ٿيوان درويش دولت سٽ پسارا،
ڦران جيڪر خدا دا ملڪ سارا.
پنهل پيارا ڳليسان ٿي سناسي،
انهين ٻاجھون نه ڪجھ آرام آسي.
ڪيتي منظور مين تهدل فقيري،
الم(3)
آيا سنبر درپيش پيري.
ٿيسي شالا وسيلا غوث ميران،
ڪريسي غور غازي آ اسيران.
وڇوڙا غم اسان تون چا ٽليسي(1)،
پنهل پيارا سدا سائين مليسي.
اٿي عالي ڪيتي ڪامل ڪچهري،
ٿئي موجود ماڻهو آڻ شهري.
هوئي يڪ جا سڀيئي خويش ڀائي،
ڪريندي ڪو فڪر تجريز ڪائي.
اول عالي سخن صاحب الايا،
صفا ڪر ڳالهه سڀڪنهن ڪون سڻايا:
پنهل فرزند جاني پسر پيارا،
ميڏا هي نُور چشمان دا اجارا.
تنهين پرديس ديسي ڏينهن لائي،
سڀئي سنگتي سپاهي وطن آئي.
عبث اولاد جِند چِئندي وسارڻ،
جدا جيوڻ، رهڻ، راتيان گذارڻ.
اِٿان اَن آب کاوڻ حيف ميڪون،
سڄڻ دي سِڪ چکائِي سيف(1)
ميڪون.
سُڻو يارو سخن دل نال لائو،
سِگھا ميڪون پنهل پيارا مِلائو.
برادر خويش جي فرزند ڀائِي،
آئِي ٽالو(2)
سِگهي آفت سمائِي(3).
جيهِي تُهمت وڇوڙا تي جدائِي،
نِهيِن ڪا تنهن برابر اورِ ڪائي.
قبولي جي ڪري ڪوئي ڪشالا،
ڏِوي تنهن ڪون آجُر، بغداد والا.
اُنهين ڪون مين بهت راضي ڪريسان،
مِنَت(4)
تنهن دي عمر ساري منيسان.
نهين يڪرنگ ظالم جو زمانا،
اصل آزماش ڏيندا ڪر بهانا.
ڪرو اُجرا اِسم جنهن ڪون تياري،
اسان ڏي دل اُتون لاهو مُنجھاري.
نه تان مين آپ چڙهه ڀنڀور ويسان،
پنهل دي ٻانهن وڃ وهندو وليسان.
اُتون دشمن ڪريسان مين اُمارا،
ڀلين ڀنڀور ڀيلين مار نعرا.
نجف دي شاه دي منگسان حمايت،
سدا جو شير حامِي هر ولايت.
ڳِڌا حيدر علي ڪون مين وسيلا،
ڪريسان مار دشمن منهن پسيلا.
لڳي چانڪ(1)،
چُنون ڪون سخت سيني،
اُٿايا جلد جلدي ڪِبُر(2)
ڪيني(3).
اُٿي آکيا، اُهِين هٿ جوڙ جلدي،
ڏِتِي ڪاوڙ ڪنون وڻواند(4)
ولدي.
ڪَهيس، قبلا نه در غم مار غوطا،
پنهل ڪون مين اڻيسان، چاڙهه چوتا.
رهي قائم تيڏي سِر تاج شاهِي،
اسان قربان آهين سڀ سِپاهِي.
دُعا ڪر دست چائو دل بجانون،
منگو مين ڪاڻ نصرت در دهانون(1).
ڪَهيس عالي، هوئي شاباس ٻيٽا،
جُڳاوي جُنگَ تيڪون ڪرڻ کيٽا.
آلہ تعاليٰ تيڏا همراه هوسِي،
نه لڳسِي تَن تيڏي تي باد ڪوسِي.
مدد تيڏي مُدامِي غوثُ مِيران،
شتابِي وڃ خلاصي ڪر اَسيران.
چُنُون آيا اُٿِي اِبِليس شيطان،
ٿئي تياري سَلح سرسات(2)
سامان.
نَفَر، نوڪر، سِپاهِي، فوج ساري،
ڪريندا سفر دي سڀڪو تياري.
منگائي اسپ گھوڙي شُتر مَهري،
قنڌاري(1)
ڪيچ(2)
دي قابوس(3)
قهري.
بلند بُغدي بَلائين شُتر شهزور،
هَلان ڪر هوت ويندي شهر ڀنڀور.
چَڙهئي لوٽُو(4)
حماقت نال همسن(5)،
عُشاقان دي مريندي راهَ رهزن.
مسين محبوب عاشق ٿئي مُلاقِي،
چلئي ڏيوڻ تنان ڪُون ڏُک هلاڪِي.
ڪَرن جي عشق واليان دي جُدائي،
هُوَن شالا خِجل خَرَ سي سدائي.
ٿئي توڏي(6)
تِکي تابون(7)
توائِي،
بلوچان سر جنان دي باهه لائِي.
اُمالڪ پئي اُڏَر چون باز بحري،
شُتُر شهزور ظالم مَست مهري.
دغائي رک چلئي رهزن رواني،
وڳي تنهن وقت شوقون شادماني.
ڪَپِن(1)
ڪاوڙ ڪنون پنڌ رات ڏينهان،
وڃن ڪرهي تِکي چون باد مِينهان.
ڏُکِي دي ڏير ويندي وير پائِي،
پنهون نيسن سسئي ڪون ڪر جدائِي.
ڪَرِن جيڪي منافق ڊوهُه بازي،
خدا صاحب تِنان تي هي بي راضِي.
بره تي عشق دي دُشوار ڏاڪي،
چڙهن سيئي ڇڏن جيڪي علاقي(2).
هو ون سارق(3)
سدا جي راهَ مارن،
قدر ڪيها تِنان جي اجَڙ(1)
چارن.
(3)
آفت سمائي= آسماني آفت؛ وڏي مصيبت.
(1)
منگو....... در دهانون= پنهنجي زبان سان،
منهنجي ڪاميابيءَ جي دعا گهرو.
(3)
قابوس= اشارو ايران ڏانهن(؟)
(1)
ڪپن= وڍن، ڪاٽن. ڪپن پنڌ= پنڌ کي ڪاٽن يا
کُٽائين.
|