لولي
”لولي“ خاص طرح سنڌ جي سري ۾ رهندڙ ”جتن“ ۽ ٻن همسايه قبيلن جو گيت آهي.
هيءُ گيت سـِـرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي. محبت ۽ مجاز
سندس بنيادي نقطو آهي، ۽ زالون توڙي مرد پنهنجي
منهن وندر ورونهه طور يا پاڻي ڀرڻ، مال چارڻ،
ٻنيءَ ۾ رونبي يا لاباري وقت توڙي محفلن ۽ مجلسن ۾
ڳائين. ”لوليون“ محبت ۽ مجاز جي مضمون کان سواءِ
ٻين عنوانن تي پڻ چيل آهن. جهڙوڪ: هدايت ۽ نصيحت،
حج ڏانهن وڃڻ جي اُڪير وغيره.
آسانيءَ خاطر هن گيت جي مڙني روايتن کي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (الف)
عام مشهور روايتي لوليون، جي اڪثر سرائڪي زباني ۾
چيل آهن، (ب) واقعاتي لوليون ۽ (ج) شاعرن جون چيل
لوليون، جي سنڌي ٻوليءَ ۾ آهن. لولين جي انهن ٽنهي
صنفن جي ابتدا ۽ سٽاءَ بابت قدري وضاحت هيٺ ڏجي
ٿي.
(الف) عام مشهور روايتي لوليون:
اڳئين وقت ۾ آمدرفت جا وسيلا محدود هئا. مسافري اڪثري اُٺن ذريعي ٿيندي هئي.
رستا اڻانگا ۽ پـُـر خطر هجڻ سبب جان ۽ مال جي
سلامتيءَ جو هر وقت انديشو رهندو هو. گمان غالب
آهي ته هن گيت جي ابتدا، اُٺن ۽ اوٺين سان ٿيل ڪن
حادثن سان ٿي. هن گيت ۾ مڙس سان محبت جو اظهار،
سـِـڪَ جو سـَـنـيهو، جدائي ۽ وصل به انهيءَ ماحول
ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته، جڏهن اوٺي مال لڏي سفر تي
روانا ٿين، تڏهن سندن جدائيءَ ۾ زالون پنهنجي
جذبات جو اظهار ڪن ۽ سندن خير سلامتيءَ سان موٽي
اچڻ لاءِ دعائون گهرن. ٿي سگهي ٿو ته شروع ۾ هي
گيت ڪنهن عورت پنهنجي مڙس جي فراق ۾ چيو هجي، جو
پوءِ ايتري قدر عام مشهور ٿيو، جو محبت ۽ مجاز جي
موقعن توڙي ڪن ٻين واقعن ۽ حادثن تي، انهيءَ نموني
جذبات جو اظهار ڪيو ويو.
عام روايتي لوليءَ جي سٽاءَ ۾ اڪثر ٻن مصرعن وارا هم قافيي بند هوندا آهن ۽
هر هڪ بند کان پوءِ وراڻي لازمي آهي. وراڻيءَ واري
مصرع عموماً هيءَ آهي:
لولي او لولي، ڀلو ڙي لولي او لولي.
پر مختلف ڀاڱن ۾ قدري جدا جدا نمونن سان اُچاري ويندي آهي. مثلاً:
هي لو ڙي لوو لولي، ڀلو ڙي سڄڻ لولي
-----
لولي لو، هي لو، لولي لو ڙي لولي.
-----
لولي آن لولي، لولي لولي آن لولي.
لولي چوڻ وقت وراڻيءَ جي انهن مختلف اُچارڻين ۾ هڪ ٻن لفظن جي ڦيرڦار ڪندا
آهن، مثلاً:
دلبر لولي هي لو، سانول لولي هي لو.
-----
سهڻل لولي لو، وو جاني لولي لو.
-----
مارو لولي او لولي، ڍولڻ لولي لو.
-----
محرم لولي لو، بگا لولي لو.
