوڙي= وسوڙل، مت موڙهل.

(1) اهل والي= گهر وارا. گهر جا ڀاتي.

(2) لڱا= دفعا، ڀيرا.

(1) مُول= هرگز.

(2) پڇي ڪر زير زبران= ذري پرزي جون خبرون پيو پڇي.

(1) ڪريهن= ڪن ٿا.

(1) ڀليندا= ڏسندو.

(2) رهيلي= ڊوهي، فريبڻ، مڪار.

(3) خُمر= شراب.

(1) مرغا انگلسي= انگاس تي چڙهيل پکي يعني اهو پکي، جو ڦاسائڻ کان گهڻو پري هجي.

(2) آهو= هرڻ.

(3) نه آهو........ آسي= هرڻ، ڦاهيءَ کان سواءِ، هٿ نه ايندو.

(1) سيرون سوائي= ڍؤ کان به وڌيڪ.

(2) ڪيف والا= نشي وارو، نشي ۾ چور.

(3) بوالي= بولاٽي.

(1) آهل= اُهليل، ڍرڪيل.

(2) قدم............ آوارا= پنهون ڍرڪيل ۽ گينواريل نموني قدم کنيو. مطلب ته نشي ۾ چور هو، جنهنڪري قدم وچڙائي پيو کڻي.

(3) ڪيف باري= ڀاري نشو، چُور نشو.

(4) کيپ= نشو، خمار.

(5) وڇاڻا= وڇاڻو، هنڌ، بسترو.

(6) ڪيس= وار.

(7) عنبر بوءِ= خوشبودار.

(1) ونگ= وڪڙ.

(2) سڪر= نشو.

(3) نوم= ننڊ.

(4) ولايا= ورايو، موٽايو.

(5) آسم= مون کي ايندي.

(1) رک وير= دشمني رکي.

(1) گور= قبر.

(2) هڙڪيا= هڙڪيو، بدنيت ٿيو.

(3) هچارا= ظالم.

(1) ويڇا= ويڇو، سنڌو، حد، جدائي.

(2) لقب لايا= مهڻيهاب ڪيو.

(1) ڀاڳي= ڀاڄوڪڙ.

(2) نانگي= نانگا، اگهاڙا، بيحيا.

(3) ڀڄائي پنهل ويندي= پنهل کي ڀڄائي پيا وڃن.

(4) سٽ= سٽي، ڦٽي ڪري.

(5) ڀڄائي= ڀاءُ جي زال.

(1) يڪسان= هڪجهڙو.

(2) بعضي= ڪن کي.

(3) محض= اصل. ڪيئي.

(4) لوري= ڳڻتي، جهوري.

(1) گريزان= ڀڄندڙ.

(2) گرگ= بگهڙ.

(3) رم= رمي، هلي، روانو ٿي.

(4) ڳئي ننگ ڇوڙ= زال کي ڇڏي ويا.

(5) مل= ملي.

(6) مل....... سياهي= ڪارو منهن ڪيو، هليا ويا.

(7) ڌرون= ڌر کان، منڍ کان. روز ازل کان.

(8) ٽلدي= ٽرن ٿا، هٽن ٿا.

(9) ٽلي= ٽري، هٽائي، پري ڪري.

(1) نوم= ننڊ.

(2) خروسان= ڪڪڙن.

(3) ڦڙڪ= ڦڙڪي، کنڀڙاٽيون هڻي.

(4) چڪ چوليا= هڪ ٻئي پويان، ڪڪڙن ٻانگون شروع ڪري ڏنيون.

(5) چٻولا= چوٻول، سونچو، هل هنگامو

(6) پهر= پنهنجي ذات وارا، مٽ مائٽ.

(7) ڀنواٽي= ڦيري.

(8) مثل......... بلاٽي= ڪٺل ڪڪڙ وانگر، بولاٽيون کائڻ شروع ڪيائين.

(1) ڪبريٰ حشر= روز قيامت.

(1) خستي= ڦٽل.

(2) ڀيلي= ڀيليل، آزاريل.

(3) الہ ٻيلي= الله واهي، خدا حافظ.

(4) جيڪر.... ولايا= جيڪڏهن جاڳان ها ته هڪدم ورائي وٺان ها.

(1) خمر خوران= شرابي.

(2) سهل= ڪمذات.

(3) ڪامڻ= عورت.

(4) حرف= ميار.

(1) ڌرون= ڌر کون، ازل کون.

(2) ڀوري= سادي بيوقوف.

(3) گهوري= گهوريل، قربان ٿيل.

(4) لڻيندا= گهرجي.

(1) اُساري= اسارا، پار.

(1) غزالي= هرڻي (سسئي).

(2) سٽ ڪار= ڪم ڪار سٽي، ڦٽي ڪري.

(3) روازي= رواجي، رواج تي هلندڙ، ٻچاٻڙا، ٻلر گويا.

(4) براضي= بي راضي، ناراض، رنج.

(5) نيشان= عَلم، جهنڊو.

(1) رند= پير.

(2) سڌائي= هلي، رواني ٿي.

(3) تابون= تاب کان.

(4) چاري= خابرو.

(5) چتايا= ٻڌايون.

(1) اوجهڙ= ڪواٽ، بي راهه، پاسيرو.

(1) اُمار= اٿل، ڪاهه.

(3) ڪامراني= سوڀ.

(4) جاوداني= دائمي.

(5) جور= ڏاڍائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org