جيئن ته لولي چوڻ وقت ان جي وراڻيءَ ۾ گهڻو ڪري ”محرم“ يا ”مارو“ جو
زائد لفظ استعمال ٿئي ٿو، تنهنڪري هن لوليءَ کي
”محرم لولي“ يا ”مارو لولي“ به چون. هڪ روايت
موجب عام روايتي لولين کي ”محرم لولي“ يا ”مارو
لولي“ ان ڪري چوندا آهن جو محبوب يا دوست کي
”حال محرم“ ”راز محرم“ به چئي سگهجي ٿو ۽
”محرم“ ٻيءَ صورت ۾ ”دوست“ جي معنيٰ ۾ پڻ
مستعمل آهي. جيتوڻيڪ لوليءَ جي ابتدا مڙس جي فراق
۾ چيل نظم کان ٿي، پر پوءِ عام محبت ۽ مجاز جي
عنوان تي لوليون چيون ويون، مثلاً: محبوب سان
ماڻا، يار جو رسامو، انتظار ۽ وصل، سونهن جي
ساراهه، آزي نيازي، کوهه تان پاڻي ڀرڻ، لابارو يا
رونبو ڪرڻ وغيره. ”ريل گاڏي“ جو لفظ جن بندن ۾
آيل آهي، سي بنهه هاڻوڪي وقت جا آهن.
(ب) واقعاتي لوليون:
محبت ۽ مجاز جي عام عنوانن کان سواءِ ڪن واقعن ۽ حادثن تي پڻ لوليون چيون
ويون. هتي فقط هڪڙي روايت شامل ڪجي ٿي، جا تعلقي
گهوٽڪيءَ ۾ عارب ماڇي جي مارجڻ تي چئي وئي. هن
لوليءَ جي سٽاءَ به مٿي ڄاڻايل ”عام مشهور روايتي
لولين“ وانگر آهي.
(ج) شاعرن جون چيل لوليون:
عام بيتن جي صورت ۾ چيل لولين جي هيءَ صنف ڪيتري قدر آڳاٽي آهي، ان بابت
يقين سان چئي نٿو سگهجي. البت جن شاعرن جو مواد
شامل آهي، تن مان ڪي آڳاٽا آهن. هي لوليون سـِـڪ
وارن جي ورونهه جو نتيجو آهن ۽ محفلن ۽ مجلسن ۾
نهايت ذوق شوق سان چيون وينديون آهن. هر هڪ بيت
پٺيان وراڻي لازمي آهي، ۽ هر هڪ لوليءَ جي وراڻي
جدا جدا آهي. جيتوڻيڪ ”لولي“ جو بنيادي نـُـڪتو
”محبت ۽ مجاز“ آهي، پر شاعرن ان کان سواءِ ڪن ٻين
عنوانن تي پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي. شامل مواد ۾ ڇهه
لوليون مجازي، هڪ ڪانگل واري، هڪ سسئيءَ جي بيان
۾، هڪ مومل راڻو، هڪ توحيد جي بيان ۾، ۽ چار حج
ڏانهن سفر ۽ اُڪير جي بيان ۾ چيل آهن.
”عام روايتي لولين“ جو سمورو مواد سـِـري ۽ ڪوهستان وارن خـِـطن مان
دستياب ٿيو ۽ اهو سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهي. ”شاعرن
جون چيل لوليون“ به گهڻي ڀاڱي اُتر مان مليون، ۽
اهو مواد سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي. مجموعي طورسان هيءُ
گيت اُتر سنڌ جو آهي انهيءَ ڪري ان جو گهڻو مواد
اُتر مان ئي مليو آهي.
---------
(الف) عام مشهور روايتي لوليون(1)
(1)
ويندا جو پيا هـِـين، ويندئين ٻانهان مـَـريندا،
وسريان جو ڳالهيان، ويندا ياد ڏِويندا-
جانب لولي...
ويندا جو پيا هين، ٽـِـڪو رات اِٿاهين،
سج لٿا جو ويندو، وڃ ٽـِـڪسو ڪٿاهين-
سائين لولي...
ويندا جو پيا هين، ڏَس وڃي هان ٺڪاڻي،
ڪاني دي ڪـُـنڊڙي، اُتون پـِـپل نماڻي -
سڄڻ لولي...
ويندا جو پيا هين، ويندا سالـَـهه دي ٻاهرون،
رٺڙا جو وينداهين، ڪهڙي ڳالهه دي وارئون -
ڍولڻ لولي...
ويندا جو پيا هين، تيڏي هٿ وچ ڪـُـهاڙِي،
قسم هيئي خدا دا، ول آوين پوڃاڙي -
ڍولڻ لولي...
ويندا جو پيا هين، ويندا نال ڏمر دي،
ڪلهان تي لونگي، تلوار نال ڪمر دي -
ڍولڻ لولي...
ويندا جو پـَـئـِـين، ڏِتي ويندئين لڙائي،
مين جو ڪـُـٽيجان، تيڪون خبر نه ڪائي -
بگا لولي...
ويندا جو پياهين، تيڏا وڃڻ آزاري،
هيڪر ته ملسون، گهوريا موت نه ماري -
جانب لولي...
ويندا جو پياهين، ڳڌي آوين تون ڦڻي،
نه آيوئين ايڏي، شايد دل ڳياهين کڻي -
ڍولڻ لولي...
ويندا جو پياهين، ڳـِـڌي آوين جو سڳڙِي،
گهر ڀاتئين دي مارِي، لاري تيڏي هان لڳڙِي -
بگا لولي...
ويندا جو پياهين، ڳڌي آوين تـَـسيلا،
وَڳدا جو ويرِي، تيڏا واهر وسيلا -
سهڻا لولي...
لاڙ وڃڻ دي تيڪون ڪيهي جو رائي،
اکئين دا اوجاڳا، پيران پـِـيڙ جو لائي -
سهڻا لولي...
(2)
لڏيئـِـي جو گـَـلا، لـَـڏ لاٿي نـِـي لانگهي،
پنڌڙا ڪريسا سـِـر تيڏي دي سانگي -
سانول لولي...
لڏيندي ني گلا، وڃ لٿي نـِـي موري،
هٿڙان ديان ڇانوان، ڌُپ پوندي زوري -
سڄڻ لولي...
لڏي مين ته گلي، ڪـِـر پئي هـَـي فراسي،
اُٿانهين چا رولو وي، جٿان ماءُ نه ماسي -
ڍوليا لولي...
لڏي ته ويندئو، ڏيک وڃو ته ٽڪاڻا،
لاڪڙ دي اُتون کڙا ليسوڙا نماڻا -
سڄڻ لولي...
لـَـڏيا جو ويندئين، ڪٿان وڃ ٻـَـهسـِـين،
ڏينهن ڳڻيندي آن، ڪـَـڏان ول آسين -
بگا لولي...
لـَـڏي مين ته گلي، موهر ڪيتي نـِـي ريٽي،
آئو سهيليان! ڪرون سهڻل دي ڀيٽي -
سڄڻا لولي...
ڇڪيامـِـي گلڙا، موهر ڪـِـيتو مي ڪاڻا،
سسئي دي ليکي پنهل ڪيچ وڪاڻا -
سهڻا لولي...
لـَـڏي مين ته گلي، اُتون چاڙهـِـي هـَـئين راڻـِـي،
ڪالهوڪي سزا ني، هانوَ جهلي نه پاڻي -
سانول لولي...
لـَـڏي ته لڏ ڳئي، ڄل ڏيکون هان جائـِـين،
دکن تان دُونهين، اندر ٻلديان ني باهين -
دلبر لولي...
لـَـڏي ته لـَـڏ، لڏي ويندي ني لـَـٻاڻي،
سهڻي لٻاڻي، ڏند موتي دي داڻي -
سهڻا لولي...
لڏيئي جو گـَـلا، مـُـهڙ ڪيتئي جو گيلا،
رکان طول وهاڻي، تيڏي آوڻ دا ويلا -
ڍولڻ لولي...
رو وو نه اکيان، ڍڪ پيوو صبر دا،
جنهين ڪاڻ رنوسي، لڏ ڳئي فجر دا -
بگا لولي...
(3)
وڳڙي جو والا، وڳ دي ڏاچي ڪا ڳيلي،
سوکي ني توڏي، بک ماريئي ني ٻيلـِـي -
مارو لولي...
وڳڙي جو والا، وڳ دي ڏاچي هي ماڙِي،
سهڻي نـِـي چوٽي، تيڏِي ڀنڀي هي ڏاڙهي -
مارو لولي...
وڳڙي جو والا، وڳ دي ڏاچي ڦـُـليلي،
سنهڙي ڳچي، تيڏي پوشاڪ سـُـريلي -
مارو لولي...
وڳڙي جو والا، وڳ دي ڏاچي گهوٽـِـي،
ايوين اندر سـَـڙيندئـِـين، جيوين حـُـقي دي
ڳوٽـِـي -
مارو لولي...
وڳڙي جو والا، وڳ دي ڏاچي بـُـلغار اي،
ڇـِـيٽان دا چولا، ڳل لونگا دا هار اي -
مارو لولي...
وڳڙي جو والا، ميڪـُـون کير پلاوين،
جيونـِـي ڪـَـٽيان، لک ٿيوني سـُـوائـِـين -
مارو لولي...
مهري جو والا، تيڏي مهري ڪـُـون ڳانـِـي،
دوست ميڏا ڏيکو چڙهدي جواني -
مارو لولي...
مهري جو والا، تيڏي مهري ڪـُـون گوري،
دوست ته ميڏا ننهن چوٽي تائين مور اي -
مارو لولي...
مهري جو والا، تيڏي مهري ڪـُـون ٽونڪ اي،
کـِـلدا جو آوِنداهين، تيڪـُـون دوستي دا شوق اي -
مارو لولي...
مهري جو والا، تيڏي مهري ڪـُـون نل اي،
هولين هولين هـَـڪلين، آڏو جـَـتان دا مل اي -
مارو لولي...
مهري جو والا، تيڏي مهري ڪـُـون ڇير اي،
هولين هولين لـَـهين، آڏا سوڍَر دا گهير اي -
مارو لولي...
مهري جو والا، تيڏي مهري ڪـُـون تنگ اي،
اڳتي نه وڃ، اڳـُـون جرمن دي جنگ اي -
مارو لولي...
مهري جو والا، تيڏي مهري ڪـُـون ڇيڙ اي،
رُٺڙا نه وڃ، تيڪون مصحف ميڙ اي -
مارو لولي...
(4)
نيلي جو والا، تـَـل رکداهـِـين لوئـِـي،
ايجهي ڪيتئي جيوين ڪري نه ڪوئي-
سهڻا لولي...
نيلي جو والا، نيلي جهلين پتڻ تي،
پتڻ ڪون ڇوڙِين، واڳان موڙ وطن تي -
جانب لولي...
بور جي گهوڙي، جنهن دي ڀلي ٻهاڻ اي،
اندر دا کوٽا، تيڏي مٺڙي رهاڻ اي -
پرين لولي...
گـَـرڙي جي گهوڙي، جنهن دا رتڙا لغام اي،
سنيها سڄڻ دا مليا، هـُـڻ ماني حرام اي -
سهڻا لولي...
گرڙي جي گهوڙي، جنهن دا رتڙا لغام اي،
سنهڙي ماڻهو ٻانهين ٻڌڙا غلام اي -
بگا لولي...
سهڻا جو گهوڙا، جنهن ڪون ٻولاهه ٺهندا،
سڄڻ دي سلام ويندا، پري ڪنون ڏيندا -
جانب لولي...
(5)
گاڏي جو والا، تيڏي گاڏي ڪون ميخان،
جهـَـلو جو گاڏي، مين ڀي ڍولڻ ڪـُـون ڏيکان -
الا لولي...
گاڏي جو والا، تيڏي گاڏي ڪون ميخ اي،
گاڏي ڪون جهل، ليلان مجني ڪون ڏيکي -
الا لولي...
گاڏي جو والا، تيڏي گاڏي ڪون رنگ اي،
ويکان مين ڍولڻ، جو ويلا ڀي تنگ اي -
الا لولي...
گاڏي جو والا، تيڏي گاڏي ڪون ڪـِـلا،
رٺڙا جو ويندئين، ڏِتـِـي ويندئين گـِـلا -
الا لولي...
گاڏي جو والا، تيڏي گاڏي ڪون طاقيان،
رٺڙا جو ويندئين، ڏتي ويندئين فراقيان -
الا لولي...
حقي جو والا، تيڏي حقي دي ٻاڙ اي،
رُٺا جو ويندئين، تيڏي وَهـِـي دا ساڙ اي -
الا لولي...
حقي جو والا، تيڏي حقي ڪون ڪـَـيف اي،
رٺا جو ويندئين، تيڏي وَهـِـي ڪون حيف اي -
الا لولي...
(6)
پار درياءَ دي سڄڻ راڌِي پـَـنيرِي،
تسان آوڻ جو ڇوڙيا، اسان پاتي فقيري -
جيڏا لولي...
پار دريائون ڪوئي تتر تنواري،
تسان آوڻ ڇوڙيا، اسان ڪون موت شل ماري -
ڍولڻ لولي...
پار دريائون ڍولڻ راڌي نـِـي ميهي،
آپ نهين آندا، خالي منجدا سنيهي -
مٺا لولي...
پار دريائون ڪوئي ڪپيندا هي لاڪڙ،
پيسي دي ماڻهو ڪـُـون هي ٽـَـڪي دي آڪڙ -
سائين لولي...
پار دريائون ڪوئي اَڇڙا گلاسي،
سهڻا جو ڏتي ويندا ڪوڙي دلاسي -
جانب لولي...
پار دريائون ڪائي اڇڙي ڪٽور اي،
مين هـِـي سڃاتا، ميڏا سهڻل دا ڀير اي -
وارث لولي...
پار دريائون ميڏي پيڪي جو رهندي،
لوڙهيا جدائي، ميڏيان ساران نه لهندي -
مٺل لولي...
پار دريائون ڪوئي ميندي دا وَڻي،
ميڏِي دل ماهي! تيڏي ڪاڻ تـَـڻي -
لڏڻ لولي...
پار دريائون ڪوئي گدڙ دي ڪـُـوڪ هي،
ماريا! هوريان ڪـُـوڪ، اي ماڻهو ملـُـوڪ هي -
ڍولڻ لولي...
پار دريائون ڪوئي تتر تنواري،
هيڪر جو ملسون، ول موت نه ماري -
جانب لولي...
(7)
واهي دي پارون ڪوئي ڪـِـراڙ دا هٽ اي،
مڙس ته تيڏا، ساڏِي جـُـتي دا مـَـٽ اي -
لڏڻ لولي...
واهي دي پارون ميهر پکي دي تنوار اي،
هيڪر ته ملون جيتر موت نه ماري -
سهڻا لولي...
واهي دي پارون ڪوئي ڪانوان دا مقام اي،
ڍوليا نه آيا، شايد اون ڪون زڪام اي -
دلبر لولي...
واهي دي پارون ڪائي ڪڻڪان دي ڪانهين،
دلبر دي دستان وچ چاندي دي ٻانهين -
ڍولڻ لولي...
واهي دي پارون ڪوئي ٻٻر دا بـُـنڊ اي،
هيٺون هزاري، اُتون لـُـنگي دا جهـُـنڊ اي -
وارث لولي...
واهي دي پارون ڪوئي لئيان ڪـُـون ٻـُـور اي،
سهڻي دي ڏاڙهي، جيوين سـَـوَڙ دا پور اي -
سنهڙا لولي...
واهي دي پارون ڪوئي والون دا گهير اي،
مين نهين سڃاتا، ڪوئي سانول دا پير اي -
سهڻا لولي...
واهي دي پارون ڪائي ٻـُـوٽـِـي ڪـُـماڻي،
آيا نه جاني، سڙي دلڙي نماڻي -
جانب لولي...
واهي دي پارون ڪائي گدريان دي واڙي،
ڪيتس رَساما، ڳيا گهر تڙ اُجاڙي -
مٺل لولي...
(8)
وَهندي نـِـي واهي، وهه پوندي نـِـي پـَـٽان تي،
سهڻي سڄڻ، سـُـتي پئي آ کٽان تي -
جانب لولي...
وهندي ني واهي، پاڻي پيندي ني لاليان،
اسان پرديسي، تـُـسان وطن واليان -
ڍولڻ لولي...
وهندي ني واهي، وهه آونديان ني صندوقان،
ڪـُـنجڙي نه مارو، اندر ٻيٺيان ملوڪان -
سڄڻ لولي...
وهندي ني واهي، لڙهه ڄـُـليان صندوقان،
پري دي دليان، ماري ويندن بندوقان -
سهڻا لولي...
وهندي ني واهي، لـُـڙهه پوندي ني گهانگهي،
دِلڙا ڀريسان دم دلبر دي سانگي -
ولڻ لولي...
وهندي ني واهي، لڙهه پوندي ني ٻـُـوٽي،
وعدا ملڻ دا، کاوي نندران دي جهوٽي -
مٺا لولي...
وهندي تي واهي، لڙهه پوندي ني ٻيڙي،
هيڪر جو ڄلسون سڄڻ دي ويڙهي -
وارث لولي...
وُڙهي ني واهي، لڙهه لنگهئي ني ڪاني،
زوران دي ميندي، ڇـِـڪ ٻڌاهـِـين ڳاني -
جانب لولي...
(9)
کـُـوهي تيڏي دِي ڪائي اَڏڙي خرابي،
لوڪان ڪيتي هي پاڻي، ساڏي ڪيتي شرابي -
جاني لولي...
کوهي تيڏي دي اڏ وهندي نماڻي،
الله پـِـليسي تيڏي هٿڙاندا پاڻي،
ڍولڻ لولي...
کوهي تيڏي تي ڪائي لڙڪي جو لوٽـِـي،
الله کـَـويسـِـي تيڏي هٿڙان دي روٽي -
سهڻا لولي...
کوهه تيڏي تي ڪوئي سادا رباب اي،
ٻانهي ٻيلياڻي، کـَـڙ ڏيندِي جباب اي -
مٺل لولي...
کوهه تيڏي تي ڪوئي بصل دِي ڀـُـوڪي،
لوڪان دي ڏُون ڏُون، ساڏا هڪ ملوڪي -
سهڻا لولي...
کوهه تيڏي تي، ڏاند ٻڌا مين ڪاڻا،
سسئي دي ليکي پنهل ڪيچ وڪاڻا -
سهڻا لولي...
کوهه تيڏي تي ڏاند ٻڌا مين لـَـکڻا،
تلهڙ نه مارين، ڍينڍا وهندا هي سکڻا -
سڄڻ لولي...
کوهه تيڏي دي اڏ وهندي اوڀاري،
هڪ دل لٽايم، ڏوجهي ڳڌم اُڌاري -
جانب لولي...
کوهه تيڏي تي ڪوئي لوٽيين دي هـُـوڪ اي،
ڪجلا جو جوڙا، گاڏي والا ملوڪ اي -
سانول لولي...
کوهه تيڏي تي مين تڙ ڀي ڪندي هان،
طعنا نه مارين، مين ته سوران دي سڙي هان -
بگا لولي...
کوهه تيڏي تي ڪوئي ٺهڪڻ دا ٺهڪا،
تون تان ڇوڙ ڳيون، مين تي سوران دا ڦهڪا -
جاني لولي...
کوهه جو وهندا، لٺ ڏيندي لاماري،
هيڪر ته ملسون، شل! موت نه ماري -
پيارا لولي...
سونان دا کوهي، لونگان دا ٻوڪا،
پاڻي ڀرينديان ڪنواريان، وڳ پي ڳيا ڪلهوڪا -
بگا لولي...
(10)
چاتا مين دِلا، ڪـِـر پيا هي سينهون،
سهڻي سانول دا لڳا دلڙي تي کينهون -
جيوين لولي...
چاتي مين دلي، اڳون ٺهڪڻ دا ٺهڪا،
چـُـني مٿي تي، ڏيوي بوڇڻ دا جهلڪا -
جيوين لولي...
چاتم جو دلي، ڊُڪ پـُـڳي هان ٽولـِـي،
دلبر دي مهڻي جـهـَـل بيٺي هان جهولـِـي -
جيوين لولي...
چاتي مين دلي، آئي پير ڪکين تي،
اڃان ڪونهي آيا، ميڏيان ديدان دڳين تي -
جيوين لولي...
چاتم جو دِلا، گيڙا ڏيندي آن کوهه ڪـُـون،
کوهه هي پرايا، ٽيڪان ڏيندي هان روح ڪون -
جيوين لولي...
چاتم جو دِلڙي، لنگهه پوندي مـِـي ٽولـِـي،
سهڻا تون جيوين، جند تو تؤن گهولي -
جيوين لولي...
چاتي مين ڏاندالي، ٻهاري ڏيوان ڀاڻ ڪـُـون،
لولي ڙي لولي ڏيوان ڌنار ڪون -
جيوين لولي...
چاتم ڪهاڙي، لـَـڪـُـڙ ماريا مين ٻير دا،
نٿ ته لاهوري، بولا جيسلمير دا -
جيوين لولي...
چاتا مين ڳـُـوها، ڊُڪ دکايا باهه ڪون،
اهو دلبر مـِـلـَـيسي، ڪران عرض الله ڪون -
جيوين لولي...
(11)
راهي راهيندي تيڏا ڪيها جو حال اي،
هٿ وچ هٿي، منهن مٺي دي نال اي -
جانب لولي...
راهي راهيندي، لـَـڙ بيٺي هان ٻـَـني تي،
ڍولڻ ڳيان هي رُس، ڏس پوندا لمي تي -
ڍوليا لولي...
راڌامين سـِـٽڙا، جنهن دي ڪلنگي ڪـُـون ٻـُـور اي،
اکيان ته جهليومـِـي، دل جهلڻ ڪلور اي -
ڍوليا لولي...
رونبي واليان دي، شل ڪهڙي نشاني،
هٿي هٿان وچ، جنهن دي سبزي نشاني -
جانب لولي...
ڪريندي ني رونبي، وچ ڏيکو ني حيلي،
هٿي هٿان وچ، منهن ساوي پـِـيلي -
ڍولڻ لولي...
کڙي هان ٻني تي، ميڏي چيلهه وچ سور اي،
گوڏي جيڏا پاڻي، رونبا ڪرڻ ڪلور اي -
ڍولڻ لولي...
يار ته ميڏي دي پوکڙي تيار اي،
چڙهندي اي پيهي تي، هڪليندي جهار اي -
سائين لولي...
پڪيان ني ڪڻڪان، ڏاٽي ڪـَـونُ ماريسي،
اُڀي ديان خبران، لمي ڪون پـُـڄيسي -
ڍولڻ لولي...
پڪيان ني پوکان، لـَـس پڪي ني ڏيلهي،
دلبر مين رنجايا ڪلهه سانجهي دي ويلي -
ڍوليا لولي...
چا ڏي تون ڏاٽا، ڪپ ڏيوان ئي اوڳاها،
آپ تان جيوين، جـِـيوَئـِـي ڏاند ٻولاها -
سهڻا لولي...
چا ڏي تون ڏاٽا، ڪپ ڏيوان ئي مين اُورا،
آپ تان جيوين، جيوئي ڏاند جو ڀـُـورا -
وارث لولي...
ڏاٽي مريندي، پئه ڳـَـئي هٿين وچ ڇالي،
ڦٽ کڙي هـِـن، سانول! ڦٽ کڙي هـِـن آلي -
سهڻا لولي...
ڏاٽي مريندي، تيڏا منهن هي ڪـُـوماڻا،
وس نهين لڳدا، وَدا ٿيا هان نماڻا -
سانول لولي...
(12)
اُڀي دا بـَـدل، لـَـمي، وسڻ ڪون آيا،
لمي دا نينگر، اُڀي دل کسڻ ڪون آيا -
سهڻا لولي...
جهـُـڙ ني ٿيئڙا، مينهن وسڻ ڪون آيا،
پرديسي ڍولڻ دل کسڻ ڪون آيا -
ڀلا لولي...
سانوڻ مهينا، آ تون، وسديان ني بوندان،
آ مل وي سهڻا، آنديان اُڏريان ني ڪونجان -
ڍولڻ لولي...
وس وس مينهن، تيڪون وسڻ نه ڏيسان،
ڪپڙي سهڻل دي تيڪون پـُـسڻ نه ڏيسان -
سهڻا لولي...
وَس وَس مينهن، وَس ڏيندا ڳيا ڇاٽا،
گهڙي کڙو، ڏيکان دلبر ديان واٽان -
ڀلو لولي...
وٺڙي ني مينهن، ٿـُـٻي چاتي مين گاهه دي،
سڪان سڪان، لهندي سڪ نه ساهه دي -
|